باب ٻيو
ڪلمن يا لفظن جو بيان
مٿي چيو ويو آهي ته ٻن يا زياده حرفن گڏڻ سان لفظ
ٿا ٺهن، جن کي نحو وارا
″ڪلمه″
ٿا سڏين ۽ اهي ڪي مفرد آهن ۽ ڪي مرڪب. اهڙا ٻه يا
زياده لفظ گڏجي
″جملو″
يا
″ڪلام″
ٿا جوڙين. اهڙن لفظن جي مجموعي يا ڪلام جا ٻه قسم
آهن: هڪڙو مرڪب مقيد، جنهن مان ڪا صفا معنيٰ سمجهڻ
۾ اچي، جيئن ته احمد مئو. هي فقط ٻه لفظ آهن، پر
منجهانئس صاف معنيٰ نڪري ٿي يعني پورو جملو يا
ڪلام آهي ۽ انهيءَ ڪري انهيءَ کي
″ڪلام
تام″
يعني ڪامل يا پورو ڪلام چون ٿا. جن ٻن لفظن مان
اهڙي صاف معنيٰ نٿي نڪري، جيئن ته تکو گهوڙو،
انهيءَ کي
″مرڪب غير مقيد″
يا
″ڪلام
ناقص″
يعنيٰ اڻ پورو سڏين ٿا.
هاڻي پهرين اسين مرڪب غير مقيد يعني اهڙن ٻن گڏيل
لفظن يا مرڪبن جو ذڪر ڪنداسين، جن مان پوري جملي
جي معنيٰ نٿي نڪري. مرڪبن جي بناوت يا مرڪبن جوڙڻ
جي واٽ کي
″ترڪيب″
چوندا آهن. اهڙن مرڪب لفظن مان ڪڏهن صفت جي معنيٰ
نڪري ٿي، جنهن ڪري انهن کي ترڪيب
″توصيفي″
چئبو آهي، ۽ ڪڏهن اضافت يا ملڪيت ۽ واسطيداريءَ
جي، جنهنڪري انهيءَ کي
″ترڪيب اضافي″
چئبو آهي ۽ ڪڏهن عدد يا شمار جي، جنهنڪري انهيءَ
کي
″ترڪيب تعدادي″
چئبو آهي، ۽ ڪڏهن انهن ٻن لفظن جون معنائون اهڙيون
گڏجي هڪ ٿي وينديون آهن، جو هڪڙو لفظ پيو معلوم
ٿيندو آهي، جنهنڪري انهيءَ کي
″مرڪب امتزاجي″
چوندا آهن. انهن کان سواءِ هڪڙو قسم
″صفت
مرڪب″
جو آهي جنهن ۾ ڪنهن زايد حرف ملائڻ سان اهو مرڪب
لفظ صفت جي معنيٰ ٿو ڏيکاري. مثال هر هڪ جا هي
آهن:
ترڪيب توصيفي: (1) ڪٿي صفت ۽ اسم
گڏ جيئن ته تکو گهوڙو، ڏاهو ماڻهو. (2) ڪٿي اها
صفت انڪار يا نفيءَ جي معنيٰ ڏيندي آهي جيئن ته
بيعقل ماڻهو، نادان دوست، بي هنر ڇوڪر. (3) ڪٿي
اسم ۽ فعل گڏجي صفت جوڙيندا آهن جيئن ته خود پسند
ماڻهو، بت پرست قوم، غريب پرور حاڪم، خدا ترس،
دستگير وغيره. (4) ڪٿي انهيءَ مرڪب صفت ۾ ٻئي اسم
هوندا آهن ۽ مشابهت جي معنيٰ ڏيکاريندا آهن، جيئن
ته سنگدل ماڻهو، پري چهره زال، گلعذار محبوب.
ترڪيب اضافي: اضافت يا ملڪيت ۽
واسطيداري به گهڻن قسمن جي ٿي ٿئي ۽ انهيءَ ۾
هميشه حرف اضافت ڪم اچي ٿو. (1) ملڪيت ٿي ڏيکاري،
جيئن ته منهنجو ڪتاب، بادشاهه جو گهوڙو. (2) نسبت
يا مائٽي ٿي ڏيکاري، جيئن ته: منهنجو پيءُ، احمد
جو چاچو. (3) نالو يا نشان ٿي ڏيکاري جيئن ته
ڪراچيءَ جو شهر، سڪندر جو ڪتاب. يعني شهر جنهن جو
نالو ڪراچي آهي ۽ ڪتاب جنهن جو نالو سڪندر آهي.
(4) بناوت ٿي ڏيکاري، جيئن ته: سون جي مـُـنڊي،
لوهه جي شيخ. (5) ظاهري مشابهت ٿي ڏيکاري، جيئن
ته: علم جو درياهه، عشق جي باهه، وصل جو شربت. (6)
استاره يا جنسي ۽ ذاتي مشابهت ٿي ڏيکاري، جيئن ته:
سج جي اک، زمين جو فرش يا بسترو، آسمان جي ڇت. (7)
ظرف يعني مڪان يا زمان وغيره ٿي ڏيکاري جيئن ته
درياهه جو پاڻي، سياري جي سردي.
ترڪيب تعدادي: جنهن ۾ مرڪب لفظ ٻن
لفظن سان جڙيل آهن، جي ٻئي عدد يا انگ يا شمار ٿا
ڏيکارين. جيئن ته ٽيويهه يعني ٽي ۽ ويهه، اٺٽيهه
يعني اٺ ۽ ٽيهه وغيره.
ترڪيب امتزاجي:
جتي ٻه لفظ ٻن معنائن وارا گڏجي هڪ ٿي هڪڙي شيءِ
ڏيکارين ۽ انهن ٻن مان هڪڙو اسم ۽ ٻي ڪا نشاني هجي
يا ٻئي اسم هجن جيئن ته شمشير يعني ترار، جا اصل
هئي شم يعني ننهن ۽ شير يعني شينهن. آسمان جو اصل
هو آس يعني جانڊه ۽ مانُ يعني وانگي. رومال،
شرمنده،
شبو جي اصل رويءَ مالنده شرم مانده ۽ شب بو هئا.
گهڻا مشتق لفظ ۽ اصطلاح هن قسم جا مرڪب آهن ۽
انهيءَ ڪري انهن کي
″مرڪب
اصطلاحي″
به سڏيندا آهن.
ترڪيب توصيفي يا صفت مرڪب:
اهي ٻه لفظ مرڪب آهن جن مان هڪڙو اسم آهي ۽ ٻيو
فاعليت يا ظرفيت جي نشانيءَ جو لفظ آهي، جيئن ته
عقلمند ماڻهو، پرهيزگار عالم، گلستان، خيمه گاهه(2)
وغيره. ڪي نحو وارا صفت مرڪب به ترڪيب توصيفيءَ ۾
داخل ڪندا آهن.
اهڙن مرڪب صفتن جي جدا جدا قسمن جا مثال هيٺ ڏجن
ٿا: دل آزار، دلا رام، روح افزا،(3)
سرفراز، خون افسان،(4) خون آلود،(5)
تير انداز، جان آفرين،(6) فتنه انگيز،
نڪته چين، خوردبين، خونريز، رهزن، غمزده،(7)
دل سوز، عالم آشنا، دلفريب رهنما، خوبرو، خوبصورت،
پاڪدامن، شوخ طبع، نازڪبدنيون، خوش رفتار، زرد
رنگ، شير دل، بـُـزدل،(8) گلرخسار،
ملائڪ صفت، همدرد، همراهه، هم عمر، همرنگ، ڪم
آزار، ڪمبخت، ناڪس،(9) نالائق، بي
نصيب، بي ايمان، بيوقوف، بيوفا، باوفا، باحيا.
مٿي ڏيکاريلن مرڪب لفظن مان ڪن جي ڀاڱن جا نالا
نحو جي اصطلاح ۾ عليحدا عليحدا رکيل آهن، خاص اهي
جن ۾ ڪي حرف به ڪم آيل آهن. اهي اڪثر ضروري آهن،
تنهن ڪري انهن جو مختصر بيان هتي به ڏجي ٿو.
(1) ترڪيب اضافي وارن مرڪب لفظن ۾ اڪثر حرف اضافت
ڪم اچي ٿو، يعني جو، سندو، وغيره، جو ملڪيت يا ڪو
واسطو ڏيکاري ٿو. جيئن ته احمد جو گهوڙو ۽ محمد جو
ڪتاب. هتي ڪتاب ۽ گهوڙي کي
″مضاف″
چوندا آهن. يعني اهي اسم جن جي بابت اضافت يا
ملڪيت ٻڌائڻي آهي ۽ احمد ۽ محمد
″مضاف
اليه″
آهن، يعني اُهي جن جي اُها ملڪيت آهي يا جن جو
انهن شين سان واسطو آهي. ٻيو مثال، حال جو محرم يا
ڳجهه جو واقف. هتي محرم ۽ واقف مضاف آهن ۽ حال ۽
ڳجهه مضاف اليه آهن ۽ جو حرف اضافت آهي.
(2) ساڳيءَ طرح ترڪيب توصيفي وارن مرڪب لفظن ۾ صفت
ڏيکارجي ٿي. اتي جنهن جي صفت ڏيکارڻ ۾ اچي، انهيءَ
کي
″موصوف″
سڏيندا آهن. جيئن ته چمڪندڙ سج، تکو گهوڙو. اِتي
چمڪندڙ ۽ تکو صفت آهن ۽ سج ۽ گهوڙو موصوف آهن.
(3) تشبيهه(10) جي حالت ۾ جي مرڪب لفظ
ڪم ۾ ٿا اچن، تن ۾ چار ڳالهيون ضروري آهن. هڪڙي
شيءِ جي ٻئي سان مشابهت ٿي ڪجي ۽ ڪنهن خاص ڳالهه ۾
مشابهت ٿي ڏجي ۽ مشابهت جا لفظ ڪم ٿا اچن. مثلا:
رستم شينهن جهڙو پهلوان ۽ چنڊ وانگي چمڪندڙ منهن.
هتي رستم ۽ منهن، جن کي تشبيهه ٿي ڏجي، تن کي
″مشبـھ″
چوندا آهن. شينهن ۽ چنڊ، جن سان مشابهت ٿي ڏجي، تن
کي
″مشبه به″
چوندا آهن. جهڙو ۽ وانگي، جي تشبيهه جا لفظ آهن،
تن کي
″حرف تشبيهه″
چوندا آهن ۽ پهلوان مان پهلواني ۽ چمڪندڙ مان
چمڪاٽ جي مشابهت جو سبب ٿا ڏيکارين، تن کي
″وجه
تشبيهه″
ٿا چون.
(4) اشاري جي حالت ۾ جيڪي لفظ اشاري لاءِ ڪم ايندا
آهن، انهن کي
″حرف اشارو″
چوندا آهن جو سنڌيءَ ۾ اڪثر صفت وانگي ڪم ايندو
آهي ۽ جنهن ڏي اشارو هوندو آهي، انهيءَ کي
″مشار
اليه″
چوندا آهن جيئن ته هي ڪتاب، هو ماڻهو. هتي
″هي″
۽
″هو″
حرف اشاره آهن ۽
″ڪتاب″
۽
″ماڻهو″
مشار اليه. اهي ساڳيا لفظ هي ۽ هو ضمير اشارو ٿي
به ڪم ايندا آهن، جن جو صرف ۾ بيان آهي.
(5) عطف يا ميلاپ جي حالت ۾ ٻه لفظ گڏبا آهن، جي
اسم يا فعل هوندا آهن ۽ انهن جي وچ ميلاپ جو نشان
يا گڏڻ وارو لفظ آڻيندا آهن. جيئن ته رستم ۽
سهراب، آيو ۽ ويو. اتي پهرئين لفظ يعني رستم ۽ آيو
کي
″معطوف
اليه″
۽ پوئين لفظ يعني سهراب ۽ ويو کي
″معطوف″
چوندا آهن
″۽″
کي حرف
″عطف″
چوندا آهن.
(6) شرط جي حالت ۾ اڪثر ٻه جملا ڪم ايندا آهن جن ۾
هڪڙو ٻئي تي تعلق رکندو آهي. جيئن ته جيڪڏهن قاسم
آيو ته مارجي ويندو. هتي
″جيڪڏهن″
حرف
″شرط″
آهي. قاسم جو اچڻ خود شرط آهي. مارجي وڃڻ کي
″مشروط
يا جزا″
چوندا آهن يعني نتيجو.
(7) استثنا يا ڌار ڪرڻ ۽ نياري ڳالهه ڪڍڻ جي حالت
۾ به اڪثر ٻه جملا ايندا آهن. جيئن ته سڀ ماڻهو
آيا، سواءِ قاسم جي. هتي
″سڀ
ماڻهو″،
″مستثنيٰ
منه″
سڏبا آهن.
″سواءِ″
کي
″حرف
استثنا″
چئبو آهي ۽ قاسم کي مستثنيٰ چئبو آهي جو ڌار ڪيو
ويو آهي.
(8) ظرف جي حالت ۾ ٻه لفظ اڪثر اسم ڪم ايندا آهن،
جن مان هڪڙو ٻئي ۾ هئڻ يا پوڻ جي معنيٰ ڏيکاريندو
آهي جيئن ته کيسي ۾ رپيا، باغ ۾ بلبل، سال ۾
مهينا، هفتي ۾ ڏينهن. هتي ٻئي ظرف ڪم اچن ٿا يعني
ظرف ۽ مڪان به. رپيا، بلبل، مهينا ۽ ڏينهن
″مظروف″
سڏبا آهن. ۾
″حرف
ظرف″
سڏبو آهي، جو سنڌيءَ ۾ اڪثر
″حرف
جر″
آهي ۽ کيسو، باغ، سال ۽ هفتو خود
″ظرف″
سڏبا آهن.
مٿي هن باب جي شروع ۾ لفظن جا ٻه قسم مفرد ۽ مرڪب
ڏنا ويا آهن ۽ مرڪب جا ٻه قسم مقيد، غير مقيد
ڄاڻايا ويا آهن. ديباچي ۾ لفظن جي ٻين ڪن قسمن ڏي
به اشارو ڏنو ويو آهي. موضوع ۽ مهمل يا بامعنيٰ ۽
بي معنيٰ ۽ موضوع جا ٽي قسم: حقيقي، مجازي ۽
اصطلاحي.
انهن کان سواءِ لفظن جا ٻيا به قسم آهن. هڪڙا
″موجود″
۽ ٻيا
″محذوف″.
موجود لفظ اُهي آهن، جي جملن ۾ ظاهر طرح ڪم اچن ٿا
۽ معنيٰ ڏين ٿا.
″محذوف″
اُهي لفظ آهن، جي جملي يا عبارت ۾ آڻجن ئي نه ٿا
يا ظاهر ئي ڪين آهن، ته به انهن جي لڪل معنيٰ
معلوم ٿي سگهي ٿي. جيئن ته ڪتاب وغيره جي منڍ ۾
″بسم الله الرحمن الرحيم″ يعني ″خدا
گهڻي مهربان ۽ بخشيندڙ جي نالي″
اتي
″شروع
ٿو ڪريان″
لڪل آهي يا بعضي ڪتابن جي منڍ ۾ لکندا آهن ته:
″ساڻ
نالي انهيءَ جي جنهن سڀ جهان اُپايو آهي.″
يا ڳڻڻ يا مئڻ ۾ پهرين چوندا آهن: برک يا برڪت
يعني خدا جي برڪت سان شروع ٿو ڪريان. اهڙا محذوف
لفظ اڪثر شعر ۾ ايندا آهن. امر جي صيغن ۾ به تون
لڪل رهندو آهي. جيئن ته وڃ يعني تون وڃ، وڃو يعني
اوهين وڃو.
هي مثال لفظن ۽ جملن جي حذف ٿيڻ جا آهن، پر لفظن ۾
حرفن جي حذف ٿيڻ جا مثال حرفن جي بيان ۾ ڏنا ويا
آهن، جيئن ته شاهه مان شهه، ناگاهه مان ناگهه، جتي
الف حذف ٿيل آهن ۽ گوهر مان گهر، خاموش مان خموش،
جتي واو حذف ٿيل آهن.
″صرف″
۾ لفظن جا ٽي قسم مشهور آهن: اسم، فعل ۽ حرف ۽ اسم
جا ٻه قسم خاص ۽ عام به مشهور آهن، پر
″نحو″
جي ڪم لاءِ جي لفظ اسم عام آهن، تن جا ٽي قسم آهن:
جامد، مصدر ۽ مشتق. جامد اهو لفظ يا اسم آهي، جو
نه ڪنهن ٻئي لفظ مان نڪتل هجي ۽ نه جنهن مان ٻيو
ڪو لفظ نڪري سگهي. جامد لفظ جي معنيٰ آهي پهڻ
وانگي هڪ هنڌ پيل. جمادات انهيءَ ئي لفظ مان نڪتل
آهي جو حيوانات جو ضد آهي. حيوان يا ساهه وارا وڌن
ٿا، هڪ ٻين مان نڪرن ٿا پر جمادات ائين نٿا ڪن.
مصدر اهو لفظ يا اسم آهي، جنهن مان ٻيا لفظ صادر
ٿين يا ڦٽي نڪرن ۽ مشتق اهو لفظ يا اسم آهي، جو
ڪنهن ٻئي لفظ مان اشتقاق جي رستي شتق ٿي يعني
چيرجي ڦـُـٽي نڪتو هجي.
هاڻي انهن مان هر هڪ جو ذڪر ڪنداسين. جامد جا ٻه
قسم آهن: هڪڙو
″معرفه″
۽ ٻيو
″نـُـڪره″.
معرفه يعني سڃاتل يا مقرر ڪيل يا خاص شيءِ. اسم
خاص انهيءَ هيٺ داخل آهن. نڪره يعني نه سڃاتل يا
نه مقرر ڪيل نالو يا شيءِ، جا هڪجهڙن گهڻن سان
لاڳو ٿي سگهي. اسم عام انهيءَ هيٺ داخل آهن. مثلا:
رستم هڪڙو خاص مقرر ڪيل شخص آهي ۽ رخش رستم جي خاص
گهوڙي جو نالو آهي ۽ تنهن ڪري اهي معرفه يا سڃاتل
آهن ۽ ماڻهو ۽ گهوڙو، سڀني ماڻهن ۽ سڀني گهوڙن سان
لاڳاپو آهي ۽ مقرر ڪيل ناهي، تنهن ڪري اهي لفظ يا
اسم نڪره آهن.
معرفه جا وري ٻه قسم آهن: هڪڙو
″عـَـلـَـم″
۽ ٻيو
″عـُـرف″.
علم ماڻهوءَ يا ٻيءَ شيءَ جو خاص نالو آهي ۽ عرف
انهيءَ جو لاڏ جو نالو يا ڪنيت يا لقب يا تخلص
آهي، جنهن سان اڪثر هو سڏبو آهي ۽ سڃاڻبو آهي.
مثلا=
″جمشيد″
اصل هڪڙي خاص ماڻهوءَ جو نالو آهي ۽ علم
آهي. انهيءَ جو ڇوٽو نالو
″جم″
آهي جيئن ته
″جام
جم″.
″شمس
الدين″
جو
″شمسو″
۽ دين محمد جو
″دينو″.
ڪنيت(2) آهي فلاڻي جو پيءُ يا فلاڻي جي
ماءُ، جيئن دولي ماءُ، ڊولي پيءُ ۽ عربيءَ ۾
″ابوالقاسم″
وغيره. لقب يا خطاب جيئن ته
″شمشير
بهادر″،
″نظام
الدولـھ″
وغيره ۽ تخلص شاعرن جو، جيئن ته
″سعدي″،
″حافظ″.
″جامد″
کان پوءِ لفظ يا اسم جو ٻيو قسم آهي:
″مصدر″
جنهن مان ٻيا ڪي لفظ يا انهن جون صورتون نڪرن.
مصدر جا ٻه قسم آهن: هڪڙو مصدر
″حقيقي″
يا
″وضعي″
جا حقيقت ڪري فعل آهي ۽ جنهن جي نشاني سنڌيءَ ۾
″ڻ″
آهي. جيئن ته ڪرڻ، چوڻ. ٻيو قسم مصدر
″جعلي″
جا اصل سنڌيءَ ٻوليءَ جي ناهي، مگر پارسيءَ يا
عربيءَ يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي لفظ پٺيان
″ڻ″
يا ڪو ٻيو فعل وجهي مصدر بنائجي ٿي، جيئن ته
″طلبڻ″،
″خوش
ڪرڻ″،
″دشمن
ٿيڻ″،
″طعنو
هڻڻ″.
ٽيون قسم مصدر
″ترڪيبي″
آهي جا معنيٰ ۾ مصدر آهي مگر نشاني
″ڻ″
نه اٿس ۽ جنهن مان ڪي به ٻيا صيغا نڪري نه سگهن.
انهيءَ کي
″حاصل بالمصدر″
به چوندا آهن ۽ اگرچ معنيٰ ۾ مصدر آهي ته به صورت
۾ اسم ذات وانگي ڏسجي ٿي. انهيءَ جون به گهڻيون
نشانيون آهن جيئن ته
″ڻي″
مثلا ڪرڻي، ڀرڻي، چوڻي ۽ پارسي نشانين وارا لفظ جي
سنڌيءَ ۾ ڪم اچن ٿا جيئن ته
″ش″:
آزمائش، فهمائش، خواهش.
″اَر″:
گفتار، رفتار، ديدار.
″گي″:
شرمندگي، زندگي، آسودگي. ٻه پارسي امر يا ماضيون
وغيره گڏيل، جيئن ته: جوش خروش، آمدرفت، دادستد،(3)
گفتگو، زد ڪوب.(4)
″ه″:
خنده، گريه جو سنڌيءَ ۾ اڪثر
″ه″
ک
″و″
سان ڦيرائيندا آهن جيئن ته خندو ۽ گريو. سنڌيءَ ۾
اهڙا لفظ اڪثر اسم ذات شمار ڪندا آهن.
مصدر کان پوءِ لفظ يا اسم جو ٽيون قسم آهي مشتق
اسم. هي اُهي آهن، جي مصدرن مان نڪتل هجن ۽ پنهنجي
پوري معنيٰ رکندا هجن. انهن جون پنج صورتون آهن جي
صرف ۾ ڪم اچن ٿيون.
″اسم
فاعل″،
″اسم
مفعول″،
″اسم
آله″،
″اسم
حاليه″
۽
″اسم
تضغير″.
″اسم
فاعل″
آهي ڪم ڪندڙ. اُهو حقيقي به آهي ۽ ترڪيبي به آهي.
حقيقي اسم فاعل جي نشاني آهي
″يندڙ″
پڇاڙيءَ ۾، جيئن ته: ماريندڙ، ڪندڙ. پارسي نشاني
″نده″
وارا به سنڌيءَ ۾ ڪم ايندا آهن جيئن ته ڪارنده،
سازنده، جوئنده يا بنده. ترڪيبي اسم فاعل ٻين
نشانين سان جڙيل آهن جن جو اشارو حرفن ۾ آيو آهي.
جيئن ته:
″آزمودگار″،
″شيشگر″،
″دولتمند″،
″نامور″،
″خوفناڪ″،
″نگهبان″.
انهن کان سواءِ عربي صورتن جا اسم فاعل به سنڌيءَ
۾ ڪم اچن ٿا. جيئن ته:
″جاهل″،
″عامل″،
″عابد″،
″زاهد″،
″فقير″،
″لطيف″،
″ممتحن″،
″متصرف″،
″منحصر″
وغيره.
″اسم
مفعول″:
اهو اسم آهي جنهن تي ڪو ڪم ٿيو هجي ۽ انهيءَ جي
نشاني آهي ويل پڇاڙيءَ ۾، جيئن ته ماريو ماريل،
وڍيو وڍيل. اسم فاعل وانگي پارسي ۽ عربي صورت جا
مفعول به سنڌيءَ ۾ ڪم اچن ٿا جيئن ته گفته،
فرموده، ديده، آزموده، دانسته. اڪثر
″هه″
بدلجي
″و″
ٿئي ٿي جيئن ته گفتو، فرمودو وغيره. عربي مثال هي
آهن: محبوب، مضبوط، مشهور، محڪوم وغيره.
″اسم
آله″:
ڪنهن به اوزار جي نالي کي چوندا آهن ۽ هو اڪثر ٻين
لفظن يا نشانين سان گڏجي ڪم ايندو آهي ۽ اڪثر عربي
صورت ۾ به ڪم ايندو آهي، جتي ان جي نشاني شروع ۾
″م″
آهي جيئن ته
″بادگير″،
″بادزن″
يعني پکو.
″مسطر″،
″مفتاح″
يعني ڪنجي.
″مقراض″
يعني قينچي،
″مقياس
الحرارت″
يعني ٿرماميٽر،
″مضراب″
جنهن سان ستار يا ٻيو تارن وارو ساز وڄائيندا آهن.
″اسم
حاليه″:
اُها فعل جي صورت آهي، جنهن ۾ فاعل نسبت ۾ معلوم
ٿئي ته هو ڪو ڪندو رهي ۽ انهيءَ جي صورت
″مستقبل″
جهڙي آهي، جيئن ته هو هوا کائيندو هيڏي آيو ۽
پارسيءَ ۾ نشاني
″ان″
اٿس جيئن ته خندان، گويان، شادان، شايان.
″اسم
تضغير″:
ڪنهن اسم جي ننڍڙائي يا ضعيفائي ٿو ڏيکاري. سنڌيءَ
۾ ان جي نشاني
″ڙو″
۽
″ڙي″
آهي جيئن ته ذرو - ذرڙو، ٻار - ٻارڙو، ڪتاب -
ڪتابڙي. پارسيءَ ۾ ڪ ۽ چ نشاني اٿس جا ڪن ٿورن
سنڌي لفظن ۾ به ڪم اچي ٿي، جيئن ته:
″ڍولڪ″
جو اصل دهلڪ هو يعني ننڍڙو دهل ۽ باغيچو يعني
″ننڍڙو
باغ″
خونچو يعني
″ننڍڙو
خوان″.(2)
سنڌيءَ ۾ مؤنث به صغيريءَ جي معنيٰ ڏيندي آهي جيئن
گهنڊ - گهنڊڻي، منجو - منجي، صندل - صندلي.
اهي مٿيان جيڪي مشتق ڏنا ويا آهن، سي اسم جون
صورتون آهن، مگر فعلن جون سڀ صورتون ۽ سڀ صيغا جي
سڌا مصدر مان يا ڪن ٻين صورتن مان جڙن ٿا، سي سڀ
مشتق آهن.
مٿئين بيان مان معلوم ٿيندو ته حرفن يا اکرن مان
لفظ ڪيئن ٿا جڙن؟ اهي ڪهڙي قسم جا ٿا ٿين ۽ ڪهڙيون
صورتون ٿا وٺن؟ آسانيءَ سان انهن جي رستي سمجهڻ
لاءِ ياد رکڻ گهرجي ته ڪنهن به لفظ جي اوائل
واريءَ ۽ سليس صورت کي
″اصل″
ٿا چون، يعني
″پاڙ″
يا
″بنياد″.
جو عربيءَ ۾ اڪثر ٽن حرفن وارو ٿئي ٿو، جنهن کي
″فعل″ يعني ″ف - ع - ل″ چون ٿا ۽ وزن به اهو اٿس،
پر سنڌيءَ ۾ لفظ ۾ ٻه زياده حرف ٿين ٿا. انهيءَ
″اصل″ يا ″بنيادي″ لفظ مان ٻيا لفظ ٿا جڙن. انهيءَ
جا ٻه رستا آهن: هڪڙو ٻئي لفظ ملائڻ سان، جنهن کي
″مرڪب لفظ″ ٿا چون جيئن ته ″سنگدل″ ۽ ٻيو انهيءَ ۾
ڦير گهير ڪرڻ سان، جيئن ته ″کائڻ″ مان ″کاڌو″ يا
″کاڄ″، جنهن کي ″مشتق″ ٿا چون. هن پوئين قسم جي
لفظن جوڙڻ جا به ٻه رستا آهن: هڪڙو ″اصل″ لفظ ۾
ڪجهه ڦير گهير ڪرڻ سان جيئن مٿي مثال ڏنو ويو ۽
ٻيو انهن سان ڪنهن اکر يا نشانيءَ اڳيان يا پٺيان
ملائڻ سان، جيئن ته ″پالڻهار″، ″املهه″. پهرئين کي
″مشتق اصلي″ چئبو ۽ پوئين کي ″مشتق اضافي″. انهن
مشتقن ۽ مرڪبن جا مثال مٿي اچي ويا آهن، جن مان
انهن جي علحدگي بناوت معلوم ٿئي ٿي. جيڪي عربي
مشتق سنڌيءَ ۾ ڪم اچن ٿا، تن جي سهي ڪرڻ يا جوڙڻ ۾
اڪثر مشڪلات ٿئي ٿي مگر جيئن عربيءَ ۾ اصل يا
بنياد لاءِ ٽن حرفن واري فعل کي وزن مقرر ڪيو ويو
آهي، تيئن سڀني اصلي مشتقن لاءِ به وزن مقرر ڪيل
آهن جن ۾ ٺهرايل اکر انهيءَ ″ف″، ″ع″ ۽ ″ل″ سان
اڳيان يا پٺيان يا وچ ۾ گڏجن ٿا، اهي ياد رکي ڇڏڻ
گهرجن. مثلا اصل لفظ جو ″فعل″ جنهن جي معنيٰ آهي
″ڪم″ يا ″ڪم ڪرڻ″ ته ″ڪم ڪندڙ″ جو وزن ٿيو ″فاعل″
(ف ۽ ع جي وچ ۾ الف وجهڻ) ۽ ″ڪم ڪيل″ جو وزن ٿيو
مفعول. (يعني ″م″ شروع ۾ ″ف″ جي اڳيان ۽ ″و″ ع ۽ ل
جي وچ ۾) مثلا اصل لفظ ٿيو ″عرف″ جو فعل جي وزن تي
آهي ۽ معنيٰ اٿس سڃاڻڻ. انهيءَ مان ″سڃاڻندڙ″
ٿيندو ″عارف″ ۽ ″سڃاتل″ ٿيندو ″معروف″. انهيءَ
طرح ظرف جو وزن آهي ″مـَـفعل″ يعني م، ف، ع اڳيان
۽ ″عرف″ مان ٿيندو ″مـَـعرف″ يعني ″سڃاڻڻ″ جو هنڌ
۽ اسم ″آله″ يا اوزار جو وزن آهي. مـِـفعل يعني مِ
- ف جي اڳيان ۽ ″عرف″ مان ٿيندو ″مـِـعرف″ يعني
″سڃاڻڻ جو اوزار″ ۽ ″صفت تفصيل″ جو وزن آهي
″اَفعل″ يعني اَ - ف جي اڳيان ۽ ″عرف″ مان ٿيندو
اَعرف يعني ″زياده سڃاڻو″. وري ″طرف″ جي جمع جو
وزن آهي ″مفاعل″ يعني ف جي پٺيان. الف ۽ عرف مان
ٿيندو ″معارف″ ۽ ″اسم آله″ جي جمع جو وزن آهي
″مفاعيل″ يعني ″ع″ ۽ ″ل″ جي وچ ۾ ″ي″ ۽ ″عرف″ مان
ٿيندو ″معاريف″ ۽ مؤنث جو وزن ٿيندو ″فـُـعـَـليٰ″
يعني ″ل″ جي پٺيان ″ي″ ۽ عرف مان ٿيندو
″عـُـرَفيٰ″.
انهيءَ طرح سڀني صورتن ۽ صيغن جا وزن آهن، مگر اهو
مٿيون ذڪر هو ″سه حرفي″ فعلن يا لفظ جو، جن کي
″ثلاثي″ ٿا چون يا ″ثلاثي مجرد″. انهن ۾ ڪي حرف
زائد پون ٿا ته پوءِ انهن کي ″ثلاثي مزيد فيه″ چون
ٿا. جيئن ″اِستفعل″ جتي اِست، ف جي اڳيان آيو آهي
پر ڪي ″چهار حرفي″، ″اصلي فعل″ به آهن جن کي رباعي
ٿا چون ۽ انهن ۾ حرف زائد پوڻ ڪري ″رباعي مزيد
فيه″ ٿين ٿا. انهن جا به مٿين وانگي وزن ٺهرايل
آهن. انهن جو مفصل بيان عربيءَ صرف نحو سان تعلق
رکي ٿو. هتي رڳو اصول ٻڌايو ويو آهي ۽ نمونو ڏنو
ويو آهي. گهڻو ڪري سڀ عربي لفظ، جي سنڌيءَ ۾ ڪم
اچن ٿا، سي انهيءَ نموني جا آهن ۽ انهيءَ طرح نڪتا
آهن.
گڏيل لفظن جي بيان ڏيندي ٻڌائڻ گهرجي ته سنڌيءَ ۾
ڪيترا ئي مرڪب لفظ آهن. خاص ″فعل يا مصدرون″ جن جي
معنيٰ رواج ۾ ناهي. اگرچ هر هڪ گذريل لفظ جي معنيٰ
ٻي ٻي آهي. انهيءَ گڏيل معنيٰ کي ″اصطلاحي معنيٰ″
ٿو چئجي ۽ انهن گڏيل لفظن يا فقرن کي ″سنڌي
اصطلاح″ ٿو چئجي. انهن جو ڄاڻڻ نهايت ضروري آهي ۽
انهيءَ مان ڪي اهڙا مشڪل آهن، جو مادري زبان وارن
کي به نه ايندا هوندا. تنهن ڪري چڱي مضمون نويسيءَ
جي لاءِ انهن جو ڄاڻڻ بلڪل ضروري آهي. ڪي اهڙا
ٿورا اصطلاح مصدرن جي صورت ۾ مختصر معنيٰ سميت هيٺ
ڏجن ٿا. پڙهندڙن کي گهرجي ته اهي جملن ۾ ڪم آڻي
ڏيکارين، جو اها به هڪڙي عمدي مشق آهي.
مثال:
اُڀ ڏارڻ يا اڀ ڦاڙڻ = ٻٽاڪون هڻڻ. اَٽي مان وار
ڪڍڻ = پورو انصاف ڪرڻ. اَٽي ۾ لوڻ هجڻ = تمام
ٿوري انداز ۾ هجڻ. اَڪ ڪارا ڪرڻ = سوجهرو ڪونه
ڪرڻ. اک ڀڃڻ = اک سان اشارو ڏيڻ. اک ڏيکارڻ =
فهمايش ڪرڻ. اک لڳڻ = پنڪي اچي وڃڻ. اک نه ٻڏڻ =
خيال ئي ۾ نه آڻڻ. باز اچڻ = پشيمان ٿيڻ. تپي باهه
ٿيڻ = تمام گهڻو ڪاوڙجڻ، بم ٻڌڻ = ڪوڙ ٻڌائي ٺڳڻ.
ٻاڦ نه ڪڍڻ = ڳجهه ظاهر نه ڪرڻ. ٻارُڻ ٻارڻ = فساد
وجهائڻ. ٻٻرن کان ٻير گهرڻ = ناشدني خواهش ڪرڻ.
ٻـِـٽڻ مچڻ = هر طرح فائدو ٿيڻ. ٻوٽو ٻارڻ = همت
ڪرڻ. ٻيگهي مچڻ = اوچتو گهڻو فائدو ٿيڻ. ڀن ڀرڻ =
نقصان سهڻ ۽ چٽي ڀرڻ. ڀيڄ ڀڄڻ = فجر ٿيڻ. تڏو يا
ٿڏو کڻائڻ = پاڙ پٽي ڪڍي ڇڏ ڻ. ترين ڀر پوڻ = غريب
۽ ضعيف ٿيڻ. تنگ ڇنائڻ = ڇـُـٽڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ.
ٿورو لائق = مهرباني ڪرڻ. ٽڪ مان ور لاهڻ = سيکت
ڏيڻ. ٽوٽا چٻائڻ = تڪليف ڏيڻ. پاڻ مارڻ = نفس تي
غالب پوڻ. پاڻي ڏيڻ = انجام پارڻ. پاڻي ولوڙڻ =
اجايو ڪم ڪرڻ. پير ڪڍي بيهڻ = مطلق انڪار ڪرڻ. پلو
ڏيڻ يا وٺڻ = بدلو وٺڻ يا وهنوار ۾ برابر رهڻ. ڦڪڙ
ڦاڙهڻ = چغلي هڻڻ، فساد مچائڻ. جک مارڻ = اجائي بڪ
ڪرڻ. چاندي ٿيڻ = گهڻو فائدو ٿيڻ. چـِـيٽ پوڻ =
چڙڻ. ڇنڇري لاهڻ = مار ڏيڻ. ڇيڻا ڀورڻ = چونگ ڏئي
معاملو ڪرائڻ. دال ڳرڻ = پـُـڄي سگهڻ. دل جهلڻ =
همت ڪرڻ. دل ۾ ٿيڻ = ڏک ۽ ارمان ڪرڻ. دل هڻڻ =
ڳڻتيون کائڻ. دم جهلڻ = ماٺ ڪرڻ، مان رکڻ. دم ڏيڻ
= مرڻ، ڌڌڙ ۾ پير هڻڻ = اصل انڪار ڪرڻ. ڏاند ڏهڻ =
ڪنجوسي ڪرڻ. ڏکي پٽڻ = تڪليفون سهڻ ۽ ڪشالا ڪڍڻ.
ڏندڻ پوڻ = بيهوش ٿيڻ. ڊڀ ڄمڻ = گهڻو وقت سيڙجڻ.
ڍوري هڻڻ = ٿلهو ٿيڻ. سوڪ ماني پچائڻ = خوب سيکت
ڏيڻ. ڪپڙن مان ڪڍڻ = بيزار ڪرڻ. ڪک وجهڻ = لڪائڻ.
ڪن ڏيڻ = لڪي ٻـُـڌڻ. ڪن ڀرڻ = چغليون هڻڻ. ڪن
کائڻ = گهڻي بڪ ڪري بيزار ڪرڻ. ڪنگ رڙڻ = سڃ ٿيڻ.
ڪؤ کائڻ = ڊڄڻ. ڳن ڏيڻ = مٿا مونا هڻڻ. گهوڙا پوڻ
= ڦرجڻ. مٿا هڻڻ = ڪوشش ڪرڻ. منهن ڪوڙو ڪرڻ = رنج
ڏيکارڻ. نڪ وڍيو هئڻ = بيشرم ٿيڻ. هٿ پير لهڻ =
ويامڻ. هٿ ڌوئڻ = نااميد ٿيڻ. هڏ ڪـُـرڪڻ = رحم
پوڻ.
باب ٻئي جا سوال
″مفرد″ ۽ ″مرڪب″ ڪلمه ۽ ″ڪلام ڪامل″ ۽ ″ڪلام ناقص″
ڇا کي ٿا چون؟ ″مرڪب مقيد″ ۽ ″مرڪب غير مقيد″ جو
مطلب سمجهايو ۽ انهن جا مثال ڏيو. ″ترڪيب″ ڇا کي
چوندا آهن ۽ انهيءَ جا ڪهڙا قسم آهن؟ ″ترڪيب
توصيفي″، ″اضافي″، ″تعدادي″ ۽ ″امتزاجي″ هر هڪ جي
بناوت جون جدا جدا صورتون ٻڌايو ۽ مثال ڏيو. صفت
″مرڪب″ ڇا کي ٿا چون؟ انهيءَ جا مثال ڏيو. ″مضاف″
۽ ″مضاف اليه″ ڇا کي ٿا چون ۽ ″موصوف″ صفت ڇا کي
ٿا چون؟ ″تشبيهه″ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون آهن ۽ انهن جا
نالا ڇا آهن؟ مثال ڏيو. ″مشاره″ ۽ ″مشار اليه″ جو
مطلب سمجهايو. ″معطوف″ ۽ ″معطوف اليه″ جي معنيٰ
سمجهائي مثال ڏيو. ″شرط″ ۽ ″مشروط″ يا ″جزا″ ڇا کي
ٿا چون؟ ″استثنا″ ۽ ″مستثنيٰ منه″ جي سمجهاڻي ۽
مثال ڏيو. ″ظرف″ ۽ ″مظروف″ ڇا کي ٿا چون؟ مثال
ڏيو. ″موجود″ ۽ ″محذوف″ لفظن جي وچ ۾ ڪهڙو فرق
آهي؟ هر هڪ جا مثال ڏيو. ″جامد″، ″مصدر″ ۽ ″مشتق″
اسمن يا لفظن جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟ انهن جا
مثال ڏيو. ″جامد″ جا ڪهڙا قسم آهن؟ ″معرفه″ ۽
″نڪره″ جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ″معرفه″ جا ڪهڙا قسم
آهن؟ ″عـَـلـَـم″ ۽ ″عرف″ جا مثال ڏيو. مصدر
″وضعي″ ۽ ″جعلي″ ۽ ″ترڪيبيءَ″ جا مثال ڏيو ۽ انهن
جو مطلب سمجهايو. ″حاصل بالمصدر″ ڇا کي ٿا چون؟
اسم ″مشتق″ جون ڪهڙيون علحديون علحديون صورتون
آهن؟ هر هڪ جي بناوت سنڌيءَ ۽ پارسيءَ جي دستور
موجب ٻڌايو ۽ مثال ڏيو جي سنڌيءَ ۾ مستعمل آهن.
اسم ″آله″ ۽ اسم ″تصغير″ ڇا کي ٿا چون؟ ″مشتق″ فعل
ڇا آهن؟ مثال ڏيو. ″اشتقاق″ جو ڪهڙو بنياد آهي؟
خاص عربيءَ ۾. ″مشتق اصلي″ ۽ ″مشتق اضافي″ ڇا کي
ٿا چون؟ مثال ڏيو. ″ثلاثي″ ۽ ″رباعي″ ۽ ″مجرد″ ۽
″مزيد فيه″ ڇا کي ٿا چون؟ مثال ڏيو. سنڌي اصطلاح
ڇا کي ٿا چون؟ انهن جا ڪي مثال ڏيو.
اشارو:
مٿين سوالن جا جواب مٿئين باب ۾ لکيل مضمون پڙهڻ
سان ڏئي سگهجن ٿا.
مشقون
(1) هيٺين مرڪب لفظن جي بناوت ۾ ڪهڙي ڪهڙي ترڪيب
ڪم آئي آهي؟ انهيءَ جو نالو ٻڌايو ۽ انهيءَ ۾ ڇا
ڏيکاريل آهي؟
″آبڪلاني″، ″آرام طلب″، ″آڪاس منڊل″، ″اڪال
ڀنگو″، ″اک ڇنڀ″، ″اڳواڻ″، ″تاجپوشي″، ″چرخشماري″،
″ڊولباز″، ″دسترس″، ″صورت وند″، ″ڳنڍي ڇوڙ″،
″مستيءَ جي هوا″، ″شراب جي مستي″، ″مينهن جو
پاڻي″، ″زماني جا رنگ″، ″اٺڪنڊو″، ″ٽرقمي″، ″ٻه
پهري″، ″ڏهيسر″، ″نوانوي″، ″هزار داستان″ ۽
″ڪهربا″.
(2) هيٺين شاهه جي بيت وارين سٽن ۾ ٻڌايو ته ڪهڙا
لفظ ″اظافت″ وارا آهن ۽ ڪهڙا ″تشبيهه″ وارا؟ ڪهڙا
″صفت″ وارا ۽ ڪهڙا ″اشاري″ وارا؟ ڪهڙا ″شرط″ وارا
آهن ۽ ڪهڙا ″ظرف″ وارا؟ ڪهڙا ″عطف″ وارا آهن؟ ۽ هر
هڪ ۾ ضروري ڀاڱن يا لفظن جا نالا ڏيو:
″سڄڻ
ماکيءَ ميٺ، ڪڙا ٿين نه ڪڏهين.″
″ٻانهيون ۽ ٻايون پکي سـُـنهن پنهنجي.″
″نائي نيڻ نهار ته تو ۾ ديرو دوست جو.″
″عاشق زهر پياڪ، وِهـُـه پسيو وهسن گهڻو.″
″هو چونس ٻوڏ، ته جيءُ سڻائي جڳ کي.″
″ڪوڏر ۽ ڪاني، آهي سر سڀ ڪنهين.″
″هي هي هن هڏي، همه کي حيران ڪيو.″
″آهيان عيبدار، سڪان ٿي سهاڳ کي.″
″منهن ۾ موسيٰ جهڙو، اندر ۾ ابليس.″
″پکن منجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾.″
(3) هيٺين لفظن مان ڪهڙا ″جامد″ آهن ۽ ڪهڙا ″مشتق″
۽ ڪهڙا ″مصدر″؟
قلم، ڪافور، ٻيٽ، ڪتو، جنبور، ڪتاب، رسالو، يوسف،
ڍور، اٺڪنڊو، ماريندڙ، مٽائڻ، ماتم، خوشي، وڌڻ،
مرڻينگ، ڀـُـلڪار، ترڪڻ بازي.
(4) هيٺين لفظن مان ڪهڙا ″معرفه″ آهن ۽ ڪهڙا
″نڪره″؟
پکي، چٻرو، باز، ڪتاب، دُلدل، يعقوب، گلستان، راڳ،
ڀيروي، مـُـلڪ، مصر، جواهر، ڪوهنور، تارو، سج ۽
چنڊ.
(5) هيٺين لفظن مان ڪهڙا ″عـَـلـَـم″ آهن ۽ ڪهڙا
″عرف″؟
نور الدين جهانگير، جلال الدين اڪبر، ابوالقاسم
فردوسي، شمس الدين حافظ، مصلح الدين سعدي، شمس
العلماءُ نذير احمد، اُم المؤمنين بيبي زينب،
شهنشاهه جارج پنجون قيصر هند.
(6) هيٺين لفظن ۾ جدا جدا قسمن جون ″مصدرون″
چونڊيو ۽ انهن جا نالا ڏيو:
وڍڻ، نڪرڻ، همتائڻ، شورجڻ، ضربڻ، ڪشڻ، ڳهڻ، خرچڻ،
مجرا ڏيڻ، شڪجڻ، گمان ڪرڻ، نمائش، ڪانئرپڻو، ذارش،
ڏي وٺ، هلت چلت، اُٿ ويهه، چوڻي، ڪرڻي، ڀرڻي،
گفتگو، فتحيابي ۽ حڪم هلائڻ.
(7) هيٺين لفظن مان سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ جيڪي به
″مشتق″ لفظ نڪتا هجن، سي ٻڌايو ۽ چئو ته اُنهن جا
″صرف″ موجب ڪهڙا نالا آهن؟
گهـُـرڻ، سکڻ، ڀـُـلـڻ، ڳولڻ، کائڻ، پالڻ، پڇڻ،
لـڄ، سـِـڪ، ڳنڍڻ، کائڻ، مـَـٽڻ، مـِـڙڻ، وڙهـڻ،
ڏسـَـڻ، ڌُئڻ.
(8) هيٺيان ″مشتق″ لفظ ڪهڙي قسم جا آهن سي ٻڌايو؟
رهاڪو، باشندو، ڏند کوٽڻي، ڦورو، سوڀارو، چيدو،
سنجيدو، فهميدو، ڏکندو، ماريندي، ايندي، ويندي،
نورئڙو، ڀولڙو، مرڻينگ، ٿريچو، ماڙيچو، هانو لٿل،
ڏکويل، ڪهڪايل، وساڻل، آزمايل، ڪلتار.
(9) هيٺيان عربي لفظ جي سنڌيءَ ۾ ڪم اچن ٿا، تن ۾
اصل وارا بنيادي ٽي حرف ڪهڙا آهن ۽ ڪهڙا اکر زايد
منجهن پيل آهن؟
امتحان، استفهام، معطوفي، متڪلم، استمراري،
اعتدال، انتظام، معمولي، مقابلو، مجموعو، مضبوط،
طالب، مطلوب، متشڪي، حافظ، محفوظ، مختيار، مرحوم،
مقابلو، مقاطعو، استعمال، محبوب، استعفا.
(10) هيٺين عربي بنيادي لفظن ۾ ڪي حرف زايد وجهي
اهڙا لفظ بنايو، جي سنڌيءَ ۾ ڪم ايندا هجن ۽ انهن
جي معنيٰ ٻڌايو:
صـدق، وصف، شهـر، وصل، شڪ، جرم، حق، رحم، رَد،
شـَـد، فرق، حصل، عمل، صنف، ڪتب، ڪـَـلف.
(11) هيٺين لفظن بابت اوهان کي جيڪي سنڌي اصطلاح
سجهن، سي ٻڌايو ۽ انهن جي معنيٰ ڇا آهي؟
اک، هٿ، وات، مٿو، نڪ، ڳالهه، دل، پيٽ، پير، ڪن،
من، منهن، ڪلهو، رت، پٺ، پاڻي.
(12) هيٺين سنڌي اصطلاحن جي معنيٰ ٻڌايو ۽ اُهي
جملن ۾ ڪم آڻي ڏيکاريو:
ڏينهن جا تارا، ٽنبجي پوڻ، ٽوٽا چٻائڻ، ڪـُـٽ ڪرڻ،
ڪنڌ تي چڙهڻ، ڪوڏر هڻڻ، لوهه ٿيڻ، لـَـئي
مـِـٽـِـي ڪرڻ، ماني مڇي، مـِـٽي ڪرڻ، مـُـڇون
مروٽڻ، مڪو مچڻ، ڪل ٿڙڻ، دلا ڀرڻ، رقم توبري ۾،
رندن ۾ رلڻ، پلؤ وٺڻ، پنجئي گـِـهه ۾.
(13) هيٺين لفظن جا ″ضد″ لفظ ٻڌايو:
ابتو، ارهو، اصيل، اوير، اولو، سڌاتورو، سـُـٻيلي،
سـُـپاتر، سـَـپوت، ندورو.
(14) اهڙا ڪي سنڌي لفظ ٻڌايو جي اڪثر ″جمع″ جي
صورت ۾ ڪم ايندا آهن ۽ انهن مان ڪي اصل ″جمع″ آهن
پر ″واحد″ وانگي ڪم ايندا آهن.
(15) اهڙا ڪي سنڌي لفظ ڏيو، جي اڪثر گڏ ايندا آهن
۽ گهڻن ۾ هڪڙو ″واحد″ ۽ ٻيو ″جمع″ هوندو آهي.
(16) اهڙا ڪي سنڌي لفظ ڏيو جي ″آواز″ مان ورتل
آهن.
(17) اهڙا ڪي سنڌي لفظ ڏسيو، جي صورت ۾ ″مصدر″
آهن، مگر آهن ٻيا ″اسم″ وغيره.
(18) هيٺين لفظن جي معنائن جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت
آهي؟
صفو ۽ صفحو، ڳالهه ۽ ڳالـَـههُ، جتي پير ۾ وجهڻ ۽
پير جتيءَ ۾ وجهڻ، سلامت ۽ سلامتي، سوچي ۽ موچي،
شوم ۽ بخيل، ساٽي ۽ مهاڻو، نقطو ۽ نڪت و.
ضميمو:
باب ٻئي جي مشقن جا جواب
(1) هيٺين لفظن ۾ ترڪيب اضافي ڪم آيل آهي يعني
ملڪيت يا واسطو ڏيکاريل آهي:
مستيءَ جي هوا، شراب جي مستي، مينهن جو پاڻي،
زماني جا رنگ، آڪاش منڊل، اڪال ڀنگو، اَبڪلاني،
چرخ شماري، تاج پوشي.
هيٺين ۾ ترڪيب ″تعدادي″ ڪم آيل آهي:
اٺڪنڊو، ٽرقمي، ٻه پهري، ڏهيسر، نوانوي، هزار
داستان جو انهن ۾ ڳاڻيٽو ڏيکاريل آهي.
هيٺين ۾ ترڪيب ″امتزاجي″ يا ″اصطلاحي″ آهي:
دسترس،
اک ڇنڀ، ڪهربا.(2) ڇا لاءِ جو هر هڪ
مفرد لفظ جي جدا جدا معنيٰ آهي مگر ٻنهي لفظن جي
معنيٰ اصطلاحي يا خاص آهي. هٿ پهچ يعني طاقت يا
پڄندي. اک ڇينڀڻ جيترو وقت يعني لحظو يا لمحو ۽ ڪک
ڇڪي وٺندڙ يعني ڪهربا.
هيٺين ۾ ترڪيب ″توصيفي″ يا صفت ″مرڪب″ آهن، جو ٻئي
لفظ اسم يا صفت آهن يا ″فاعليت″، ″صفت″ ۽ ″ظرفيت″
جي معنيٰ ٿا ڏيکارين.
آرام طلب، صورت وند، ڳنڍي ڇوڙ، اڳواڻ، ڊولباز.
(2) سڄڻ ماکيءَ ميٺ: هن ۾ سڄڻ ″موصوف″ ۽ ماکيءَ
ميٺ ″صفت″ آهي. هن ۾ ″تشبيهه″ به ڪم آيل چئي ٿي
سگهجي يعني ماکيءَ جهڙو.
ٻانهيون ۽ ٻايون: هي ٻئي ″معطوف″ آهن جو انهن جي
وچ ۾ حرف ″عطف″ آيو آهي. يا پهريون ″معطوف″ آهي ۽
ٻيو ″معطوف اليه″.
تو ۾ ديرو دوست جو: هن ۾ ديرو ″مظروف″ آهي ۽ تو
خود ″ظرف″ آهي ۽ ۾ حرف ″ظرف″ آهي ۽ ساڳئي ۾ ديرو
″مضاف″ آهي ۽ دوست ″مضاف اليه″ آهي، جو حرف
″اضافت″.
عاشق زهر پياڪ: هتي عاشق ″موصوف″ ۽ زهر پياڪ ″صفت″
آهي.
هو چونس ٻوڏ: هن ۾ جي يا جيڪڏهن يا جيتوڻيڪ منڍ ۾
لڪل آهي جو حرف شرط آهي. پهريون جملو شرط آهي ۽
ٻيو ″مشروط″ يا جزا يعني نتيجو.
ڪوڏر ۽ ڪاني: پهريون ″معطوف″ ۽ ٻيو ″معطوف اليه″ ۽
وچ ۾ حرف ″عطف″ آهي.
هن هڏي: هتي هن حرف اشارو آهي ۽ هڏي ″مشار اليه″
آهي.
آهيان عيبدار: هتي به عيبدار صفت، آءٌ ڳجهو موصوف
آهي.
″منهن
۾ موسيٰ جهڙو، اندر ۾ ابليس″
هتي موسيٰ ۽ ابليس ″مشبه به″ آهن ۽ هو ماڻهو ڳجهو
″مشبه″ آهي، جهڙو حرف ″تشبيهه″ آهي ۽ وجه ″تشبيهه″
جا منهن ۽ اندر مان ٿي نڪري يعني ظاهري ۽ باطني
صورت مان، سا آهي نيڪ نيتي ۽ بد نيتي.
″پکن منجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾.″
هتي پکا ۽ ڪوٽ ظرف آهن ۽ پساهه ۽ قالب آهن ″مظروف″
۽ منجهه ۽ ۾ آهن حرف ″ظرف″.
(3) هيٺيان لفظ ″جامد″ آهن:
ڪافور، ٻيٽ، جنبور، يوسف، ڍور، ماتم، خوشي.
هيٺيان ″مشتق″ آهن:
اٺڪنڊو، ماريندڙ، مرڻينگ، ڀلڪار، ترڪڻ بازي.
هيٺيان ″مصدر″ آهن:
مٽائڻ، وڌڻ.
(4) هيٺيان لفظ ″نڪره″ آهن:
پکي، ڪتاب، راڳ، ملڪ، جواهر، تارو.
هيٺيان معرفه آهن:
چٻرو، باز، دلدل، يعقوب، گلستان، پيروي، مصر، ڪوهه
نور، سج، چنڊ.
(5) هيٺيان لفظ ″عـَـلـَـم″ آهن:
نور الدين، جلال الدين، شمس الدين، مصلح الدين،
نذير احمد، بيبي زينب، جارج پنجون.
هيٺيان ″عرف″ آهن:
جهانگير، اڪبر، ابوالقاسم، فردوسي، حافظ، سعدي،
شمس العلما
ِّ، اُم المؤمنين، شهنشاهه ۽ قيصر هند.
هيٺيان مصدر ″وصفي″ يا ″حقيقي″ آهن:
وڍڻ، نڪرڻ، ڳهڻ.
(6) هيٺيان مصدر ″جعلي″ آهن:
همتائڻ، شورجڻ، ضربڻ، ڪشڻ، مجرا ڏيڻ، شڪجڻ، گمان
ڪرڻ، حڪم هلائڻ.
هيٺيان ″مصدر ترڪيبي″ يا ″حاصل بالمصدر″ آهن:
ڪانئر پڻو، گذارش، ڏي وٺ، هلت چلت، اُٿ ويهه،
چوڻي، ڪرڻي، ڀرڻي، گفتگو، فتحيابي.
(7) گهرڻ مان: گهر، گهرج، گهرندڙ، گهربل، گهريل،
گهورو، گهور.
سکڻ مان: سکندڙ، سيکڙائو، سيکائتو، سيکارڻ، سکڻو،
سـِـک، سک، سکاڻي، سکي.
ڀـُـلڻ مان: ڀلجندڙ، ڀولو، ڀل، ڀلڪار، ڀليل،
ڀـُـلائڻ، ڀلائيندڙ، ڀلائتو، ڀلالو، ڀلجڻ، ڀلنامو.
ڳولڻ مان: ڳوليندڙ، ڳوليو، ڳولو، ڳولائو، ڳولا،
ڳولپ، ڳورڻ، ڳورو.
کائڻ مان: کاڌو، کاڄ، کانو، کائيندڙ، کاڌل، کائو،
کاڄرو، کاڄو، کاڌ، کائڻي، کايارو.
پالڻ مان: پالڻهار، پاليندڙ، پاليل، پالڪ، پالڻا،
پالڻو، پلجڻ.
پڇڻ مان: پڇ، پڇا، پڇندڙ، پڇ پاڄ، پڇا ڳاڇا،
پڇاڻو، پڇائڻ، پڇپـڇو.
لـڄ مان: لڄاڙو، لڄپال، لڄي، لڄا، لڄائتو، لڄوند،
لڄهڙو.
سڪ مان: سڪندر، سيڪڙائو، سڪيلڌو، سڪايل، سڪڻو،
سڪائتو.
ڳنڍڻ مان: ڳنڍ، ڳنڍيندڙ، ڳنڍي ڇوڙ، ڳانڍو، ڳنڍ
سنڍ، ڳنڍاڻي، ڳنڍڻي، ڳنڍو، ڳنڍيري، ڳنڍير.
مٽڻ مان: مٽ سٽ، مٽا سٽا، مـَـٽڻ، مٽيندڙ، مٽائڻ،
مٽيل، مٽا، مٽ، مٽجڻ.
ميڙڻ مان: مڙئي، ميڙائو، ميڙيل، ميڙو، ميڙاڪو،
ميلو، ميڙائي.
وڙهڻ مان: ويڙهه، ويڙهو، وڙهندڙ، ويڙهاڪ، ويڙهائڻ.
ڏسڻ مان: ڏيک، ڏيکارڻ، ڏيکاءُ، ڏسندو، ڏسجڻ، ڏسڻو
واسڻو، ڏسڻ، ڏيکارو، ڏيکاري، ڏيکائتو، ڏيکڻ، ڏيکي،
ڏيکدار.
ڌوئڻ مان: ڌوپ، ڌوتل، ڌئيندڙ، ڌوٻي، ڌوتو، ڌوپڻ،
ڌئارڻ، ڌئارڻي، ڌوئن.
(8) اسم فاعل حقيقي: باشندو، رهاڪو، ڦورو، ڏکندو.
اسم فاعل ترڪيبي: سوڀارو، ٿريچو، ماڙيچو، ڪلتار،
مرڻينگ.
اسم مفعول: چيدو، سنجيدو، فهميدو، هانوَ لٿل،
ڏکويل، ڪهڪايل، وساڻل، آزمايل.
اسم حاليه: ماريندي، ايندي، ويندي.
اسم تصغير: نوريئڙو، ڀولڙو.
اسم آله: ڏند کوٽڻي.
(9) هيٺيان ٽي حرف اصلي آهن، ٻيا سڀ زائد آهن:
محن، فهم، عطف، ڪلم، مر، عدل، نظم، عمل، قبل، جمع،
ضبط، طالب، طلب، شڪ، حافظ، حفظ، خير، رحم، قبل،
قطع، عمل، حب، عفو.
جنهن حرف تي شد آهي، اهڙا ٻه اکر شمار ڪرڻ گهرجن.
(10) صدق مان: صادق، تصديق، صديق، صداقت.
وصف مان: صفت، موصوف، اوصاف، توصيف.
شهر مان: اشتهار، مشتهر، شهرت، مشهور.
وصل مان: واصل، وصال، موصل، صله، متصل.
شڪ مان: شڪي، مشڪوڪ، متشڪي، شڪجڻ ۽ لاشڪ.
جرم
مان: مجرم ۽ جريمانه.
حق مان: مستحق، حقدار، حقوق، حقيقت ۽ حقيقي.
رجم(2) مان: ترجمه، ترجمان، مترجم ۽
رجم.
رد(3) مان: ردي، مردود ۽ ترديد.
شد(4) مان: شدت، شديد، اَشد، تشديد.
فرق مان: فراق، مفارقت، فريقه، فرقه، تفريق.
عمل مان: عامل، معمول، معمولي، عمله، معامله،
استعمال، مستعمل ۽ تعميل.
صنف مان: تصنيف ۽ مصنف.
ڪتب مان ڪتاب، ڪاتب، مڪتوب، ڪتابت، ڪتاب ۽ ڪتابي.
ڪلف(5) مان تڪليف، مڪلف، ڪـُـلف.
(11) اک اُٿڻ، اک ڏيکارڻ، اک ڀڃڻ، اک لڳڻ، اک ميري
ڪرڻ. (6)
هٿ اٽڪائڻ: هٿوراڙيون ڏيڻ، هٿ ٻڌڻ، هٿ ٽنگڻ، هٿ
پڄندي، هٿ کس، هٿ جوڙڻ، هٿ ڏَس، هٿ ڇوهو،(7)
هٿڙي ڏيڻ، هٿ ناٽي، هٿ ڳنڍڻ، هٿ هڻڻ ۽ هٿين پوڻ.
وات ڦاڙڻ: وات جا پلاهه کائڻ،(8) واترادو، وات ڪرڻ، واتوڻو، واتي ويڻي، وات وجهڻ، وات
وڪيل، ۽ واتر.
مٿو هڻڻ: مٿو ڦـِـرڻ، مٿا مونا هڻڻ،(9) مٿو کائڻ، مٿو کپائڻ، مٿي ميرو،(10)
مٿا ميڙ، مٿا ڪـُـٽ، مٿي جو سور.
نڪ وڍڻ: نڪ وڍيو، نچڪڻو،(11) نڪ هيري،
نڪ توبهه، نڪ گيسي، نڪ ڪٽيو،(12) نڪو.
ڳالهه کڻڻ: ڳالهه ڳڻڻ، ڳالهائڻ، ڳالهه ٻولهه،
ڳالهير، ڳالهوڙو ۽ ڳالـَـهـُـه.
دل هڻڻ: دل ڀڃڻ، دل تي رکڻ، دل ڀرجڻ، دل ڪچي ٿيڻ،
دل لڳڻ، دل لڳي، دل ٿيڻ، دلبر، دلبري، دل تنگ، دل
جاءِ، دلچسپ، دلدار، دلسوز، دلگير، دل هول، دليون
بجانيون، دل پاڪ،(13) ٻه دلو.
پيٽ پالڻ: پيٽ رهڻ، پيٽ سان ٿيڻ، پيٽ ڪيرائڻ،
پيٽارجڻ،(14) پيٽ اچڻ،(15)
پيٽير، پيٽارو، پيٽوڙي، پيٽي، پيٽو. (16)
پير ڀرڻ: پير کڻڻ، هٿ پير لهڻ،(17) پير
پير ۾، پير ڪڍڻ، پير وجهڻ، پيراندي، پيراڍو،
پيرڙيو، پيرن ڀر، پيرين پوڻ، پير موڙ، پيرين
سيرين، پيرو.
ڪـَـن کائڻ: ڪنٽار ڪرڻ، ڪن ڀرڻ، ڪنائڻ، ڪن ڦاڙ، ڪن
چير، ڪن ڦٽ، ڪن ڦوڪڻ، ڪن ڏيڻ، ڪن جون ڳالهيون، ڪن
سن ۾، ڪنرس، ڪن کڻڻ، ڪن کوٽڻي، ڪن هڻڻ، ڪن سوپاري.
من: موهن، منٺار، من گهريو، من ڀاوندو، من ميلي،
من متيو.
منهن بڇڙو ڪرڻ: منهن اونداهي، منهن ڀر ڪـِـرڻ،
منهن تي پوڻ، منها پوڻ، منهن تي چڙهڻ، منهن مقابل
اچڻ، منهن ڏيڻ، منهن زور، منهن ميرائي، منهن پائڻ،
مهانڊو.
ڪلهو ڏيڻ: ڪلهو هڻڻ، ڪلهي گس، ڪلها گٺل.
رت پيئڻ: رت ٿيڻ، رت وهڻ ۽ وهائڻ، رت ڪڍڻ، رت
ڪڍائڻ، رت ڳڙهه، رتڇاڻ، رتو رت، رت ورنو، رت اچڻ،
رت ٻوڙ، رتڙي، رتو، رتي.
پـُـٺ ڀرڻ: پٺ ڏيڻ، پٺيرو، پٺارڪ، پٺ ڀرو، پٺ تي،
پٺا، پٺو، پٺ ٽپرڻ، پٺيءَ لڳڻ. پٺيان.
پاڻي ولوڙڻ: پاڻيءَ مان ڪڍڻ، پاڻياٺو، پاڻيٺ،
پاڻيارو،
پاڻي ڏيڻ.
(12) ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ: سخت سزا ڏيڻ يا مار
ڏيڻ، جيئن ته جي وري اهڙي حرڪت ڪيئي ته ڏينهن جا
تارا ڏيکاريندوسئين.
ٽنبجي پوڻ: جانور جو ڪچو ٻچو ڪيرائڻ. منهنجي ٻڪري
ٽنبجي پئي آهي.
ٽوٽا چٻائڻ: تڪليفون ڏيڻ. مون هن کي ٽوٽا چٻائي
ڇڏيا آهن.
ڪـُـٽ ڪرڻ: ضايع يا برباد ڪرڻ. منهنجي سڄي ڪمائي
ڪـُـٽ ڪري ڇڏيائين.
ڪنڌ تي چڙهڻ: گستاخ ٿيڻ، بي ادبي ڪرڻ. ڪنڌ تي
چڙهندو ٿو وڃين.
ڪوڏر هڻڻ: محنت ڪرڻ. تو وري ڪهڙي ڪوڏر هنئي آهي؟
لوهه ٿيڻ: چـِـڙڻ، ڪاوڙجڻ. ايتري چوڻ تي هو همراهه
لوهه ٿي ويو.
لـَـئي مٽي ڪرڻ: گم ڪري ڇڏڻ. هن ساري ڳالهه لـَـئي
مٽي ڪري ڇڏي.
ماني مڇي: پڄندي، وسعت. هو پنهنجي ماني مڇيءَ وارو
آهي.
مـِـٽي ڪرڻ: ڪـُـهڻ. هن پنهنجي گانئن گهر ۾ مـِـٽي
ڪري ڇڏي.
مـُـڇون مروٽڻ: ٻٽاڪ هڻڻ، هٺ ڪرڻ. هو رڳو مـُـڇون
مروٽيو وتي، ڪم ڪوبه ڪونه ڪري.
مڪو مچڻ: (2) فائدو ٿيڻ. هن جو اِتي ئي
مڪو مچي ويو آهي.
ڪـَـل ٿـِـڙڻ: ديوانو ٿيڻ. هن ڳالهه کان هن جي ڪل
ٿڙي وئي آهي.
دلا ڀرڻ: ٻئي جي پاران ڪوشش ڪرڻ يا مدد ڏيڻ. هن
پنهنجي قوم جا چڱا دلا ڀريا آهن.
رقم توبري ۾: رقم چٽ، موڙي ضايع ٿيڻ. ماڻهو جي رقم
توبري آهي.
رندن ۾ رلڻ: ڌڪا کائڻ، بي آبرو ٿيڻ. هو مون کي
رندن ۾ رلائي ويو.
پـَـلـَـوءَ وٺڻ: بدلو يا عيوضو وٺڻ. انهيءَ جو هن
مون کان پلؤ وٺي ڇڏيو.
پنج ئي گهه ۾: تمام گهڻو فائدو ٿيڻ. هن جون پنج ئي
گهه ۾ آهن.
(13) سبتو، سرهو، ٽرڙو، سوير، سولو، ڪڌاتورو،
ڪٻيلي، ڪپاتر، ڪپوت، سدورو.
(14) ارباب، ارواح، اسباب، اسرار، اُمراءِ، اشراف،
اطوار، افعال، اوقات، اولاد، اولياءِ، ايام،
ٻاٿون، ٻٻيون، ڀاڙا، ڀيڙون، تاڙيون، نندو تارا،
علما، ڪتيون، ارڪان.
(15) حق حقوق، امير اُمراءِ، غريب غربا، ڏي وٺ،
خريد فروخت، آمد رفت، دادستد.
(16) سـُـس ڦس، ٽهه ٽهه، ڦـُـڙ ڦـُـڙ، دَڪدڪ،
ڪڙڪو، بڪبڪ، سوسٽ، کڙڪو، کڙ کڙ، ڀـُـون ڀـُـون،
ڪڪڙوڪو، دٻڙ دس، هونگار، سـَـٽ ڪـُـٽ، مـِـڻ
مـِـڻ، ڀـُـڻ ڀـُـڻ.
(17) وَهڻ، واهڻ، هرڻ، ڍڪڻ، پتڻ، هيرڻ، ويلڻ، هٿڻ،
ٽنڊڻ، پکڻ، ٻارڻ، واڱڻ، اڱڻ، مکڻ، مڱڻ.
صفو: اصل عربي لفظ صفه يعني وهڻ يا گڏ ٿيڻ جي وڏي
جاءِ. ۽ صفحو يا صفه ڪتاب جي ورق جو هڪڙو پاسو.
اصل معنيٰ سنوت واري زمين يا صلح.
ڳالهه: جيڪي رواجي طرح ڳالهائجي يعني ڳالهه ٻولهه
۽ ڳالـَـهـُـه = جهيڙو، تڪرار، ڳالهوڙو.
جـُـتي پير ۾ وجهڻ: جـُـتي پائڻ يا ڍڪڻ پر حقيقت
ڪري جـُـتي پير ۾ نٿي وجهجي پر پير جـُـتي ۾ ٿو
وجهجي مگر اصطلاح غلط ڪم اچي ويو آهي. جيئن ٽوپي
مٿي ۾ وجهڻ، جو هئڻ گهرجي مٿو ٽوپيءَ ۾ وجهڻ يا
مٿي تي ٽوپي رکڻ. جـُـتيءَ ۾ پير وجهڻ جي معنيٰ
آهي ٻئي جي بجاءِ ڪم ڪرڻ يا ٻئي جهڙو ڪم ڪرڻ جيئن
هن جي جتيءَ ۾ ڪوبه پير وجهي نه سگهندو.
سلامت: اصل عربي ۽ پارسيءَ ۾ اسم ذات آهي يعني
سلامتي، پر سنڌيءَ ۾ صفت جي معنيٰ سان ڪم ايندو
آهي.
سوچي: اهي هندو موچڪو ڪم ڪندڙ ۽ موچي اڪثر مسلمان
جتي جوڙيندڙ کي چوندا آهن. جيڪو وري عمدو پيو چم
جو ڪم ڪري تنهن کي ″سراز″ چوندا آهن.
شوم: جي اصل عربيءَ ۾ معنيٰ آهي نڀاڳو جنهن مان
شامت نڪتل آهي. پر سنڌيءَ ۾ ″ڪنجوس″ جي معنيٰ سان
ڪم ايندو آهي ۽ ″بخيل″ ٻنهي ٻولين ۾ ڪنجوس آهي.
ساٽي: ماريل مڇون سودو ڪري وڪڻندا آهن ۽ مهاڻا پاڻ
مڇي مار آهن. ٻيڙيون به هلائين.
″نقطو″ ٽٻڪو ۽ ″نڪتو″ ڪو عمدو مختصر ڪلام جنهن جي
اونهي ۽ مزي جهڙي معنيٰ هجي.
باب
ٽيون
ڪلامن يا جملن جو بيان
باب ٻئي جي شروع ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻن يا زياده
لفظن يا ڪلمن گڏجڻ مان جملو يا ڪلام ٺهندو آهي،
پوءِ جي اهو پورو هوندو آهي، يعني منجهانئس پوري
معنيٰ نڪرندي آهي ته انهي کي ″ڪلام تام″ يا ″ڪامل
ڪلام″ سڏيندا آهن، نه ته ″ڪلام ناقص″. مثال ڏنو
ويو هو ته احمد مئو. انهن ٻن لفظن مان ساري ڳالهه
سمجهي سگهجي ٿي. امڪان آهي ته هڪڙي لفظ مان به
سارو مطلب سمجهي سگهجي ۽ اهو به پورو جملو ٿي سگهي
ٿو، جيئن ته وڃ يا وڃان ٿو پر اتي ٻيو لفظ تون ۽
آءٌ لڪل آهن، تنهن ڪري جملي لاءِ تمام ٿورا ته به
ٻه لفظ ضروري آهن ظاهر يا لڪل.
جملي ۾ انهن ضروري لفظن مان هڪڙو اهو هوندو، جنهن
بابت ڪي چيل هوندو ۽ ٻيو اهو جو انهيءَ پهرئين
بابت چيل هوندو. يعني هڪڙو ڪير جو جواب هوندو ۽
ٻيو ڇا يا ڪيئن جو. مثلا مٿئين جملي ۾ ڪير مئو؟ ته
جواب ايندو احمد ۽ احمد ڪيئن ٿيو؟ جواب ڏبو ته مئو
يا مري ويو. اتي نحو جي اصطلاح موجب پهرئين کي
″مبتدا″ ٿو چئجي ۽ پوئين کي ″خبر″. انهن ٻن مان
اڪثر پهريون يعني ″مبتدا″ ″اسم″ آهي ۽ پويون يعني
″خبر″ ″فعل″. پر جڏهن اهي ٻئي لفظ ″اسم″ هوندا
آهن، تڏهن انهن سان گڏ هڪڙو ٽيون به لفظ هوندو
آهي، جنهن کي ″حرف رابطا″ چوندا آهن. جيئن ته احمد
″عالم″ آهي. اتي احمد ″مبتدا″ آهي ۽ ″عالم″ ″خبر″
۽ آهي ″حرف رابطه″. عربيءَ ۾ اهڙي هنڌ ″حرف رابطا″
ڪونه هوندوآهي. فقط ٻن اسمن مان ئي جملو ٿي سگهندو
آهي. جيئن ته ″احمد″، ″عالم″. اهو ″حرف رابطه″
سنڌيءَ ۾ اڪثر ″فعل″ هئڻ جو ڪو صيغو هوندو آهي.
تنهن ڪري چئبو ته جملي ۾ ″مبتدا″ کان سواءِ ٻيو يا
ٽيو لفظ ″فعل″ هوندو، جو ″خبر″ هوندو. اهو ″رابطو
اثبات″ يا ″نفي″ ٻئي ڏيکاري ٿو يعني آهي يا ناهي.
حرف ″رابطه″ (آهي) اڪثر شعر ۾ نه ايندو آهي ۽ ڳجهو
هوندو آهي جيئن ته:
″اصل
عاشقن جو سر نه سانڍڻ ڪم″
″وکر ڍير و ڍير پر وهائو ويسرا″
اهي ٻه ضروري لفظ جملي ۾ وڌي گهڻا لفظ به ٿي سگهن
ٿا، جنهن ڪري جملو يا ڪلام وڌي وڏو ٿئي ٿو، پر اهي
زياده لفظ ضرور يا ″مبتدا″ سان واسطو رکندا هوندا،
يا ″خبر″ سان. انهن کي انهن جي متعلق سڏيندا آهن
يعني انهن جا لڳ يا واسطيدار ۽ اهي متعلق لفظ
″مبتدا″ جي حالت ۾ اڪثر ″صفت″ جي صورت ۾ هوندا آهن
۽ ″خبر″ جي حالت ۾ ″ظرف″ جي صورت ۾.
″مبتدا″ اسم به ٿي سگهي ٿو، ″ضمير″ به ٿي سگهي ٿو،
″مصدر″ يا ڪو ٻيو ″فعل″ به ٿي سگهي ٿو ۽ سارو جملو
يا انهيءَ جو ڀاڱو يا فقرو به ٿي سگهي ٿو. مثلا:
″قاسم پارسي چڱي ٿو ڳالهائي.″ ″مون هي ڪتاب هڪ
رپئي ڳڌو آهي.″ ″کائڻ آهي جيئڻ ۽ خدا جي عبادت ڪرڻ
لاءِ.″ جيڪي فاني آهي، سو دل ٻڌڻ
جو لائق نه آهي.″
″خبر″ جڏهن فعل ″متعدي″ هوندو آهي، تڏهن ضرور
″مفعول″ هوندو اٿس جو پڻ فعل جو متعلق آهي ۽ اهو
مفعول به ″مبتدا″ وانگي يا ″اسم″ هوندو آهي يا
″ضمير″ يا فعل يا ڪو جملو يا فقرو. عربي ۽ پارسي
″نحو″ ۾ ″مبتدا″ ۽ ″خبر″ کان سواءِ ٻيو جيڪي به
هوندو آهي، تنهن کي ″مفعول″ چوندا آهن. پوءِ
انهيءَ مفعول جا جدا جدا قسم معنيٰ جي نظر تي ڪندا
آهن. جيئن ته:
″مفعول مطلق″ (يعني سچو پچو مفعول)، جيئن ته ڏاهن
هڪڙي چوڻي چئي آهي. ″مفعول فيه″ (يعني ظرف) جيئن
ته ٻه پهرن مهل ماني کاڌيم. ″مفعول به″ (يعني سچو
پچو مفعول) جيئن ته ڪتي ٻلي ماري. ″مفعول معه″
(يعني ٻه مفعول ڪنهن حرف سان ڳنڍيل) جيئن ته ″عمر″
کي پٽ سوڌو ماريم. ″مفعول له″ (يعني لاءَ يا ڪنهن
ٻئي حرف جر سان آيل لفظ) جيئن ته ڇوڪر کي سيکت
لاءِ ماريم. ″مفعول ما لم يسم فاعله″ (يعني جڏهن
فعل هئڻ ڪري فعل بيفاعل هجي ۽ مفعول پاڻ فاعل ٿي
ڪم اچي) جيئن ته ″گهوڙو وڪامي ويو.″ پر انهيءَ نحو
جي مفعول ۽ صرف جي مفعول ۾ هيءُ تفاوت آهي ته نه
صرف جي مفعول کي حالت مفعولي هئڻ ڪري مفعول ٿو
سڏجي، ۽ نحو جي مفعول کي خبر جي چٽائيءَ ڪري مفعول
ٿو چئجي. مگر سنڌيءَ ۾ بهتر ائين آهي ته ڪنهن به
قسم جو مفعول، خبر جو متعلق يا الڳ شمار ڪجي.
مبتدا ۽ فاعل هڪڙي شيءِ شمار ڪرڻ نه کپي. نحو جي
ترڪيب موجب جنهن شيءِ بابت ڪي چئجي ٿو، تنهن کي
″مبتدا″ ٿا چون ۽ صرف جي ترڪيب موجب جڏهن فقط اسم
يا ضمير ڪنهن جملي جو ″مبتدا″ ٿو ٿئي، تڏهن انهيءَ
کي ″حالت فاعلي″ ۾ هئڻ ڪري فاعل ٿو چئجي. جهڙيءَ
طرح مٿي مفعول صرف جو ٻيو ۽ نحو جو ٻيو ڏيکاريو
ويو.
لفظن جي تعداد ۽ متعلق، لفظن جي قسم ۽ مطلب يا
مضمون جي نظر تي ڪلام يا جملي جا پهرين ٻه قسم
آهن: هڪڙو ″مفرد″ ٻيو ″مرڪب″. مفرد ۾ فقط ٻه لفظ
آهن، مبتدا ۽ خبر ۽ مرڪب ۾ هر هڪ جا متعلق آهن،
جنهن ڪري ٻن کان زياده لفظ بلڪ زياده فقرا يا جملا
آهن.
مفرد جملا وري ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا ″اسميه″ ۽ ٻيا
″فعليه″. ″اسميه″ اُهي آهن جن ۾ ″مبتدا″ ۽ ″خبر″،
ٻئي ″اسم″ يا ″ضمير″ آهن ۽ ساڻن حرف ″رابطه″ آهي
جيئن ته ″جارج شهنشاهه آهي″. ″فعليه″ جملو اُهو
آهي جنهن ۾ فاعل ۽ فعل هجي ۽ جي فعل ″متعدي″ هجي
ته مفعول به موجود هجي، جيئن ته ″قاسم ويو″ ۽
″قاسم عمر کي ماريو.″
ڪٿي وري مفرد جملي جا ٻه قسم ڪندا آهن: هڪڙو
″خبريه″ ۽ ٻيو ″انشائيه″. خبريه اهو آهي جنهن ۾
ڪنهن ڳالهه بابت پوري خبر ڏنل ۽ صفائي ٿيل هجي، ۽
″انشائيه″ اهو آهي جنهن ۾ اهڙا گڏيل لفظ ڪم آيل
هجن، جن ۾ اهڙي صفائي نه هجي ۽ شڪ هجي. مگر
ڳالهائيندڙ جي خواهش معلوم پئي ٿئي. پوءِ ″خبريه″
جا ٻه قسم ڪندا آهن: هڪڙو ″اسميه″ ۽ ٻيو ″فعليه″،
جن جا مثال مٿئين فقري ۾ آيا آهن ۽ انشائيه جا
گهڻائي قسم ڪندا آهن جن ۾ امر يا نهي يا ندا يا
عجب قسم يا دعا يا ″استفهام″ هوندو آهي. جيئن ته:
″هي ڪم ڪر″، ″هوڏي نه وڃ″، ″اي قاسم! اهو ڪم متان
ڪرين″، ″قاسم ڪهڙو نه چڱو ماڻهو آهي″، ″قسم آهي ته
مون اهو ڪم نه ڪيو آهي″، ″شل تون سدائين سکيو
هجين″، ″تو هن کي ماريو يا نه؟″
اهو ذڪر ″مفرد″ جملي جو آهي. هاڻي مرڪب جملن جا به
مضمون، جي نظر تي گهڻائي قسم آهن، جيئن ته
″شرطيه″، ″وصفيه″، ظرفيه″، ″معطوفيه″، ″معترضه″ يا
″موصوله″، ″معلله″ يا ″سببيه″ هر هڪ جو مثال هيٺ
ڏجي ٿو:
″شرطيه″ اهو آهي جنهن ۾ ″شرط″ هجي ۽ پٺيانس
″جـَـزا″ هجي ۽ منجهس حرف ″شرط″ جو ڪم آيل هجي،
جيئن ته ″جيڪڏهن اهو ڪم ڪندين ته نقصان پهچندئي.″
اتي پهريون جملو ″شرط″ آهي ۽ ٻيو ″جـَـزا.″
″وصفيه″ اهو آهي جنهن ۾ مبتدا بابت ڪا صفت
ڏيکاريل هجي جيئن ته ″ايران جا پڙهيل ۽ ديندار
ماڻهو عالم هوندا آهن، جن کي مجتهد سڏيندا آهن.″
″ظرفيه″ اُهو آهي جنهن ۾ ڪنهن قسم جو ظرف ڪم آيل
هجي. جيئن ته ″سڀاڻي آءٌ مڪان ويراهه ۾ وڃي شڪار
ڪندس.″
″معترضه″ يا ″موصوله″ اُهو آهي جنهن ۾ ″ضمير
موصول″ ۽ ″جواب موصول″ ظاهر يا لڪل ڪم آيل هجي.
جيئن ته: ″جو ماڻهو ڪالهه هتي آيو هو، سو اڄ به
وري آيو.″ ″منهنجو پٽ خدا وڏي ڄمار ڏئيس، ٻارهن
ورهين جو اچي ٿيو آهي.″
″معطوفيه″: اُهو آهي جنهن ۾ مبتدا يا خبر ۾ هڪ کان
وڌيڪ لفظ هجن ۽ اهي حرف ″عطف″ يعني ۽ سان ڳنڍيل
هجن جيئن ته ″احمد ۽ قاسم ۽ اسماعيل هتي آيا ۽ سبق
وٺي موٽي هليا ويا.″
″معلله يا سببيه″ اُهو آهي جنهن ۾ هڪڙو جملو ٻئي
جو سبب هجي ۽ حرف ″علت″ يا ″بيان″ يعني ″ته″،
″يا″، ″تنهنڪري″، وغيره ڪم آيل هجي. جيئن ته: ″ظلم
نه ڪر ته خدا جي مار نه پوئي.″ ″هو علم وارو آهي
تنهن ڪري جتي ڪٿي مانُ لهندو.″
جملن جي مٿين تقسيم عربيءَ ۽ پارسيءَ نحو وارن
موافق آهي، پر ڪي نحو وارا زيادهه آسان تقسيم ڪندا
آهن، جا انگريزي تقسيم وانگي آهي، تنهن ڪري اها
زيادهه پسنديءَ جهڙي آهي. اُها هيءَ آهي:
جملا ٽن قسمن جا آهن: ″مفرد″، ″مرتب″ ۽ ″مرڪب″.
مفرد جملو اهو آهي جنهن ۾ فقط ″مبتدا″ ۽ ″خبر″ هجن
جيئن ته: ″پکي اُڏامن ٿا″. ″مرتب″ جملو اُهو آهي
جنهن ۾ هڪڙو مک جملو هجي ۽ ٻيا انهيءَ تي تعلق
رکندڙ هجن. جيئن ته: ″تون روانو ٿيندين، تنهن کان
اڳي آءٌ توکي ڏسندس.″ ″مون کي انتظار آهي ته
منهنجو پٽ پاس ٿئي.″ ″قاسم جو مون کي ڪالهه گڏيو،
تنهن چيو ٿي ته سندس ڀاءُ، جو اڳئين هفتي ۾ بمبئي
روانو ٿيو هو، سو اچي پهتو آهي.″ ″مرڪب″ جملو اُهو
آهي جنهن ۾ ٻه يا زيادهه ″مفرد″ جملا يا ″فقرا″
هجن ۽ اُهي هڪ ٻئي تي تعلق نه رکندا هجن پر ڪنهن
حرف ″جملي″ يا حرف ″عطف″ وغيره سان ڳنڍيل هجن.
جيئن ته: ″هو ڇوڪرو هوشيار آهي، تنهن ڪري پاس ٿيو
آهي.″ ″احمد پنڌ هليو ۽ محمد گهوڙي تي چڙهيو.″ ″هو
پڙهي ڄاڻي پر لکي نه ڄاڻي.″ ″سپاهين کي يا جنگ کٽڻ
گهرجي يا مرڻ گهرجي.″
انهيءَ تقسيم مان ڏسڻ ۾ ايندو ته مٿي ڏنل ″مرڪب″
جملن جي قسمن مان ڪي ″مرڪب″ قسم جا آهن ۽ ڪي
″مرتب″ قسم جا.
هاڻي اسين نحو جا ڪي قانون ڏينداسين، جن موجب جملا
ٺهن ٿا ۽ جن تي نحوي ″ترڪيب″ ۽ ″تفريق″ ٻڌل آهي:
نحو جا يا نحو جي قانونن جا ٽي قسم آهن. ۽ اُهي
(1) مناسبت (2) انتظام (3) ترتيب ٿا ڏيکارين.
″مناسبت″ جي معنيٰ آهي مبتدا ۽ خبر يا جملي جي
لفظن جي جنس، عدد، حالت، زمان وغيره جي نظر تي پاڻ
۾ موافقت.
″انتظام″ اُها طاقت يا اُهو عمل آهي، جو هڪڙي لفظ
جي ٻئي لفظ تي رهي حالت، زمان وغيره ۾.
″ترتيب″ جو مطلب آهي جملي ۾ سڀ ڪنهن لفظ کي پنهنجي
پنهنجي مناسب جاءِ تي رکڻ يا بيهارڻ.
اهي قانون هيٺ ڏجن ٿا:
1.
سنڌي جملي ۾ اڪثر پهرين ″مبتدا″ ٿو اچي، پوءِ
″خبر″. يا پهرين ″فاعل″ ٿو اچي پوءِ ″فعل″ ۽ جي
″فعل متعدي″ آهي ته ″مفعول″ وچ ۾ ٿو اچي، يعني
″فعل″ کان اڳي. هن نسبت ۾ سنسڪرت گرامر موجب
″ڪرتري″، ″ڪرمڻي″ ۽ ″ڀاوي″ پريوگن جو ذڪر انشا
ِّ تعليميءَ
جي ڀاڱي ۾ ڏنل آهي. اُتي به ڏسو ۽ هيٺ قانون 32،
33، 34 ۽ 35 به ڏسو. مگر شعر ۾ اُها يا ٻي ڪابه
ترتيب اڳ پوءِ ٿي سگهي ٿي ۽ ″امر″ يا ″نهي″ يا
″ضمير متصل″ جي حالت ۾ ″فاعل″ يا ″مفعول″ ڳجهو رهي
ٿو.
مثال: ″قاسم وڃي ٿو.″ ″مون ڪتي کي ماريو.″ ″هـوڏي
نه وڃ.″ ″ڪراچيءَ وڃـان ٿو.″ ″ڇو ماريو اٿئيس؟″
2.
جملي ۾ صفت، اسم کان اڳي ايندي آهي جنهن صورت ۾
اها صفت ″ظرف تميز″ جي صورت ٿي وٺي، مگر ″هئڻ″ فعل
جي حالت ۾ پٺيان به اچي ٿي جيئن ته ″چڱو ماڻهو″،
″تکو گهوڙو″، ″هي ماڻهو ڏاهو آهي.″ ″هو گهوڙو تکو
آهي.″
3.
″ظرف″ به جملي ۾ ″فعل″ کان، توڙي صفت کان، توڙي
ٻئي ″ظرف″ کان اڳي اچي سگهي ٿو. جيئن ته: ″آڄ آءٌ
اسڪول ۾ ويندس.″ ″هـُـو آهستي هليو ويو.″ ″تمام
چڱو ماڻهو.″ ″بلڪل ڍرو ٿو هلين.″
4.
حرف ″جر″ اسم جي پٺيان ٿو اچي جيئن ته: ″مون کان″
″ڪتاب ۾″ ″هن سندو″، پر ″متصل ضميرن″ جي حالت ۾
اڳيان به ٿو اچي. جيئن ته: ″کانئم″، ″سندس″.
5.
حرف ″ندا″ اسم جي اڳيان ٿو اچي جيئن ته ″اي يار″،
″اڙي ڇوڪرا″.
6.
حرف ″جملو″ يا حرف ″علت″ يا حرف ″بيان″، جي ٻن لفظن يا ٻن جملن کي
ڳنـڍين ٿا، سي انهن جي وچ ۾ ايندا آهن، جيئن ته:
″احمد ۽ محمد آيو″. ″هو به آيو پر جلد هليو ويو.″
″هن چيو ته آءٌ هتي ڪين ٽڪندس.″
7.
جملي ۾ ″فعل″، ″فاعل″ سان ″جنس″ ۽ ″عدد″ ۽ ″ضمير″ ۾ موافقت ٿو
رکي. جيئن ته ″مڙس آيو″، ″زال آئي ″، ″مڙس آيا″،
″زالون آيون″، ″آءٌ آيس″، ″اسين آياسين″، ″آءٌ
آيس″، ″اسين آيونسين″ وغيره. ڪن حالتن ۾ فعل،
مفعول موجب، ۽ ڪن ۾ فاعل ۽ مفعول ٻنهي موجب به
مٽبو آهي. جيئن هيٺ قانون 32 ۽ 35 ڏنل آهي.
8.
واحد فاعل لاءِ فعل به واحد گهرجي مگر عزت ۽ تعظيم
جي فاعل کي جمع ڪري، فعل به جمع ڪندا آهن، جهڙو
اسم جي حالت ۾ تهڙو ضمير جي حالت ۾. جيئن ته پير
صاحب جن آيا ۽ فرمايائون: ″سائين! اوهين ڪير
آهيو؟″ پاڻ فرمايائون ته........ ساڳيءَ طرح وڏا
ماڻهو پاڻ کي ″اسين″ ڪري ڳالهائيندا آهن ۽ ″مصنف″
به ائين ڪندا آهن.
9.
جڏهن مصدر ″فاعل″ آهي، تڏهن ″فعل″ ″مذڪر واحد غائب″ ٿو ٿئي. جيئن
ته ″رحم ڪرڻ چڱو آهي.″
10.جڏهن
″فاعل″ اهڙو اسم آهي جو جماعت يا گهڻو تعداد ٿو
ڏيکاري، تڏهن فعل انهن جي ″جنس″ ۽ ″عدد″ موجب ٿو
رهي. جيئن ته: ″لشڪر ڀڄي ويو.″ ″مجلس گڏ ٿي.″
″ماڻهن جون جماعتون اچي گڏ ٿيون.″ ″سرڪار رحم واري
آهي.″
11.ڪتاب
جو يا ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو نالو ″جمع″ ۾ هوندو ته به
″فعل″ ″واحد″ ۾ ايندو. جيئن ته ″انسان جا فرض″
ڪتاب، اصل هڪڙي انگريزي مصنف جو لکيل آهي.
12.گهڻا
″فاعل″ جي حرف ″عطف″ سان ڳنڍيل آهن، تن جو ″فعل″
جمع ۾ ايندو آهي. جيئن ته ″احمد، محمد ۽ قاسم اڄ
آيا آهن.″
13.گهڻا
فاعل جن جي وچ ۾ ″حرف استثنا″ يا ڌار ڪرڻ وارا حرف
آيل آهن، سي فعل ″واحد″ ٿا وٺن. جيئن ته احمد يا
محمد غلط آهي. ″نڪي احمد هوشيار آهي نڪي محمد.″
14.گهڻن
فاعلن جي حالت ۾ اڪثر ″فعل″ جنس ۽ ″عدد ۽ ضمير″ ۾
پوئين فاعل موجب اچي ٿو. جيئن ته: ″احمد ۽ سندس
دوست آيا.″ ″احمد ۽ سندس مائٽياڻيون آيون.″ ″احمد،
محمد ۽ قاسم جي زال هتان لنگهي ويئي.″ ″احمد يا
سندس سنگتي فسادي ماڻهو آهن.″
15.جڏهن
گهڻن فاعلن ۾ ڪو ضمير به هوندو آهي، تڏهن فعل
انهيءَ ضمير جي ″جمع″ جي صورت وٺندو آهي. جيئن ته:
″تون ۽ تنهنجا سنگتي ڇو آيا آهيو؟″، ″آءٌ ۽ منهنجا
مائٽ ڪالهه هتي آيا هئاسين.″
16.″مضاف
به″، ″صفت″، وانگي ″مضاف اليه″ جي اڳيان ايندو
آهي، مگر هئڻ ۽ ٿيڻ فعل جي حالت ۾ پٺيان به ايندو
آهي. جيئن ته ″هي منهنجو گهوڙو آهي.″ ″هي گهوڙو
منهنجو آهي″.
17.″مضاف″
جنس، عدد ۽ حالت ۾ ″مضاف اليه″ وانگي ٿو رهي، جيئن
ته ″منهنجو گهوڙو، منهنجي گهوڙي، منهنجا گهوڙا،
منهنجيون گهوڙيون، منهنجي گهوڙي کي، منهنجين
گهوڙين سان″.
18.اسم
يا ضمير جي صورت، حالتن موجب ڦري ٿي. جڏهن ڪو ″حرف
جر″ يا حرف ″اضافت″ انهن سان لڳي ٿو، تڏهن اُهي
عام صورت ۾ رهن ٿا نه ته اصل صورت ۾. جيئن ته حالت
فاعلي ۽ مفعوليءَ ۾ ″ڪتو آيو″ ۽ ″مون ڪتو ماريو″ ۽
حالت جريءَ يا اضافت ۾ ″ڪتي ۾، ڪتي جو ۽ ڪتي کي″.
اصل صورت ۾ ″آءٌ، اسين، تون، توهين، هو، ڪتو، ٻلي،
ڪدو″ ۽ عام صورت ۾ ″مون، اسان، تو، اوهان، ڪتي،
ٻليءَ، ڪدوءَ″ ۽ ٻين ضميرن جا مثال اصل صورت: ″هي،
ڪير، جو، سو، ڪو″. عام صورت: ″هن جمع هنن، ڪنهن
جمع ڪن، جنهن جمع جن، تنهن جمع تن.″
19.صفت،
جنس، عدد ۽ حالت ۾ موصوف يا لاڳو اسم وانگي ٿي
ڦري، مگر جي ڪو پارسي يا عربي لفظ صفت جو هوندو ته
اهو نه ڦرندو. جيئن ته تکو گهوڙو، تکي گهوڙي، تکا
گهوڙا، تکيون گهوڙيون، تکي گهوڙي جو تيز گهوڙو،
تيز گهوڙي، تيز گهوڙا، تيز گهوڙيون، تيز گهوڙي جو.
20.سنڌيءَ
۾ ڪڏهن ڪڏهن صفت اسم وانگي به ڪم ايندي آهي. خاص
جمع جي حالت ۾ جيئن ته: ″چڱا چون سا مڃجي″. ڏاهن
چيو آهي ته ″سچ ڳالهائجي″ ۽ ظرف وانگي به ڪم ايندي
آهي، جيئن ته: ″تکو ڪپ″ ۽ ″ڪپ تکو ٿو هلي″، ″جهاز
ضعيفن جو پاڻيءَ ۾ پرتوءِ.″
″ستا
اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري″
″اونهي ۾ اڌ ڪيو، دليلن دلو″
″کارو جي کيڙين، سيئي منهنجا سپرين″
21.ضمير،
جن اسمن سان لاڳو آهن، تن موجب ″جنس″ ۽ ″عدد″ ۽
″حالت″ وٺن ٿا. جيئن ته: ″جو ماڻهو″، ″جا زال″،
″جي مڙس″، ″جي زالون″. ساڳيءَ طرح ″ڪو، ڪا ۽ ڪي″،
″هي، هيءَ، هن، هنن″، ″ڪيرُ، ڪيرِ″ ڪنهن، ڪن.″
22.موصول
۽ جواب موصول يا ٻيون ضميري صفتون جواب رکن ٿيون،
تن مان پهرين ″موصول″ اچي ٿو، پوءِ جواب، مگر
تاڪيد يا زور ڏيڻ جي حالت ۾ جواب پهرئين آڻبو آهي.
جيئن ته ″جو ڪتاب مون توکي ڏنو آهي، سو هي آهي.″
″جڏهن تون مون وٽ ايندين، تڏهن هي ڪتاب توکي
ڏيندس.″ ″هي ڪتاب اُهو آهي جو مون توکي ڏنو هو.″
″هي ڪتاب توکي تڏهين ڏيندس، جڏهن تون مون وٽ
ايندين.″
23.ضمير
″استفهام″ فاعل هجي يا مفعول، ته به اڪثر شروع ۾
ٿو اچي خاص، تاڪيد يا زور ڏيڻ لاءِ، جيئن ته ″ڪير
ٿو چوي ته اهو ڪم مون ڪيو آهي؟″ ″ڪنهن کي طاقت آهي
ته اهڙو ڪم ڪري؟″ ″ڇو اهڙو ڪم ڪجي جو پوءِ
پڇتائجي؟″ ″ڪيڏانهن ٿو وڃين؟″
24.اسم
مفعول صفت وانگي ڪم اچي ٿو ۽ اسم جي اڳيان اچي ٿو
۽ جنس، عدد ۽ حالت ۾ انهن وانگي ڦري ٿي جيئن ته
رڌل ماني، ڦاٽل ڪتاب، سبيل ڪپڙا.
25.اسم
حاليه، اسم استقبال ۽ ماضي معطوفي اڪثر فعل کان
اڳي ايندا آهن. جيئن ته: ″هو رستي تي ڪتاب پڙهندو
پي ويو.″ ″آءٌ اڄ ٻاهر وڃڻو آهيان.″ ″ڪتو ماني
کائي، ٽڪر وات ۾ جهلي، ڀڄي ويو.″
26.فعل
جا زمان جملن ۾ ترتيب وار اچڻ گهرجن، يعني وقت جي
اڳي ۽ پوءِ جي نظر رکڻ گهرجي. جيئن پهرين حال،
پوءِ حال مدامي ۽ مستقبل يا پهرين ماضي مطلق، پوءِ
ماضي بعيد، پوءِ ماضي مدامي. مثال: ″هن چيو ته آءٌ
ڪالهه هتي آيو هوس.″ ″هن مون کي هڪڙو ڪتاب ڏنو جو
هن ڪراچي مان ورتو هو.″ ″هو چوي ٿو ته آءٌ هي ڪم
ڪندس.″
27.جڏهن
هڪڙو جملو ٻئي تي تعلق رکي، تڏهن انهن جي فعلن جو
زمان هڪ جهڙو هئڻ گهرجي. جيئن ته ″جيڪڏهن تون محنت
ڪندين ته فائدو حاصل ڪندين.″ ″جڏهن هن محنت ڪئي،
تڏهن ايترو فائدو حاصل ڪيائين.″ ″هن مون کي اُها
ڳالهه ٻڌائي جا ٻين کان ٻڌي هئائين.″
28.ڪيل
ڳالهه بيان ڪرڻ لاءِ اُهي ساڳيا لفظ ساڳئي زمان ۾
ڪم ايندا آهن ۽ حرف بيان ″ته″ انهن جي اڳيان
وجهندا آهن. جيئن ته: ″هن چيو ته آءٌ ائين ڪين
ڪندس.″ ″هو چوي ٿو ته آءٌ ائين ڪين ڪندس.″ اڪثر
اهڙن جملن جي شروع ۽ پڇاڙيءَ ۾ ” “ هي نشانيون
ڏيندا آهن، جيئن ته شاهه فرمايو آهي ته ″جيڪي
فراقان سو وصالان نه ٿئي.″
29.انڪاري
جملن ۾ حرف انڪاري فعل جي اڳيان ايندا آهن. جيئن
ته ″هي ڪم نه ڪر.″ ″آءٌ اِهو ڪم ڪين ڪندس.″
30.حرف
انڪاري اڪثر سوال ۽ عجب جي حرفن سان ٻه ڪم ايندا
آهن، جيئن ته ″ڇو نه ٿو ائين ڪرين؟″ ″ڪهڙو نه خراب
ڪم ڪيو اٿس.″
31.جو
اسم فعل ″معروف″ جي حالت ۾ مفعول آهي، سو فعل
″مجهول″ جي حالت ۾ فاعل ٿو ٿئي. جيئن ته ″ڇوڪر
جهرڪي ماري″، ″جهرڪي ڇوڪر هٿان مارجي ويئي.″
32.جملي
۾ جيڪڏهن فعل متعدي ″معروف″ ڪم ايندو ۽ فعل جا
زمان اسم ″مفعول″ مان جڙيل هوندا ۽ ″مفعول″ ۾ حرف
کي نه هوندو، ته اهڙو فعل عدد ۽ جنس ۽ ضمير ۾
مفعول موجب ڦرندو، جنهن کي ″ڪرمڻي پريوگ″ يا ″صورت
تابع المفعول″ چوندا آهن. جيئن ته ″مون گدرو
کاڌو.″ ″مون ماني کاڌي.″ ″مون پنج گدرا کاڌا.″
″مون ٻه مانيون کاڌيون.″
33.جملي
۾ جيڪڏهن ″فعل متعدي معروف″ ڪم ايندو ۽ فعل جا
زمان ″اسم مفعول″ مان جڙيل نه هوندا ته اهڙو فعل،
″جنس″ ۽ ″عدد″ ۽ ″ضمير″ ۾ فاعل موجب ڦرندو جنهن کي
″ڪرتري پريوگ″ يا ″صورت تابع الفاعل″ چوندا آهن.
جيئن ته ″آءٌ ماني کان ٿو.″ ″آءٌ گدرو کان ٿو.″
″ڇوڪرُ ماني کائي ٿو.″ ″ڇوڪرَ ماني کائن ٿا″ ۽
″ڇوڪريون ماني کائن ٿيون.″
34.جملي
۾ جيڪڏهن ″فعل لازمي″ يا ″متعدي مجهول″ هوندو، ته
اهڙو فعل جنس ۽ عدد ۽ ضمير ۾ ″فاعل″ موجب ڦرندو
يعني ″صورت تابع الفاعل″ يا ″ڪرتري پريوگ″ ۾
هوندو. جيئن ته ″ڪتو ڊوڙي ٿو″، ″ڪتي ڊوڙي ٿي.″
″ڪتا ڊوڙن ٿا.″ ″ڪتيون ڊوڙن ٿيون.″ ″ڪتو مارجي
ويو.″ ″ڪتي مارجي ويئي.″ ″ڪتا مارجي ويا.″ ″ڪتيون
مارجي ويون.″
35.جـمـلي
۾ جيڪڏهن فعل ″متعدي معروف″ ڪم آيل هجي، ۽ ″زمان″
″اسم مفعول″ مان جڙيل هجن، ۽ مفعول ۾ حرف ″کي″ به
ظاهر هجي ته اهڙو فعل ″جنس″، ″عدد″ ۽ ″ضمير″ ۾ نڪي
فاعل موجب ۽ نڪي مفعول موجب ڦرندو. يعني ″صورت
مختار″ يا ″ڀاوي پريوگ″ ۾ رهندو، جيئن ته ″مون ڪتي
کي ماريو.″ ″تو ڪتي کي ماريو.″ ″ڇوڪر ڪتي کي
ماريو.″ ″ڇوڪرن ڪتي کي ماريو.″ ″مڙس ڪتي کي
ماريو.″ ″زالن ڪتي کي ماريو.″
36.هئڻ
فعل جي ڪنهن به زمان ۾ ٻه فاعل ٿي سگهندا آهن ۽
ٻئي فعل جي اڳيان ايندا آهن. جيئن ته ″احمد حڪيم
آهي.″ ″منهنجو ڀاءُ آڳبوٽ جو ڪپتان هو.″
37.ٻه
انڪاري لفظ يا حرف هڪ ٻئي جو اثر وڃائي ٿا ڇڏين ۽
انڪار جي بدران اثبات جي معنيٰ ٿا ڏيکارين، جيئن
ته ″ائين نه آهي ته هو دولتمند نه آهي.″ مطلب ٿيو
ته ″هو دولتمند آهي.″
38.ڪن
فعلن جي حالت ۾ فاعل اڪثر ڳجهو رهندو آهي. هڪڙو
″امر حاضر″ ۾ جيئن ته ″هليو وڃ″، ″وڃي سمهه″. ٻيو
جمع غائب ۾، جيئن ته ″ڳالهه ڪندا آهن ته″، ″چيو
اٿن ته″. ٽيون ضمير خالص ۾ جيئن ته ″وڃان ٿو″، ″ڇو
ماريو اٿئيس؟″
39.ڪي
ڪي فعل لازمي به مفعول وٺن ٿا، پر آهن ساڳئي فعل
مان نڪتل جيئن ته: ″هو چڱي چال چليو آهي.″ ″چڱي
ڊوڙ ڊڪيو آهي.″ ″خواب ڀـُـل ڀـُـليو آهي.″ ″هو
ڪافرن جو موت مئو آهي.″
40.ڪي
فعل ″متعدي″ ٻه ″مفعول″ وٺندا آهن، جن مان هڪڙو
ٻئي جي حالت يا درجو ڏيکاريندو آهي. جيئن ته:
″احمد خان کي مختيارڪار ڪيو اٿن.″ ″قدرت قاسم کي
شاعر بنايو.″ ″گهڻيءَ مهربانيءَ هن کي ظالم ڪري
ڇڏيو آهي.″
|