سيڪشن: لسانيات

ڪتاب: سنڌي ويا ڪرڻ

باب:

صفحو:13 

باب ٻيو

علم عروض جي بيان ۾

فصل پهريون

عروض ۽ شعر بابت

 

مٿي ڏيکاريو ويو آهي ته ڪلام موزون به ٿئي ۽ ناموزون به، يعني نثر به آهي ۽ نظم به. موزون جي معنيٰ وزن وارو، يعني توريل. تڏهن ڪلام يا ڪلمن يعني لفظن تورڻ لاءِ ڪو ميزان يعني ساهمي گهرجي ته ڪهڙو ڪلام موزون آهي، ڪهڙو ناموزون؟ عروض جو نالو انهيءَ علم تي هن ڪري پيو جو عروض عربي ۾ چوند آهن تنبوءَ جي سرخ کي. جهنگلي عرب ننڍڙن تنبن ۾ رهندا آهن. هڪڙي ڪاٺي سرخ وانگي کوڙي، انهيءَ تي کلن جو ڍڪ ڏيئي گهر جوڙيندا آهن، جنهن کي بيت چوندا آهن. جڏهن تنبوءَ کي سرخ، رسا ۽ ڪلا درڪار آهن، تڏهن هن علم جا اصطلاحي لفظ به عروض (سرخ) سبب (رسو)، وتد (ڪلو) ۽ فاصله (وڇوٽي) بنايا ويا آهن، جن جي معنيٰ هيٺ سمجهائبي. ڪن جو چوڻ آهي ته عروض مڪه معظمه جي نالن مان هڪڙو آهي ۽ هن علم جو باني خليل بن احمد بصري يا ساماني آهي، جنهن مڪي ۾ انهيءَ علم جا قاعدا وڌا ۽ تبرڪ جي ڪري اهو نالو هن علم کي ڏنائين.

شعر لفظ جي عربيءَ ۾ اصل معنيٰ آهي ڄاڻڻ يا سمجهڻ. اصطلاح موجب شعر انهيءَ ڪلام کي چئجي جو وزن ۽ قافيو رکندو هجي ۽ جنهن جا لفظ برابر ۽ مناسب هجن ۽ جي شعر چوندڙ ڪنهن خاص ارادي ۽ قصد سان چوي. چون ٿا ته پهريون شعر جو چوڻ ۾ آيو، سو حضرت آدم سرياني ٻوليءَ ۾ چيو ۽ پنهنجي پٽ هابيل جي مارجڻ جي ماتم ۾ مرثيي وانگي چيائين. قاسم بن سلام بغداديءَ جو چوڻ آهي ته پهريون عربي شعر يعرب بن قحطان چيو جو سام بن نوح جي اولاد مان هو ۽ جو عربي ٻوليءَ جو بنياد وجهندڙ هو. فارسي ٻوليءَ ۾ پهريون شعر عجم جي مشهور بادشاهه بهرام گور چيو، جنهن کي شڪار ڪندي گهڻي خوشيءَ کان هيٺيون بيت اوچتو وات مان نڪري ويو:

بيت

آءٌ آهيان فيل اُهو مست، اُهو شير يلـھ
نانءُ جنهن جو آهي بهرام، لقب بوجلـھ.

 

ڪن جو چوڻ آهي ته پهريون فارسي شعر حڪيم پهلوان ابوحفص سعدي چيو ۽ اهو هي هو:

بيت

ڪيئن هرڻ هي ڀڄي ٿو برپٽ تي،
ڪيئن وڃي ٿو تکو ٻه هٿ نه رکي.

 

انهيءَ حڪيم کان پوءِ سن 400 هجريءَ ۾ فارسي شعر جو رواج پيو. جڏهن عنصري ۽ عسجدي ۽ فرخي پهريان پهريان مشهور شاعر ٿيا. انهيءَ کان پوءِ سن 500 هه ۾ خاقاني، رودڪي، فلڪي ۽ ٻيا شاعر ٿيا. اهي قديم شعر جا اُستاد هئا ۽ ٻيا پويان سڀ شاعر انهن جي پيروي ڪرڻ لڳا. سنڌي شعر ۾ به پهريان مشهور شاعر شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٿيا، جن جو ڪلام سنڌي بيتن ۾ آهي ۽ غزلن جي بجاءِ وايون يا ڪافيون ڪم آيون. ٽالپرن جي راڄ ۾ ثابت علي شاهه پهرين فارسي وزنن، بحرن ۽ قافين تي شعر چيو ۽ انهيءَ کان پوءِ فارسي شاعرن جي نموني تي ثابت علي شاهه جي پيروي ڪري ٻيا به شعر چوڻ لڳا. عربي ۽ فارسي شعر ۽ سنڌي شعر جي تاريخ بابت مون ڌار ڪتاب لکيا آهن، اهي پڙهڻ گهرجن. هتي مختصر طرح بيان ڏجي ٿو.

تواريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته سڀ ڪنهن ملڪ يا قوم جي شروعات جي تصنيف اڪثر شعر ۾ آهي. اهو پهريون جهنگلي ۽ زباني پئي ٿيو آهي ۽ پوءِ سڌرندو ويو آهي. اڪثر انهيءَ اوائلي شعر جو مضمون بهادري يا جنگ جو بيان يا عشقي قصا يا مذهبي احوال آهي. سنڌ ۾ به ائين ئي ٿيو. نثر کان اڳي پهرين نظم شروع ٿيو يعني شعر، پر سنڌي ٻوليءَ جي بناوت جو اثر شعر تي به پوندو ويو. سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڌيءُ آهي، تنهن ڪري منجهس سنسڪرت جا اصل لفظ گهڻا آهن. جڏهن مسلمانن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن پهرين عربي لفظ ۽ پوءِ فارسي لفظ منجهس پوڻ لڳا. پهرين سنڌي شعر هندي ڀاشا جي دوهرن جهڙو هو. يارهين عيسوي صديءَ ۾ هندستان ۾ عام هو ۽ اهو تيرهين صديءَ تائين هليو. پوءِ هندستان ۾ ڀاشا يا هندي بدلجي اردو ٿي. انهيءَ وقت ڌاري سنڌي به بدلجي ٻي صورت وٺڻ لڳي. اهڙيءَ طرح جيڪو سنڌي شعر پهرين چوڻ ۾ آيو، سو ٻين ملڪن جي شعر وانگي جنگين ۽ قصن بابت هو ۽ اڪثر اڻ پڙهيلن ماڻهن جو چيل هو ۽ اهو ڀـَـٽَ يا چارڻ يا مڱڻهار چوندا هئا ۽ ڳائي پنندا وتندا هئا. راءُ ڏياچ، سسئي پنهون، عمر مارئي، هير رانجهو، سهڻي ميهار، مومل راڻو، دودو چنيسر، ليلان چنيسر ۽ ٻيا قصا انهيءَ قسم جا آهن. ساڳئي انهيءَ وقت ۾ مداحون، معجزا ۽ مولود به چوڻ ۾ ايندا هئا. پهرين سنڌيءَ ۾ ڀاشا يا هنديءَ وانگي دوهرا يا ڏوهڙا هئا، يعني ٻه مصراعون ساڳيءَ طرز ۽ قافيي تي. ابوالحسن جي سنڌي، مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي، مخدوم ابراهيم جي سنڌي، عبدالرحيم گرهوڙ واري جي سنڌي، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي سنڌي، شاهه عنايت صوفيءَ جي سنڌي، انهن سڀني قديم بزرگن جو ڪلام انهيءَ قسم جو شعر آهي ۽ مضمون اڪثر مذهبي آهن. يا جي قصا آهن ته تصوف يا مذهبي صورت ۾. مثال لاءِ ٻه چار دوهرا يا بيت ابوالحسن جي سنڌيءَ مان ڏجن ٿا:

بيت

جيئرن کي جان ڏئي، مئن کي مرهي،
ايڏا احسان رب ري ٻيو ڪير ڪري.
ات اُپايا پاتشاهه عالم گهڻا الک،
ڪي هلن، ڪي سرن، ڪن ڏنائين پک.
هاڻ سڻ سڄاڻ تون هينئي جي ڪنن،
ته صحي پڇبو سڀڪو ڪارڻ پاڻ ڪمن.

 

(شاهه ڪريم جي سنڌيءَ جو مثال هيءُ آهي:)

بيت

هنيون ڏجي حبيب کي، لـڱ گڏجن لوڪ،
کـُـڏيون ۽ کروتون، ايءُ پڻ سڳر ٿوڪ.
مـُـٺِ ڀيڙيائين ڀلي، جي اُپٽين ته واءُ،
جم پڌر وڌيئي ڳالهڙي، ته ڇڏي وڃي ساءُ.

 

اهو سنڌي شعر سترهين عيسوي صديءَ تائين هليو. پوءِ ٻن مصراعن جي بدران گهڻيون مصراعون ساڳئي وقت ۾، ساڳئي قافيي تي چوڻ ۾ آيون. مثال لاءِ مخدوم عبدالصمد جي ڪتاب بيان العارفين مان ٽڪر ڏجي ٿو:

بيت

هاڻي هنيان پوءِ ٿو سو ڪري بيانا،
۽ ٿو فرمائي اُن رسالي ۾ ڪري اعلاما:
ته جڏهن رسالو فارسي آءٌ ڪندس تماما،
تڏهن مور نه رهندو مخفي طالبن ڪنا.

 

ڪڏهن وري بند بند جي پٺيان ساڳي مصراع وري وري آڻيندا هئا، جيئن جمن چارڻ جي مداح جو هي بند:

بند

جمن چوي جاهل آهيان،
ڪـِـرتن ڪچو ڪاهل آهيان،
 

تو در سندو سائل آهيان،
يا پير پيران بادشاهه.

 

(ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي جي مدح جو بند:)

بند

آهيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا! سڏ سڻين تون،
پسي پاڻ، ڪرم ساڻ، ڏکيا ڏاڻ، ڏئين مون،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻين تون.

 

سرفراز کي اداس، آهي آس، اوهان ڏهون،
ره راس، بند خلاص، خوبي خاص، ڏئين مون.

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻين تون.

 

اهو آهي نج سنڌي شعر جو اوائلي نمونو، جو عيسوي تيرهين صديءَ تائين هليو. ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام ظاهر ٿيو، سو مٿين دوهرن يا بيتن جي نموني جو هو. ٿوري گهڻي ڦير گهير سان ۽ منجهس ڳائڻ لاءِ وايون وڌيون ويون، جي پوءِ ڦري ڪافيون ٿيون. شاهه جي بيتن ۽ واين جي مثالن ڏيڻ جو ضرور ڪونهي. سندس رسالي ۾ موجود آهن. ڪافين بابت هيٺ به ذڪر ڪبو.

انهيءَ نج سنڌي، اوائلي ۽ سڌريل شعر جو استاد شاهه صاحب شمار ٿيل آهي. انهيءَ وقت توڙي پوءِ جا ٻيا شاعر سندس پيروي ڪرڻ لڳا ۽ اڃا تائين به انهيءَ نموني جو شعر چوڻ ۾ اچي ٿو. اگرچ ٿورو سچل فقير درازن واري انهيءَ جي پيروي ڪندي، سرائڪي ٻوليءَ جا بيت به آڻي وڌا ۽ واين جي بدران ڪافيون وڌائين ۽ سندس شاگرد به ائين ڪندا آيا، جيئن ته يوسف فقير کوکر، گهرام جتوئي، عثمان چاڪي ۽ خير محمد جسڪاڻي. يوسف فقير توڙي روحل ۽ مراد فقير ڪنڊڙيءَ وارن ته سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ کان سواءِ هندي ڀاشا ۾ ڪلام، ٻاڻين جي صورت ۾ به چيو آهي، جنهن ڪري گهڻا هندو سندن مريد ٿيا. روحل فقير جي اهڙي ڏوهڙي جو نمونو هي آهي:

بيت

جل ڀيتر اڪ اُگن جلت هئي، اجواڙا بن ڏيوي،
انبرت ڌارا امين پڙت هي، کوجن ورلا پيوي.
پريم پياس لڳي اُرانتر، اور ڪڇو نهين ڀاوي،
ديهڙي ڀيتر الک پراجي، جو کوجي سو پاوي.

 

سنڌي بيتن ۾ ڪن هندو شاعرن به چڱو ڪلام چيو آهي، جيئن ته لعلو ڀڳت جو ڪامسين ڪامروپ وارو قصو ۽ سامي مينگهراج يا سندس ٻالڪي، ڀائي چئن راءَ شڪارپوريءَ جا سلوڪ.

اهو اڳوڻو نج سنڌي شعر جو عرصو ڪلهوڙن جي صاحبي ۽ ٽالپرن جي صاحبيءَ جي اڌ تائين هليو، يعني ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين. پوءِ ايران سان زياده آمد رفت هئڻ ڪري ۽ فارسي زبان زور وٺڻ ڪري، فارسي شعر جو نمونو شروع ٿيو ۽ قصيدا ۽ غزل ۽ مسدس وغيره رواج ۾ اچڻ لڳا. سنڌي شعر فارسي بحرن ۽ وزنن تي چوڻ ۾ آيو. انهيءَ وقت ڌاري سيد ثابت علي شاهه اهڙي شعر جو بنياد وڌو. مرثيا، منقبت ۽ ٻيو گهڻو شعر چيائين، جن جا مثال مٿي نظم جي باب ۾ ڏنا ويا آهن. ساڳئي وقت ۾ عشقيه يا مذاحيه يا هجويه غزل ۽ قصيدا به شروع ٿيا ۽ سنڌي الف - بي جي حرفن جي رديف ۽ قافين تي ديوان به لکجڻ لڳا. اهڙو پهرين ديوان خليفي گل محمد هالائيءَ جو آهي، جنهن کي ديوان گل چون ۽ جنهن ۾ اگرچ بحر فارسي آهن، ته به نج سنڌي لفظ گهڻا ڪم آيل آهن. انهيءَ جي غزلن جو نمونو مٿي غزل جي بيان ۾ ڏنل آهي. ٻين سنڌي ديوانن جا نمونا به اتي ڏنل آهن، جو انهيءَ کان پوءِ ڪيترن ئي لکيا، جيئن ته ديوان قاسم، ديوان فاضل، ديوان بلبل ۽ ديوان سانگي وغيره. ثابت علي شاهه جي ڪلام مان مثال به مٿي مسدس هيٺ ڏنا ويا آهن، ڇا لاءِ جو مرثيا اڪثر مسدس يا مربع آهن. ثابت علي شاهه جي تتبع تي به گهڻن مرثيا چيا آهن، جيئن ته آخوند عالم ۽ ڪن ٻين، پر هزهائينس مير حسن علي خان ٽالپر تمام گهڻا ۽ چڱا مرثيا چيا آهن. هاڻي اڪثر سنڌي شعر جدا جدا مضمونن تي فارسي بحرن ۾ چوڻ ۾ ٿو اچي ۽ انهيءَ ۾ ڪي فارسي لفظي ۽ معنوي صفتون به ڪم آڻي سگهجن ٿيون، جن جو بيان هيٺ ايندو. ليڪن هڪڙي صنعت سنڌي شعر جي لاءِ خاص آهي، جا فارسيءَ ۾ ڪم نٿي اچي، پر انگريزيءَ ۾ اچي ٿي، جنهن کي ائليٽريشن چون ٿا، يعني اڪثر ٻه يا وڌيڪ اهڙا لفظ گڏ اچن ٿا، جن جي پهرين حرفن جو آواز ساڳيو آهي. شاهه جي رسالي ۾ ته اهو عام آهي پر اڪثر غزلن ۽ ٻئي قسم جي شعر ۾ به اهڙا لفظ اڪثر ڪم ايندا آهن ۽ گهڻو وڻندا آهن. مثال هي آهن: (پنهنجا)

ڏي صبا سعيو ڪري آڻي سنيهو يار جو،
من موهن منٺار دلبر، دل گهرئي دلدار جو.
عمر ساري
هجر جي هاڃي ڪيو مون کي هلاڪ،
يا الاهي ڪو
دلاسو دوست جي ديدار جو.

 

(ديوان فاضل مان)

ساز سڻ ثابت سدا منجهه آدمين آهي الڀ،
حب جي حقي هوا منجهه آدمين آهي الڀ.

 

(رسالي مان)

ويهه مَ وساري، پڇا ڪرمَ پنڌ جي،
نرمل نهاري، هلنديـُـن تان هٿ ڪيو.
ڏسڻ ڏونڱرين، جو تن کي تسلائي،
مارم مون مائي ته روئي هوت رهائيان.

 

فصل ٻيو

شعر جا اصول، ارڪان، زحاف ۽ بحر

1- اُصول: شعر جا اصول جن مان شعر جا ارڪان جڙندا آهن، سي ٽي آهن: سبب، وتد ۽ فاصله. سبب ٻن قسمن جا آهن: هڪڙو سبب خفيف، ٻيو سبب ثقيل. يعني هڪڙو هلڪو ٻيو ڳرو. سبب خفيف، اهو ٻن حرفن وارو ڪلمو يا لفظ آهي، جنهن جو پهريون حرف متحرڪ ۽ ٻيو ساڪن آهي. جيئن ته: گل مل. سبب ثقيل، اهو ٻن حرفن وارو لفظ آهي، جنهن جا ٻئي اکر متحرڪ آهن. جيئن ته: گل - زرد ۽ مل - سرخ. هتي گل ۽ مل سبب ثقيل آهن. سنڌي مثال: کل، ڪپ. وري وتد به ٻن قسمن جا آهن: هڪڙو وتد مقرون يا مجموع ۽ ٻيو وتد مفروق يعني هڪڙو ڌار ٿيل، ٻيو گڏيل. وتد مقرون يا مجموع اهو ٽن حرفن وارو ڪلمو يا لفظ آهي، جنهن جا پهريان ٻه حرف متحرڪ آهن ۽ ٽيون ساڪن. جيئن ته: وفا - جفا. وتد مفروق اهو سه حرفو لفظ آهي، جنهن جو پهريون ۽ پويون اکر ٻيئي متحرڪ آهن ۽ وچون ساڪن آهي. جيئن ته: باب - تاب.

ساڳيءَ طرح فاصله جا ٻه قسم آهن: هڪڙو فاصلــھ صغري ۽ ٻيو فاصلو ڪبريٰ. يعني هڪڙو ننڍو ۽ ٻيو وڏو. فاصله صغريٰ اهو چئن حرفن وارو لفظ آهي، جنهن جا پهريان ٽي حرف متحرڪ آهن ۽ چوٿون ساڪن آهي. جيئن ته سحري - ادبي ۽ فاصله ڪبريٰ اهو پنجن حرفن وارو لفظ آهي، جنهن جا پهريان چار حرف متحرڪ آهن ۽ پنجون ساڪن آهي. جيئن ته: متحرڪ - مٺگهرو.

2- ارڪان: شعر جا ارڪان يا ٿنڀ، جن تي شعر جا بحر بيهندا آهن، سي مڙئي اٺ آهن، جي مٿين اصولن مان مرڪب ٿيل يا جڙيل آهن. اُهي اٺ ارڪان هي آهن: فعولن، فاعلن، مفاعيلن، مستفعلن، مفاعلتن، مفتاعلن، فاعلاتن ۽ مفعولات. انهن ارڪانن جي حرڪتن مان معلوم ٿيندو ته ڪهڙن قسمن جا سبب ۽ وتد هر هڪ ۾ ڪم آيل آهن؟ مثلا: فعولن مان فعو وتد مقرون آهي ۽ لن سبب خفيف آهي. ساڳيءَ طرح فاعلن ان جي برخلاف آهي. يعني پهرين فا، سبب خفيف آهي ۽ پوءِ علن وتد مقرون آهي. يادگيريءَ جي لاءِ اسين متحرڪ اکر جي نشاني ″″ هيءَ مقرر ڪنداسين.

متحرڪ ۽ ساڪن گڏيل حرفن جي ’—‘ هيءَ نشاني مقرر ڪنداسين ته فعولن جون نشانيون هي ٿينديون: -’- ۽ فاعلن جون هي: -’- اهڙيءَ طرح ٻين ارڪانن جون نشانيون به لکي سگهبيون. اهي نشانيون شعر جي تقطيع ۾ هيٺ ڪم اينديون.

بيت جي پهرينءَ مصرع جي پهرئين رڪن کي عروض چوندا آهن ۽ ٻي مصرع جي پهرئين رڪن کي ابتدا. پهرين ۽ ٻي مصرع جي پوئين رڪن کي ضرب ۽ وچ وارن رڪنن کي حشو سڏيندا آهن.

جيئن اصولن مان ارڪان ٿا ٺهن، تيئن وري ارڪانن مان شعر جا بحر ٿا ٺهن. شعر جا بحر مڙيئي اوڻيهه آهن، انهن مان زيادهه رواج ۾ يارهن ٿا اچن انهن مان ڇهه بحر رجز، رمل، ڪامل، متدارڪ، متقارب ۽ هزج اهڙا آهن، جن ۾ هڪڙو ئي رڪن گهڻا ڀيرا ڪم اچي ٿو. ٻيا پنج بحر خفيف، سريع، مجتث،  مضارع ۽ منسرخ اهڙا آهن، جي ٻن رڪنن جي وري ڪم آڻڻ سان جڙن ٿا. انهن کان سواءِ باقي اٺ، جي گهٽ رواج ۾ اچن ٿا، سي هي آهن: طويل، مديد، بسيط، وافر، مقتضب، جديد، قريب ۽ مشاڪل. انهن بحرن مان پنج يعني طويل، مديد، بسيط، وافر ۽ ڪامل خاص عرب شاعر ڪم آڻيندا آهن ۽ فارسيءَ ۾ گهڻو ڪم نه ايندا آهن ۽ باقي ٽي يعني جديد، قريب ۽ مشاڪل خاص فارسي شاعر ڪم آڻيندا آهن ۽ عرب اڪثر ڪم نه آڻيندا آهن. باقي يارهن بحر عرب ۽ عجم جا شاعر ڪم آڻيندا آهن.

3- زحافات: ڪن بحرن ۾، هر هڪ بيت ۾ چار ارڪان ٿيندا آهن، جنهن ڪري انهن کي مربع چوندا آهن ۽ ڪن ۾ ڇهه ارڪان هوندا آهن، جنهن ڪري انهن کي مسدس چوندا آهن ۽ ڪن ۾ اٺ، جنهن ڪري انهن کي مثمن چوندا آهن. جتي ساڳيو رڪن سڄو سارو سواءِ گهٽ وڌ جي ڪم ايندو آهي، انهيءَ کي سالم سڏيندا آهن ۽ جيڪي گهٽ وڌ ٿيندا آهن ۽ اڻپورا رهندا آهن، تن کي غير سالم يا مزاحف يعني زحاف وارا چوندا آهن. اهي ارڪانن جا زحاف مڙئي پنجٽيهه آهن، جن مان ٻاويهه ته خاص عربيءَ ۾ ڪم ايندا آهن ۽ باقي تيرهن فارسيءَ ۾ ڪم ايندا آهن. اُهي ڪن حرفن ڪڍڻ سان ۽ ڪن حرفن گڏڻ سان جـُـڙندا آهن، مگر انهن مان گهڻا عرب توڙي عجم جا شاعر ڪم آڻيندا آهن. اهي زحافات ۽ انهن جا نالا هي آهن:

فعولن مان عولن، جنهن جي بدران فعلن، جو اثلم سڏبو آهي.

مفاعيلن مان مفا، جنهن جي بدران فعل، جو مجبوب سڏبو آهي.

مفاعيلن مان فاعيلن، جنهن جي بدران مفعولن، جو آخرم سڏبو آهي.

مفعولات مان مفعولا، جنهن جي بدران به مفعولن، جو مڪشوف سڏبو آهي.

مستفعلن مان مستفعلان، جو مذال سڏبو آهي.

فاعلاتن مان فاعلاتان، جو مسبغ سڏبو آهي.

فاعلن مان فا، جنهن جي بدران فع، جو اخذ سڏبو آهي.

فعولن مان فعو، جنهن جي بدران فعل، جو محذوف سڏبو آهي.

فاعلن مان فعلن، جو مخبون سڏبو آهي.

مستفعلن مان مستعلن، جنهن جي بدران مفتعلن، جو مطوي سڏبو آهي.

مفاعلين مان مفاعيل، جو مقصور سڏبو آهي.

فاعلن مان فاعل، جنهن جي بدران فعلن، جو مقطوع سڏبو آهي.

فعولن مان فعول، جو مقبوض سڏبو آهي.

مفاعيلن مان مفاعيل، جو مڪفوف سڏبو آهي.

مفعولات مان مفعولات، جو موقوف سڏبو آهي.

ڪن بحرن ۾ هڪ کان وڌيڪ زحاف ڪم ايندا آهن، ته انهن کي ٻن زحافن وارا نالا گڏي ڏيندا آهن، جيئن ته مخبون مقطوع. پر ڪن جي حالتن ۾ ٻن جي بدران هڪڙو نالو اٿن، جيئن ته آخرم ۽ مڪفوف وارن گڏيلن رڪنن کي اخرب، آخرم ۽ مقبوض وارن کي اشتر، مخبون ۽ مڪفوف وارن کي مشڪول، موقوف ۽ مڪفوف وارن کي مڪسوف، محذوف ۽ مقصور وارن کي اهتم.

فصل ٽيون

شعر جي بحرن جي تقطيع بابت

تقطيع لفظ جي معنيٰ آهي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ. اصطلاحي معنيٰ آهي شعر جي ڀاڱن کي ارڪانن جي وزن تي آڻي بيهارڻ، يعني متحرڪ اکرن سان مقابل متحرڪ ۽ ساڪن اکرن سان مقابل ساڪن بيهاري وڃڻ، جنهن ڪري خبر پوي ته شعر تري پورو بيٺو آهي.

تقطيع جا ڪي ضروري قاعدا هيٺ ڏجن ٿا:

(1) وزن ڪرڻ ۾ حرڪتن ۽ سڪون جي شمار ۽ پوريءَ جاءِ تي اچڻ جي ڳڻتي رکڻ کپي، نه حرفن جي. مثلا: بلبل، طوطي، صندل، سڀ هڪ وزن جا لفظ آهن، جن جو ماڻ آهي فعلن ۽ نشان آهي: ‘- -،.

(2) اُچار يا وات مان نڪتل آواز تي نظر رکڻ کپي، نه لکيل حرفن تي. مثلا: وڃان، کان، هتان ۾ نون غنه يا ساڪن جو چٽو آواز نٿو ٿئي، سو شمار ۾ نه ايندو. ڄڻ ته وڃا، کا ۽ هتا لکيل آهن. لفظ خواب، خود، خويش ۾ واو جو آواز ڪونه ٿو ٿئي، سو شمار ۾ نه ايندو. ڄڻ ته خاب، خد ۽ خيش آهن.

(3) الف مد وارو ٻه الف شمار ۾ ايندو ۽ حرف شد وارو به ٻه حرف شمار ۾ ايندو، جيئن ته آخر، آدم، محرم، محبت: ااخر، اادم، محررم، محببت.

(4) فارسي واري بي اضافت جي، جا اڪثر ڳجهي ٿي رهي، سا لکڻ ۾ ايندي. جيئن ته: راهِ خدا: راهي خدا.

(5) ڪوبه حرف علت يا صحيح جنهن جو آواز چٽو نه نڪرندو، سو شمار ۾ نه ايندو. خصوصا جڏهن ٻه حرف صحيح ساڪن گڏ ايندا، تڏهن پوئين جو آواز شمار ۾ نه ايندو، جيئن ته: گوشت = گوش، پوست = پوس، راست = راس، جان و دل = جان دل، علي الحساب = علل حساب، غيرازتو = غيرزتو، بالمقطعه = بل مقطعه.

هيٺ، مٿي ڏنل بحرن جا وزن ۽ انهن جا مثال ڏجن ٿا:

نالو بحر جو

وزن بحر جو

مثال

1- رجز مثمن سالم

نشان

مطوي مخبون

نشان

2- رمل مثمن مقصور

نشان

            محذوف

نشان

           مشڪول

نشان

مخبون مقصور

نشان

           محذوف

 

 

مسدس مقصور

            محذوف

مخبون مقصور

            محذوف

3- ڪامل مثمن سالم

 

متدارڪ مثمن سالم

 

             اثلم

 

متقارب مثمن سالم

 

     مقصور

      محذوف

    اثلم

 

      مقبوض اثلم

 

 

 

6- مزج مثمن سالم

 

     اخرب مڪفوف          

      محذوف

       مقصور

      مثمن اخرب

         مقبوض

 

 

      اشتر

 

(1)    اخرف مقبوض مڪفوف

   اخرم اشتر مڪفوف

هزج مسدس مقصور

   محذوف

  ″   اخرب مقبوض محذوف

″  ″   ″   مقصور

″   ″    اخرم

 

7- خفيف مسدس

مخبون مقصور

محذوف

8- سريع مسدس

مطوي موقوف

″ ″ مڪشوف

9- مجتث مثمن

مخبون محذوف

″ ″ مقصور

10- مضارع مثمن

اخرب مڪشوف

محذوف

″   ″   ″    مقصور

″    اخرب

 

11- منسرح مثمن

مطوي مڪشوف

″     ″    موقوف

″      محذوف

 

12- وافر سالم

مستفعلن مستفعلن مستفعلن مستفعلن

- -‘ -، -َ -،-َ -َ -

مفتعلن مفاعلن مفتعلن مفاعلن

-،- - -، -، -

فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات

،- -، ،- -، ،-،-

فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن

- - -، ، - -، ، - -، -

فعلات فاعلاتن فعلات فاعلاتن

 

فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلات

 

فعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلن

 

 

فاعلاتن فاعلاتن فاعلات

فاعلاتن فاعلاتن فاعلن

فاعلاتن فعلانن فعلات

فاعلاتن فعلاتن فعلن

متفاعلن متفاعلن متفاعلن متفاعلن

 

 

فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن

 

فعلن فعلن فعلن فعلن

 

فعولن فعولن فعولن فعولن

 

فعولن فعولن فعولن فعولن

فعولن فعولن فعولن فعل

فعلن فعولن فعلن فعولن

 

فعول فعلن فعول فعلن

فعل فعولن فعل فعولن

 

 

مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن

 

مفعول مفاعيل مفاعيل مفعولن

 

مفعول مفاعيل مفاعيل مفاعيل

مفعول مفاعيلن مفعول مفاعيل

مفاعلن مفاعلن مفاعلن مفاعلن

 

فاعلن مفاعيلن فاعلن مفاعيلن

 

مفعول مفاعلن مفاعيل فعول

مفعول مفاعلن مفاعيل فعل

يافع - يافع

 

 

مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل

مفاعيلن مفاعيلن فعولن

مفعول مفاعلن فعولن

مفعول مفاعلن مفاعيلن

 

مفعولن مفعولن فاع

 

فاعلاتن مفاعلن فعلات

فاعلاتن مفاعلن فعلن

 

مفتعلن مفتعلن فاعلات

مفتعلن مفتعلن فاعلن

 

مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن

مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلات

 

مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن

مفعول فاعلات مفاعيل فاعلات

 

 

مفعول فاعلاتن مفعول فاعلاتن

 

مفتعلن فاعلن مفتعلن فاعلن

مفتعلن فاعلات مفتعلن فاعلات

 

مفتعلن فاعلات مفتعلن فاع

 

مفاعلتن مفاعلتن مفاعلتن مفاعلتن

ڏس راند ۾ شطرنج جي پيادو وڃي ٿو ٿئي وزير،
هن عشق جي شطرنج ۾ پيادو وڃي ٿو شاهه ٿئي.
ياد ڪري آءٌ يار کي ڦاڙيان لٽا ۽ سر پٽيان،
دست بڪار، دل بيار، ان تي عمل ٿو آءٌ ڪريان.
دل جي دانا ٿئي ته پوءِ هر ڳالهه ۾ اسرار آهه،
اک جي بينا ٿئي ته پوءِ يوسف به منجهه بازار آهه.

 

ٿيو نصيب جنهن جو اونڌو، سو غني به آهي مفلس،
جو رهي پيالو ڦوٽي جو مٿي درياهه اونڌو.
عشق جي جنگ جا شاهد ٿيا محمود اياز،
ان لڙائيءَ ۾ ٿئي شاهه تي غالب ٿو غلام.
ري مشقت ٿي هلي ڪين فلڪ جي جانڊه،
دل ٿئي پيسي اٽو، جيسين نه ملندي ماني،
علم جنهن کان، هر دو جڳ روشن به ٿئي،
ڏس ته سو رهبر به ٿئي، رهزن به ٿئي.

شاد بندو ٿئي، جو ٿئي آزاد،
تنهنجو بندو ٿيان ته ٿيان آءٌ شاد.

 

ڪريان شڪر منهنجي ٿي عيد اڄ،
             جو سڄڻ سان منهنجو وصال آهه.
ويا غم الم، ٿي نهال دل، ساخوشيءَ کان اڄ خوشحال آهه.
عدل دنيا ۾ آهه ظلم ڪونهي ڪٿي،
جهڙي ڪرڻي هتي، تهڙي ڀرڻي هتي.

پورهيي ڏانهن جو رکندو لاڙو،
سک جو ڏسندو نيٺ ڏهاڙو.

مزو عشق جو ڪجهه اهي ئي ٿا ڄاڻن،
جي نت موت کي پڻ حياتي ٿا ڄاڻن.
ڏکوئج نه دل ڪنهن جي مر هوئي مڇر،
جو هر دل منجهان آهي داور ڏي در.

ڪنهن کي نه گهرجي هت ڪا وڏائي،
هر حال ۾ سا آهي اجائي.

مڙين ٿو مارڻ کان منهنجي ڇو تون،
ڊڄين ٿو ڇو خون منهنجي کان تون.

سو ڪير آهي هتي پڇي جو،
گناهه مون کان، گواهه توکان.

رکان دل جي صفائي ٿو ڪليسا هوئي يا بتخانو،
ڪريان منهن جنهن طرف زاهد اچيو اوڏانهن حرم نڪري
نالو ٿو سدا شعر سخن مان رهي باقي،
بهتر ته خلف آهي چڱو شعر کان ڪو ٻيو.
وارن جي وئي ڪارنهن هشيار ٿيڻ گهرجي،
ٿيو صبح اچي روشن، بيدار ٿيڻ گهرجي.
ٿي غم کان نڪري دل ٻيهر، مگر نه نڪتو دل مان غم،
نه راحت آئي روح کي، ٿو تن مان نڪري دم ۾ دم.
وقت ڇو وڃائين ٿو، ملهه نه ان جو ڄاڻين ٿو،
عمر کي بقا ناهي، مؤجون ڪين تون ماڻين ٿو.
جي ڀانئين ته دلبر رهي راضي تو مان،
تيئن چؤ تون ۽ ڪر، حڪم ڪڍي جيئن واتان.

 

 

 

وجهين توڙي ڪڍين تون ساهه بيشڪ،
ملائڪ جو ٿيو وچ ۾ بهانو.

جي ماءُ رکين ٿو پياري پنهنجي،
ڏي گار نه ٻئي کي، ماءُ تي تون.

 

وعدا سڀ پنهنجا تون پار،
عادت سڀ تون عمدي ڌار.

وقت پيري، شباب جون ڳالهيون،
اهڙيون، جهڙيون ڪ خواب جون ڳالهيون.

 

عقل جنهين کي، سو تونگر ٿيو،
زر ڏئي جنهن نانءُ ڳڌو، خر ٿيو.

 

سواءِ مڪر جي دنيا ۾ ٻي ڪهاڻي ناهه،
سا جاءِ ڪهڙي، جتي گاهه هيٺ پاڻي ناهه.

 

زاهد وسائي مسجد ۽ برهمڻ مڙهي،
ٻانهو انهيءَ جو آهيان، جو دل ۾ ڳڙهي.

 

 

 

ڪهڙي به حال ۾ ڪين بيعقل کي ملي مانُ،
اُبتو ڪرين جي سبتو، ″نادان″ آهي نادان.
حسن جتي تون ڏسين، پاڻ فدا ڪر کڻي،
اک ڏسين جي، سرمو ٿي، زلف ڏسين، ٿي ڦڻي.

 

عمر نه گهرجي جي هجي بخت نه بيدار،
بــخــت نــه گــهــرجــي، جــي مـوافـق نـه هـجي يار.

باقي ٻيا بحر اڪثر فارسيءَ ۾ ڪم نه ايندا آهن، تنهن ڪري اهي ڇڏي ٿا ڏجن.

تقطيع ڪرڻ جو نمونو ۽ مثال هيٺ ڏجي ٿو، جنهن مان معلوم ٿي سگهي ٿو ته ڪو شعر وزن ۾ پورو ۽ سندس سڀ ارڪان برابر آهن.

مثال

آب حيوان جي ڇڏي جنهن طمع، سوئي خضر آهه،
نفس جي ظلمات مان جو نڪتو، اسڪندر اُهو.

 

تقطيع: آب حيوان (فاعلاتن)، جي ڇڏي جنهن (فاعلاتن)، طمع سوئي (فاعلاتن)، خضر آهه (فاعلاتن).

نفس جي ظل (فاعلاتن)، مات مان جو (فاعلاتن)، نڪتو اسڪن (فاعلاتن) در اهو (فاعلاتن)

نشان:  آب حيوان                      جي ڇڏي جنهن

           -.- -                            -.- -

        طمع سوئي            خضر آهي

            -.- -                            -.- -

فصل چوٿون

سنڌي شعر جي وزنن بابت

 

هاڻوڪو سنڌي شعر فارسي بحرن تي ٿو ٿئي ۽ غزل، قصيدا وغيره انهن مان موجود آهن. انهيءَ جي تقطيع به فارسي شعر وانگي ٿي سگهي ٿي ۽ جيڪي قانون علم عروض ۽ قافيي جا فارسيءَ وارا آهن ۽ جن جو هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، سي سڀ انهيءَ سان لاڳو آهن. مگر اصلوڪو نج سنڌي شعر ٻئي قسم جو آهي ۽ انهيءَ کان سواءِ قافيي جون ٻيون ڳالهيون لاڳو ٿي ڪين سگهنديون، اگرچ زور ڪري انهن جي لاءِ ڪوبه وزن مقرر ڪري سگهبو. اصلوڪي سنڌي شعر جو پهريون نمونو ته هندي دوهرن يا ڏوهڙن جو آهي، جو فارسي بيت وانگي ٻن ٻن مصرعن مان ٿو ٺهي ۽ جن جو پڇاڙيءَ جو لفظ هم قافيي آهي. اهڙو شعر شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ۽ ٻين ڪن شاعرن جو آهي ۽ هاڻي به اهو شعر ڪڏهن ڪڏهن چوڻ ۾ ايندو آهي. انهيءَ نموني جا ڪي بيت هيٺ مثال لاءِ ڏجن ٿا:

بيت

ڪشميري هڪ جوان پڻ هو آيو گهوٽ وٽان،
شعر عجب جنهن ٿي چيا، ڏاڍي سوز منجهان.

 

شعر سندس پڻ هو مٺو، ٻيو مٺو وڄيو ٿي ساز،
ڳايئين ٿي پڻ چنگ تي، مٺو سندس آواز.

 

ويهي سو پردي پٺيان، هو کڻندو آکاڻيون،
منهن موچارو هو سندس ۽ اکيون نماڻيون.

 

وڻندي شهزاديءَ کي هئي انهيءَ جي ٻولي،
آيس آرام اُن مان، ڄڻ مليس ٿي لولي.

 

تنهن کان پوءِ وري ٻن کان وڌيڪ مصراعن وارا هم قافيي بيت چوڻ ۾ آيا، جيئن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ آهن. انهيءَ جو به وزن اڪثر اهو ئي ساڳيو آهي. انهيءَ نموني جا ڪي بيت به هيٺ ڏجن ٿا:

بيت

جت زوراور ذات، ماري ويا مسڪين کي،
اُڏائي ويا اوچتو، آريءَ کي اڌ رات،

 

ننڊ ۾ ندوريءَ کي ماري ڪيائون مات،
ووءِ ووءِ وائي وات، هوت وڃايئين هنج مان.

 

هوت وڃايئين هنج مان، رلي ڦري روهه،
پهچائي پنهونءَ وٽ، سائين تنهنجو توهه،

 

ڪچو آءٌ ڪوٺيان ڪيچ ڌڻين کي ڪوهه،
ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه، امر الاهي آئيو.

 

جيئن فارسي بيتن مان هي بيت موافق هئا، تيئن فارسي غزلن سان وري وايون ۽ ڪافيون موافق هيون، جي پڻ وزنن ۾ گهڻو ڪري بيتن جهڙيون هيون ۽ غزل وانگر شاعر جو نالو به پڇاڙيءَ ۾ ايندو هو.

غزلن وانگي اهي به ڳائڻ ۾ اينديون هيون. اُهي اڃا به چوڻ ۽ ڳائڻ ۾ اينديون آهن.

اُنهن کان سواءِ به انهيءَ قسم جو نج سنڌي شعر مداحن، لولين، اوسرن ۽ ٻارن جي راندين جو ٿيندو آهي، جنهن کي حقيقت ڪري شعر چئي نٿو سگهجي، مگر وزن انهيءَ جو به گهڻو ڪري اهڙو ئي آهي.

هاڻي انهيءَ مٿئين شعر جو وزن فارسي ارڪانن ۾ هي ٿي سگهي ٿو:

مستفعلن فاعلن مستفعلن فاع

يا وري، متفعلن متفاعلن مفتعلن مفعول

يا وري، مفاعلين فاعلن مفاعيلن فاع

يا وري، مفعولن متفاعلن مفعولن مفعول.

معلوم هجي ته اوائل جي سنڌي شعر ۾، قديم شاعرن، جيئن ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين، بيت جي ڪن مصراعن ۾ ڪا قرآن جي آيت يا ڪا حديث آندي آهي، جنهن ڪري اها مصراع ٻين مصراعن کان گهڻو وڏي ٿي وڃي ٿي، پر اها لاچاريءَ جي حالت آهي. ٻيءَ طرح اهڙي ڊگهائي ۽ ڇوٽائي روا رکي نٿي سگهجي. اهڙي قديم شعر جون ٻيون به ڪي خاصيتون آهن، جي اسان شاهه صاحب جي احوال ۾ سندس شعر جي بيان ڪندي ڏنيون آهن. اهڙي ڊگهي مصراع واري بيت جو هڪڙو مثال هتي ڏجي ٿو. ٻيون قديم شعر جون ڪي خاصيتون، جي هاڻي شمار ۾ عيب آهن، سي هيٺ ٽئين باب جي ٽئين فصل ۾ ڏبيون.

بيت

ڪونهي قـــــادر ڪـــــو ٻيـــــو انهـــــيءَ جـــــو اڀـــــاڳ،
”قل لن يصيبنا الا ما ڪتب الله لنا هو مولانا“، ايءَ معذرت ماڳ،
ســـــڀـــــوئي ســـــڀـــــاڳ، مـــــاروئـــــي مـــــســـــاوي ڪـــــيو.

 

ڪافيون يا وايون به نج سنڌي شعر آهي، جيئن سنڌي دوهرو يا ٻن مصراعن وارو فارسي بيت يا فود جي مقابل آهي، تيئن سنڌي لوڙائو بيت قطعي جي مقابل آهي ۽ ڪافي يا وائي غزل جي مقابل آهي. ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ مثنوي جي موافق شعر آهي ۽ رسالي ۾ ڪاپائتي جي ترجيع بند جي موافق آهي. گهڻا سنڌي غزل آهن، جي ڪافين وانگي هڪڙي نه ٻئي سر ۾ ڳائي سگهجن ٿا. ڪافي جي لاءِ ڪو خاص بحر مقرر ناهي. اڪثر ڪافيون پهرين ٻن قسمن جون آهن: هڪڙيون يڪيون، ٻيون ڏيڍيون ۽ هر هڪ ۾ ڪڏهن هڪ تڪ هوندي آهي، ڪڏهن ٻه ۽ ڪڏهن ٽي به. پهرين مصراع، ٿل يا وراڻي وانگي وري وري، هر هڪ مصراع پٺيان ڳائبي آهي. هر قسم جا مثال سچل فقير جي رسالي مان ملي سگهندا ۽ واين جا مثال شاهه جي رسالي مان.


(1) هي بحر خاص رعابيءَ جو بحر آهي ۽ انهيءَ جا مڙئي 24 وزن آهن، جن ۾ پڇاڙيءَ جو رڪن مٿي وانگر ڦري ٿو ۽ ٻيو ۽ ٽيون رڪن پهرينءَ صورت ۾ مفاعلن يا مفاعيلن يا مفاعيل يا مفعولن ٿئي ٿو ۽ ٻيءَ صورت ۾ فاعلن يا مفاعيل يا مفعول يا مفاعيلن ٿئي ٿو. رباعيءَ جي ڪابه مصراع انهن مان ڪهڙي به وزن ۾ آڻڻ جائز آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org