سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :4

ڊاڪٽر گدواڻي لکيو هو ته:

”13 سال سنڌي ڊڪشنريءَ تي ڪم ڪرڻ جو نتيجو، منهنجو جلد ئي انگريزيءَ ۾ شايع ٿيندڙ مونوگراف آهي.

Dravidian elements in Sindhi Language ۾ مون کي اٽڪل 500 Cognate سنڌي ۽ تامل جا مليا آهن. ان سوچيءَ ۾ اٽڪل هڪ هزار لفظ، جي تامل ۾ ۽ سنسڪرت ۾ ساڳيا آهن، اُهي شمار نه ڪيل آهن، مثلا: ’اَما‘ (mother)؛ تامل ۾ به، ’اَما‘ آهي. پر اسان جي سنسڪرت جي ودوانن، ان جو اشتقاق، سنسڪرت ’امبا‘ مان ڳولهي ڪڍيو آهي. اهڙا لفظ به مون پنهنجي سوچيءَ ۾ شامل نه ڪيا آهن. خير سک.

مون 1980ع ۾ مئسور ۾ جتي ’سينٽرل انسٽيٽيوٽ آف انڊين لئنگئيجز‘ آهي، اُتي دراوڙ ٻولين جي ودوانن اڳيان ۽ 1981ع ۾ مارچ ۾، ’اَناملائي يونيورسٽيءَ ۾‘، جتي Centre for Advanced study in Dravidin Lingnistics آهي، اُتي اٽڪل 150 دراوڙ ٻولين جي ودوانن اڳيان، سندن خاص نينڍ تي وڃي، پنهنجو مقالو پيش ڪيو. ويچارن جي ڪافي ڏي-وٺ ٿي، پر هڪ حقيقت آهي ته مقالو قبول پيو. هن وقت ڪوشش اها آهي ته مان مقالي جو پهريون واليوم جلد شايع ڪرايان. ٻيون واليوم morphology  تي ۽ ٽيون واليوم Syntax تي ٿيندو.

ها! مهربان سائين، توهان جو ڪتاب،’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ ڏٺو اٿم. وشواس سان چئي سگهان ٿو ته منهنجو مقالو منهنجي شخصي ڪوشش ۽ ڪشالي جو نتيجو آهي. اهو عجب coincidence آهي ته سنڌ ۽ هند جي ٻن Linguists، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد تي ساڳئي نظرئي کان سوچيو آهي. توهان جو ڪم پهرين شايع ٿيو، ان جو شرف توهان کي ضرور ملندو. دراصل ان سبب ئي، هيءَ چٺي لکڻ لاءِ سمجهو ته ڄڻ هڪ نموني مجبور ٿي ڪيو.

هن چٺيءَ لکڻ جو مقصد فقط اهو آهي ته توهين ۽ مان، سنڌي ٻوليءَ  جي بڻ بنياد کي، ڪنهن حد تائين ساڳيو ٿا مڃون، ان ڪري وقت بوقت، هڪ ٻئي سان ويچارن جي ڏي- وٺ ڪندا رهون، ۽ موقعو ملڻ تي روبرو ملاقات ٿي سگهي = ته ان لاءِ هٿ پير هلائيندا رهون.“ (20) (19)

ڊاڪٽر گدواڻيءَ، ”سنڌي ادب“ رسالي ۾ سندس ڇپيل مقالي ۾ ڪجهه ويچار هنن لفظن ۾ لکيا آهن.

”وقت بوقت ودوانن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪجهه دراوڙي اثرن جي باري ۾ ڌيان پئي ڇڪايا آهن، انهن ۾ خاص ڪري ڀيرومل آڏواڻيءَ ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“  ۾ سنڌيءَ جي اپڀاشا (dialect) لاڙيءَ تي دراوڙي اثر (ص – 125) ۾ ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي پر ان ڏس ۾ وڏي ۾ وڏو عالماڻو ۽ پهريون وگيانڪ (scientific) يوگدان (contribution) آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ هن مقالي ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب پُراثر مثالن جي مدد سان هڪ عالماڻي سند پيش ڪئي آهي.“ (21)

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ منهنجي راءِ کي مروڙي سروڙي، غلط نموني سان بيان ڪيو آهي. کانئس ورتل انٽرويو ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته:

”هاڻ ڊاڪٽر بلوچ يا الانا صاحب جيڪا غلطي ڪئي هئي، اها هيءَ ته، بلوچ چيو ته هن تي عربيءَ جو اثر آهي؛ مون چيومانس ته، ڏيکار، هي عربي لهجي جي اثر جي آهي، الانا، موهن جي دڙي جي ٻولي جيڪا ڪنهن سامي سٿ جي هئي، جنهن تي پوءِ آريائي زبانن جو اثر پيو، جنهن ڪري هاڻي اها بدلجي آريائي زبان ٿي آهي. اهو بلڪل غلط نظريو آهي. مون اها ڳالهه الانا صاحب کي به چئي. سندس دراوڙي زبانن جو گهڻو اڀياس نه آهي، نڪو هو هن مان واقف آهي.“ (22)

مون کي اچرج انهيءَ ڳالهه تي آهي ته، ڊاڪٽر جيٽلي جهڙي ودوان، منهنجي اصلي راءِ کي، مروڙي سروڙي، غلط نموني سان پيش ڪيو آهي. مون ڪٿي به ۽ ڪڏهن به ائين ڪونه چيو آهي ته موهن جي دڙي جي ٻولي، ڪنهن سامي سٿ واري ٻولي هئي، جنهن تي پوءِ آريائي ٻولين جو اثر پيو، جنهن ڪري هاڻي اها بدلجي آريائي زبان ٿي آهي.

ان کان پوءِ ڊاڪٽر شوق صاحب جي سوال جي جواب ۾، جيٽلي صاحب پنهنجي جواب ۾ سنڌ وارن کي تاريخي لسانيات کان غير واقف ٿو ڪوٺي.

هيٺ ڊاڪٽر شوق صاحب جو پڇيل سوال ۽ ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جو ڏنل جواب مهراڻ رسالي (1/1991ع) مان صفحي 186 تان هوبهو نقل ڪري پيش ڪجي ٿو:

”سوال-معاف ڪجو، اسان وٽ ته سنڌي عالم ڪو دراوڙي زبانون ڄاڻي ئي ڪونه ٿو؟

جواب- الانا جڏهن هسٽريءَ جا ڪتاب پڙهيا يا ڪالڊويل جو گرامر پڙهيو يا سرجان مارشل جو رايو پڙهيو، تڏهن موهن جي دڙي ۾ ڪا دراوڙي سڀيتا هئي. انهيءَ آڌار تي چيائين ته، انهيءَ جي ٻولي به دراوڙي هوندي. هن ان ڳالهه تي جيڪا ڳنڍ ٻڌي چيو ته هاڻ اهو ڪيئن ثابت ڪري ته موجوده آريائي ٻولي، سنڌي آريائي ٻولي آهي؛ پوءِ سمجهيائين اها اصل موهن جي دڙي جي آرائي زبان مان هن جو بڻ بنياد آهي، جيڪا پوءِ آريائي ۽ سنسڪرت، پاليءَ جي اثر ڪري بدلجي آريائي زبان ٿي ويئي آهي. انهن ڳالهين کي ڪو به مڃڻ لاءِ تيار ڪونهي.“ (23)

پنهنجي هن جواب ۾ ڊاڪٽر جيٽلي ڇا ٿو چوڻ چاهي، اها کيس ئي خبر هوندي. محسوس ائين ٿو ٿئي ته ڊاڪٽر جيٽلي، منهنجو ڪتاب، ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ پڙهيو ئي ڪونهي، پر جيڪڏهن پڙهيو اٿس ته کيس ڪجهه به ياد ڪونهي ته هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد لاءِ ڇا چيل آهي، يا ائين به ممڪن آهي ته انٽرويو جي وقت هو ذهني طرح تيار نه هو. انهيءَ ڪري ڪا به صحيح ڳالهه ڪري نه سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪي ڪجهه هن منهنجي نظرئي جي حوالي سان، سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ چيو آهي، اهو منهنجو رايو يا نظريو ڪونهي.

اچرج انهيءَ ڳالهه تي به اٿم ته ڊاڪٽر جيٽلي صاحب هند ۽ سنڌ ۾، فقط پاڻ کي لسانيات جو ماهر ٿو سمجهي، ۽ پنهنجي ساڳئي انٽرويو ۾ به اها دعوا ٿو ڪري ته ٻئي ڪنهن به تاريخي لسانيات جو اڀياس ئي ڪونه ڪيو آهي. هو مهراڻ (1/1991ع) ۾ صفحي 186 تي، ساڳئي جواب ۾ فرمائي ٿو.

”انهن جو هسٽاريڪل لئنگويج جو ڪو اڀياس ڪونهي، ان ڪري اهي غلط ڳالهيون پيش ڪن ٿا. جيڪڏهن انهن جو اڀياس ڪن ها ته اهڙا غلط نظريا هو پيش نه ڪن ها.

 

هاڻ تازو ڊرئويڊيئن ٿيئوري به رد ڪئي ويئي آهي. هينئر جيڪي آرڪيالوجسٽ آهن يا هسٽريءَ جا ماهر، انٿراپالاجيءَ جا، انهن سرجان مارشل جي ٿيئوري رد ڪئي آهي ته ڪو دراوڙ لوڪ، موهن جي دڙي ۾ رهندا هئا، جن تي آرين لوڪن حملو ڪري ڏکڻ هندوستان ڀڄائي ڇڏيو، جنهن تي پوءِ، آرين اُتر هندستان ۾ اچي پنهنجو راڄ قائم ڪيو. اهو نظريو هاڻ بلڪل غلط ثابت ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ جو هاڻ جيڪي کوجنائون ٿيون آهن ته سرجان مارشل کي لاشن جون کوپڙيون هٿ لڳيون هيون، جيڪي هن لنڊن موڪليون هيون، ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ، تيستائين هُو مري ويو ۽ اُن جي رپورٽ ڪونه پهتي.“ (24)

 ڊاڪٽر جيٽلي صاحب اهو نٿو ٻڌائي ته اهي ڪهڙا ماهر هئا، جن سر جان مارشل واريءَ ٿيئوريءَ کي رد ڪيو آهي. ها! بيشڪ ڀارت جا ٻه آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر ڪرشنا راءُ ۽ مسٽر ايس- آر راءُ، ۽ ڪي ٻيا مغربي ۽ آمريڪي سرجان مارشل جي راءِ سان اتفاق نٿا ڪن. تحقيق ۾ اختلاف راءِ رکڻ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي، پر دنيا جي آرڪيالاجيءَ جي ماهرن جي اڪثريت، هن وقت به سر جان مارشل جي راءِ سان ڀرپور نموني سان اتفاق رکي ٿي؛ مثال طور، پگٽ، فادر هيراس، ڊاڪٽر هنٽر، پروفيسر بئشم ۽ ڊاڪٽر ڊيلس کان سواءِ روس، فنلئنڊ جا ماهر، ڀارت ۾ ڪالڊويل کان سواءِ ڊاڪٽر هيريماٿ، ڊاڪٽر پديا، ڊاڪٽر پرسو گدواڻي ۽ پاڪستان جي ماهرن ۾ ڊاڪٽر مهر عبدالحق، ڊاڪٽر محمد رفيق مغل ۽ ٻيا به ڪيترا ئي ماهر سر جان مارشل واري راءِ جي حمايت ڪن ٿا. هيٺ ڏنل خاڪي ۾، موجوده زماني تائين ڪن ماهرن جي ڪيل تحقيق جا عنوان ۽ ڇپائيءَ جو سال به ڏجي ٿو، جن ۾ انهن سر جان مارشل جي راءِ جي پُٺڀرائي ڪئي آهي.

نمبر

محقق جو نالو

تحقيق جو عنوان

ڇپائي جو سال

1-

سرجان مارشل

Mohen-jo-Daro and the Indus Civilization

1931ع

2-

سر مارٽم وهيلر،

Five thousand years of Pakistan

1950ع

 

           اي-ايم

 

 

3-

ادريس صديقي

واديءَ سنڌ کي تهذيب

 

4-

پروفيسر بئشم

Wonder that was India

1961ع

5-

لئمبرڪ،ايڇ،ٽي

History of Sindh, General Introduction, Vol-I

1975ع

6-

عين الحق فريد ڪوٽي

اردو زبان کي قديم تاريخ

1979ع

7-

ڊاڪٽر آسڪوپرپولا

Recent Development in the study of the Indus Script,

1983ع

8-

فيئر سروس والٽر اي

The Script of Indus Valley Civilization, a report.

1983ع

9-

ڊاڪٽر هيريماٿ

Genesis and growth of Dravidian Languages

1984ع

10-

ڊاڪٽر آسڪوپرپولا

Isolation and tentative Interpretation of a topojin in the Harappan Inscriptiona, an article published in the Sindhological Studies, Winter 1985

1985ع

11-

ڊاڪٽر ايف، ڊيلس

Interview published in Sindhological Studies Winter, 1987

1987ع

12-

شيخ خورشيد حسن

Ethno-archaeology as an aid to interpret Indus Civilization

1992ع

13-

وقاس احمد خواجه

Lahore through the looking glass,an article published in monthly Herald, September, 1992

1992ع

14-

Colin P. Masica

The Indo-Aryan Languages, Cambridge Language Surveys, Cambridge University Press,

1991ع

15-

ڊاڪٽر پديا ڪي

Cultural and Linguistic connection between Sindh & Dravidian speaking area in the Indian sub-continant

 

16-

ڊاڪٽر فيئرسروس والٽر

The Harappan Civilization and its writing

1992ع

17-

ڊاڪٽر مهرعبدالحق

The Soomras

1992ع

18-

ڊاڪٽر محمد رفيق احمد مغل

Interview published in "DAWN", Karachi,

1996ع

19-

ڊاڪٽر پرسو گدواڻي

Similtaries in Sindhi and Dravidian Languages.

1992ع

20-

آصف خان

پنجابي زبان دا پچهوکڙ

1996ع

21-

ڊاڪٽر مارڪ ڪناير

Ancient Cities of the Indus Vally,report in Daily "DWAN", Karachi, June 3, 1997.

1997ع

22-

تاج محمد صحرائي

Lake Manchar

1997ع


(19) ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ سان، پوني ۾، چوٿين ڊسمبر 1997ع تي منهنجي ملاقات ٿي. اسين ٽي ڏينهن پوني کان اجنتا غارن تائين گڏ هئاسين. ڊاڪٽر صاحب مون کي احمد ننگر، ’اورنگ آباد‘، ’دولتپور‘، ’اجنتا ۽ ايلورا‘ جون تاريخي غارون گهمايون، ۽ قلعا ڏيکاريا. پوني ۾ جن ماهرن سان ملاقات ڪرايائين، انهن ۾ محترمه ’ريٽا شاهاڻي‘، ’تارا مير چنڊاڻي‘، ’شبنم‘، ‘ڊاڪٽر يشوڌرا وادواڻي، ڊاڪٽر سندر پرچاڻي، ’ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي‘ ڊاڪٽر ڪنيو ليکواڻي، ڊاڪٽر مشرا ۽ ڊاڪٽر پديا خاص ودوان هئا.

(20) ڏسو مهراڻ 4/1992ع، ص ص 112 ۽ 113

(21) پرسو گدواڻي، ڊاڪٽر: مقالو: سنڌڪي ۽ دراوڙي شخصي نالن ۾ هڪجهڙايون ۽ مينگهواڙ شخصي نالا، ’سنڌي ادب رسالو‘، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، جلد -12، نمبر -2، 1994ع، ص 49

(22)  ڏسو مهراڻ 1/1991ع، ص - 186

(23)  ڏسو: سماهي مهراڻ 1/1991ع، ص ص 186

(24)  ڏسو: سماهي مهراڻ 1/1991ع، ص ص 186

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com