سنڌي وياڪرڻ
(ڀاڱو ٽيون)
ديباچو
علم جي تحصيل لاءِ هيٺين علمن جو ڄاڻڻ ضروري آهي:
علم صرف، علم نحو، علم بديع، علم عروض، علم قوافي،
علم بيان، علم منطق، علم معاني ۽ علم مناظره. انهن
مان صرف ته عام آهي ۽ مڪتبن، مدرسن ۽ اسڪولن ۾
شاگردن کي سيکاربو آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾
″گرامر″
۽ هنديءَ ۾
″وياڪرڻ″
سڏيندا آهن. علم نحو به مختصر طرح صرف سان گڏ
سيکاريو ويندو آهي، مگر نحو جي لاءِ ڌار مفصل ڪتاب
اڳي ڪونه هو، جو مون لکيو آهي ۽ انهيءَ جي پوئين
باب ۾ انهن ٻين سڀني علمن جو مختصر بيان ڏنو اٿم
جو نحو جو انهن سان واسطو هو. منطق جو ڪتاب به
سنڌيءَ ۾ منهنجي ڀاءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ علم
بديع جو مفصل بيان آهي، جنهن ۾ نثر ۽ نظم جا قسم
صنايع لفظي ۽ معنوي آندل آهن ۽ علم عروض ۽ علم
قوافيءَ جو بيان مفصل طرح ڏنو ويو آه ي. انهن علمن
تي ڪو خلاصو ڪتاب اڳي سنڌي ۾ ڪونه هو. مون ڪوشش
ڪري فارسي ڪتابن مان ضروري مضمون ڪڍي هتي گڏ ڪيا
آهن ۽ سڀ مثال پنهنجا جوڙي يا پنهنجن ڪتابن مان
ڪڍي ڏنا آهن. جيڪي مثال ٻين ڪتابن مان ملي سگهيا
آهن، سي به ڏنا ويا آهن. اميد آهي ته سنڌي پڙهندڙن
کي گهڻو فائدو ٿيندو.
معلوم هجي ته مٿين علمن کي ڪي قديم استاد علم بديع
سڏيندا آهن، جنهن جي واقفيت مان فصاحت ۽ بلاغت
حاصل ٿيندي آهي. فصاحت لفظن سان تعلق ٿي رکي ۽
بلاغت معنيٰ سان. فصاحت ۽ بلاغت مان ڪلام يا عبارت
جوحسن ظاهر ٿئي ٿو ۽ انهيءَ لاءِ مٿين علمن جو
ڄاڻڻ ضروري آهي.
قليچ بيگ
مئي 1920ع، حيدرآباد،
منڍ
گرامر يا صرف نحو جو هنر ۽ علم،
ان جي حقيقت، قدامت ۽ ان جا اصول
اُهو علم جنهن کي انگريزيءَ ۾
″گرامر″،
عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾
″صرف
و نحو″،
سنسڪرت ۾
″وياڪرڻ″
۽ هنديءَ ۾
″بيا
ڪرڻ″
ٿا چون، سو ڪنهن به ٻوليءَ جي صحيح ۽ پوريءَ طرح
ڳالهائڻ ۽ لکڻ جو هنر آهي. انهيءَ مان سمجهڻ گهرجي
ته ٻولي اڳيئي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي، گرامر يا صرف نحو
انهيءَ تان ۽ اُنهيءَ کان پوءِ ٿو ٺهي جنهن ۾
انهيءَ ٻوليءَ جي صحيح ڳالهائڻ يا لکڻ جا قاعدا ۽
قانون ڏيڻ ۾ ٿا اچن، جي آزمودي، استعمال، رواج،
دستور ۽ اصطلاح تي ٻڌل آهن ۽ ٻوليءَ جي مدعا آهي
دل جا خيال زبان سان ظاهر ڪري ٻڌائڻ. لفظ ڪيئن به
گڏجن يا اڳي پوءِ ڪجن، پر جي ڳالهائيندڙ جو مطلب
سمجهيو ويو ته اُهو بس آهي ۽ ٻوليءَ جي مدعا پوري
ٿي. جيڪي انهيءَ طرح ڳالهائجي ٿو، سو گرامر جي
قاعدي موجب برابر آهي يا غلط آهي، سو منحصر آهي
سمجهائڻ جي رستي تي. يعني انهيءَ هنڌ جي ماڻهن جي
ڳالهائڻ جي عام رواج يا دستور موجب، جنهن کي
اصطلاح ٿو چئجي. جيڪي انهيءَ رواج يا دستور جي
برخلاف آهي، سو گرامر جي به برخلاف آهي. تنهن ڪري
گرامر جدا جدا زمانن يا وقتن تي جدا جدا صورت ٿو
وٺي ۽ ڦري ٿو. جيئن ڪن لفظن جا اُچار يا اُنهن جون
معنائون وقت بوقت بدلجن ٿيون. جيڪو اصطلاح هڪڙي
زماني ۾ صحيح هوندو يعني رواج ۾ هوندو، سو ٻئي
زماني ۾ نه هوندو يعني جدا جدا زمانن يا ملڪن جو
گرامر به علحدو ٿو ٿئي ۽ هڪڙي ٻوليءَ جو گرامر زور
ڪري ٻيءَ ۾ ٽنبڻ بلڪل خراب ۽ بي معنيٰ آهي.
ٻولي لفظن مان جڙيل آهي ۽ لفظ پورو خيال پيدا ٿا
ڪن. اُهي خيال يعني اُهو مطلب، انهن لفظن جي
دستوري يا رواجي معنيٰ يعني اصطلاح تي منحصر آهي ۽
جملن جي ڳالهائڻ ۾ جي لفظ ڪم اچن ٿا، تن جو پاڻ ۾
ڪهڙو واسطو آهي يا انهن جي هڪ ٻئي سان ڪهڙي نسبت
آهي ۽ انهن مان ڪهڙو مطلب ٿو نڪري؟ سو گرامر مان
معلوم ٿئي ٿو.
اهو ته ٿيو ڪنهن خاص ٻوليءَ جي صحيح ڳالهائڻ جو
هنر. پر گرامر جو خاص علم به آهي جنهن جا اصول عام
لاڳو آهن. انهيءَ موجب ٻولي فقط خيال ظاهر ڪرڻ
لاءِ آهي. انهيءَ جي سونهن ۽ خوبيءَ لاءِ ٺهرايلن
قانون سان ڪوبه واسطو ڪونهي. انهن جو فقط لفظن ۽
خيالن جي نسبت، موافقت ۽ ترتيب سان واسطو آهي.
انهيءَ کي اهو جاچڻو آهي ته ڪهڙيون ڳالهيون ٻوليءَ
لاءِ ضروري آهن ۽ ڪهڙيون غير ضروري يا اتفاقي آهن؟
اهو علم هڪڙو خاص مقرر ڪيل پيمانو يا نمونو آهي،
جنهن سان جدا جدا ٻوليون مقابلو ڪري، پرکي، انهن
جا عيب صواب معلوم ڪري ٿا سگهجن. اهڙي علم کان
سواءِ ڪوبه ماڻهو پنهنجي مادري زبان کان سواءِ ٻي
ٻولي پوريءَ طرح سکي ۽ ان جي حقيقت معلوم ڪري نه
سگهندو. تنهن ڪري قديم وقت ۾ اهو هڪڙو وڏو ۽
ڪمائتو علم شمار ڪيل هو جو ڪن خاص عالمن ۽ فيلسوفن
کي حاصل هو. قديم مصر ۽ يونان ۾ اهو علم پهريون
شروع ٿيو ۽ انهن تان ٻين ملڪن ۽ ٻولين ۾ انهن جو
رواج پيو. مصر ۽ يونان وارن به پهرين پنهنجي ٻولين
جي جدا جدا صورتن ۽ جدا جدا ڀاڱن جي رواجي اصطلاحن
معلوم ڪرڻ ۽ مقابلي ڪرڻ ۽ انهن جي اسمن ۽ فعلن جي
ڦيرين گهيرن جاچڻ سان گرامر جو علم قائم ڪيو. ٻين
ٻولين جي حالت ۽ حقيقت معلوم ڪرڻ جو تڏهن ڪوبه
خيال ڪونه هو. اُهو خيال گهڻو پوءِ پيدا ٿيو ۽
قديمي نه آهي. تواريخن مان خبر پوي ٿي ته جن ڏينهن
۾ روم جو شهنشاهه
″پامپي″
هو، تڏهن
″ڊايونيسيس
ٿرئڪس″
نالي هڪڙي يونانيءَ پهرين پهرين گرامي ٺاهي،
يوناني زبان جي تعليم روم ۾ اچي ڏني، جتان پوءِ
ٻين ملڪن ۾ انهيءَ جو رواج پيو ۽ خاص اصطلاحون،
لفظ، نالا ۽ رستا جي قديم عالمن جا لڪل هئا، سي
ظاهر ٿيا ۽ ٻولين ۾ ڪم اچڻ لڳا. اهو علم گهڻن
ورهين کان پوءِ
″روم″
مان نڪري ڇهين عيسوي صديءَ ۾
″قسطنطنيه″
۾ آيو ۽ اتان ٻين هنڌن تي ويو ۽ اهو ئي ساڳيو
هاڻوڪي زمانن تائين هليو اچي. اگرچه وقت بوقت
منجهس ڪي سڌارا به پئي ٿيا آهن.
انهيءَ گرامر يا صرف نحو جي علم مان ڪنهن خاص
ٻوليءَ جي حقيقت ۽ ماهيت معلوم ٿي سگهي ٿي ۽ خبر
پوي ٿي ته ڪهڙين ڪهڙين ٻين ٻولين جا لفظ ڪهڙين
ڪهڙين صورتن ۾ انهن منجهه داخل ٿيا آهن ۽ انهن،
اُنهيءَ ٻوليءَ جي اصلي بناوت ۽ ترڪيب تي ڪو اثر
ڪيو آهي يا نه؟ يا ڪيتريقدر اثر ڪيو آهي؟ هڪڙو وڏو
مغربي عالم گرامر کي ٻوليءَ جو رتُ ۽ ساههُ ٿو
سڏي. اُهو ڪن ٻولين ۾ صاف ۽ پاڪ ۽ اصلي حالت ۾ آهي
۽ ڪن ۾ بگڙيل، کريل ۽ گاڊڙ صورت ۾ آهي. انهيءَ تي
انهيءَ ٻوليءَ جي شرافت، قدامت ۽ پاڪائيءَ جو درجو
منحصر ٿو رهي.
حقيقت ڪري گرامر يا صرف نحو جي معنيٰ آهي ڦيرا يا
گردانَ، جهڙا
″اسمن″
جا، تهڙا انهن
″فعلن″
جا. عربيءَ ۾
″صرف″
لفظ جي معنيٰ ئي
″ڦيرائڻ″
آهي. اسم جي ڦيري جي معنيٰ آهي انهيءَ جو عدد، جنس
۽ حالت موجب جدا جدا صورتون يا ٻين لفظن سان گڏجڻ
جون شڪليون. ساڳيءَ طرح فعل جي ڦيري يا گردان جي
معنيٰ آهي انهيءَ جون ضميرن ۽ زمانن موجب جدا جدا
صورتون. اُهي صورتون اوائل ۾ سڀني زبانن ۾
هڪجهڙيون ۽ باقاعدي هونديون هيون. پوءِ بدلجي بي
قاعدي ۽ علحديون ٿيڻ لڳيون آهن. عالمن جي راءِ آهي
ته اها ڦير گهير ٻارن جي ٻوليءَ ۽ اصطلاح تي نه
هلڻ ڪري ٿي پئي آهي ۽ وري به انهن جي ٻوليءَ تي
هلڻ ڪري گم ٿي سگهندي، ڇا لاءِ جو ٻار هميشه هڪڙو
لفظ ٻڌي، ياد ڪري ٻيا لفظ به انهيءَ نموني تي
چوندا. بي قاعدي يا نيارو مثال ڪوبه خيال ۾ نه
ايندن.
گرامر جي انهن قديم اصولن موجب ڪابه ٻولي لفظن مان
جڙي ٿي ۽ لفظ فقط اُچار يا آواز آهن، جن مان ڪو
خيال پيدا ٿئي ٿو يا انهن جو پاڻ ۾ واسطو معلوم
ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري لفظ يا ته ذاتي شيون هوندا، يا
صفتون هوندا، يا تعريفون ۽ وصفون هوندا، يا ميلاپ
۽ ڳنڍَ هوندا. پهرئين قسم جا لفظ اُهي شيون
ڏيکارين ٿا، جي هستيءَ ۾ آهن يا ائين خيال ۾ اچي
سگهن ته پاڻ بذات خود موجود آهن، نه ڪن ٻين جي مدد
يا خاصيت جي ڪري. اُهي اسـِـم آهن يا انهن جا
عيوضي ضمير، جي رڳو انهيءَ مطلب لاءِ ٺهرايائون ته
جنس، عدد ۽ حالت جهڙيون ڦرندڙ ۽ اتفاقي صورتون
ظاهر ڪري سگهجن. ٻئي قسم جا لفظ اُهي شيون ٿا
ڏيکارين جي بذات خود هستيءَ ۾ ناهن، پر ٻين شين
جون صفتون ٿا ڏيکارين ۽ انهيءَ رستي معلوم ٿئي ٿو
ته اُهي آهن. اهڙا لفظ، فعل يا فعل جهڙا اسم يا
صفتون يا ظرف آهن. جيڪي صفتون فعل ظاهر ٿيون ڪن،
سي يا ته چرندڙ آهن يا اڻ چرندڙ ۽ چرڻ جو واسطو
وري وقت، مدت، جاءِ ۽ پنڌ سان ٿو لڳي. تنهن ڪري
فعل کي زمانن جي ڦير گهير جو ضرور ٿيو. وري جيڪي
فعل گهٽ يا وڌ، زور يا يقين يا شڪ ڏيکارين ٿا، تن
جي نظر تي جدا جدا صيغن يا حالتن جو ضرور ٿيو.
جيئن ته:
″آءٌ لکان ٿو.″
″آءٌ
لکي سگهان ٿو.″
۽
″تون
لک″
وغيره. وري ڪم ڪندڙ يعني فاعل، جنهن تي ڪم ٿئي
يعني مفعول، تن جي نظر تي فعل جو معروف ۽ مجهول
هئڻ به ضرور ٿيو. فعل جهڙا اسم يا ڪردنت اُهي لفظ
آهن، جي وقت سان گڏيل يا ٻيءَ طرح جون صفتون ٿا
ڏيکارين. جيئن ته: لکڻ، لکندڙ، لکندو يا لکيو.
يعني اسم مصدر ۽ اسم فاعل، اسم حاليه ۽ اسم مفعول.
صفتون وري شين جون اُهي ذاتي خاصيتون ٿيون
ڏيکارين، جي منجهن موجود آهن ۽ جن جو چرڻ يا نه
چرڻ سان واسطو ڪونهي. جيئن ته: چڱو، بڇڙو، ڪوسو ۽
ٿڌو. انهن صفتن جا انهن خاصيتن جي گهڻي ۽ ٿوري هئڻ
ڪري ۽ پاڻ ۾ مقابلي هئڻ ڪري درجا پيدا ٿين ٿا،
جنهن ڪري هڪڙو ٻئي کان وڌيڪ يا گهٽ، يا سڀ کان وڌ
گهٽ آهي ۽ انهيءَ طرح تفصيل ۽
″مبالغو″
ظاهر ٿئي ٿو.
″ظرف″
وري صفتن جون صفتون آهن ۽ فعلن ۽ ڪردنتن ۽ صفتن
وانگي ٻين شين جون خاصيتون به ٿا ڏيکارين. اهي ظرف
ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا فقط فعلن سان لاڳو آهن ۽ ٻيا
فعلن، ڪردنتن ۽ صفتن سڀني سان لاڳو آهن.
ٽئين قسم جا لفظ اُهي آهن جي ساڳئي قسم جي شين مان
ڪنهن خاص، هڪ يا زيادهه شين کي ٻين کان ڌار ڪري،
انهن جي تعريف يا وصف ٻڌائن. جيئن ته: هي خاص
ماڻهو يا جانور، يا ڪوبه ماڻهو يا جانور.
چوٿين قسم جا اُهي لفظ آهن، جي هڪڙن لفظن کي ٻيـن
لفظن سان ملائين يا ڳنڍين ٿا. نه فقط لفظن کي، پر
جملن کي به ۽ انهن جي معنائن کي به ڳنڍين ٿا يا
ڌار ڪن ٿا. اُهي آهن
″حرف
جملو″
۽
″حرف
جر″.
انهن کان سواءِ پنجين قسم جا اُهي لفظ آهن جي ڪنهن
قاعدي تي ٻڌل نه آهن ۽ نه خيال ظاهر ڪن ٿا. فقط
اوچتا آواز آهن، جي ماڻهن جي واتان نڪرن ٿا. انهن
کي حرف
″ندا″
چون ٿا.
اهي آهن قديم عالمن جي تقسيم موجب گرامر يا صرف
نحو جي علم جا ڀاڱا ۽ اهو آهي انهن جي مضمون جو
مجمل تفصيل. پر پوئين عالمن انهيءَ علم جا ڀاڱا هن
طرح ڪيا آهن: (1) علم املا جنهن جو ذڪر مٿي آيو
آهي. (2) علم اشتقاق (3) علم صرف (4) علم عروض (5)
علم قافيه ۽ (6) علم بديع يعني صفتون.
انهن ڄاڻايل ڀاڱن موجب اسين هر هڪ ڀاڱي جو مفصل
بيان ڏينداسين.
باب ٻيو
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ان جي بناوت
اها ڳالهه قبول ڪيل آهي ته ڪنهن ٻوليءَ جي واقفيت
انهيءَ ٻوليءَ جي ڪتابي علم يعني لٽريچر ڄاڻڻ جي
ڪـُـنجي آهي. تنهن ڪري ڪنهن ٻوليءَ جي ڪتابي علم
جي معلوم ڪرڻ لاءِ اُها ٻولي سکڻ ضروري آهي. سڀ
ڪنهن ملڪ ۾ اُتي جي اوائل وارن ماڻهن جي ٻولي سادي
۽ جهنگلي هئي، جا پوءِ درجي بدرجي پئي سـُـڌري
آهي. اهو سڌارو گهڻن رستن ۽ اُپائن سان ٿيو آهي.
انهن مان مکيه آهي انهيءَ قوم يا انهيءَ ملڪ جي
ماڻهن جو ٻين قومن يا ملڪن جي ماڻهن سان واهپو يا
واسطيداري، جنهن ڪري هڪڙي ملڪ يا ٻوليءَ جو زباني
يا علمي اسباب ٻيءَ ۾ شامل ٿي وڃي ٿو يا انهن کان
اڌارو وٺڻ ۾ اچي ٿو. جي هڪڙو ملڪ سڌريل آهي ته ٻيا
آس پاس وارا، بلڪ پرانهان ملڪ به انهيءَ جا شاگرد
يا قرضي بنجي، انهيءَ مان گهڻي قدر سڌارو حاصل ڪن
ٿا. جيئن قديم قومن مان رومن ۽ يوناني ماڻهو سڌريل
هئا ۽ انهن کان يورپ جي سڀني قومن پنهنجون پنهنجون
ٻوليون سڌاريون. ساڳيءَ طرح ايشيا ۾ عربي ٻوليءَ
ايران، ترڪستان ۽ ٻين ڪن ملڪن جي ٻولين کي سڌاريو.
يوناني، لئٽن ۽ سنسڪرت قديمي ٻوليون، جي هاڻ مئل
ٻوليون ٿيون سڏجن، تن هن زماني ۾ گهڻين ٻولين کي
جياري وڌو آهي. جدا جدا ملڪن ۽ قومن جي آمد رفت ۽
ڏيتي ليتي زيادهه پئي ٿي آهي، تيئن انهن جون
ٻوليون نوان نوان لفظ ۽ اصطلاح وٺنديون، وڌنديون ۽
سڌرنديون ويون آهن. اهو سڌارو پاڻهي ڪين ٿيو آهي،
پر ڳالهائڻ وارن ڪيو آهي. انهيءَ مان خيال ۾ اچي
سگهي ٿو ته دنيا جي سڀني ٻولين جو پاڻ ۾ ڪو عام
يڪو اتحاد يا واسطو آهي ۽ اهي هڪ ٻئي مان نڪتل آهن
يا هڪڙي اصلوڪي ٿـُـڙ جون ٽاريون آهن. ٻوليءَ جي
چڱائي ۽ عمدگي انهيءَ سڌاري تي منحصر ٿي رهي، پوءِ
ڀلي انهن جي ڳالهائڻ وارا ٿورا ئي هجن.
مٿي جيڪو چيو ويو آهي، تنهن مان ظاهر آهي ته ڪنهن
ملڪ جو ڪتابي علم اُتان جي رهاڪن جي ٻوليءَ تي
تعلق رکي ٿو ۽ ٻولي وري اُتي جي ماڻهن يا
ڳالهائيندڙن تي تعلق ٿي رکي. ماڻهن جي حالتن ۽
خيالن جو عڪس سندن ٻوليءَ تي ٿو پوي. جهڙو زباني
ٻوليءَ تي، تهڙو ڪتابي ٻوليءَ تي. گرامر يا صرف
نحو، جو صحيح لکڻ ۽ ڳالهائڻ جو هنر آهي، تنهن جو
بنياد پڻ ماڻهن جي ٻوليءَ تي رکيل آهي ۽ اهو سڌريل
به ٿي سگهي ٿو ۽ جهنگلي به، جهڙيءَ طرح انهن ماڻهن
جي حالت هوندي. ٻولي گرامر تي تعلق نٿي رکي، پر
گرامر جو ٻوليءَ تي تعلق ٿو رهي ۽ انهيءَ مان ئي
ٿو ٺهي، تنهن ڪري جي ڪا ٻولي سڌرندي ته انهيءَ جو
علم يا انهيءَ جي ڪتابي علميت به سڌري ٿي. جيئن
علميت ٻوليءَ تي منحصر آهي، تيئن ٻولي وري
ڳالهائيندڙن تي منحصر آهي. ماڻهن جي قومي، اخلاقي
۽ ملڪي ترقي آسانيءَ سان سندن ٻوليءَ مان معلوم ٿي
سگهي ٿي. مثلا ڪنهن به وڏي شهر ۾ شريفن، تعليم
يافتن ۽ سکرن ماڻهن جي ٻولي ٻي ۽ اڻ پڙهيلن ۽ گهٽ
درجي وارن ماڻهن جي ٻوليءَ کان ٻيءَ طرح جي آهي.
گهڻن شهرن ۾ مردن جي ٻولي زالن جي ٻوليءَ کان ٻيءَ
طرح جي آهي. انهيءَ ڪري ڌار ڌار ماڻهن جو اثر قومن
۽ فرقن تي ٿو رهي. هڪڙي وڏي ٻوليءَ جون جدا جدا
ڦـَـريون يا شاخون ٿين ٿيون، جن جي ڳالهائڻ جي طرز
۽ اصطلاح هڪڙي ئي ملڪ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ علحدي
آهي.
وري جيڪي ماڻهو زباني ۽ ڪتابي ٻوليءَ تي اثر ٿا
ڪن، تن مان ڪنهن خاص ملڪ جي پاسي وارن ملڪن ۽ سير
۽ سياحت ڪندڙن، ڪاهه ۽ فتح ڪندڙن جو اثر ملڪ جي
ٻوليءَ تي گهڻو ٿو ٿئي. خصوصا فتح ڪندڙن ۽ حاڪمن
جو. عربي پهاڪو آهي ته:
″الناسُ علي دينِ ملوکهم″ يعني ماڻهو اڪثر پنهنجي بادشاهه جي دين ۽ رسم جي پيروي ڪندا آهن. انهيءَ ۾
رسم، رواج، پوشاڪ، اُٿ ويهه جا قاعدا ۽ ملڪي رايا،
سڀ اچي وڃن ٿا. حقيقت ڪري ڪنهن قوم جي ٻولي
ٿرماميٽر يا بئراميٽر وانگي هڪڙو اوزار آهي جنهن
مان گرمي ۽ هوا جي حالت بدران ماڻهن جي حالت ۽
سڌاري جو درجو يا انداز معلوم ٿئي ٿو. هڪڙي انگريز
عالم جو چوڻ آهي ته:
″ڪنهن
قوم جي ڪتابي علم مان انهيءَ قوم جي حياتيءَ جو
سمورو احوال معلوم ٿي سگهي ٿو. تاريخ جي ڪتابن مان
فقط ڪنهن قوم جا وڏا وڏا ڪم ۽ ڪارناما معلوم ٿين
ٿا، پر ڪتابي علم مان انهن جي اخلاقي حالت، دل جا
ميل، خواهشون ۽ انهن جي عقلي، دماغي، ذهني حالت ۽
باطني چالاڪيءَ جي پوري پوري خبر ٿي پوي. اسين
ڪنهن ماڻهوءَ جي فقط ظاهري هلت چلت ڏسي، هن جي چال
۽ اخلاقن جو تخمينو ڪري سگهون ٿا، پر هن جي اندر
جي حالت جي ۽ جيڪي خيال هن جي دل ۾ پيا هلن، تن جي
اسان کي ڪابه خبر ڪانه ٿي پوي. پر اهڙي خبر اسان
جي ماڻهن جي ڳالهايل ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتابن مان پئجي
سگهي ٿي.″
مٿي جيڪي عام ٻولين جي نسبت ۾ چيو ويو آهي، سو
سنڌي ٻوليءَ سان به لاڳو آهي، جو انهيءَ ۾ به گهڻن
قومن ۽ مذهبن جا مخفي ۽ ظاهري نشان موجود آهن.
انهيءَ مان قديم وقت کان وٺي هن وقت تائين سنڌ جي
تاريخ معلوم ٿي سگهي ٿي ۽ صاف طرح خبر پوي ٿي ته
ڪهڙيون ڪهڙيون قومون هڪ ٻئي پٺيان سنڌ تي ڪاهي
آيون ۽ ڇو؟ هڪڙيءَ زبان جا ساڳئي پرڳڻي ۾ گهڻا قسم
ڳالهائڻ ۾ اچن ٿا. مسلمانن جي سنڌي ٻولي، هندن جي
سنڌي ٻوليءَ کان ٻي طرح جي آهي. بلڪ هندن مان به
ڪي اڳوڻي هندي ٻولي ڳالهائن ٿا ۽ ڪي هاڻوڪي عربي ۽
فارسي آميز سنڌي ٻولي. ڪوهستان يا ڪاڇي جي ماڻهن
جي ٻولي توڙي سرحد، سنڌ يا بلوچي ڀاڱن جي ٻولي،
ريگستان جي ٻوليءَ کان علحدي آهي. سنڌ جي اُتر
واري ڀاڱي جي اُترادي ٻولي، ان کان مٿي يعني اُڀي
جي ٻوليءَ کان ٻيءَ طرح جي آهي ۽ ان کان هيٺ ڏکڻ
واري ڀاڱي يعني لاڙ جي ٻوليءَ کان ٻيءَ طرح جي
آهي. وچ واري ڀاڱي يا وچولي جي، يعني حيدرآباد جي
آس پاس واري ڀاڱي جي ٻولي مرڳوئي ٻي آهي. جا سڀني
کان سڌريل شمار ٿيل آهي ۽ جنهن ۾ تعليمي ڪتاب پڻ
لکيا ويا آهن. انهيءَ کان سواءِ سنڌ ۾ سرائيڪي
ٻولي به ڳالهائجي ٿي، جنهن ۾ سنڌي پنجابي سان گڏيل
آهي. ٿريلي ٻولي به ڳالهائجي ٿي جنهن ۾ سنڌي ٻولي
مارواڙي يا ڪڇي يا گجراتيءَ سان گڏيل آهي ۽ جنهن
کي راجستاني ٻولي ٿا چون. بلوچڪي ۽ بروهڪي ٻولي به
ڳالهائڻ ۾ ٿي اچي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي فارسي ۽ پشتو
۽ بلوچيءَ سان گڏيل آهي. سن 1901ع واري آدمشماريءَ
موجب سنڌ جي رهاڪن جو سمورو تعداد (3210910) ٻٽيهه
لک ۽ ڏهه يارهن هزار وڌيڪ هو. انهن مان (2734356)
يعني ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ سنڌي ڳالهائڻ وارا هئا،
(102897) بلوچي ڳالهائڻ وارا، (90200) گجراتي،
(30976) پنجابي، (4774) هندي، (11366) مرهٽي ۽
(152479) راجستاني.
ٻولين جي شجري موجب سنڌي ٻولي آرين جي قديم ۽ شريف
ٻوليءَ جي ڪٽنب مان آهي، جنهن مان نڪتل ٻولين
ڳالهائڻ وارا اڪثر جهان جي تاريخ ۾ ماڻهن جا
مهندار ۽ سڌاري جا باني ٿي گذريا آهن. انهيءَ
ٻوليءَ جي ايشيائي ٿـُـڙ يا ڏار مان جن ٻن نڪتل
ٻولين جو واسطو سنڌي ٻوليءَ سان رهيو آهي، سي آهن
هندي ۽ ايراني. هندي ٻولين يا شاخن مان سڀني جي
سردار سنسڪرت آهي. انهيءَ جون قديم ۽ اوائل واري
حالت جون ٻوليون پراڪرت ۽ پالي ٻوليون هيون. انهن
مان پراڪرت پنهنجن شاخن سميت اتر هندستان جي ٻولين
جي ماءُ آهي ۽ پالي وري ڏکڻ هندستان جي ٻولين جي
پيدا ڪندڙ آهي.
انهيءَ شجري جي نظر تي سنڌي ٻولي پراڪرت جي ڌيءُ
آهي ۽ سنسڪرت جي ڏوهٽي آهي. انهيءَ کي کڻي هڪڙي
خيالي زال سمجهو. اها پهرين هڪڙي مسلمان عرب سان
پرڻي ۽ انهيءَ جي مرڻ کان پوءِ اُها هڪڙي گڏيل ذات
واري مسلمان سان پرڻي، جنهن ۾ تاتاري، مغل، افغان
۽ بلوچڪو رت يا نسل گڏيل هو. انهيءَ کان پوءِ وري
هڪڙي ڪرسچن انگريز کي هٿ آئي. اها زال
″سنڌ″
يا
″سنڌي″
ٻولي هئي. انهيءَ جي پهرين شادي سن 711ع ۾ ٿي،
جڏهن عربن سنڌ فتح ڪئي. ٻي شادي 1026ع ۾ ٿي، جڏهن
محمود غزنويءَ سنڌ فتح ڪئي ۽ کانئس پوءِ پٺاڻ، مغل
۽ ٻين خاندانن جا مسلمانن بادشاهه آيا. ٽين شادي
سن 1843ع ۾ ٿي جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي. هر هڪ
مڙس مان ان کي اولاد ٿيو، جي سڀ صلح ۾ گڏ پيا
گذارين. پر افسوس آهي ته ٿورن ڏينهن کان ڪن سببن
ڪري انهن جي وچ ۾ اڻبڻت ۽ مخالفت پيدا ٿي آهي ۽ ڪن
خير خواهن جي ڪوشش آهي ته انهن جي وچ ۾ وري پرچاءُ
ڪن ۽ اتفاق پيدا ڪن، جيئن اڳي هوندو هو.
هاڻي ڏسڻ ۾ ايندو ته سنڌي اصل هندڪي زبان آهي،
تنهن ڪري منجهس بيشمار لفظ آهن جي پراڪرت جي معرفت
سنسڪرت مان ورتل آهن، جن مان گهڻا صورت بدلائي ڪم
اچن ٿا. انهيءَ هوندي به ڪي لفظ نج سنڌ جا واسي
آهن. خصوصا: ٻ، ڄ، ڃ، ڏ، ڳ، ڱ ۽ ڻ حرفن وارا،
ٻائي، ڏاهر، ڏهرسين ۽ ٻيا اهڙا نالا يا لفظ تاريخ
۾ ملن ٿا ۽ ڪي ٻيا به آهن جيئن ته: جـُـنگ، دُنگ،
ڍينگ، دُنگ ۽ پگڙي وغيره. انهن اصل هندي ۽ نج سنڌي
لفظن کان سواءِ باقي ٻيا عربي، فارسي، ترڪي ۽ ٻين
ٻولين جا لفظ آهن. حساب ڪيو اٿن ته سنڌيءَ ۾
سنسڪرت جا اصل ٻارهن هزار لفظ آهن، ساڍا ٽي هزار
نج سنڌي لفظ آهن، اڍائي هزار عربي لفظ آهن ۽ ٻيا
ٻه هزار فارسي وغيره آهن. پر سنڌيءَ جي نسبت ۾
ايتري تعريف ڪرڻ لازم آهي ته پنهنجي ماءُ ۽ ناني
ڏانهن سچي، ايماندار ۽ وفادار رهي آهي، جو انهن
جون گهڻيون اصلوڪيون صورتون سندس ٻين ڀيڻن کان
منجهس گهڻيون ۽ زيادهه صحيح موجود آهن. مثلا فعل ۽
ظرف، سي البت عربي يا فارسي نموني تي ٺهيل آهن.
باقي ٻيون سڀ صرف نحو جون صورتون سنسڪرت ۽ پراڪرت
وياڪرڻ سان موافقت رکن ٿيون ۽ منجهس ايترا سنسڪرت
۽ پراڪرت جا لفظ اصلوڪي يا بدليل صورت ۾ موجود آهن
جو انهن مان نڪتل ٻين ٻولين ۾ نه آهن، جيئن ته،
مرهٽي، گجراتي، پنجابي، بنگالي، هندي وغيره.
سنڌي ٻوليءَ تي اهو نالو
″سنڌ″
ملڪ تان پيو آهي ۽ انهيءَ تي اهو نالو
″سنڌو″
لفظ تان پيو آهي، جو سنسڪرت ۾
″وڏي
نديءَ″
کي چون. اهو نالو سنڌ جي درياءَ جو آهي جنهن کي
اڳي
″مهراڻ″
سڏيندا هئا. سنڌ جي تاريخ موجب جدا جدا وقتن تي،
سنڌي ٻوليءَ جا عناصر يا جزا منجهس پئي داخل ٿيا
آهن. عيسوي ستين صديءَ تائين سنڌ آرين قومن جي راڄ
هيٺ رهي. يعني ٻـُـڌ ڌرم وارن ۽ برهمڻ حاڪمن جي
حڪم هيٺ. تنهن کان پوءِ آرين جي بدران سيميٽڪ قومن
جي هٿ هيٺ رهي يعني ايرانين ۽ ٻين جي هٿ هيٺ. ڏهين
عيسوي صديءَ کان وٺي منگول يا مغل آيا جي اوڻيهين
صديءَ جي وچ تائين اُتي رهيا. انهن کان پوءِ
انگريز ماڻهو آيا جن جو راڄ اڃا تائين هليو هلي.
انهن سڀني علحدن ٻولين جا نشان سنڌي ٻوليءَ ۾
موجود آهن ۽ انهن جا ڪيترا ئي لفظ ۽ اصطلاح اصلوڪي
يا بدليل صورت ۾ اڃا تائين ڪم پيا اچن ۽ ٻوليءَ ۾
گڏجي هڪ ٿي ويا آهن. منجهس اهڙن عجيب غريب مفرد ۽
مرڪب لفظن جا مثال پيا آهن، جن مان انهن جي اصل
نسل جي توڙي ٻئي تاريخي احوال جي خبر پئجي سگهي
ٿي. هيٺ جدا جدا ٻولين مان نڪتل ڪي ٿورا لفظ نموني
لاءِ ڏجن ٿا.
1- سنسڪرت مان پراڪرت جي معرفت:
وڇون (ورشچڪ)، ڄـِـڀَ (جواهه)، ڪوڏر (ڪدال)، گڏهه
(گردپ)، ڏُٻرو (دربل)، سـَـپَ (سـَـرڀ)، ٻاڦ
(واشپ)، ڄـَـمڻ (جنم)، وَسڻ (ورشڻ) ۽ پيهڻ (پيشڻ)
وغيره.
2- عربيءَ مان:
باڪري (بقال)، بجاجي (بزار)، بـَـصـَـر (بـَـصل)،
ٿـُـوم (ٿـُـوم ۽ فـُـوم)، ڀوڪ (بوق)، بدڪ (بطخ)،
ارگُ (عرق)، بوراڪ (بالغ)، زائفان (ضعيفه)، دٻلو
(طبله)، سـِـٽَ (سطر)، سـُـمبل خار (سـَـم الفار)،
مسيت (مسجد)، جناخون (جناغ)، ڪاسائي (قصاب)، ڪارب
(قالب)، ڪواز (قواعد). گرزُ (غرض)، گاشو (غاشيه)،
مـَـشڪرو (مسخره)، مترڪو (مطرقـھ)، نـَـتَ (نطع) ۽
ڪلف يا ڪرف (قفل) وغيره.
3- فارسيءَ مان:
اسپنگر (اسپغول)، ڀنڀو (پنبه)، پهراڻ (پيرين)،
پليت (پليد)، جـُـتُ (جـُـفت)، جود (زود)، کند
(قند)، چنبو (پنجه)، جليبي (زلابيه)، خاشڪيلي
(خاصخيلي)، دادي نه استادي (نه داده نه ستانده)،
ڏَڍُ (دد)، ڍولڪ (دُهلک)، ساري (شالي)، سـُـڳن
(شگون)، شيخ (سيخ)، سوف (سيب)، سرگس (سرگشت)،
ڪاڳـَـرُ (ڪاغذ)، کاڻِ (ڪان)، کـَـارڪ (خارڪ)، گجر
(گزر)، مـَـلـَـم (مرهم) ۽ همام دستو (هاون دسته)
وغيره.
4- ترڪيءَ مان:
اوطاق (اوتاغ)، بورچي (باورچي)، چلمچي (چلابچي)،
ڪينچي (قينچي)، آزبڪيون (اوزبک)، چغو (چوغه يا
چوغا)، ڪاشـِـڪ (قاشق)، ڪـُـولي(قلي) تڪمون
(دوگمه)، ڪارو (قار)، خچر (قاجر)، قاترچي (يعني
خچرن جو سنڀاليندڙ)، طبلچي (مشعلڇي)، چقمق ۽ قنداق
(بندوق) جو وغيره.
5- هنديءَ مان:
ٻوڙو (بهرا)، ڊکاڻ (ترکان)، سوٽهڙ (سـُـتار)، واڱڻ
(بينگن)، ڏونڪو (ڊنڪا)، ڌاڳو (تاگا)، چڱو (چنگا)،
جافر (جاءِ ڦل)، پتاشو (پتاشه)، سـُـور (سول) ۽
ٻيا جي سنسڪرت مان نڪتل آهن.
6- بلوچيءَ مان:
ڀاڳيو (ڀاڳيه)، وڳ (بـَـگ)، اٽالو (ٺاله)، پورهيو
(ڦوريه)، ڄانگهو (جانگو)، چيچه (چوچ)، ڏاهه
(داهه)، گڏي (گدي يعني وچين آڱر)، مڙي (مڏي)، لغور
(لغور)، دوهه (دروهه) ۽ ڊوم (دونبه، يعني لنگهو يا
ڳائڻو) وغيره.
7- پشتو يا افغانيءَ مان:
ڊوڍو (ڊوڊئي)، ڌاڙو (داڙا)، جهڳڙو (جگڙا)، دڙڪو
(دڙڪا)، ڇيرا (ڇرهه)، گهلِ (غلا يعني چورَ)، گدڙ
(گيدڙ، گيدي)، جنڊُ يا جانڊه (جرنده)، هـَـٿيار
(اٿيار)، هاٿي (آتي)، ٽوپ (ٽپ) ۽ گـُـندي
(غـُـندي) وغيره.
8- انگريزيءَ مان:
ٻاٽلـي (باٽل)، الماڙي (المائرا)، پلٽڻ (پٽالين)،
مالڪيٽ (مارڪيٽ)، درجن (ڊزن)، پتلون (پٽلون)،
گـُـدام (گوڊائون)، ڪارتوس (ڪارٽرج)، ٻـُـٽريل
(بـَـٽلر)، اسپتال (هاسپيٽل)، پادري (فادر)،
سـَـنتري (سيٽينل)، دَريس (ڊريس)، رپوٽ (رپورٽ)،
ڏامر (ڊامر)، سڪول، ڪاليج ۽ سوجر (سولجر)، وغيره.
انهن کان سواءِ سنڌيءَ ۾ ڪيترا ئي ٻيا لفظ آهن، جي
آواز يا شڪل ۾ ٻين گهڻين ٻولين سان مشابهه ۽ موافق
آهن ۽ اُهي سڀ هڪڙي وڏي آرين اصل يا
″ٿڙ″
مان نڪتل آهن. جيئن ته:
سنڌي |
سنسڪرت |
هندي |
عربي يا فارسي |
انگريزي |
اٺ |
اسٽَ |
اٺ |
هشت |
ايٽ |
آفيم |
آڦين |
افيم |
افيون اوپيم |
(يوناني اوفون) |
آمري يا گدامري |
امليڪا |
اِملي |
تمرهندي |
ٽامرنڊس |
ذات |
جات |
ذات |
ذات |
ڪاسٽ |
ڏند |
دَنت |
دانت |
دندان ٿوٿ |
(لنٽن ڊينٽس) |
جوڳ |
يگم |
جگم |
يوڪيدن |
يوڪ |
سؤ |
شـَـت |
سؤ |
صد |
سينٽ |
ڪپور |
ڪرپور |
ڪبور |
ڪافور |
ڪئمفر |
نانءُ |
نام |
نام |
نام |
نيم (لنٽن فامين) |
ڳلو |
گـَـل |
گلا |
گـُـلو |
گليٽ |
ٻيا به ڪيترا ئي گهڻن زبانن جا مقابلي ۽ مشابهت
وارا عجيب غريب لفظ آهن، پر زياده مثال ڏيڻ ضروري
ناهي. جن مان ٻولين جي اصل جي جاچ ڪندڙ عالمن کي
گهڻي خوشي حاصل ٿي ٿئي.
اها آهي سنڌي ٻولي ۽ انهيءَ جا عناصر يا جزا، جي
هاڻي ڳالهائڻ ۾ ٿا اچن ۽ اهو ٿيو زباني علم. هاڻي
اسين ڪتابي علم جو ذڪر ڪنداسين. سنڌيءَ ۾ ڪتاب
تمام ٿورا لکيل آهن، تنهن ڪري ڪتابي علم تمام ٿورو
۽ ضعيف آهي. ڪتابي علم جي معنيٰ آهي اُها ٻولي جا
لکڻ پڙهڻ ۾ ڪم ٿي اچي. سنڌيءَ ۾ اڳي شروعات ۾ ڪهڙي
قسم جا اکر لکبا هئا؟ تنهن جي خبر بلڪل پئي نٿي
سگهي. گهڻو ڪري هاڻوڪيءَ گـُـر مکيءَ جهڙا اکر
لکبا هئا، جي سنسڪرت حرفن سان مشابهه آهن ۽ جن مان
هاڻوڪا
″هندو
سنڌي″ يا ٻـُـٽا اکر جي واڻيا لکندا آهن، نڪتل ٿا ڏسجن. پر عربن
جي فتح کان پوءِ عربي حرف ڪم اچڻ لڳا جو عربي لفظ
به ان ۾ گهڙي پيا هئا. انهيءَ ڪري اڄ سوڌو انهيءَ
کي عربي سنڌي سڏيندا آهن. هندڪن اکرن کي
″هندو
سنڌي″ ٿا سڏين. سنڌ ۾ جڏهن عربي ۽ فارسي ٻوليون آخوند ۽ مـُـلا
سيکارڻ لڳا، تڏهن سنڌي ماڻهو به انهن اکرن ۾ لکڻ
لڳا، جيڪي اکر يا آواز سنڌي ۾ خاص هئا، سي عربي ۽
فارسي اکرن تي ٽٻڪن يا ٻين نشانن ڏيڻ سان يا ٻين
اکرن جي ملائڻ سان لکڻ لڳا. جيئن اڙدوءَ ۽ ڪن ٻين
زبانن به ڪيو. اهڙو حال ٽالپرن جي راڄ تائين هليو.
سنڌ 1843ع ۾ انگريزن فتح ڪئي. 1853ع ۾ سنڌ جي
ڪمشنر صاحب مسٽر فريئر، جو پوءِ سر بارٽل فريئر
ٿيو ۽ جنهن جي نالي پٺيان ڪراچيءَ ۾
″فريئر
هال″ ٺهيل آهي، تنهن جي وقت ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف
ڊائريڪٽرس حڪم جاري ڪيو ته سنڌي الف ب جا اکر عربي
فارسي نموني جا ٿين ۽ انهن ۾ لک پڙهه ڪجي. ڪتاب
لکجن ۽ اسڪولن ۾ تعليم ڏجي ۽ جيڪي عملدار ملڪي
کاتن ۾ نوڪر آهن، سي زباني ۽ رواجي سنڌي ٻوليءَ ۾
امتحان پاس ڪن. انهيءَ کان اڳ ترجمان رکي گڏيل
سنڌي، فارسي اکرن ۾ سرڪاري دفتر رکڻ ۾ ايندو هو.
سگهوئي تعليم کاتو مقرر ٿيو ۽ اسڪول جاري ٿيا. سال
1895ع ڌاري انگريزي دؤر ۾ ديسي مڪتبن کي پئسن يا
انعام جي مدد ڏيئي، تعليم کاتي ۾ داخل ڪيائون ۽
خلاصا ڊيپوٽي ۽ نائب ڊيپوٽي مـُـلن جي مڪتبن جي
نظر داريءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا. انگريز سرڪار انهن
تي وڏي رقم سال بسال خرچ ڪندي هئي.
انگريز سرڪار جي حڪومت جي شروعات ۾ ليٿو گراف يا
پهڻ تي ڇاپيل ڪتاب يا ڪاغذ ڪم اچڻ لڳا. پوءِ ٽائپ
يا لوهي اکر به ٺهيا. ڊاڪٽر ٽرمپ جرمن عالم،
پهريون ئي شخص هو، جنهن
″شاهه
جو رسالو″
جرمنيءَ ۾ وڃي انگريز سرڪار جي خرچ تي ٽائيپ ۾
ڇپايو. پوءِ ته گهڻا ئي خانگي ڇاپخانا پيدا ٿيا.
ڪي سرڪاري، ڪي خانگي. پهريائين سنڌي ڪتاب جي ماڻهن
ڇاپيا، سي هئا ديني ڪتاب. اڳوڻي سنڌي ٻولي ۽ فارسي
آميز اکرن ۾ هئا ۽ گهڻو ڪري سنڌ جي ڪن عالمن ۽
بزرگن جا هئا. خصوصا ٺٽي ۽ لاڙ جي پاسي جا. انهن
مان ڪي مشهور ماڻهو هي هئا: سيد صفائي بکر وارو،
سيد معصوم شاهه بکـر وارو (جنـهن جو منارو مشهور
آهي)، قاضي محمود علامه ٺٽي وارو (جو مرزا ترخان
جي زماني ۾ هو)، مخدوم ابوالخير (جو مشهور ڪتاب
″فـتاويٰ
عالمگيري″
جي تصنيف ۾ شامل آهي)، شيخ عبدالواسع صوفي، مخدوم
ابوالحسن ٺٽي وارو، ميان محمد محسن شاعر ٺٽي وارو،
مير علي شير
″قانع″
ٺٽي وارو (جو ڪتاب تحفـھ الڪرام″
جو مصنف آهي)، ميان عبدالرحيم گرهوڙ وارو، شاهه
عبدالڪريم بلڙي وارو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻيا.
اهي سڀ سنڌ جا مشهور عالم ٿي گذريا آهن، جن عربي،
فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ اڪثر ديني ۽ تاريخي ڪتاب
لکيا آهن. جهڙا نثر ۾ تهڙا نظم ۾. جيڪو سنڌي شعر
هو، سو بيتن يا ڏوهيڙن جي صورت ۾ يا لوڙائو بيتن
جي صورت ۾، مضمون اڪثر ديني هو. اهڙي نموني
″نور
نامـھ″
۽
″ابوالحسن
جي سنڌي″
۽ ٻيا ڪي ڪتاب ڇاپيا ويا جي پڙهڻ ۾ ايندا هئا.
گهڻو پوءِ شاهه ڪريم ۽ شاهه ڀٽائي جا رسالا ڇپيا ۽
ڪم اچڻ لڳا. انهن جو مضمون نه رڳو ديني هو پر تصوف
بابت به هو، يعني حقيقي عشق بابت هو. اهي ماڻهو
سنڌي شعر جا استاد شمار ۾ آيا ۽ ٻيا به انهيءَ
نموني تي شعر چوڻ لڳا.
جيئن ٻين ملڪن ۽ قومن ۾ ٿيو آهي، تيئن سنڌ ۾ ڪتابي
علم پهريائين شعر يا نظم سان شروع ٿيو ۽ نثر گهڻو
پوءِ ظاهر ٿيو. اهو شعر به پهرين هميشه جهنگلي
نموني جو پئي چيو آهي. اُهو لکڻ لاءِ نه هو پر ياد
ڪرڻ، پڙهي ٻڌائڻ يا ڳائڻ جي لاءِ، جيئن ڀـَـٽ ۽
مڱڻهار ڪندا آهن. مثال لاءِ انگريزي شعر وٺو جنهن
۾ پهريون شاعر سنڊيمن چوڻ ۾ ٿو اچي، جو ستين عيسوي
صديءَ ۾ رهندو هو. انهيءَ جي شعر جو مضمون
″انجيل″
بابت ۽ انهيءَ وقت جي جنگين بابت هو. پوءِ چوڏهين
صديءَ ۾ چاسر آيو. جڏهن انگريزي شعر تي فرانس ۽
اٽليءَ جي شعر جو اثر ٿيڻ لڳو هو ۽ عشق جو مضمون
شعر ۾ داخل ٿيو. راڻي ايلزبيٿ جي وقت ۾ يعني
سورهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ايڊمنڊ سپينر آيو، جنهن
چاسر جي پيروي ڪئي. پوءِ شيڪسپيئر آيو ۽ ناٽڪ ۽
قصا رواج ۾ آيا. سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ ملٽن ۽
گريءَ ۽ ورڊس ورٿ آيا. پڇاڙيءَ ۾ ٽينيسن جهڙا شاعر
آيا، جن جو شعر ڪامل چوڻ ۾ ٿو اچي. انهيءَ طرح
ڪتابي علم جنهن کي انگريزيءَ ۾ لٽريچر چون ٿا، سو
پريندي شعر سان شروع ٿيو ۽ اُهو شعر به جهنگلي هو.
پوءِ قصا آيا، ناٽڪ آيا ۽ بعد ۾ عمدو، اخلاقي ۽
خيالي شعر آيو.
ساڳيءَ طرح سنڌي ڪتابي علم به شعر سان شروع ٿيو ۽
سنڌي شعر به پريندي ڏوهيڙن يا بيتن وارو هو، جهڙو
هندي ڀاشا ۾ عام هو. جيئن گرونانڪ صاحب يا تلسيداس
۽ سورداس جو شعر آهي. پوءِ ڪبير صاحب ۽ شيخ فريد
آيا، جي تيرهين صديءَ ۾ هئا. انهن جي شعر ۾ ٿورا
گهڻا فارسي ۽ عربي لفظ لڀن ٿا. انهيءَ ڀاشا مان
شاهجهان مغل بادشاهه جي راڄ ۾ عربي ۽ فارسي وغيره
لفظن جي گڏجڻ سان اڙدو ٻولي پيدا ٿي ۽ انهيءَ ڀاشا
جا ڏوهيڙا سنڌي جي اوائلي شعر جو نمونو ٿيا. شاهه
ڪريم جا بيت انهن ڏوهيڙن جهڙا آهن ۽ شاهه
عبداللطيف ڀٽائي به گهڻا ٻن مصراعن وارا بيت چيا ۽
گهڻن ۾ زياده مصراعون آندائين ۽ ڳائڻ لاءِ وايون
وڌايائين. انهيءَ وقت ڌاري، انهيءَ جهنگلي شعر ۾،
يعني لوڙائو بيتن ۾ جنگين جو احوال، عشقي قصا،
معجزا ۽ مداحون لکجڻ لڳيون. انهيءَ وقت جي سنڌي
شاعرن جا نالا مٿي ڏنا ويا آهن. اهو قديمي جهنگلي
سنڌي شعر، سترهين صديءَ جي شروع تائين هليو. پوءِ
وري ساڳئي قسم جي شعر ۾ هڪڙي قافيه واريون گهڻيون
مصراعون ڪم اچڻ لڳيون جيئن ڪتاب
″بيان
العارفين″
۾ آهي، جو مخدوم عبدالصمد نورنگ پوٽي جو جڙيل آهي
۽ شاهه عبدالڪريم بابت آهي. ارڙهين صديءَ جي
شروعات ۾ شاهه ڀٽائي آيو، جنهن تصوف جو مضمون عشقي
قصن جي پوشاڪ ۾ آندو ۽ ٿورين ٿورين مصراعن جا بيت،
جدا جدا سرن ۾ آندائين ۽ سـُـرَ سـُـرَ جي پڇاڙيءَ
۾ وايون آندائين. شاهه صاحب جي نموني تي گهڻن
ماڻهن شعر چيو. خصوصا
″سچل فقير″
درازن وارو، جو ٽالپرن جي راڄ ۾ رهندو هو. سچل
فقير سرائڪي ٻوليءَ ۾ به شعر لکيو ۽ فارسيءَ ۾ به.
هن جي پيروي ڪندڙن مان سندس مريد، ٻالڪا ۽ ٻيا
انهيءَ وقت جا شاعر هئا، جيئن ته: يوسف فقير، روحل
فقير ۽ مراد فقير. انهن پوين شاعرن جي اها خاصيت
هئي ته سندن بيت هندي ڀاشا وارن سلوڪن جي صورت ۾
هئا، جي هندن ماڻهن کي پسند ايندا هئا. تنهن ڪري
گهڻا هندو ماڻهو سندن مريد ٿيڻ لڳا. انهيءَ وقت
ڌاري ڪي هندو شاعر به ظاهر ٿيا، جن هندڪي اصطلاح ۾
صوفيانو شعر بيتن جي صورت ۾ چيو جيئن
″لعلو
ڀڳت″
۽
″سامي″
مينگهراج يا سندس ٻالڪي ڀائي چيئن راءِ جا سلوڪ.
انهيءَ قسم جو جهونو سنڌي شعر عيسوي اوڻهين صديءَ
جي پڇاڙيءَ تائين هليو. پوءِ مير ڪرم علي خان
ٽالپر جي راڄ ۾ مير صاحبن جي ايران جي بادشاهه سان
دوستي قائم ٿي، جنهن ڪري گهڻا ايراني شاعر ۽ ٻيا
قابل ماڻهو سنڌ ۾ اچڻ لڳا ۽ فارسي ۽ عربي ٻوليءَ
تازي رونق ورتي. انهيءَ ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾، خصوصا
سنڌي شعر ۾ نه فقط گهڻا فارسي لفظ ۽ اصطلاح داخل
ٿيا، پر فارسي شعر جا وزن يعني بحر ۽ قافيا به ڪم
اچڻ لڳا. انهيءَ شعر جو باني ثابت علي شاهه هو،
جنهن مرثيا، قصيدا، منقبت ۽ ٻيا شعر فارسي شعر جي
نموني تي چيا. انهيءَ وقت کان وٺي انهيءَ قسم جو
شعر رواج ۾ اچڻ لڳو ۽ گهڻا شاعر انهيءَ جي پيروي
ڪرڻ لڳا. انگريز سرڪار جي حڪومت جي شروع ۾ خليفي
گل محمد، پراڻا هالن واري ته سڄو ديوان غزلن جو
فارسي بحرن ۾، سنڌي الف بي جي حرفن تي لکيو ۽ شاهه
جي رسالي وانگر ڪوشش ڪري، نج سنڌي لفظ ڪم آندا
اٿس. انهيءَ کان پوءِ ٻين ڪن به اهڙا سنڌي ديوان
لکيا آهن، جيئن ته:
″ديوان
قاسم″،
″ديوان
فاضل″،
″ديوان
سانگي″،
″ديوان
بلبل″
۽
″ديوان
قليچ″
وغيره.
انهيءَ ساري عرصي ۾ شعر يا نظم لکڻ ۾ پئي آيو، پر
نثر جو ڪنهن کي خيال ئي ڪونه ٿي آيو. جڏهن انگريز
سرڪار جي حڪومت ۾ تعليم کاتو جاري ٿيو، تڏهن مس ڪي
ڪتاب سنڌي نثر ۾ لکيا ويا. گهڻا اڪثر فارسي، اڙدو
۽ انگريزي ڪتابن جا ترجما ٿيا. اهڙن جهونن سنڌي
ڪتابن لکڻ وارا منشي ڪاهنداس، جنهن
″تاريخ
معصومي″
جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ منشي ننديرام، ديوان
اڌارام ٿانور داس ۽ ديوان پرڀداس ۽ ڪي ٻيا. ان بعد
ديوان ڪوڙو مل چندن مل هو. اهي انگريزي ڄاڻندڙ به
هئا ۽ تعليم کاتي سان واسطو به هون. مسلمان انهن
ڏينهن ۾ اڃا انگريزي ٻوليءَ کان ڀڄندڙ هئا ۽
اسڪولن ۾ ئي نٿي پڙهيا. انهن هندو صاحبن اسڪول جي
ڪم لاءِ ڪي سنڌي ڪتاب جدا جدا مضمونن تي لکيا، جن
جا ڪي نالا هي آهن:
″باب
نامو″،
″سيکائتو
نروار″،
″سنساري
نروار″،
″آڪاسي
نروار″،
″ڌرتي
نروار″،
″ليکي
جي پيڙهه″،
″ايسپ
جون آکاڻيون″،
″ڀنڀي
زميندار جي ڳالهه.″
ميان محمد جو
″صرف
نحو يا گرامر″،
″سوکڙي″،
۽ ڪي ٿورا ٻيا. سگهوئي پوءِ درجيوار سنڌي ڪتاب
ظاهر ٿيا ۽ ٻين علمي مضمونن تي به انگريزي مان
ڪتاب ترجمو ٿيا. جيئن:
″علم
طبعي″،
″علم
طبقات الارض″،
″اقليدس″،
″علم
هيئت″،
″علم
ڪيميا يا ڪيمسٽري″
۽
″علم
دستور المعاش″
وغيره. انهيءَ کان سواءِ قصا، ناٽڪ ۽ ٻين مضمونن
جا ڪتاب به نڪتا جيئن ته
″الف ليليٰ″،
″فسانئه
عجائب″،
″حاطم
طائي″،
بلڪه قرآن جا به سنڌي ۾ ترجما ٿيا.
سنڌي ٻوليءَ جي سڌاري ۾ ڪن يوروپي صاحبن به گهڻي
مدد ڏني، جيئن ته
″سٽئڪ″
صاحب هڪڙو گرامر ۽ هڪڙي ڊڪشنري يا لغت جو ڪتاب
لکيو، پر اُنهيءَ ۾ گرمکي يا شاستري اکرن ۾ سنڌي
لکيائين. ٽرمپ صاحب جرمن به هڪڙو گرامر لکيو ۽
شاهه صاحب جو رسالو ڇپايو. شرٽ صاحب پادري به ڪن
ٻين ديسي صاحبن جي مدد سان سنڌي انگريزي ڊڪشنري
لکي. گولڊ سمٿ صاحب
″سسئي
پنهون″
جو قصو انگريزي شعر ۾ وڌو ۽ هارٽ ڊويز صاحب وري
سنڌي ڪافيون انگريزي شعرن ۾ وڌيون. انهن ڏينهن ۾
اخبار به ڪانه هئي. پهرين فارسي اخبار
″مفرح
القلوب″
جاري ٿي ۽ پوءِ
″سنڌ
سڌار″
سرڪاري تعليم کاتي جاري ڪئي. ٻيون سنڌي اخبارون
جاري ٿينديون ويون، جي هفتيوار نڪرنديون هيون.
هاڻي ته گهڻيون ئي روزاني سنڌي اخبارون به آهن ۽
ڪي ماهيانه رسالا به نڪتا آهن جي اڪثر تعليم جي ڪم
لاءِ، يا اسڪولن ۽ ڪاليجن سان واسطو رکن ٿا.
زناني تعليم، جا اڳي ٻڌڻ ۾ نه ايندي هئي، سا به
پوءِ جاري ٿي ۽ زنانا اسڪول جاري ٿيا. ماسترياڻين
جي تعليم لاءِ ڪاليج به پيو ۽ نظر ڪرڻ لاءِ
انسپيڪٽريس به مقرر ٿي.
انهيءَ طرح هاڻي سنڌي ٻولي زباني توڙي ڪتابي طرح
چڱي ترقي ڪئي آهي. مگر اڳوڻي ۽ هاڻوڪي طرز جي وچ ۾
البت فرق معلوم ٿو ٿئي. سنڌ جي رهاڪن مان پهرين
هندو صاحب تعليم يافته ٿيا. سرڪاري نوڪرين ۾ داخل
ٿيا ۽ تعليم کاتي ۾ گهڙي، ڪتاب لکڻ لڳا. پر اڳي
انهيءَ جي عبارت رواجي سنڌيءَ جي هئي، جنهن ۾
عربي، فارسي لفظ ۽ اصطلاح ڪم ايندا هئا ۽ انهيءَ
عبارت ۾ مٿين هندو صاحبن جا ڪتاب لکيل آهن. انهن
تي مسلمانن جو اعتراض ڪونه هوندو هو، پر هاڻي ٿورن
ورهين کان انهن هندو صاحبن سنسڪرت ڏي گهڻو ميل
رکيو آهي ۽ اُهي اهڙا لفظ، اصطلاح ۽ مضمون ڪم آڻين
ٿا، جنهن ڪري مسلمانن جي ٻارن کي پڙهڻ ۾ حرڪت پيدا
ٿي ٿئي ۽ سندن مائٽن اهڙي عبارت ۽ مضمونن وارن
ڪتابن جي پڙهائڻ تي اعتراض اٿاريا. انهيءَ جو
نتيجو اهو ٿيو ته سرڪار هڪڙي گڏيل ڪميٽي هندو ۽
مسلمان صاحبن جي مقرر ڪئي ته انهيءَ اعتراض تي
ويچار ڪري اهڙا اعتراض جهڙا لفظ، جملا ۽ سبق ڪڍي،
بدلائي ٻيا ڪري، جنهن ڪري مسلمان شاگرد چاهه سان
اهي ڪتاب پڙهن ۽ اسڪولن ۾ داخل ٿين. اهو ڪم هڪ ٻه
دفعو اڳي به ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي به تازو ٿيو آهي.
اميد آهي ته اهي اعتراض گم ٿي ويندا. تنهن کان
سواءِ خلاصن مسلماني مڪتبن، مدرسن ۽ اسلامي درجي
وارن ڪتابن توڙي ديني ڪتابن ۽ قرآن شريف پڙهائڻ جي
به اجازت ڏني ويئي آهي، جيئن مٿي مـُـلن جي مڪتبن
جو ذڪر ڪندي حقيقت ڏني ويئي آهي. تنهن ڪري هينئر
حالت بهتر ٿيندي وڃي ٿي ۽ ٻنهي طرفن کان زياده
فائدي پهچڻ جو گهڻو امڪان آهي.
پڇاڙيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اڳوڻي ۽ هاڻوڪي طرز ۽
عبارت جو نمونو لکڻ ضرور آهي ته انهن جي وچ ۾ فرق
معلوم ٿئي. هيٺ اسين پهرين نظم ۽ نثر جا مثال ٿورن
سٽن ۾ ڏينداسين، جن جا مٿي اشارا ڏنا اٿئون.
پڙهندڙ اهي ڪتاب پاڻ پڙهي مصنف ٿيندا: |