سنڌي وياڪرڻ
(ڀاڱو چوٿون)
ديباچو
هيٺين درجن ۾ پڙهائڻ لاءِ سنڌي گرامر يعني صرف نحو
يا وياڪرڻ اڳيئي لکيل آهي، پر اسڪولن جي مٿين درجن
لاءِ، توڙي ڪاليجن جي شاگردن ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾
زياده اڀياس ڪرڻ لاءِ وڏو گرامر ڪونه هو ۽ انهيءَ
جي گهڻي گهرج هئي. تنهن کان سواءِ هيٺين درجن واري
گرامر ۾ فقط صرف آهي، پر نحو ۽ اشتقاق فقط نالي جو
آهي. گرامر جي ٻين مٿانهن ۽ مشڪل ڀاڱن جو ته اصل
ذڪر ئي ڪونهي. تنهن ڪري ڪن دوستن جي چوڻ تي، مون
هي وڏو گرامر يا صرف نحو جو ڪتاب لکيو آهي. هن
ڪتاب جي پڙهڻ لاءِ سمجهڻ گهرجي ته پڙهندڙن ننڍو
گرامر اڳيئي پڙهيو آهي، تنهن ڪري ٻارن کي سمجهائڻ
لاءِ پهرين مثال ڏيئي، پوءِ گرامر جي وصفن ۽ قاعدن
جو ٻڌائڻ جو رستو ڇڏي ڏنو ويو آهي.
هيءُ ڪتاب ٽن ننڍن ڪتابن ۾ ورهايو ويو آهي: پهرئين
ڪتاب ۾ علم اِملا يعني حرفن جو علم ۽ اشتقاق يعني
لفظن جي بنياد جو علم ۽ علم صرف يعني لفظن جي
تقسيم ۽ ڦـِـرڻ جو علم ڏنو ويو آهي. ٻئي ڪتاب ۾
علم نحو يعني جملن جو علم ڏنو ويو آهي ۽ ٽئين ڪتاب
۾ علم عروض ۽ علم قافيي يعني شعر جي وزنن ۽ قافيي
جو بيان، پنهنجن ٺاهيلن مثالن سميت ڏنو ويو آهي ۽
علم بديع يعني لفظي ۽ معنوي صنعتون، جي عبارت
آرائيءَ ۽ فصاحت ۽ بلاغت ۾ ڪم اچن ٿيون، تن جو
بيان پنهنجن ٺاهيلن مثالن سميت ڏنو ويو آهي.
جڏهن سنڌي ٻولي اصلي سنسڪرت ۽ پراڪرت مان نڪتل آهي
۽ عربي ۽ فارسي لفظ منجهس گهڻا آهن، تڏهن انهيءَ
جو سمورو تاريخي احوال ۽ انهن ٻولين سان واسطو،
علم صرف ۾ ڏيکاريو ويو آهي ۽ علم صرف جي ترتيب،
عربي ۽ فارسي صرف نحو موجب ۽ هاڻوڪي انگريزي رواجي
دستور موجب ڏنو ويو آهي. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ هر هڪ
باب جي مضمون بابت سوال وڌا ويا آهن ۽ مشقون ۽
مثال به ڏنا ويا آهن. اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي
زيادهه تعليم ۽ تحصيل لاءِ هيءُ ڪتاب گهڻو ڪمائتو
ٿيندو.
حيدرآباد
قليچ بيگ
فيبروري 1921ع
باب پهريون
علم
بديع جي بيان ۾
″علم بديع″
يا
″علم
بدايع″
اهو علم آهي، جنهن جي قانون تي هلڻ ڪري ماڻهو فصيح
۽ بليغ ٿي سگهي ٿو ۽ هن کي ڪلام جون سڀ ترڪيبون ۽
صنعتون معلوم ٿيون ٿين، جنهن ڪري هو سهڻو، پڪو ۽
عمدو ڪلام، عمدن لفظن ۽ عمديءَ عبارت ۾ ڳالهائي ۽
لکي سگهي ٿو.
ڪلام کي ٻن قسمن ۾ تقسيم ڪيو اٿن: هڪڙو نثر ۽ ٻيو
نظم. نثر واري ڪلام کي
″منثور″
چوندا آهن ۽ نظم واري کي
″منظوم″.
نظم اُهو آهي، جنهن کي
″شعر″
به سڏيندا آهن.
″نثر″
لفظ جي معنيٰ آهي پکيڙڻ ۽
″نظم″
جي معنيٰ آهي پوئڻ. جيئن موتي پهرين پکڙيل هوندا
آهن ۽ ڌاڳي ۾ پوئبا آهن. لفظن کي موتين سان مشابهه
ڪيو اٿن. نظم يا شعر کي موزون ڪلام چوندا آهن،
يعني وزن وارو ۽ نثر کي ناموزون.
فصل پهريون
نثر جي بيان ۾
نثر جا ٽي قسم آهن: هڪڙو
″مرجز″،
ٻيو
″مسجع″
۽ ٽيون
″عاري″.
(1) مرجز يعني رجز يا وزن وارو نثر اهو آهي، جنهن
۾ فقرا فقرا ڪم آيل هجن. انهن مان ٻه فقرا جي گڏ
اچن ٿا، سي موافق ۽ مقابل ۽ هم وزن هجن. مگر هم
قافيي نه هجن. مرجز نثر ۽ نظم يا شعر ۾ اهو تفاوت
آهي ته شعر ۾ وزن ۽ قافيو ٻيئي آهن، مگر نثر ۾ وزن
آهي پر قافيو ڪونهي. مثال: سواءِ ذڪر قادر ڪارساز
جي وقت وڃائڻ ۽ سواءِ شغل خالق ڪردگار جي حياتي
گذارڻ، نسورو نقصان آهي.
(2) مسجع يعني سجع وارو.
″سجع″
چون ڪبوتر يا قمريءَ جي ٻوليءَ کي. اصطلاحي معنيٰ
موجب مسجع نثر اهو آهي، جنهن جي فقرن جي پڇاڙيءَ
جا لفظ هڪجهڙا هجن، يعني جنهن کي قافيو هجي پر وزن
جو ضرور ڪونهي. انهيءَ کي
″مقفيٰ″
به چون، يعني قافييدار.
سجع جا وري ٽي قسم آهن:
هڪڙو
″سجع
متوازي″،
جنهن ۾ قافيي جي لفظن جو شمار هڪ جيترو هجي ۽
پڇاڙيءَ جا اکر هڪ جهڙا هجن. جيئن:
″مهجور″
۽
″مجبور″.
انهن ٻنهي لفظن ۾ پنج پنج اکر آهن ۽ ٻنهي جي
پڇاڙيءَ ۾
″ر″
جو اکر آهي. مثال: آءُ پنهنجي دوست کان مهجور
آهيان ۽ انهيءَ جي فراق تي مجبور آهيان.
ٻيو
″سجع
مطرف″،
جنهن ۾ ٻنهي لفظن جو پڇاڙيءَ وارو اکر هڪڙو ئي
هجي، مگر اکرن جو تعداد مختلف يا گهٽ وڌ هجي.
جيئن: شخص باوقار ۽ نيڪ اطوار.
ٽيون
″سجع
متوازن″ جنهن ۾ ٻنهي لفظن جو وزن به هڪ جهڙو نه
هجي، عليحده هجي. جيئن لفظ
″فقير″
۽
″جليس″.
جي اهڙا ٻه ٻه لفظ هر هڪ فقري ۾ ڪم آڻجن، جن مان
هڪڙي فقري جو پهريون لفظ ٻئي فقري جي ٻئي لفظ سان
هم وزن ۽ هم قافيه هجي ته انهيءَ نثر کي
″مرصع″
يعني موتين سان جڙيل چوندا آهن. مثال: هو عجيب
حقائق ۾ گويا آهي ۽ غريب دقائق ۾ جويا آهي.
(3) عاري يعني اگهاڙو، اُهو نثر آهي جنهن جا فقرا
نه مرجز هجن نه مسجع. يعني جن ۾ نه وزن هجي، نه
قافيو جو رواجي عبارت جو نثر ٿيو.
مٿيان نثر جا قسم
″لفظي″
آهن يعني لفظن جي نظر تي مگر معنيٰ جي نظر تي يعني
″معنوي″
قسم جا ٻه نثر آهن. هڪڙو
″سليس″
ٻيو
″دقيق″.
سليس يعني آسان اُهو نثر آهي، جنهن جي معنيٰ
سهوليت سان سمجهه ۾ اچي ۽ دقيق اهو آهي جنهن جي
معنيٰ آسانيءَ سان سمجهه ۾ نه اچي، تڪليف سان
معلوم ٿئي.
انهن مان وري هر هڪ جا ٻه قسم آهن: هڪڙو
″سادو″
۽ ٻيو
″رنگين″.
ساديءَ عبارت وارو نثر اهو آهي، جنهن ۾ مضمون يا
مطلب ڪنهن به صنعت يا تشبيهات يا مناسبات کان
سواءِ ادا ڪيو وڃي ۽ رنگين عبارت وارو نثر اهو آهي
جنهن ۾ مناسب لفظ ڪم اچن. مثلا: جي بهار جو ذڪر
هجي ته شروع ّکان وٺي پڇاڙيءَ تائين انهيءَ سان
لاڳو لفظ يا مناسبات ڪم اچن، يا جي علم جو بيان
هجي ته انهيءَ سان لاڳو يا مناسب لفظ ڪم اچن.
مشق لاءِ نثر جي قسمن جا مثال
هو نابڪار ڄاڻي ٻجهي هن جو طلبگار ٿيو ۽ زر ۽ زور
سان هن کي هٿ آڻڻ ۾ ڪامگار ٿيو، پر سگهوئي پوءِ
اچي منجهانئس بيزار ٿيو ۽ آخر هن کي ناحق ماري
وجهڻ جو گنهگار ٿيو. منهنجو هڪڙو سنگتي رازدار
آهي، جنهن جو نالو نثار آهي. اهو انڪار بلڪل باطل
آهي جو ماڻهن کي قتل ڪري ٿو، سو قاتل آهي. مون
پنهنجي دل هن کي ڏئي ڇڏي آهي ۽ هاڻ اسان کي شادي
ڪرڻ جي اميد وڏي آهي. جي منهنجي ڳالهه نه مڃيندين
ته ضرور پاڻ کي نقصان پهچائيندين يا دل افروز جي
ٻانهن يا ٻنهي جي موت جي دانهن!
------
بادشاهه: اي وزير! نيڪ تدبير! ملڪ جو ڪهڙو حال
آهي؟ منهنجي رعيت ظلم ۽ ڏک کان فارغ البال آهي يا
سندن دل تي ڪو فڪر ۽ ملال آهي؟
وزير: حضور جي اقبال سان ۽ غلام جي سنڀال سان ملڪ
سڄو آباد آهي ۽ رعيت ساري دلشاد آهي، ننڍي وڏي جي
دل غم ۽ فڪر کان آزاد آهي.
ظريف: وزير کي ته رڳي خوشامد آهي، نه ته ملڪ دنگي
فساد سان برباد آهي. سرڪار جي عمر دراز هوئي ۽ بخت
سدائين ساز هوئي، هن تخت شهر ۾ ڏاڍو فساد آهي،
وزيرن ۽ اميرن ۾ بغض ۽ عناد آهي، نه داد آهي نه
فرياد آهي. جيڪو وزير صاحب جو ارشاد آهي، سو نسورو
غلط ۽ بي بنياد آهي.
---------
گلنار: واه صاحب واه! هيتري بيحيائي ۽ بيشرمي،
اهڙي گستاخي ۽ گرمي، ماڻهو پري پري بيهي ڳالهائي،
ڪين زور ڪري ڀاڪر پائي.
گلزار: اي حور، اهو منهنجو قصور! جي مون توکي ڀاڪر
پاتو ته ڪهڙو لقب لاتو؟ کڻي تون مون کان اُهو وير
وٺ ۽ ڀاڪر پاءُ ته تنهنجي دل ٿئي برجاءِ.
گلنار: واه! تمام هشيار آهين، ڏاڍو خبردار آهين!
گلزار: پياري! منهنجو گناهه معاف ڪر، پنهنجو سينو
صاف ڪر. آءٌ بيوس ۽ توائي آهيان، دل و جان سان
توتان فدائي آهيان.
گلنار: تون فدائي ناهين، ڪو ديوانو يا سودائي
آهين.
گلزار: سچ تو منهنجو مرض برابر سڃاتو آهي، پر اُهو
مرض مون کي تو ئي لاتو آهي. انهيءَ منهنجي سودا جو
علاج به تون ڪر، پنهنجي بيمار تي شفا جا هٿ به تون
ڌر.
گلنار: نه آءٌ ڊاڪٽرياڻي آهيان، نه بيمارن جي مون
وٽ سنڀال آهي. جي انهيءَ ديوانگيءَ جي دوا ٿي
گهرجيئي ته اجها چرين جي اسپتال آهي.
نثر مقفيٰ جو مثال
آخوند لطف الله جي
″گل
خندان″
مان
جنهن جي مٿي تي ترار چمڪو ڏنو، اُن جي سيرانديءَ
قضا ويهي رنو. پهر کن ۾ نوح جي طوفان جو پاڻي رت
سان مٽجي ويو، دشمن جو لشڪر هٽجي ويو ۽ شهپال جو
سر ڪٽجي ويو. لاشن جو ڍير لڳو، باقي لشڪر اُٿي
ڀڳو. جو ڀڳو سو ڇٽو، جو رهيو سو ڪـُـٺو. پوءِ ته
غازي صف مان ڇٽي پيا ۽ لـُـٽ تي ٽـُـٽي پيا. جيئن
ماريائون ۽ ڦٽيائون، تيئن ساڙيائون ۽ لٽيائون.....″
″......
سڀني چيو ته شاهزادا! کائڻ پيئڻ کان انڪار ڪرڻ
ناداني آهي. ماڻهوءِ جي کاڌي تي زندگاني آهي. جي
حياتي باقي ته سڀ آساني آهي. نا اميدي ڪم شيطاني
آهي.″
عاري يا رواجي نثر جي نسبت ۾ معلوم هجي ته ميرن جي
صاحبيءَ ۽ انگريز سرڪار جي حڪومت جي شروعات ۾ جڏهن
نثر جا ڪتاب لکجڻ لڳا، تڏهن نثر اهڙي ٻوليءَ ۾
لکبو هو، جو هندن توڙي مسلمانن وٽ هڪ جهڙو، بلڪ
جيڪي ڪتاب هندو لکندا هئا، سي به اهڙا هوندا هئا
جو مسلمانن کي انهن جي پڙهڻ ۾ ڪو اعتراض ڪونه
هوندو هو.
ٿورن ورهين کان هندو ماڻهو گهڻا سنسڪرت جا لفظ ڪم
آڻڻ لڳا آهن، جنهن ڪري مسلمانن کي انهن جي پڙهڻ ۾
گهڻي مشڪلات ٿئي ٿي. تعليمي ڪتاب، جي هندن جا لکيل
هئا، تن کي وري سڌارڻ جي لاءِ وقت بوقت ڪميٽيون
مقرر پئي ٿيون آهن.
انهن جدا جدا نثرن جا نمونا مقابلي لاءِ هيٺ ڏجن
ٿا.
1- ″تاريخ معصومي″ مان، لکيل ننديرام جو (سن 1861ع).
″هن
ڳالهه ۾ سنسو نه آهي ته جاني بيگ، ٺٽي ۾ وڃي، موٽي
ڦري. خانخانان چيو ته جيڪڏهن ڪوٽ ۾ ٽپي پونداسين
ته هڪڙو هيءُ ته چڱا چڱا ماڻهو مارجي ويندا، ٻيو
هيءُ ته هنن جا ٻار ٻچا لـُـچن جي هٿ ۾ پوندا ۽
اها هنن جي اڻلڄائي ٿيندي. اسين پرچاءُ ڪريون ٿا ۽
پاڻ وانگي پنجهزاري بادشاهه جي ٻيلهپ ۾ پهچائي
ڏينداسون ۽ سچ انهن جي ڏاهپ سهي (صحيح) هئي ۽ جاني
بيگ جي وڪيلن اچي ٻول ڪيو ۽ ماڻهو سيوهڻ ڏي
موڪليائون ته ڪوٽ کي ڦيرو ڏين ۽ پاڻ ٺٽي ڏانهن
سنڀريو ۽ خانخانان، پاڻيءَ جي چاڙهي جا ڏينهن سن
جي ڳوٺ ۾ گذاري، سياري جي آرنڀ ۾ ٺٽي ڏانهن
سنڀريو.″
2- ديوان ڪيولرام جي
″سوکڙي″
مان:
″نئڙت
ڪم بزرگن جو آهي ۽ هٺ ڪم شيطان جو آهي. نئڙت وڏي
فائدي وارو ڪم آهي ۽ هٺ وڏي ڇيئي وارو ۽ پڻ هڪڙي
ڪامل جو فرمودو آهي ته نئڙت وارو ماڻهو خدا کي
وڻي، دولتمند کي وڻي مگر شيطان کي نه وڻي ۽ هٺيلو
ماڻهو خدا کي نه وڻي، درويشن کي نه وڻي، دولتمندن
کي نه وڻي پر شيطان کي وڻي. هڪ سياڻي چيو آهي ته
اُن کي رحمت آهي جو نياز ڪري، پر نه اَڻ سرنديءَ
سان. هڪڙي حڪيم جو لطيفو آهي ته اُچا چانور، گهڻو
گيهه مصالحو وجهي، پلاءُ رڌي، منجهس لوڻ نه وجهجي
ته پلاءُ ڦڪو ٿي پوي ۽ جي گهرج کان وڌيڪ لوڻ وجهجي
ته کارو. تنهن وانگي، جنهن ماڻهوءَ کي دولت ۽
سونهن هئي ۽ نئڙت نه هوئي، سو الوڻي پلاءُ وانگي
ڦڪو ۽ جي هٺيلو هوئي ته لوڻ واري پلاءُ وانگي کارو
يعني بيسوادي.″
3- ديوان ڪوڙي مل جي
″پڪو
پهه″
مان:
″بيعلم
ماڻهو علم واري ماڻهوءَ کي معمولي ڪمن ڌاران ٻي
ڪجهه مدد ڏيئي نٿو سگهي. هو هن جي منصوبن ۽ رٿن ۾
هن جي پٺڀرائي ڪري ڪين سگهندو. باقي البت جيئن ڪو
هن کي هدايت يا ڪو هٿ ڏس ڪندو ويندو، تنهن وانگر
ڪجهه پيو ڪندو. هو گهڻو ڪري اها ڳالهه به وساري ٿا
ڇڏين ته اسان جيڪا چترائي ۽ تيز فهمي حاصل ڪئي
آهي، سا سڀ علم جي وسيلي سان. جيئن ته جيڪر ڪو شخص
ڪنهن جو روزينو مقرر ڪري ته هڪ ٻن ڏينهن تائين ان
جو احسان ياد ڪري ۽ ڪيترن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ اهو
احسان ان جي دل مان ميٽجي ٿو وڃي ۽ هو ڏيهاڙيءَ جي
روزيني کي پنهنجو حق ڪري ٿو ڄاڻي. انهيءَ پر پڙهيل
آدمي پنهنجي راءِ، تدبير ۽ قياس کي پنهنجي اصلي
طبيعت سان لاڳو ڪري ٿو.″
4- ساڳيو مصنف ديوان ڪوڙومل ڳچ ورهيه پوءِ هن طرح جي عبارت سان
لکڻ لڳو:
″ننڍيءَ
اوستا ۾ هن ڪويءَ جي چـِـت جو لاڙو ڌرم جي پاسي
گهڻو هو، انهيءَ ڪري هو وديا اڀياس ڪرڻ ۽ ساڌ سنگت
جو رس چکڻ لڳو. پر پنهنجي گروءَ جي سنگت ڪندي هن
کي ويراڳ اچي ويو، تنهن ڪري پنهنجي استريءَ سميت
انبرتسر هليو ويو. گروءَ کي به سندس سنگت مان گيان
پراپت ٿيو هو. جڏهن هن سرير ڇڏيو، تڏهن هن جي ڏاڍي
ورڌ اوستا هئي. سندس چالاڻي کي پنجٽيهه ورهيه کن
ٿيندا.″
5- ديوان خانچند جي
″سرسوتي″
مان:
″وويڪ
۽ ويچار - ٻئي پهريان ساڌن آهن، منشن جي سڌاري
لاءِ. جي ماڻهو ڀانئي ته پنهنجي کيپ چڱيءَ پر پوري
ڪريان ته وويڪ ۽ ويچار هلائي. ڪنهن جي هاڃي ڪري ته
خيال ڪري ته مون ڇا ڪيو ۽ جيستائين انهيءَ هاڃي جو
پورو پڇتاءُ نه ڪري، تيستائين سک نه سمهي. سچو من
جو سک تڏهن ٿيندو، حياتي سڦلي تڏهن ٿيندي. اڳتي
لاءِ سانڱاهي هلجي ۽ ايشور کان پرارٿنا ۽ آراڌنا
دوارا، ٻل پـِـني، دل کي ڪومل ۽ صفا ڪري.″
فصل ٻيو
(تشبيهات ۽ مناسبات)
اڪثر فارسي ڪتابن ۾ هيٺين قسمن جا تشبيهات ۽
مناسبات ڪم ايندا آهن، جي نثر توڙي نظم ۾ عام آهن.
جڏهن ته هاڻوڪو سنڌي نثر ۽ نظم فارسي نثر ۽ نظم جي
نموني تي ۽ انهن ساڳين قاعدن تي ٻڌل آهي، تڏهن
تشبيهات ۽ مناسبات ڄاڻڻ ڪري رنگين مضمون سمجهڻ ۾
يا لکڻ ۾ گهڻي مدد ملندي.
تشبيهات
تشبيهه قد جي:
سر و، صنوبر، شمشاد، سر و آزاد، سر و سهي، سر و
ناز، طوبيٰ، شاخِ طوبيٰ، شاخِ گل، قامت جا قيامت،
نخل يا کجي، تير.
تشبيهه وارن جي:
رات، اڌ رات، ڪاري يا اونداهي رات، ظلمات، هندؤ،
مشڪ، عنبر، دام، دار يا سـُـوري، شام، ڪڪر.
تشبيهه زلفن جي:
سـُـنبل، ريحان، ڪمند، زنجير، نانگ، سـُـوري، مشڪ،
شام، رات، عمر دراز، حبش، چهبڪ، وڇون، عنبر، رسو،
لام، ميم، نون، چوگان، صليب، ڪارو ڪڪر، ڪنڍي، دام،
هندو، ڪافر، خطا، ختن، تاتار، چين ۽ ڪاڪل.
تشبيهه منهن جي:
چنڊ، سج، شمع، چراغ يا ڏيئو، ڪعبو، مصحف، گل،
شعلو، مشعل، طـُـور، طـُـور جو تجلو، لاله،
ارغوان، صبح، باغ، گلشن، گلزار، چمن، بهشت ۽ باغِ
ارم.
تشبيهه خال يا تـِـر جي: هندو، شيدي - ٻچا، مشڪدانه، داڻا، هرمرو، نقطو، ونيون، حجر
اسود ۽ سونف جو ٻج.
تشبيهه پيشانيءَ جي:
آئينو يا آرسي، چانديءَ جي پيتي، لوح محفوظ، چنڊ،
هلال، بدر، سج، زهره، مشتري ۽ سهيل.
تشبيهه چيلهه جي:
وارُ، ميم، نقطو ۽ ڪي ڪين.
تشبيهه ڀـِـرن جي:
هلال يا نئون چنڊ، محراب، ڪمان، انڊلٺ، ترار،
ذوالفقار، خنجر، ڪمند جو حلقو، طاق، ڪـُـنجي، عيد
جو چنڊ ۽ نون.
تشبيهه اکين جي:
بادام، نرگس، تـُـرڪ، هندو، زهره، بابل، هاروت،
سامري، ساحر يا جادوگر، جام، پيالو، ڪٽورو، هرڻ،
غزال، صاد، عين ۽ بيمار.
تشبيهه پنبڻين جي:
خنجر، تيغ، ترار، ڀالو يا نيزو، تير، ڪنڊو، سئي،
باز جو چنبو، ڪانُ ڦر، ڏنگ، نيش ۽ نشتر.
تشبيهه نڪ جي:
الف، غنچو يا مکڙي - گل جي يا ياسمين جي.
تشبيهه چپن جي:
گل جا پن، آبِ حيات، خرما يا کجور، پستا، ڪوثر،
مسيحا، ماکي، مصري، قند، نبات، لعل، ياقوت، عقيق،
مرجان، باهه، ٽانڊا، شفق ۽ سهيل.
تشبيهه خط يا کاڏيءَ جي ريهه جي:
بنفشو، هندو، ريحان، زمرد، خطِ ريحان، خطِ غبار،
ساوڪ، ماڪوڙيون، چنڊ جو هالو، زنگبار، حبش، عنبر،
مشڪ، مشڪين جدول ۽ عنبرين يا زنگاري جدول.
تشبيهه وات جي:
غنچو يا مکڙي، پستا، مـُـنڊي، جوهر، فرد، نقطئه
موهوم، صفر يا ٻـُـڙي، عدم، سـِـپ، قطرو، موتين جي
دٻلي، مرجان جي دٻلي، ياقوت جي دٻلي، ميم،
ماڪوڙيءَ جي اک، مصريءَ جو ڪـُـوزو، نمڪدان.
تشبيهه ڏندن جي:
موتي، گوهر، دُر، ڳڙا، الماس يا هيرا، تارا،
ڏاڙهونءَ جا داڻا، ڪـَـتيون، موتين جي سر يا ڳنڍ ۽
ياسمين يا نسترن جي مـُـکڙي.
تشبيهه کلڻ يا مرڪڻ جي:
وڄ، صبحِ نمڪين، اڌ ٽڙيل مکڙي ۽ چمڪاٽ.
تشبيهه کاڏيءَ جي:
صوف، شفتالو، چانديءَ جي گلي، بـَـهي، بهشت جو
صوف، سمرقندي صوف، زنخ جو کوهه،
″ه″
جو حلقو، غبغب، پاڻيءَ جو ڪـُـن ۽ طوق.
تشبيهه ٻانهن ۽ هٿ جي:
چاندي، مرجان جو چنبو، شفق ۽
″الله″
جو لفظ.
تشبيهه نـُـهن جي:
نئون چنڊ يا هلال.
تشبيهه سخا جي:
دريا، سمنڊ، ڪڪر، مـِـينهن، چشمو ۽ آبِ حيات.
تشبيهه خوش خـُـلقيءَ جي:
خوشبو، مشڪ، ڪافور، هير، بهار جو واءُ ۽ عطر.
تشبيهه ڪاوڙ جي:
وڄ، باههِ دوزخ، جهولو، افعي، قيامت، خزان جو واءُ
۽ طوفان.
مناسبات
حسن جا مناسبات:
بيوفائي، خود بيني، خود نمائي، ناز، غمزو، انداز،
خونريزي، سنگدلي، چالاڪي، خوبي، جلوو، محبوبي، شوخ
چشمي، وعدي خلافي، زود رنجي، تلخ گوئي، تند خوئي،
شوخي، گار گند، دلبري، دلربائي، بي مهري،
خونخواري، دل آزاري، جانفزائي، ستمگاري، جفاڪاري،
فتنه انگيزي، فريب، ٺڳي، بهانا جوئي وغيره.
عشق جا مناسبات:
آه، فرياد، دانهن، بيخوابي، بيتابي، زاري نيزاري،
ضعف، اڻ سگهائي، جان نثاري، جانفشاني، خود سري،
آوارگي، خانه بدوشي، جنون، بيخودي، مستي، روڄ
راڙو، اڪيلائي، بي اختياري، دل جو تپڻ، ديوانگي،
بيگانگي، بيچارگي، سرگشتگي، پريشاني ۽ حيراني.
فقر جا مناسبات:
صبر، توڪل، تحمل، همت، مراقبو، مشاهدو، مجاهدو،
معاملو، محاسبو، مجادلو، عبادت، ارادت، قناعت،
رياضت، خاڪساري، پرهيزگاري، ترڪ دنيا، بيپرواهي،
شريعت، طريقت، حقيقت، گوشي نشيني، خلوت، معرفت،
تجريد، تقريد، دم، قدم، فڪر، ذڪر، محنت، مشقت،
عصمت، حق پرستي، خدا شناسي، سچائي، رضا، تسليم،
علم اليقين، عين اليقين، حق اليقين وغيره.
حڪومت جا مناسبات:
وڏائي، جاه و جلال، دولت، اقبال، حشمت، سخاوت،
عدالت، شجاعت، شفقت، مهرباني، عزم و جزم، شان و
شوڪت، فتح و نصرت، رعيت پروري، رعايت، ڪرم گستري،
فيض رساني، بردباري، تجمل، لشڪر ڪشي، ملڪ داري،
سرفرازي وغيره.
علم جا مناسبات:
ڪتاب، ورق، صفحو، شيرازو، نوشت خواند، قلم، ڪلڪ،
ڪاغذ، لوح يا تختي، نسخو، جلد، خط، ادب، اخلاق،
منطق، حڪمت، معقول، منقول، اسرار، رموز، اصطلاح،
صرف نحو، تاريخ، سير، قصص، تفسير، حديث، ڪلام،
مباحثو، مناظرو، قواعد، تذڪرو، اصول، فقه، فرائض،
نثر، نظم، بيان، معافي، هندسه، اقليدس، جبر مقابله
وغيره.
باغ ۽ بهار جا مناسبات:
وڻ، ميوا، باد صبا، هير، گل، مکڙي، گلاب، نرگس،
ياسمين، بنفشو، سرو، شمشاد، قمري، بلبل، چهچهو،
ڪـُـوڪـُـو، وهندڙ پاڻي، ماڪ، حوض، نهر، لاله،
چمن، سبزه، خوشبو، پستا، ترنج، ليمو، ٻج، ککڙو،
ساوڪ، نباتات، ڪڪو، مينهن، گوڙ، وڄ، واءُ، قطرو،
ڳڙو، ڪـُـن، وهڪرو وغيره.
انهيءَ طرح ٻين مضمونن بابت علحدا علحدا مناسبات
آهن.
فصل ٽيون
نظم جي بيان ۾
نظم جا ڏهه قسم آهن: قصيدو، غزل، تشبيب، مثنوي،
رباعي، قطعو، فرد، ترجيح بند، مسمط ۽ مستزاد.
(1) قصيدو:
لفظي معنيٰ قصد ڪرڻ يا مغز غليظ ۽ اصطلاحي معنيٰ
موجب ڳچ جيترا همزون بيت، جن مان پهرئين بيت جون
ٻئي مصراعون هم قافيه هجن ۽ ٻين بيتن جي فقط
پوئينءَ مصراع ۾ ساڳيو قافيو هجي. قصيدي ۾ تمام
ٿورا ته به ٻارهن کان مٿي بيت هجن ۽ گهڻي کان گهڻا
سؤ سوا بيت هجن. اڪثر شروع ۾ شاعر تمهيد يا ديباچي
وانگي مضمون آڻي ۽ پوءِ جنهن جي تعريف ڪرڻي هجي،
انهيءَ جو نالو ۽ صفتون آڻي يا ٻيو مضمون آڻي ۽
پڇاڙيءَ ۾ انهيءَ جي حق ۾ دعا گهري. قصيدي جو
مضمون علحدو علحدو ٿي سگهي ٿو. خدا جي تعريف، حضرت
جن جي نعت يا منقبت، ڪنهن بادشاهه يا امير جي
تعريف يا ڪنهن جي هجو يا شڪايت يا نصيحت يا ڪو ٻيو
مضمون. قصيدو مضمون جي نظر تي مدحيه يا هجويه يا
دعائيه يا عشقيه يا بهاريه يا فخريه يا حاليه
وغيره سڏبو آهي. شاعر جو نالو يا تخلص ضرور ناهي
ته پڇاڙيءَ واري بيت ۾ هجي پر ڪٿي به وچ ۾ اچي
سگهي ٿو، پڇاڙيءَ کان اڳي. قديم مشهور شاعرن جا
قصيدا مشهور آهن، انهن جي پيروي ڪرڻ گهرجي. پوين
شاعرن جي پيروي قصيدي ۾ ضروري ناهي. مثال طور ڪجهه
قصيدا ڏجن ٿا:
پردي جي تعريف ۾ قصيدو
عقل تي پردو پيو تن جي، جي ڄاڻن ڪين ٿا،
جي رهن پردي جي پردي ۾ لڪل ٿا فائدا.
زال جي لئه آهي پردو هڪ وڏي نعمت عجيب،
ٿي سلامت ۽ بچيل سا، اُن ۾، کان ظلم ۽ جفا.
جيسين پردي ۾ رهي، باپرده سڏجي، پاڪ پڻ،
نـِـڪتي پردي مان جڏهن، بيپرده ٿي ۽ بيحيا.
نازڪ آهي اصل کان بيشڪ بدن ۾ نازنين،
پر زياده نازڪ آهي عزت اُن جي اُن ڪنا.
مانَ سان موتي رهيو پردي ۾ سالم سپ اندر،
نڪتو ٻاهر، ٽـُـنگ ٿيس، بازر ۾ کاڌائين ڌڪا.
لعل ۽ هيرو سڄو سارو هو پنهنجيءَ کاڻ ۾،
نڪتا ٻئي ٻاهر جڏهن، ڇلجي ۽ پرزا ٿي پيا.
خاڪ جي پردي ۾ جيئري ٿي رهي هڪ هنڌ باهه،
جڏهن لٿس پردو، اُڏامي ٿي فنا وئي منجهه هوا.
وات جي پردي ۾ آهي زيب زينت ڏند کي،
نڪتو ٻاهر ويو اُڇلجي، جيئن اُڇلجن ٻيا هڏا.
مانُ منبر جو ڏسو مسجد اندر محراب وٽ،
نه ته ٻهر آهي سرون سو، يا ٽڪر تختي سندا.
قدر وارو ٿو رهي ڪهڙو نه گلشن ۾ گلاب،
ويو ٻهر، تڏهن آب نڪتس باهه تي ٿيو فنا.
دٻليءَ ۽ صندوق ۾ پيا قيمتي دُر ۽ گهـُـر،
پيا ٻهر ڀتر ۽ ٺڪر، ڳڻتي نه ڪنهن کي تن جي ڪا.
عورت آهي
″زال″
اُن جي معنيٰ اُوگهڙ آهي پڻ،
هر طرح عورت جو ستر ۽ پردو واجب دائما.
گوشه گيري ۽ قناعت زال جي تهذيب آهه،
ساڳي ايءَ تهذيب ۽ عادت رکن ٿا اوليا.
ڪم بـُـري کان پوءِ توبهه مرد جي ٿئي ٿي قبول،
زال جي عزت وئي جا، موٽي توبهه سان نه سا.
زال پردي ۾ بچيل آهي ٻهر جي حرص کان،
پڻ بچيل ايذا کان بدڪارن جي آهي بيشڪا.
بندُ ڄاڻن ڪين پردو بيبيون پرده نشين،
بلڪ ٿي بيپردگي تن لاءِ تڪليف ۽ بلا.
گهر اندر موجود تن کي هڪڙو عالم پنهنجو آهه،
جيئن رهن راڻيون ٿيون پنهنجي ملڪ ۾ فرمانروا.
سڀڪنهن جو سک رهي دل جي خوشيءَ تي منحصر،
۽ خوشي دل جي رهي ٿي منحصر عادت مٿا.
زال جي عادت جي ٿي گهر ۾ گذارڻ جي پڪي،
رهندي خوش پردي ۾، ٻاهر رنج نت رهندي اُها.
زال ڪمزور ۽ ضعيف الخلقت آهي اصل کان،
ٻاهريون پورهيو ۽ محنت ان جي لئه ٿيو ناروا.
اُن کي پيدا ڪيو خدا گهر تڙ سندي ڪم ڪار لاءِ، نسل جاري
ڪن، ڄڻي سي ٻار پالي ڪن وڏا.
پردي جو ٿيو ذڪر پڻ توريت ۽ انجيل ۾،
بـُـرقعو واجب هو ڪليسا ۾ اصل پردي بجا.
پردو آهي هر طرح اسلام ۾ واجب ضرور،
حڪم قرآن ۽ حديثن ۾ انهيءَ لئه ڪيترا.
زالون مستورات ٿيون جي مؤمنات ۽ محصنات،
تن کي جنت جي بشارت پڻ ڏني آهي خدا.
پردي جي ٿوري گهڻي هئي رسم هر مذهب ۾ اڳ،
پارسي، هندو ۽ چيني ۽ جاپاني ۽ ٻيا.
هن زماني ۾ اچي رولو پيو هر قوم ۾،
سڀ خيال ۽ فعل ۾ آزادگي ڳولڻ لڳا.
پر جي ڏسندو، فطرتي قانون ٿيو پردو اصل،
ڇاهي فطرت، خود خدا پردي اندر گهاري سدا.
ستر، پردو،. پوش، نت قدرت کي پڻ آهي پسند،
ماءُ جو ٿيو پيٽ پردو ٻار جي لئه اي ادا.
ٿيو اکين جو نـُـور قدرت سان ستن پردن اندر،
ڪـَـنَ جا پردا شل نه ڦاٽن، نه ته نه تن جي ڪا
دوا.
مغز ۽ ڇاتيءَ جي پيا صندوق ۾ دل ۽ دماغ،
سڀ رئيس اعضا خدا پردن اندر ڪيا جسم جا.
پـُـڇُ ۽ پـَـرُ ٿيو ستر پردو، لئه پکيءَ جانور،
ٻج ۽ گل ۽ ڦر، نباتي پردي ۾ ٿيا جابجا.
پڻ جماداتي جواهر، نيلم ۽ هيرو ۽ لعل،
موتي پڻ مهراڻ جا پردي جي اندر سڀ لڪا.
ڏس وري اربعه عناصر سڀ ٿيا پردي ۾ لڪل،
پهڻ ۾ ٿي باهه، پاڻي منجهه مٽيءَ ّ۽ منجهه هوا.
قيمتي گنج ۽ خزانا سڀ لڪا پردي اندر،
غيب سڀ پردي اندر ٿيو ڇا حياتي موت ڇا.
لفظ ۾ معنيٰ ۽ معنيٰ ۾ رهي مطلب لڪل،
شمع پڻ فانوس جي پردي ۾، پردي ۾ هـُـما.
هر طرف پردو ۽ ستر آهي نظر ۾ ۽ حجاب،
هوئي نه ماڻهن ۾ ۽ زالن ۾ ته پوءِ وا حسوتا.
حق جو نائب ماڻهو ٿيو، اشرف سو مخلوقات ۾،
ٿيو جي بيپردي، ته آدم شرمندو ٿيو ۽ حوا.
هر طرح دنيا ۾ رک پردي جي حد قائم
″قليچ″،
اعتدال افضل ۽ بد افراط ۽ تفريط ٿيا.
″ديوان
فاضل″
مان قصيدو عشقيه
سڻ، سڄڻ کي ڏج سنڀاري سر بسر ساٿي سلام.
ور وسيلا واڳ واري سر بسر ساٿي سلام.
ريءَ ڏسڻ راتيون ڏکن ۾ ٿي گذاريان ڏينهڙا،
محب، مهجوري ٿي ماري، سر بسر ساٿي سلام.
ننڊ نيڻن کان وئي، آرام تن کي ڪيو ترڪ،
ٿي گهنگر گولي گذاري، سر بسر ساٿي سلام.
يار تنهنجي يادگري روز شب ٿي روح کي،
ٿي ڪـُـهي صدا بار ساري، سر بسر ساٿي سلام.
هوت هيڻيءَ سان ڪرڻ هيڏي نه گهربي هئي اوهان،
دل نيان دلبر ڌتاري، سر بسر ساٿي سلام.
وقت جنهن ۾ پيو وڇوڙو، ويو وڍي واڳون وصال،
نت نماڻي ٿي نهاري، سر بسر ساٿي سلام.
محب! مون مسڪين کي ويئڙين وسيلا هت ڇڏي،
وِره ۾ ورنهه ويهاري، سر بسر ساٿي سلام.
ملڪ ۾ مشهور ٿي هئي هوت هيڏي حرص سان،
نينهن چاڙهي نئي نظاري، سر بسر ساٿي سلام.
دربدر ديدار لئه دلڙي نماڻي ٿي رهي،
پرت مان پلپل پڪاري، سر بسر ساٿي سلام.
مٽ مقابل محب تنهنجي مور ڪونهي ملڪ ۾،
ڪا گهڙي جنهن ساڻ گهاري، سر بسر ساٿي سلام.
جا هتي حيران هئي پر ٿي سڪي ساري سدا،
ڪيئن وئين سا ور وساري، سر بسر ساٿي سلام.
وَر وسارڻ ناهي لازم، جا ٻـَـجهي ٻانهي وئي،
پئي پڌر پورهيت پناري، سر بسر ساٿي سلام.
خط لکڻ جي وقت نيڻن رت نماڻيءَ جي رنو،
چئي هنجون هيڪار هاري، سر بسر ساٿي سلام.
دل جدائيءَ ۾ جيارا مفت جا ميري ٿئي،
سا اڇي ڪر تون اُجاري، سر بسر ساٿي سلام.
جو ويو هٿ سان هلي هت هو حبيبن جو وصال،
شال سو ڏاتر ڏياري، سر بسر ساٿي سلام.
دربدر دمدم نهاري ۽ ڪري ٿي
″هوت
هوت″،
ان طرح طالب تنواري، سر بسر ساٿي سلام.
ٿي ڪـُـسي قربان سا قالوا بليٰ جي قول سان،
منجهه الستي ڏس اشاري، سر بسر ساٿي سلام.
ٿي سڪي ساري سدائين ڳل ڳراٽيءَ لاءِ ڳري،
تنهن سندو ٺپ ٺار ٺاري، سر بسر ساٿي سلام.
عيب ڍڪ ان جا، اچي احوال ٻڌ اتفاق سان،
جان پئي ٻانهي ٻهاري، سر بسر ساٿي سلام.
عرض آگي کي ڪري هر هر کنيو هٿڙا ٻئي،
آڻ پرڏيهيءَ پياري، سر بسر ساٿي سلام.
مرتبي آهنجي نه ماپن سوکڙيون تحفا سڀئي،
جي ڏيان ڪي اُٺ قطاري، سر بسر ساٿي سلام.
ڇا ڏيان ڏوريان نهاريان، ڇا مـُـجان محبوب ڏي،
پرينءَ سان جو قول پاري، سر بسر ساٿي سلام.
پر مـُـڪم ڪو قدر تن مان، ڪج ڪرم
سين سو قبول،
ڀال ڀايان ٿي ڀلاري، سر بسر ساٿي سلام.
مرڪي آهن جي اسان سؤ سلام آن ڏي ڏنا،
سي لکيم هن خط ڪناري، سر بسر ساٿي سلام.
فڪر
″فاضل شاهه″ تان لاهين لياقت لطف سان،
ڪر صفا سيد سنواري، سر بسر ساٿي سلام.
″ديوان فاضل″
مان قصيدو هجويه
(جنهن ۾ وقت جي شاعرن جا نالا آهن)
سڌائي سخن جي خيانت صفائي،
سخن گو سڃاڻڻ ڪـُـڌائي ڪـَـچائي.
اندر شعر جي مرد مضبوط
″محڪم″،
انهيءَ کي عيان ٿي اڻائي سڻائي.
تشابـھ نه تن وٽ سندي سخن آيت،
سخن تي جنهين صاف همت هلائي.
مٿي دين
″محڪم″
سنگت ساڻ سالم،
انهن کي نه آهي عداوت اڻائي.
پون ٻن اهي ميڌ مردود مفسد،
ٻٽن جي رکي ٻيلهه ٻر ٻر ٻيائي.
فضيلت سوا ڪير
″فاضل″
ٿئي ٿو،
ادا عاريت علم جي سچ اجائي.
نه
″خورشيد″ خو آدمي ڪو ٿئي هڏ،
نه
″علوي″
صفت اي لهي سج سمائي.
نڪي طفل ري
″لطف″
لهندو لياقت،
تڪبر ڪري ترت
″تائب″ توائي.
ونڌن جي نه رنگين ڪلمو ڪلامي،
آهي جا سڃاڻن ڪچائي ڦڪائي.
مصنف مڻيادار
″محمود″
منصب،
سندن حق باطل انهن سـُـڌ سڄيائي.
ڀڃي لٺ لئيءَ مان اٿي ٿين شاعر،
سندي شاعرن سٽ سڃاڻن نه سائي.
ڪري عقل انصاف مربوط محڪم،
بنان برهه جي پاڙ پختي بنائي.
جڏهن ياد ڪئي يار ياري قديمي،
محبت تڏهن ڌوم دل تي مچائي.
ڪهي ڪير ڪل ڪونه غافل انهيءَ تي،
اسان يار سان آهي جا آشنائي.
قديمي قرابت ڪيم قرب اصلي،
نئي سر نئون، جلد وئڙي جدائي.
″ميان
محڪم الدين″
مشفق مڪرم،
اوهان ختم آهي صداقت سچائي.
اٿم يار
″الحق″
اخلاص اُن ڏي،
نه ريبي رعايت نه راسخ رمائي.
″اذا
وعد″
وارو پڙهي قول پاڻهي،
وفا ڪر وري يار وعدي وفائي.
منجهان دين
″فاضل″
مزو ماڻ محڪم،
اٿئي صدق ري سڀ بلاشڪ برائي.
(2) غزل:
لفظي معنيٰ موجب
″زالن
جو ذڪر ڪرڻ″
۽ اصطلاحي معنيٰ موجب اهو شعر جنهن ۾ پنجن کان وٺي
ٻارهن تائين بيت هجن، جي قصيدي وانگي هجن. يعني
هموزن ۽ هم قافيه ۽ پڇاڙيءَ واري بيت ۾ شاعر جو
نالو يا تخلص اچي ٿو. غزل ۾ مضمون اڪثر عشق ۽ حسن،
وصال ۽ فراق جو هوندو آهي. ڪڏهن تصوف ۽ ٻين ڳالهين
تي به ٿي سگهي ٿو. مهڙ جي بيت کي
″مطلع″
انهيءَ کان ٻئي کي
″حسن
مطلع″
۽ پڇاڙيءَ جي بيت کي
″مطلع″
چئجي. غزل ۾ جيڪو عمدو بيت هوندو آهي، تنهن کي
″شاهه
بيت″
چوندا آهن. الف - بي وار غزلن جي ڪتاب کي
″ديوان″
چوندا آهن. فارسي ۾ ڪيترا مشهور ديوان آهن. سنڌيءَ
۾ ٿورن ورهين کان غزل لکجڻ ۾ اچن ٿا ۽ ديوان به
لکيل آهن. مثال لاءِ هڪ غزل ڏجي ٿو.
*
رنج مان ويو رسي دلدار، خدا خير ڪري!
درد ۾ دل ٿي گرفتار، خدا خير ڪري!
دلبريءَ سان ته ڏنئين ڪونه دلاسو دل کي،
ويو غمن ۾ گڏي غمخوار، خدا خير ڪري!
لک ڪيم آزيون نيازيون نه مڃيئين منٿ ڪا،
ڪيئين اصل وصل کان انڪار، خدا خير ڪري!
جنهن کي سمجهيم ٿي سڄڻ، هاءِ! ڦري ٿيو بدخواهه،
دوست ٿيو دشمن خونخوار، خدا خير ڪري!
ڏوهه ڪنهن کي ڏجي ناحق، آهي قسمت جو قصور،
ٿيو دلا رام دل آزار، خدا خير ڪري!
دور دنيا جو عجب آيو، ٿي محبت معدوم،
شور شر نڪري ٿيو نروار، خدا خير ڪري!
بيڪسيءَ کون آهي حيران پريشان
″قليچ″،
سڀ ويس چارا، ٿئو لاچار، خدا خير ڪري!
*
″ديوان
گل″
مان
آهي ننڊ ندوري ۽ آرس اَڀاڳ،
سمهڻ سور سارو، اُٿي يار جاڳ.
چوري تند طنبور جي ڪر طالب،
ريجهي راءُ ڏيندو، لنگها! توکي لاڳ.
جنهن کي سڪ ڪيو سيني ۾ سوز سل،
صدا تنهنجي سـُـر ٿيو، روئڻ تنهن جو راڳ.
وڇوڙي جي دل ۾ لڳي جنهن ڇـُـري،
وِره ۾ وصل جي وهو ڏي وهاڳ.
پوي پوءِ کامڻ پچڻ جي ٻـَـهر،
توڻي ڪو پچي ٿو اندر دل ۾ داڳ.
جاڳي جو سـُـتو، دل ڏيئي رب کي،
ڀلي سو سمهي،
″گل″
سنئون جنهن سڀاڳ.
*
(″ديوان
فاضل″
مان)
منجهه اندر ٿي آڳ اَٽي، ٻـَـهر نڪري ڪين ٻاڦ،
جوش ۾ ٿي جان ڦاٽي، ٻـَـهر نڪري ڪين ٻاڦ.
درد ۾ دل دردمندن جي جلي، منجهه جوش جند،
ڄر وڌي ڄيري ڄراٽي، ٻـَـهر نڪري ڪين ٻاڦ.
هانوَ هڏ چم ساڻ اڱرا، سڀ سجهايا مغز ماهه،
عشق جي آتش اُساٽي، ٻـَـهر نڪري ڪين ٻاڦ.
دمبدم، غم ۽ الم جي ساهه تي هر صبح شام،
باهه ٻڙڪن کي ٻساٽي، ٻـَـهر نڪري ڪين ٻاڦ.
فڪر
″فاضل شاهه″ اندر ٿا اُڀامن آگ گهاءُ،
ڌڙ ڌريائون قلب ڪاٽي، ٻـَـهر نڪري ڪين ٻاڦ.
*
(″ديوان
سانگيءَ″
مان)
اسين عقل کان آهيون عاري، عزيزو!
اسان کي پرت آهي پياري، عزيزو!
زياده آهي قيمتي ڪيميا کان،
اسان جي اها خاڪساري، عزيزو!
اسان جهڙا مسڪين جنهن ڪيا مقرب،
ڏسو عشق جي بردباري، عزيزو!
رهيا دهر ۾ فند، فتنا ۽ بازي،
وچان ڳالهه وئي وِره واري، عزيزو!
اسان پاڻ ڪنهن سان نه ڪئي ڪا مروت،
اسان سان ڪندو ڪير ياري، عزيزو!
سياهيءَ مان وارن ۾ آڻي سفيدي،
۽ گذري وئي گلعزاري، عزيزو!
عجب هو اُهو پنهنجي جوانيءَ جو عالم،
نه هئي جنهن ۾ ڪا انتظاري، عزيزو!
تون
″عبدالحسين″ چؤ ته الحمدلله،
پرين سان اسان پرت پاري، عزيزو!
*
(″ديوان
بلبل″
مان)
سهڻا! ضرور توکي سينگار جو نه آهي،
ري زلف، دام دل لئه ٻيءَ تار جو نه آهي.
جي قتل لاءِ ڪنهن جي تون ٿو ڪشين ڪمر کي،
ابرو اٿئي ته مانگو تلوار جو نه آهي.
اٽڪايون اکڙيون اُن ۾، پر جي ڪو محض مقصد،
مڙگن جي مورچي کي پيڪار جو نه آهي.
هن نازنين جي قد سان همسر نه سرو ٿيندو،
جو ڪاٺ آڻگهڙيو ڪنهن ڪم ڪار جو نه آهي.
″بلبل″
تون هاڻ بس ڪر باريڪ بات هن کان،
اڄ قدر ڪوئي ڪنهن وٽ اشعار جو نه آهي.
*
(″ديوان
قاسم″
مان)
دنيا سان مَ رک ياري ڪڏهن،
جو ڪنهن ساڻ اُن پت نه پاري ڪڏهن.
ٿئين غرق جي غم سندي بحر ۾،
ڪنديئه ڪين هوءَ غمگساري ڪڏهن.
طلب اُن سندي محض تاوان آهه،
مَ ڪر لاءِ تنهن تات تاري ڪڏهن.
دنيا ڪوڙ، جا ڪوڙ سان گڏ ٿئي،
نه ڪنهن عارفن ري وساري ڪڏهن.
ڪري غير جي ترڪ
″قاسم″
طلب،
ڪجي ڪاڻ طاعت تياري ڪڏهن.
(3) تشبيب:
لفظي معنيٰ موجب
″شباب
يا جوانيءَ جو ذڪر″،
اصطلاحي معنيٰ موجب قصيدي جي مهڙ جا بيت، جي تمهيد
وانگر ايندا آهن ۽ جن ۾ مضمون جون صفتون مجمل طرح
آڻبيون آهن. انهيءَ کان سواءِ ٻين مضمونن تي به
تشبيب هوندا آهن. غزل ۽ تشبيب ۾ ٿورو تفاوت آهي.
مثلا:
جنهن کي عشق جو تير ڪاري لڳي،
جيڻ تنهن کي هن جڳ ۾ باري لڳي.
نه ايندو ڪڏهن تنهن جي دل کي قرار،
جنهن کي يار جانيءَ سان ياري لڳي.
محبت مرڻ تائين سو ڪيئن ڇڏي،
جنهن کي عشق جي بيقراري لڳي.
محبن کي نت آرزو وصل جي،
ملاقات پيارن جي پياري لڳي.
کلي جي ڪڏهن تن سان ڳالهائي يار،
رقيبن جي دل ۾ ڪٽاري لڳي.
(4) مثنوي:
″تثنيـھ″
مان نڪتو آهي، يعني
″جوڙو″
يا
″ٻه″.
اهو شعر جو هڪڙي وزن تي ٿو ٿئي ۽ هر هڪ بيت جون ٻه
مصراعون هم قافيي آهن. قصيدي يا غزل وانگي سڀني
بيتن جو هڪڙو عام قافيو ناهي. مثنويءَ کي
″مزدوج″
به چوندا آهن. فارسيءَ ۾ وڏن وڏن شاعرن جون
مثنويون آهن. سنڌيءَ ۾ به ٿوريون آهن، جيئن:
″بوستان″
۽
″زليخا″
جا ترجما. هيٺ مثال لاءِ اسين مشهور
″مثنوي
مولوي جلال الدين روميءَ″
جو ڪو ڀاڱو ترجمو ڪري ڏيون ٿا:
نئن جڏهن درياهه ۾ پئي، بحر ٿئي،
سج اڳيان ڪڪري به سج جهڙي ٿي ٿئي.
جڏهن پوي داڻو ٻنيءَ ۾، ٿئي ٻني،
آدمي بنجي، اصل جا هئي مني.
ماني جڏهن کاڄي ٿي ماڻهوءَ ۾ پئي،
هئي مـُـئل اڳي، پوءِ وڃي جيئري ٿئي.
باهه ۾ جڏهن ميڻ ۽ ڪاٺي ٿي چـُـور،
مٽجي ڪارنهن مان ٿئي ان ۾ ٿو نور.
پيسجي جڏهن پهڻ سرمو ٿو ٿئي،
تڏهن اکين ۾ روشنائي ٿو ڪري.
تيئن ڀلو سو مرد، جو پاڻئون ويو،
۽ مري جيئري سان سو شامل ٿيو.
واءِ سو جيئرو، جو مـُـڙدي سان وِهي،
ڏئي حياتي پنهنجي، مـُـڙدو ٿي پوي.
روح تنهنجو ڄڻ پکي پڃري ۾ آهه،
قيد مان تنهن کي ڇٽڻ جي رمز ناهه.
روح جي آهن ڇٽل پڃري منجهان،
انبيا ۽ اوليا ٿيا اصل کان.
سي ڇٽڻ جو توکي رستو ايءَ ڏسين،
جي مرين بيمار ٿي، ڇٽندين يقين.
خلق ۾ جي هوندين هت مشهور تون،
بند ۾ هوندين سندا رنجور تون.
ٻڌ ته هڪڙي ڳالهه آءٌ توکي چوان،
حق ٿئي معلوم توکي ان منجهان.
*
(مثال
″بوستان″
مان: مصنف سيد پناهه علي شاهه ۽ ميان غلام محمد)
ٻڌو مون ته ڪنهن هيڪڙي بادشاهه،
ڏنو وقت سڪرات جي ٿي پساهه.
تنهين بادشاهه کي نه اولاد هو،
نه ٻيو تخت جي ڪاڻ آماد هو.
ڏنائين گدا هيڪڙي کي تاج تخت،
گداگر ٿيو سو خداوند بخت.
گداگر جڏهن بادشاهي ڏٺي،
لڳي پوءِ تنهن کي فقيري مـَـٺي.
رکيائين وڏو بادشاهي دماغ،
ڍريو ڍونڍ جي ڪاڻ ظاهر سو زاغ.
چڙهي فوج سان، فوجداري ڪري،
رعيت تي محصول ڀاري ڌري.
ٿيو زور سان ظلم ۾ زور سخت،
ڪري ظلم سان زور آباد تخت.
ڪري جنگين سان جنگي خيال،
نه مسڪين محتاج جي ڪا سنڀال.
ڏٺو هو جنهين قوم زاري ظلم،
اٿاريو تنهين جنگ جهيڙو خلم.
ڪيائون تنهين ساڻ جهيڙو جدال،
ٿيو جنگ ۾ مرد مسڪين حال.
مثل مينهن جي ٿي وٺا تيز تير،
ڪري جنگ ٿيو عاجزيءَ ۾ فقير.
مـُـڪائين ڪنهين نيڪ ڏي آدمي،
وڃي چئو ڪري نيڪ جي خادمي.
منکي ورتو پڻ دشمنن زور سخت،
دعا ساڻ توفيق ڏي نيڪ بخت.
*
(مثال:
″سڪندر
نامـھ″
مان: مصنف غلام مرتضيٰ شاهه
″مرتضائي″)
بهار آيو، ٿيو باغ سرسبز واه!
ڏسي گل کي بلبل مٿي بادشاهه.
وڇايون وڻن هيٺ فيروزي فرش،
ٿي قمري ڪري سرو جي شاخ عرش.
ميوَن جا مزا واه، هردم متا،
گل آندي جهڪ مهڪ ٽڙيا موتيا.
چنبيليءَ جو چهرو سونهريءَ جي لهر،
ڪري بيٺي قصدون سا رابيل قهر.
نمايان نسرين، پيو نسترن،
کٽڻهار مکڙيون ٿيون قهقه کلن.
وڻن کي مليا ويس ساوا وڳا،
ولين جا وڃي ڦنگ چوٽون لڳا.
عجب عشق پيچن سندا پيچ تاب،
گل جعفري، چهره آفتاب.
ڏسو موڙ ميندن جا شب بـُـور شميم،
۽ بابونـھ زنبق جو رتبو عظيم.
ڪڍان ڪهڙي سوسن صفت صد زبان؟
چوان جنهن ۾ هيءُ باغ وارو بيان.
*
(مثال، ″گل
خندان″
مان: مصنف آخوند لطف الله)
اُڏر قاصد چتون! وڃ پار پرين،
وڇوڙين ڏي مڪو توکي وڇوڙين.
وڇوڙو جو پيو، پارڻ پيوسين،
جلڻ ۽ جوش ۾ گهارڻ پيوسين.
سدا توکي ٿو جاني، ساهه ساري،
الله شل وصل جو ڪو واءُ واري.
جهازؤن آءٌ ڇڄي جنهن دم ٿيس ڌار،
پئي ٽـُـلڪيس مٿي تختي تنهن وار.
کنيم هڪ ديوَ، تختي تان اُڏائي،
منکي قابو رکيائين قيد پائي.
مئن سان گڏ نه جيئرن ساڻ جوڙو،
الا، گهوريو وري اهڙو وڇوڙو.
وري طوطو وڇوڙيل رب واريو،
جنهن کي رات ڏينهن ٿي ساهه ساريو.
مگر تنهنجي وڇوڙي جا اندر سور،
جدائيءَ ۾ اَچو پلپل پون پور.
چتون! قاصد مـُـڪيوسين لاءِ خبر چار،
مگر تنهنجي ملي ڪا خير اخبار.
(5) رباعي:
ربع مان نڪتل آهي، يعني چار. هن شعر ۾ فقط چار
مصراعون آهن يا ٻه بيت آهن، جن مان ٽين مصراع کان
سواءِ ٻيون سڀ هم قافيي آهن. يعني چارئي قافيه دار
هونديون آهن، مگر رباعي جو وزن خاص مقرر آهي بحر
هزج. اُهو اڪثر هيءَ آهي:
″لا حول ولا قوت الا بالله″ يعني ″مفعول،
مفاعيل، مفاعيل، فعل″.
انهيءَ مان ڦريل گهريل ٻيا به وزن آهن، جي علم
عروض ۾ آهن. رباعيءَ کي
″دو
بيتي″
۽
″چهار
مصراعي″
به چوندا آهن.
″ترانه″
به سڏيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن رباعيءَ ۾ شاعر تخلص به
آڻيندو آهي. مضمون علحدا علحدا ڪم ايندا آهن.
فارسيءَ ۾ گهڻن شاعرن جون رباعيون آهن، جيئن ته
رباعيات عمر خيام، رباعيات جلال الدين رومي وغيره.
سنڌيءَ ۾ عمر خيام جون رباعيون ۽ ٻين شاعرن جون
رباعيون مون ترجمو ڪيون آهن، جي ڌار ڪتاب
″موتين
جي دٻليءَ″
نالي سان ڇپيل آهي. انهن مان ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا:
11- - |
جو پاڻي حياتيءَ جو ادا ٿو ڳولي،
سو خضر جي پيروي سدا ٿو ڳولي،
ڄاڻين ٿو ته ڪير آهي شيطان رجيم؟
انسان کان ٻاهر، جو خدا ٿو ڳولي.
|
2- |
هيءَ عمر جنهن ۾ تون رهين ٿو بيتاب،
پاڻيءَ تي آهي نقش يا آهي او حباب،
دنيا آهي خواب ۽ حياتي اُن ۾،
گويا آهي خواب، جو ڏسين ٿو منجهه
خواب.
|
3- |
ڏينهن رات ادا! تون جو خدا پيو ڳولين،
انڌو ٿي ڇو پاڻ کان جدا پيو ڳولين؟
حق تو سان پيو ڳالهائي سدا ۽ پيو چوي:
آءٌ توسان لڳو وتان تون ڇا پيو ڳولين؟
|
4- |
محتاجي عجيب، بـُـري فقيري پيري،
بيشڪ آهي وڏپڻ ۾ صغيري پيري،
ڏاڏي کان پڇيم: خراب پيري يا موت؟
اُن دانهن ڪري چيو ته پيري پيري!
|
5- |
ڪر ڌيان، مجاز سان حقيقت تون نه مٽ،
معراج جو وٺ مثال، چؤ وڌ نه گهٽ،
مـُـلا ٿا چون ته ويو نبي عرش مٿي،
صوفي ٿا چون ته عرش آيو اُن وٽ.
|
(6) قطعه:
قطعه مان نڪتل آهي يعني وڍيل يا ٽـُـڪر. اُهو شعر
جنهن جا بيت هم وزن ۽ هم قافيي آهن. انهيءَ ۾ غزل
جيترا بيت يا انهيءَ کان گهٽ ٿي سگهن ٿا، مگر
پهريون بيت يا مطلع ڪونه هوندو اٿس. يعني غزل جي
مطلع وڍڻ سان قطعه ٿيندو آهي. هن ۾ به بعضي تخلص
آڻيندا آهن. فارسي ڪتاب
″مقطعات″
جا گهڻا آهن، خصوصا ابن يمين جا. سنڌيءَ ۾ فارسي
ڪتابن جا قطعا ترجمو ڪري، ڪتاب
″چندن
هار″ ۾ ڇاپايا اٿم ۽ ڪي ٻين ڪتابن ۾. مثال:
1- |
ٻه ڏينهن عمر جا جيڪي بچيا اٿئي باقي،
وڃي جي گوشي قناعت جي ۾ مقام ڪرين.
ڍڳا وٺين ٻه ۽ پوکين اُتي زمين ٽڪر،
۽ مير هڪڙي جو، ٻئي جو وزير نام ڪرين.
رُکي حلال جي ماني اچئي جي اِن پر هٿ،
۽ پاسو دل جي خوشيءَ سان ڪنا حرام
ڪرين.
″قليچ″
ان کان ٿئي ته بهتر ڪنهن ٻئي جي
اڳيان،
رکين تون سيني تي هٿ ۽ جهڪي سلام
ڪرين.
|
2- |
چڱو زمين، زماني جو ڏيان مثل هڪ وار،
بساط ڄاڻ تون شطرنج جي وڇايل يار!
اڇا ۽ ڪارا ٿيا ماڻهو، جو رات ڏينهن
جو رنگ،
اِهي ٿيا راند جا مـُـهرا، وڙهن پيادا
سوار.
اچي ٿيا گهوڙا ۽ هاٿي ۽ اُٺ اُتي
موجود،
نه سـُـک وزير کي آهي، نه بادشاهه کي
قرار.
سڀن جو رخ ٿيو طمع ۾، ڏين ٿا شاهه کي
شهه،
۽ ڪشت ساڻ ڪرڻ مات، ٿي مڙن کي پچار.
قدم قدم هلي پيادا، وڃي سوار ٿين،
سنوان هلن ٿا سنوان ۽ ڏنگا ڏنگي
رفتار.
ٿو گهرجي صبر، تحمل ڌيان اڳ ڳڻتي،
سنوت، سچائي، هنر، عقل، هوش ۽ اختيار.
ڪرين عمل جي انهن تي، انهيءَ ئي عرصي
۾،
ته کٽ
″قليچ″
فتح نا ته بازي هار.
|
|
(قطعو،
″گل
خندان″
مان) |
|
عشق رهبر ٿيو جڏهن، آرام و راحت وئي ڇڏي،
عشق جو آزار مون کي گوندرن ۾ ويو گڏي.
واٽ وؤڙڻ پئي وندر ۾ ڪاڻ جانب منجهه
جبل،
ڏور ڏونگر ڏاکڙا ڏورڻ پيا هن جيءَ
جڏي.
|
(ايضا)
ڪو سـَـتي سورهيه اچي ميدان ۾،
ڪو اچي هشيار هن ميخانه ۾!
ٿي چيو مستن عيان منجهه وجدِ حال
آهي اسرارِ نهان پيمانه ۾.
بيغرض بلڪل اهو باطل تون ڄاڻ،
جو رهي ٿو عشق جي خمخانه ۾.
(7) فرد:
يعني ڇڙهو يا مجرد. اهو ٻن مصراعن وارو شعر، جنهن
۾ هڪڙي مصراع ۾ قافيي جو ضرور ڪونهي، پر ٻيئي
قافيه دار به ٿي سگهن ٿيون، جنهن صورت ۾ انهن کي
بيت چئجي ٿو. فارسيءَ ۾ مفردات جا ڌار ڪتاب اڪثر
ٿورا آهن. سنڌيءَ ۾ اسان فارسي ڪتابن تان مفردات
گڏ ڪري، ڪتاب
″املهه ماڻڪ″
۾ ڇپايا آهن. مثال هيٺ ڏجن ٿا:
ٿي قناعت جنهن کي، تنهن جي هٿ ۾ مٽي سونُ ٿي،
نفس جو پارو جو ماري، ڪيميا گر آهي سو.
------------
مرد ڪامل ٿئي جڏهن، پنهنجي وطن کي ٿو ڇڏي،
ٿو پڇي ميوو جڏهن، ٽاريءَ کان پنهنجي ٿئي جدا.
------------
آدم کي سجدو هن نه ڪيو، حق کي هـُـن ته ڪيو،
شيطانُ بي نماز کان بهتر هزار بار.
------------
لاهي صندل مٿي جو سور ضرور،
پر لهڻ ان جو ٿيو مٿي جو سور.
------------
جيسين هستي نه تنهنجي ٿيندي گم،
ڄاڻندين ڪين ڇاهي
″هو محڪم″
------------
″شاهه″
آهي، جو تنهنجو ٿيو دربان،
ميزبان آهي تنهنجو ٿيو مهمان.
(مثال،
″ديوان
فاضل″
مان)
″سچو″
رهه نه ڪر ڪوڙ ڪنهن سان ڪڏهن،
ڪتر ڪوڙ سڻ آهي ايمان جي.
------------
ڪيو ڪوڙ جن، سي نڀاڳا نڪار،
نبا نيٺ ناقص اندر ننڌ نار.
------------
لاريب رمز وارن، رونشو روا نه آهي،
ري حب هوت هن کي هرگز هوا نه آهي.
------------
(مثال
″گل
خندان″
مان)
مون مسافر ساڻ مورؤن دل لڳائڻ نا روا،
اڄ هتي منزل، سڀاڻي ماڳ ٻئي، منهنجو مڪان.
------------
جي طبيب آهين ته منهنجي زخم جو ڪر ڪو علاج،
ورنه ڇاکي اي مسيحا! معجزي جو دم هڻين؟
------------
دم سچائيءَ جو نباهي ڪو سچو سالم نڌان،
اَڄ سچارا سال صحبت، لوءِ ويا لائق لڏي.
------------
(مثال
″ديوان
قاسم″ مان)
اڄ آهي دوست ڌاران، دل دردمند منهنجي،
سچ ٿا چون سياڻا ته بنا ِّ درد واري.
------------
مون سندي دل درد ۾ دلگير درماندي ڏسي،
سان دلاسي، دلگهرئي دلدار دلداري ڪئي.
(8) ترجيع بند:
ترجيع جي معنيٰ آهي موٽائڻ. اصطلاح موجب هيءُ اهو
شعر آهي جنهن ۾ پهرين غزل وانگي ڪي هم وزن ۽ هم
قافيي بيت آڻي، پوءِ هڪڙو بيت، خاص ساڳئي وزن ۾،
مگر علحدي قافيي وارو آڻجي. انهيءَ کي ″بند″
سڏيندا آهن. انهيءَ طرح وري ٻيو بند هجي. اهڙا
گهڻا ئي بند ٿي سگهن ٿا. پوءِ جي هر هڪ بند جي
پڇاڙيءَ وارو خاص بيت ساڳيو وري وري اچي، ته
انهيءَ کي ″ترجيع بند″ چئبو ۽ جي اهو خاص بند، ٻيو
نئون نئون هوندو ته انهيءَ کي ″ترڪيب بند″ چئبو.
هر هڪ بند ۾ پنجن کان گهٽ بيت نه هئڻ گهرجن ۽
يارهن کان مٿي نه. فارسيءَ ۾، ترجيع بندن جا ننڍا
ننڍا ڪتاب گهڻا آهن. سنڌيءَ ۾ ڪونهي. ترڪيب بند جو
هڪڙو مثال اسين پنهنجو ڏيون ٿا:
دوستو! آغاز خلقت جو جي وسهو ٿا اوهين،
آهي هيءَ سنسار هڪ اسباب جو عالم يقين.
هيڏي ڪکُ هوڏي جبل، هيڏي ذرو ۽ هوڏي سڄ،
سڀ کي وئي اسباب جي نوڙي وڪوڙي ور هڻين.
هونئن ته جي رب چاهي تا سببن جو ڦيرائي اثر،
پر نه اُن قادر جي عادت آهي اهڙي مورهين.
ٿئي ٿو جهـُـڙ تڏهين، سمنڊن مان اُٿي ٿو جڏهن بخار،
جڏهن پوي بارش، تڏهن گلزار ٿئي روئي زمين.
جاري ايءُ قانون ٿيو اُڀ تائين، ڌرتيءَ کان وٺي،
واٽ ايءَ آهي اُنهيءَ مختار مالڪ کي وڻين.
ان طرح جي ٿا نظر ڪن قدرتي قانون تي،
پيشگوئي ڪن ٿا سي، شڪ تنهن ۾ پڻ آڻين ڪين.
روشنائي ڏينهن جي ٿا سي جڏهن ويندي ڏسن،
شڪ شبهي کان سوا ٿا رات تڏهن ايندي ڏسن.
قدرتي قانون ان پر آهي، جڏهن جوڙيو خدا،
تڏهن ضرورت نيٺ سڀ اسباب جي ايندي بجا.
هاڻ ڏسڻو آهي تا اُن قوم جو ڇا ٿيندو حال؟
سڙڪ شاهيءَ کي ڇڏي جنهن پيچرو ورتو جدا.
ٻيون سڀئي قومون هلن ٿيون وقت سان في الحال ٻـِـٽ،
هيءُ پئي پٺتي ڪري، منهن پنهنجي پونين جي پڇا.
ٻيا سڀئي ترندا وڃن ٿا وهڪ تي درياهه جي،
هي، درياهه ابتي وهائڻ لاءِ پيا مارن مٿا.
ٻيا ٿا ڏيکارين پنهنجا پنهنجا جوهر ذاتي سڀ،
هي ڏيکاريندا وتن جوهر وڏن جا جابجا.
ٻيا ٿين مفلس ته ڪن روزيءَ جي ڳولا هر طرف،
هي ٿين مفلس ته قسمت جي وتن ڪندا گلا.
زندگي جنهن قوم جي دنيا ۾ گذري اهڙي ريت،
رهندي پوءِ سا قوم دنيا ۾ ٻڌايو ڪهڙي ريت؟
(انهيءَ طرح ٻيا به گهڻا بند آهن. اهي پهريان ٻه
بند به مختصر طرح لکيا ويا آهن)
(ترجيع بند، ″ديوان فاضل″ مان)
الهه جي اڳيان انتظاري ڪجي،
تياري طلب تات تاري ڪجي.
شب و روز درگاهه ۾ ڌڻيءَ جي،
ڇڏي زور اظهار زاري ڪجي.
ڪڍي غير غفلت ڪشي قلب ما ن،
سماچار سڀ سـُـرت ساري ڪجي.
همه خلق سان هوئجي خوش خليق،
نه اغيار سان يار! ياري ڪجي.
رکي فڪر ″فاضل″ ڀلي بيت ڏي،
هلي حق تي هوشياري ڪجي.
ڪڍي غير جو غرض من مان مگر،
مٿي واٽ وحدت، ڪشي ٻڌ ڪمر.
وڃي وؤڙجي واٽ وحدت وصال،
محبت سوا ڪر نه ڪائي مقال.
رهج عشق وارن سندي ملڪ ۾،
ڏسين عشق مان تون عجب آل جال.
ملڻ لاءِ تون محب محبوب جي،
قرعا قرب جا وجهه به في الحال فال.
مٿي ديد ديدار دلبر سندي،
ڪجي ڪوڏ قربان ڪل محض مال.
منجهؤن فيض هن فرد ″فاضل″ وٺي،
چڱي رک چتائي چڱي چست چال.
ڪڍي غير جو غرض من مان مگر،
مٿي واٽ وحدت ڪشي ٻڌ ڪمر.
(9) مسمط:
تسمط مان نڪتل آهي، جنهن جي معني آهي موتي ڌاڳي ۾
پوئڻ. اصطلاحي معنيٰ موجب هڪڙي مصراع تي ٻيون ڳچ
جيتريون مصراعون هم وزن ۽ هم قافيه گڏ آڻڻ. پوءِ
جي اهڙيون ٽي مصراعون هونديون ته انهيءَ کي ″مثلث″
چئبو ۽ جي چار هونديون ته ″مربع″ چئبو ۽ جي پنج
هونديون ته ″مخمس″، جي ڇهه هونديون ته ″مسدس″، جي
ست ته ″مسبع″، جي اٺ ته ″مثمن″ جي نوَ ته ″متسمع″
جي ڏهه ته ″معشر″. فارسيءَ ۾ گهڻا ئي مسمط آهن،
مگر سنڌيءَ ۾ اڪثر مسدس ڏٺا ويا آهن. سي به خاص
ڪري ثابت علي شاهه جا، جي منقبت يا مرثيا آهن.
مثال لاءِ اسين پنهنجا ڪي مسمط ڏيون ٿا:
″مربع″
آ موٽي سڄڻ! جو اڄ بهار آهه،
صحرا سڄو ڏس ته لاله زار آهه،
ڀرپور گلن سان شاخسار آهه،
بلبل جي انهيءَ ڪري پڪار آهه.
آ موٽي هلي وسايون خلوت،
۽ پاڻ اڄ ڪريون ڪا صحبت،
ڄاڻون هي ٻه - چار ڏينهن غنيمت،
جو عمر تي ڪونه اعتبار آهه.
آ موٽي، ڪريون قرار ڪو دم،
ڪي ڏينهن ڇڏيون وساري سڀ غم،
صحبت ري سڄڻ! ڪريون نه ٻيو ڪم،
دنيا رڳو خواب ۽ خمار آهه.
″مخمس″
جي ابن الوقت آهن، تن جي لاءِ آزار ٿيو پردو،
نه جن کي ننگ ۽ ناموس، تن لاءِ عار ٿيو پردو،
تماشائي جي ميڙن جا، تني تي بار ٿيو پردو،
جتي شرم ۽ حيا ڪونهي، اتي بيڪار ٿيو پردو،
اکين ۾ تن انڌن جي ڄڻ چڀڻ لاءِ خار ٿيو پردو.
لکين خوبيون ۽ نيڪيون پاڻ ۾ پردو لڪائي ٿو،
هزارين فائدا ديني ۽ دنيائي رسائي ٿو،
گناهن کان گهڻن قسمن جي مردن کي هٽائي ٿو،
بد انديشن ۽ بدڪارن کان زالن کي بچائي ٿو،
شرارت، شيطنت ٽارڻ جو ذمه دار ٿيو پردو.
(″مخمس″ ديوان فاضل مان)
مجان پرت پيغام منٺار ڏي،
سندو سڪ سدا شوق سردار ڏي،
دلا رام دلبند دلدار ڏي،
سڀن جي سڄڻ سونهن سينگار ڏي،
اَجهي يار آرام آڌار ڏي.
رئان روح ۾ لاءِ تو رات ڏينهن،
وسايان اکين مان مٺا محب مينهن،
ڪري گوڙ آيو سندئي سوز شينهن،
نباهيان ڪنهين نوع تو ساڻ نينهن،
سندي اُن سگهي تون سماچار ڏي.
محبت اسان سين مٺا! ڇو مٽي؟
وڃي قرب ويرن وهو ٿو وٽي،
لنگهيل لطف لالن لکيڻا لٽي،
سندو پرت پاسو سو سانول پٽي،
بلا ڇو منجين باز بيمار ڏي.
(″مربع″ جو مثال، ثابت علي شاهه جي مرثين مان)
آهي ڏاڍو ڏينهن قيامت جو ڪتابن ڪئي خبر،
خلق سڀ عرصات تي اٿندي ڪري هـُـل ۽ حشر،
ني ڪفن ڪنهن
کي، نه ڪنهن کي ستر جامو سر بسر،
پنهنجي پنهنجي حال هئي هئي هوندو،
حيران هر ڪدام.
هڪ طرف دوزخ تپي ڏيندو ڏوهارين کي عذاب،
باهه جي زنجير ظالم بند هوندا بيحساب،
ڪـُـوڪندي ڪافر ڪندا ″ياليتني ڪنت تراب″،
يا رسول الله! رس، اي جڳ اَجها عالم امام!
جنهن ڪنهين هن جڳ ۾ ڪئي نامحرمن جي
منهن نظر،
اُت اکيون نرگس جيئن نڪري سرکئون ايندس منجهه سقر،
ڄڀ ڄڀي هوندي مگر جيئن جنهن گلا ۾ ڪيا گذر،
نار جي نانگن جا هوندا لاٽ حورن منهن لغام.
(″مسدس″ جو مثال، ثابت علي شاهه جي مرثين مان)
آخران ناني به سيني لائي پنهنجو دلربا،
منهن چمي چيو ٿي اي منهنجا روزه دار- ڪبريا.
عمر ننڍپڻ ۾ ابا روزا معافي ڪيا خدا،
جڏهن خدا توکي وڏو ڪيو تڏهن رکج روزا ابا.
توکئون الحق ٿي ادا سڀ حق تعالي جو هي دين،
هاڻ هي تڪليف توتي ناهي بابا فرض عين.
(″مسدس اٻوجهي″ مان مصنف مولوي الهه بخش)
سٻوجي وڏا وقت پنهنجا وڃايا،
انهيءَ خير ۾ پير پنهنجا ڄمايا،
وڏي هوش سان ڪارخانا هلايا،
وڏي عقل سان ٺاهه ڏاڍا ٺهايا،
سڀئي مشڪلايون ويون حل ٿينديون،
۽ آسانگيون پير پنهنجا ڀرينديون.
″مسدس″
ڪچري گڏيل مٽيءَ ۾ جي زر هوئي ته هٿ ڪجي،
اشراف ڌيءَ غريب جي گهر هوئي ته هٿ ڪجي،
آبِ حيات زهر ۾ گر هوئي ته هٿ ڪجي،
ڪنهن بيوقوف ۾ به هنر هوئي ته هٿ ڪجي،
ادنيٰ مان نقص پهچي ڪو اعليٰ جي شان کي،
دونهين مان داغ ڪين لڳي آسمان کي.
عورت هجي نه جڳ ۾ ته بدحال هوئي مرد،
ري جسم جان، مالڪ ري ملڪ آهي فرد،
ريءَ حسن رنگ عشق جو آهي زدو ۽ زرد،
جيئن سج جي ٿو بنان رهي سارو جهان سرد،
عورت جي مرد کي نه هجي ها نوشت ۾،
آدم به بيقرار هجي ها بهشت ۾.
(گهڻا مرثيا مسدس آهن ۽ ڪي مربع به ۽ گهڻا منقبت
مخمس آهن)
(10) مستزاد:
جڏهن شعر جي هر هڪ مصرع يا بيت کان پوءِ ٻه - ٽي
لفظ زياده آڻجن، پوءِ اهو فقرو مصراع وارو قافيو
رکندو هجي يا نه. قديم شاهر فقط رباعي کي مستزاد
ڪندا هئا، پر پويان شاعر غزل به مستزاد چوندا آهن.
مثالن لاءِ پنهنجين مستزادن مان ڪي نمونا ڏيون ٿا:
1- چيو ڪالهه طبيب کي وڃي مون لاچار-
آهــــــيــــــان بــــيــمــــار.
ڳڻتين ۾ رهان رات سڄي ٿو بيدار-
ڪـــــر ڪـــــو ويچـــــار.
چيئين نبض ڏسي منهنجي، اٿئي عشق جو مرض-
توتي ٿيـــــو فرض.
تا ترت ڪرين، جيڪو هجي تنهنجو يار-
تنهن جـــــو ديـــــدار.
2- شرف آدم جي ۾، ڪل خلق کي انڪار نه آهه-
حق جي ٿي ان تي عطا.
آن کي پڻ ان کان هي انڪار سزا وار نه آهه-
سڀ چئون اُن تي ثنا.
جي جي گڻ خواهه هنر ان ۾ خدا ڪيا موجود-
ڇا ڪريان تن جو بيان.
اي پرين مون ۾ هڏهن طاقت گفتار نه آهه-
ڪيئن ڪريان وصف ڀلا.
(غزل، مستزاد ۽ موشح، ″ديوان فاضل″ مان)
حسن هر هر هوت جو حورون ڪري حيران هڻي-
سر بسر سينگار سان.
پرين جي پيرن پوان پامال ٿيون پريون پڻي-
جوت جي جنسار سان.
آهه احسن يار جو آواز عمدو سان اداءِ-
شهد کان شيرين تر.
ترت طوطيءَ کان تمامي گوءِ نه گوهر کڻي-
گفتگو گفتـــــار ســـــان.
جوت جانب جي ڪيو جنسار جوهر جو جهڪو-
مـــــانُ مرواريـــــد جو.
ڇَٽُ ڇڄي پَٽَ تي پيو ڇمڪو سڻي ڇوهون ڇڻي-
دٻدٻي ديـــــدار سان.
بخت تن بيدار بيشڪ هوت جن جي هنج ۾-
پـــــاڪ پاڳـــــارو پنهل.
سي وتن سرها سدائين ڌار دولت جا ڌڻي-
وڌ وڏي واپار سان.
چنگ چوري چست چاهون برهه جي بيمار کي-
صحت ڏي ساجـــــن سڏي.
واه! ويچاري وسيلي ويڄ جي وائي وڻي-
تندرستي تار سان.
لال لب لالن سندا، لالا لطافت لاڏلا،
سرخ ۽ ســـــُوڌا سنوات.
طالبن تن مان تلذذ ترت نيو توڙون تڻي-
عشق جي آڌار سان.
حرف جي هر بيت جو پهريون پڙهين ”فاضل″ فقير-
طور تون توشيح جي.
هوت کان حاصل ڪرين تا قرب جي ڪامل ڪڻي-
نام جـــــي نـــــروار سان. |