سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :8

ڊاڪٽر ڪنائر زور ڏيندي فرمايو ته:

”عام طور سياحن جي ڪتابن ۽ مواد ۾، موهن جي دڙي مان هٿ آيل ڏاڙهيءَ واري ماڻهوءَ جي مورتي، ’ديوتا‘ (King priest) جي مورتي نه آهي، پر اها مورتي ڪنهن قوم يا جاتيءَ جي سردار يا چڱي مڙس جي يادگار مورتي آهي. هن (مورتي) جي مٿي جي ڪياڙيءَ وارو حصو، ويٺل، (flat) آهي. مٿي جو اهو حصو (ڪياڙي)، انهيءَ ڪري ويهاريندا هئا ته جيئن مٿي تي پٽڪو يا پڳ بيهي سگهي. پٽڪي جو اهو نمونو اڄ به سنڌو-ماٿر جا اصلوڪا رهاڪو جاري رکيو اچن.“ 58

 

پروفيسر ڪنائر جي انهيءَ تحقيق مان ثابت ٿو ٿئي ته، واديءِ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن ۾ تسلسل، هر دور ۾ قائم رهيو آهي ۽ زماني جي تبديليءَ سان گڏ اهو تسلسل، ٿوريءَ تبديليءَ جي باوجود قائم رهندو اچي.

4- سنڌو-تهذيب، آرين جي اچڻ کان اڳ، هڪ ترقي يافته تهذيب هئي:

هن حقيقت کي هر ماهر تسليم ڪيو آهي ته موهن جي دڙي واري تهذيب، سنڌو-ماٿر ۾، آرين جي اچڻ ۽ اُنهن جي فتح کان اڳ، هڪ ترقي يافته تهذيب هئي. هن حقيقت کي سڀ ماهر قبول ٿا ڪن ته آريا سنڌو-ماٿر ۾ هڪ گروهه يا هڪ قبيلي جي صورت ۾، يا هڪ ئي وقت گڏجي ڪونه آيا هئا، ڪن ماهرن جي راءِ موجب آريا، سنڌو – ماٿر ۾، ايران کان آيا. پر ڪن ٻين ماهرن جي راءِ آهي ته آرين جا ڌار ڌار قبيلا، هڪ ٻئي پٺيان ( ڪجهه ڪجهه عرصي کان پوءِ) سنڌو- ماٿر ۾ داخل ٿيندا رهيا. ڪي ايران واري واٽ وٺ هندو- ڪش جبلن جي لڪن مان لنگهي، واديءِ سنڌ جي اُتر ۽ اُتر-اولهه وارن خطن ۾ داخل ٿيا.  ۽ ڪي سمنڊ رستي، سنڌو-ماٿر جي ڏاکڻئين خطي ۾ آيا. 62

 

هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر مهر عبدالحق جو رايو آهي ته:

”ڪاڪيشس جبلن جون ’اَلبرز قطارون‘ (Alburz ranges) اُڪرڻ کان پوءِ، آريالوڪ، ايران جي اوڀر وارن علائقن ۾ پهتا. اُهي آريانا (Aryana) ۾ ڪجهه عرصي تائين ترسيا ۽ پاڻ کي ’آريانا‘ ملڪ جي نالي پٺيان ’آريا‘ سڏايائون ۽ ’زردشت‘ (663-660 ق- م) جي مذهب جون ڪريائون سکيائون. هو پوءِ هتان، پنهنجي مال جي ڌڻن سان اڳتي هندوڪش جبلن طرف وڌيا. انهن جبلن (هندوڪش) جي دڙن مان اُڪري، اُهي سنڌو-دريا جي اُتر ۾، پهاڙي علائقي ۾ پهتا، جتان هو هيٺ وڌيا ۽ سنڌو-ماٿر ۾ داخل ٿيا، جنهن کي هنن (آرين) ’سَپت- سنڌو‘ يعني ’ستن دريائن جو ديش‘ نالو ڏنو، جنهن نالي کي پوءِ ’سئَنڌُوَ‘/’سنڌو‘ لفظ جي صورت ۾ بدلايو ويو.“63

 

ڪئپرس لکي ٿو ته:

”واديءَ سنڌ جي ‘ڊمگهن‘ (Damghan) ماڻهن جو تعلق موجوده پنجاب جي ماڻهن سان ايترو ته گهرو آهي جو هي نسل ’اَرل ڪَئسپيئن‘ (AralCaspain) سمنڊ جي ’سير‘ (syr)، ’اَمون‘ (Amon) ۽ ’داراجا‘ (Daraja) جي بالائي- درمياني خشڪ گذرگاه (لنگهه) کان لڏي، هندو- ڪش جبلن جي تنگ ۽ سوڙهن دڙن مان لنگهي، اُترين لاهين ۽ سنڌوءَ درياءَ جي بالائي خشڪ گذرگاهن کي تلاش ڪندي، آخر پنجاب پهتا ۽ اُتي ئي رهي پيا.“64

 

سنڌو- ماٿر تي ڌارين جا حملا هميشه ٿيندا رهيا آهن. تاريخ شاهد آهي ته انهن حملن جي باوجود، ۽ هن واديءَ تي ڌارين ۽ حمله آورن جي قبضي ٿيڻ جي باوجود، هن سر زمين جي سموري آبادي، يعني هتي جا رهاڪو يعني سڀ ماڻهو، حمله آورن جي خوف ۽ ڊپ وچان، پنهنجو ملڪ ۽ پنهنجي زمين ڇڏي، هتان ڀڄي ڪونه نڪتا هئا، البت سندن آباديءَ جو ڪجهه حصو، يعني ڪي ڪٽنب ۽ ڪي قبيلا، خوف ۽ هراس وچان، هتان لڏي، ڀر وارن ملڪن يا رياستن ۾ پناهه يا اَجهي وٺڻ لاءِ ضرور ڀڄي ويا هوندا، جيئن ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ ڪتاب ۾ چيو ويو آهي. ان راءِ ۾ هيئن چيو ويو هو.

”اسلام جي آمد کان اڳ واري سنڌي علم ادب جي تاريخ جي ڪا به خبر پئجي نه سگهي آهي. هن ڏس ۾ راجسٿان ۽ گجرات جي پراڻن ڪتبخانن کي اٿلائن پٿلائڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته فاتح سنڌ، غازي محمد بن قاسم جي حملي وقت (712ع)، ۽ ديبل جي فتح وقت، ڪي سنڌي لوهاڻا ۽ ٻيا، ڀر وارين غير- مسلم حڪومتن ڏانهن لڏي ويا ۽ اوڏانهن وڃي پناهه ورتائون ممڪن آهي ته لڏ پلاڻ وقت هو ڪي علمي ۽ ادبي شيون پاڻ سان کڻي ويا هجن، جيڪي شايد هن ڏس ۾ اسان جي رهنمائي ڪن.“65

 

بلڪل اهڙيءَ طرح، آرين جي حملي وقت به، ماڻهن جي آباديءَ جي اڪثريت حمله آورن جي اڳيان پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري، سندن آڻ مڃي هوندي ۽ اُنهن (حمله آورن) کي پنهنجو حڪمران قبول ڪيو هوندو، ۽ پنهنجن پنهنجن ماڳن ۽ مڪانن تي ئي، رهجي ويا هوندا. اهو ئي سبب آهي جو هزارين سالن جي گذري وڃڻ جي باوجود، سنڌو- تهذيب ۽ تمدن ۾ تسلسل، قائم ۽ دائم رهندو آيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو آمريءَ جي دڙي، ڪوٽ ڏجيءَ، ڪاهُوءَ جي دڙي، چانهُوءَ جي دڙي، جهُڪر جي دڙي، ڪوٽ رُڪن، ڀنڀور ۽ برهمڻ آباد( منصوره) جي کنڊرن جي کوٽائي مان قديم آثارن جي ماهرن کي، سنڌو-ماٿر جي قديم رهاڪن جي نه فقط تهذيب ۽ تمدن جي باري ۾ نئين نئين معلومات ملي آهي، پر انهن کنڊرن جي کوٽاين، سنڌي تهذيب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اتهاس جي ارتقائي تاريخ ۾ نوان نوان موڙ آندا آهن.

(الف) سنڌو- ماٿر جي موجوده پنجاب (هڙپا) واري خطي ۾ آرين جي آيل پهرين کيپ:

هن کان اڳ آرين جي قبيلن جو، سنڌو-ماٿر ۾ پهچڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر سنتي ڪمار چئٽرجي ۽ ٻين ماهرن جو خيال آهي ته آريا قبيلا سنڌو- ماٿر ۾ 1500 کان 1000 ق-م ڌاري وارد ٿيا هوندا.  اهي پوءِ آهستي آهستي سنڌو- ماٿر جي اوڀر طرف ۽ ٻين حصن ۾ پکڙجي ويا هوندا. انهيءَ ڪري ماهر جي خيال موجب، ايران وارن آرين جي زبان يعني هند- ايراني، ٻن مکيه شاخن ۾ ورهائجي وئي؛ جيڪي آريا قبيلا ايران ۾ رهيا، انهن جي ٻوليءَ کي قديم- ايراني سڏيو ويو. ۽ جيڪي قبيلا سنڌو-ماٿر ۾ اچي آباد ٿيا، انهن جي ٻوليءَ کي ماهرن ’هندڪي‘ (Indic)  سڏيو. پر هيءَ غلط فهمي نه ٿيڻ کپي ته مانسهرا واري هزارا خطي ۾ رائج زبان ’هندڪو‘ (Hindko)، اها ئي زبان آهي، جيڪا آريائي قبيلن سنڌو-ماٿر ۾ اچي ڳالهائي يا ڪم آندي، پر موجوده ’هندڪو زبان‘ جو جڏهن اڀياس ٿو ڪجي ته معلوم ٿو ٿئي ته ’هندڪو زبان‘ ۽ سنڌي زبان جي وچ ۾ تمام گهڻي هڪ جهڙائي آهي، بلڪ هڪ پوري تهذيب، تمدني ۽ لساني پٽي، جنهن کي ’لهندي زبانن وارو خطو‘ ڄاڻايو ويو آهي، ان خطي ۾ رائج سڀئي زبانون ۽ ’هندڪو ٻولي‘ پاڻ ۾ تمام گهڻي هڪ جهڙائي رکن ٿيون، ۽ ائين ٿو ثابت ٿئي ته ’هندڪو‘، ’الهندي شاخ‘ وارين ٻولين مان ڪا هڪ ٻولي آهي، هيءَ هڪ غير آريائي ٻولي آهي، ۽ هن ٻوليءَ جو واسطو ’سئنڌُئي خاندان‘ جي هڪ وڏيءَ شاخ، يعني ’لهنديءَ‘ سان آهي.

شيلا ساوِل (Sheila Savill) جو رايو آهي ته:

”ايراني ديومالائون ۽ خيال ڪهاڻيون، اوائلي دور جي ذريعن وسيلي اسان تائين پهتيون، جيڪي (ٻئي) پوءِ جي زماني جون آهن. اَوستا کي 250-350ع ڌاري مرتب ڪيو ويو، جيتوڻيڪ اُنهن ۾ ڪافي پراڻو مواد به شامل آهي، باالخصوص اُهي ڳاهون (گاٿائون) جن ۾ قديم دعائون شامل آهن جيڪي ’زردشت‘ ڏانهن منسوب ڪيون ويون آهن.

اهڙيءَ طرح قديم هن ڪتاب هندي ’متون‘ به گهڻي تعداد ۾ آهن. قديم ترين اُهي سنسڪرت دعائون، جن کي ’رگ ويد‘ چيو وڃي ٿو، ۽ جن جي قدامت تقريباً هڪ هزار سان ق-م ٿي سگهي ٿي، ۽ اُهي پنهنجي موجوده صورت ۾ بلاشڪ و شبه قديم الاصل آهن. اُن کان پوءِ وارين ويدڪ دعائن ۽ تفسير کي، ’اُپنشد‘ چيو ويندو آهي. اهي 800 ق-م کان 500 ق- م جي وچ واري دور جون آهن.“ 69

 

5- ڪن به ٻولين ۾ هڪ جهڙي لغوي مواد جي آڌار تي، انهن ٻولين کي هڪ ئي خاندان واريون ٻوليون سمجهڻ واريءَ راءِ تي ٽيڪا ٽپڻي:

(الف) سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ ڪا راءِ قائم ڪرڻ آسان ڳالهه نه آهي. صرف لفظن جي هڪ جهڙي ڀنڊار کي ڏسي ائين چوڻ مناسب نه آهي ته سنڌي ٻولي وراچڊ اپڀرنش کان ڦرندي، شئورسينيءَ جي معرفت، اڳتي سنسڪرت سان ملي ٿي، جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي.

ڌيان طلب نقطو هيءُ آهي ته لفظن جي هڪ جهڙي مواد يا ساڳين لفظن ۽ هڪ جهڙن لفظن جي ذخيري، صوتي ۽ صرفي هڪ جهڙائيءَ جي موجودگيءَ ڪري، اها دعوا ڇو نه ڪجي ته سنڌي ٻولي، سنسڪرت مان ڦٽي ڪانه نڪتي آهي، پر سنڌي ۽ سنسڪرت ٻئي، ڪنهن هڪ ئي بنياد مان ڦٽي نڪتيون آهن، يا ٻنهي ٻولين جو بنياد ڪا هڪ ئي ’اصلوڪي‘ (natural) ٻولي آهي.هن دعوا جي دليل لاءِ هيئن به چئي سگهجي ٿو ته جيئن ’سر وليئم جونز‘ (Sir W. Jones) جي تحقيق کان اڳ، برصغير هند- پاڪ جا قديم ڏيهي ماهر، سنسڪرت، گريڪ ۽ لئٽن جي لفظي، صوتياتي، صرفي ۽ نحوي خزاني کي هڪ جهڙو ڏسي، هيءَ راءِ قائم ڪري ويٺا هئا ته، ’گريڪ، ’لئٽن‘ ۽ ’زنڊ‘ يعني اهي سڀ زبانون سنسڪرت جون شاخون آهن. يعني ته انهن (هندوستاني پنڊتن) جي راءِ موجب سنسڪرت ٻولي، يورپ ۽ هند- پاڪ جي بيشمار ٻولين جي ماءُ ٿئي؛ پر سر وليئم جونز، سنسڪرت، گريڪ، لئٽن ۽ زند جي تقابلي جائزي کان پوءِ مٿي بيان ڪيل مفروضي کي رد ڪري، اها دعوا ڪئي ته:70

 

”اهي چار ئي زبانون – سنسڪرت، گريڪ، لئٽن ۽ زند- ڪنهن هڪ ئي اصلي بنياد مان ڦٽي نڪتيون آهن.“71

 

6- ڪن به ٻولين جي هڪ جهڙي هجڻ يا هڪ ئي خاندان مان هجڻ واريءَ راءِ کي سمجهڻ لاءِ ڪي احوال:

ڪن به ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ٻولين جي تقابلي اڀياس لاءِ جن به اهم نقطن (جزن) جي اڀياس ۽ ڀيٽ جي ضرورت هوندي آهي، اُهي هي آهن: (i)صوتي هڪجهڙايون، (ii) لفظن جي ڌاتوئن (roots) ۾ هڪجهڙايون، (iii) ڪردنتن جي بناوت جا هڪ جهڙا اصول، (iv) اسمن ۽ فعلن جي گردانن ۾ هڪ جهڙايون، (v) ضميرن ۽ حرفن (participles) ۽ حرف جر وغيره جي استعمال ۾ هڪجهڙايون؛ مطلب ته جيڪڏهن ڪن به ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ٻولين ۾، اهي سڀ هڪ جهڙايون موجود هونديون ته پوءِ چئبو ته يا ته هڪ زبان، اُن/ ٻيءَ زبان مان ڦٽي نڪتي آهي، يا ٻئي ( يا وڌيڪ) زبانون، ڪنهن هڪ ئي ۽ ساڳئي بنياد جون شاخون آهن، يعني هڪ ئي بنياد مان ڦٽي نڪتيون آهن.

مون 1967ع ۾، ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ جي عنوان تي هڪ مضمون شايع ڪرايو هو، جيڪو سماهي مهراڻ جي ٻئي جلد (1967ع) ۾، صفحي 66 کان 94 تائين ڇپيو هو. ان مضمون ۾، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ هي نتيجو ڪڍيو هئم:

”ماهرن جي بيان ڪيل نظرين جي مطالعي کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي، سنسڪرت جي شاخ نه آهي، پر سنڌي، سنسڪرت ۽ لهندا، ٽنهي جو اصلي بنياد، قديم پراڪرت جي هڪ ئي لهجي، يعني اڌيچيه لهجي جو هڪ محاورو، ’وراچڊ اپڀرنش‘ آهي.“ 72

پر ساڳئي ئي عنوان تي، وڌيڪ تحقيق کان پوءِ انگريزي زبان ۾ هڪ مضمون لکيم، جنهن ۾ 1967ع ۾ قائم ڪيل راءِ ۾ ترميم ۽ تبديلي آڻي، هيٺيان نتيجا ڪڍيا هئم:

(i) سنڌي ٻولي، سنسڪرت مان هرگز ڦٽي نڪتل نه آهي.

(ii) سنڌي، هڪ خودمختيار سئنڌُوَ پراڪرت آهي، جيڪا سنڌو ماٿر جي هيٺئين حصي ۾ ڳالهائي ويندي هئي.

(iii) سنڌي، سنسڪرت، وراچڊ (لهندا جي ماءُ) ۽ پئشاچي (داردي ٻولين جي ماءُ) يعني اهي چار ئي ٻوليون، هڪ ئي بنياد مان ڦٽي نڪتل آهن. منهنجيءَ انهيءَ راءِ کي، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻيءَ جي راءِ، وزندار بنايو پروفيسر پوپٽيءَ، پنهنجي راءِ ۾ لکيو هو ته:

”سنڌي، سنسڪرت مان نڪتل نه آهي، پر سنڌي ۽ سنسڪرت جو بنياد ساڳيو آهي، ٻنهي جو سرچشمو سنڌو- ماٿر جي اصل آريائي ٻولي آهي. سنسڪرت اوائلي مول ڀاشا جو هڪ روپ آهي ۽ سنڌي ٻيو روپ، هڪ ماءُ جون ٻه ڌيئون هئڻ ڪري. ٻنهي ۾ سمانتا آهي.“ 73

 

آءٌ پنهنجيءَ تازيءَ تحقيقي ڪاوش، ’ثقافتي ورثو‘ ۽ هن ڪتاب ۾ اُترين علائقن جي ٻولين تي تحقيق ڪندي هن نتيجي تي پهتو آهيان ته ’سنڌي ۽ داردي ٻولين‘ ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي آهي، بلڪ داردي خاندان واريون ٻوليون ۽ انهن جو بڻ بنياد به سنڌو-تهذيب واري قديم ۽ اصلوڪي زبان.’سئنڌُئيءَ‘ سان واسطو رکي ٿو، جيئن ايندڙ صفحن ۾ ڏنل چارٽ مان معلوم ٿيندو. سئنڌُئي ٻولي، سنڌو-ماٿر جي پنهنجي قديم ۽ مقامي تهذيب مان اُڀري ۽ اُسري آهي، جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي. انهيءَ ڪري مٿي ڪڍيل نتيجن مان، نتيجي نمبر (ii) ۽ (iii) ۾، تازي تحقيق کان پوءِ، ڦير ڦار ڪئي اٿم. هن سلسلي ۾، انگريزي زبان ۾ لکيل منهنجي ڪتاب The Origin and growth of Sindhi Language ۾ مثالن ۽ دليلن سان تفصيل ڏيئي، هن نقطي کي هن طرح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ته

”سنڌي زبان، سنڌو-ماٿر ۾ ڪٿان ٻاهران آيل ڪنهن قوم جي زبان مان هرگز اُڀري يا اُسري نه آهي يا ان زبان مان ڦٽي ڪانه نڪتي آهي. بلڪ سنڌي زبان سنڌو-ماٿر جي قديم سنڌو-تهذيب ۾ رائج ’سئَنڌُئي زبان‘ جي هڪ اُها صورت آهي، جيڪا هن واديءَ جي، مقامي ۽ اصلوڪي زبان آهي ۽ جيڪا اڳتي هلي،’سَئنڌُئي‘ ’لَهندي‘ داردي، براهوئي، قديم –دراوڙي (Proto-Dravidian) يعني دراوڙي  زبانن راجسٿاني، گجراتي، ڪڇي، ڪاٺياواڙي، بانگڙو، ڀيلي ۽ باگڙي جي ماءُ ٻولي (Parent Language) آهي جيڪا اُترين، اُتر-اوڀر وارين، اُڀرندين، ڏکڻ – اوڀر وارين، اُتر- اولهه واري ۽ ڏکڻ- اولهه وارين شاخن ۾ ورهائجي وَئي.“74


58  Ibid.

59  Grierson, G. Linguistic Survey of India, Vol-I,Part-I, 1927, P.99

60  آڳاٽا آريا جدا جدا ڪُلن ۽ خاندانن ۾ ورهايل هئا، انهن مان ڪي خاندان هي هئا: پرؤ، يادَوَ، درهيو ۽ ترسوَ. انهن مان پهريان ٽي قبيلا اُتر ۽اُتر، اولهه کان آيا ۽ يادَو ۽ ترسو سمنڊ رستي سنڌ ۾ وارد ٿيا؛ ڏسو:

Srimati Aksyya Kumari Devi, The Evolution of Regvedic Pantheon, Calcutta, 1938, PP. 17 and 25

61  Ref: 1, P. 99

62  Ibid.

63  Mahar Abdul Haque Dr., The Soomras, Op. Cit., P. 30

64  Kappers, An Introduction to the Anthropology of the Near-East in Ancient and Recent Times, Amsterdam, Oxford University Press, P. 112

65 الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1977ع، ص 170

66 Chatterji,S.K.,Indo-Aryan and Hindi,Ahmedabad,1942,PP.18 & 156

67 Buck, C.D., Comparative Grammar of Greek and Latin, University of Chicago, 1962, P.4.

68  Ibid.

69 Sheila Savill, Pears Encyclopaedia of myth the and Legends, London, Pelhan Book Ltd. 1977, P. 34

70 Bloom field, L., Language, London, George Allen and Unwin Ltd., 1961, P. 12.

71  Ibid.

72  الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، مقالو، سماهي مهراڻ جلد 2، 1967ع ص ص 66- 94

73  پوپٽي هراننداڻي، پروفيسر: ڀاشا شاستر.

74 Allana, Ghulam Ali, Dr., Origin and Growth of Sindhi Language, Jamshoro, Institute of Sindhology, 2002, P. 245

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com