(iv)
جملي ۾ صفت هميشه پنهنجي موصوف کان اڳ ۽ اُن جي
بلڪل ڀر ۾ جاءِ وٺندو آهي.
(v)
جملي ۾ ظرف هميشه فعل کان پهرين، اُن جي ڀر ۾ جاءِ
وٺندو آهي.
(vi) حرف جر هميشه، اسم، ضمير، صفت ۽ ظرف کان پوءِ ايندو آهي.
(vii)
فاعل کان پوءِ مفعول ايندو آهي.
(viii)
مفعول سان لاڳاپو رکندڙ لفظ ۽ فقرا، هميشه مفعول
کان اڳ ايندا آهن.
(ix)
جملي جو ناڪام جُزُ، هاڪاري جُزي کان اڳ ايندو
آهي.
ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:
”دراوڙي ٻولين جي نحوي سٽاءَ جا اهي مٿيان اصول، سنسڪرت يا ٻين هند- يورپي
ٻولين جي نحوي سٽاءَ جي اصولن سان هڪجهڙائي نٿا
رکن، بلڪ اُنهن کان مختلف به آهن. انهيءَ ڪري اهو
دعوا سان چئي سگهجي ٿو ته دراوڙي ٻوليون، آريائي
خاندان سان نه، پر هڪ الڳ خاندان وارين ٻولين سان
نسبت رکن ٿيون. اِهي دراوڙي ٻوليون نه ڪي سنسڪرت
مان ڦٽي نڪتيون آهن ۽ نه ئي وري سنسڪرت سان انهن
جي ڪا هڪجهڙائي ئي آهي.“
ڊاڪٽر ڪالڊويل اڳتي لکي ٿو ته:
”دراوڙي ٻولين جي وياڪرڻ جو سٽاءَ، سنسڪرت يا آريائي ٻولين جي سٽاءَ سان نه،
پر ’سٿين‘ (Scythian)
ٻولين يا وچ-ايشيا يا اُتر- ايشيا جي ٻولين جي
سٽاءَ سان، هڪ جهڙائي رکي ٿو.“
(ب) سنڌي جملن جي نحوي سٽاءُ:
دراوڙي ٻولين جي نحوي ترتيب (جملي جي عام سٽاءَ) جا، مٿي جيڪي
اصول بيان ڪيا ويا آهن، اهي ئي اصول هُوبهو، سنڌي
ٻوليءَ جي نحوي سٽاءَ ۾ ملن ٿا، يعني ته سنڌي
ٻوليءَ ۾ جملي جي عام نحوي بيهڪ، هوبهو دراوڙي
ٻولين جي جملن جي عام نحوي بيهڪ جهڙي آهي؛ جيئن:
فاعل جو لڳ/ وڌاءُ |
فاعل |
مفعول جو لڳ/ وڌاءُ |
فعل جو لڳ |
فعل |
هن ترتيب موجب، هيٺ ڏنل جملي کي ڏسو:
سيٺ هاشم جي وڏي پٽ، اڪبر، هٿ جي ٺهيل بندوق سان، ڪالهه هڪ ننڍو
پکي ماريو.
هن جملي جو ڇيد هن ريت/ طرح ٿيندو:
فاعل جو لڳ |
فاعل |
مفعول جو لڳ |
مفعول |
فعل جو لڳ |
فعل |
سيٺ هاشم جي پٽ |
اڪبر |
هٿ جي ٺهيل بندوق سان هڪ ننڍو |
پکي |
ڪالهه |
ماريو |
هن جملي جي نحوي اڀياس مان ثابت ٿو ٿئي ته، سنڌي ٻوليءَ جي عام
جملي جي سٽاءَ
موجب:
(i)
سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاءَ موجب، ڪنهن به عام جملي
جي ترتيب ۾ فاعل جو لڳ پهرين ۽ فاعل ان کان پوءِ
ايندو آهي.
(ii)
فعل هميشه جملي جي پڇاڙيءَ ۾ ايندو آهي.
(iii)
صفت هميشه موصوف کان اڳ ۽ اُن جي بلڪل ڀر ۾ پنهنجي
جاءِ وٺندي آهي.
(iv)
فعل جو وڌاءُ/ لڳ، هميشه فعل کان اڳ ايندو آهي.
(v)
فاعل کان پوءِ ۽ فعل جي وڌاءَ/ لڳ کان اڳ، پهرين
مفعول جو وڌاءُ ۽ اُن کان پوءِ مفعول ايندو آهي.
(vi) ظرف هميشه فعل جي وڌاءَ طور ڪم ايندو آهي. اسم، صفت ۽
ظرف کان پوءِ ۽ ان جي بلڪل ڀر ۾ جڳهه وٺندو آهي.
ديوان ڀيرومل، سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاءَ جي
سلسلي ۾، پنهنجي ڪتاب ۾ رايو ڏيندي لکي ٿو ته:
”انگريزي جملن ۾ ترتيب (order)
ضروري آهي، يعني ته سڀ لفظ باترتيب بيهارڻ گهرجن؛
جهڙوڪ:
'I am eating' جيڪڏهن اها ترتيب ڦيرائبي ته جملي جي معنى ڦري ويندي؛ جيئن:
'Am I eating?'
سنڌي ٻولي، انگريزيءَ وانگر مفصل منزل واري ٻولي
نه آهي، تنهن ڪري ان ۾ موافقت (concord)
ضروري آهي؛ جيئن: مان لکان ٿو:
فعل جڏهن، فاعل پٽاندر مٽجي، تڏهن چئبو’ڪرتري پريوگ‘ (subjective
construction)
پر جي مفعول پٽاندر مٽجي ته اهو چئبو ’ڪرمڻي
پريوگ‘ (Objective
construction)،
پر جيڪڏهن نڪي فعل نڪي مفعول سان مٽجي، جيئن جو
تيئن رهي ته اهو چئبو ’ڀاوي پريوگ‘ (Neuter construction)
سنڌي جملا نه رڳو سنسڪرت وانگر، پر دراوڙي ٻولين
وانگر به بيهارجن ٿا.“
(ت) سنڌي ۽ سنسڪرت جي نحوي سٽاءَ ۾ فرق آهي:
سنڌي ۽ سنسڪرت ٻولين جي نحوي سٽاءَ جي ڀيٽ ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي
ته ٻنهي ٻولين جي نحوي بيهڪ ۾ گهڻو فرق آهي. مثال
طور سنسڪرت جو هڪ مفرد جملو، نموني طور ڏجي ٿو:
سنسڪرت جو جملو
سنڌي جملو
اَسيِد راجا
'There was a King' هڪڙو راجا هوندو هو.
سنسڪرت ٻوليءَ جي، مٿي ڏنل جملي ۾، پهرين فعل آيو آهي ۽ فاعل
پوءِ آيو آهي،سنسڪرت
جي جملن جا ٻيا مثال هيٺ ڏجن ٿا.
سنسڪرت جملو |
ترجمو |
سنڌي جملو |
(i) پُتُرَم رَڪُشَتِي |
He protects a child |
هُو ٻار(ڇوڪر) کي بچائي ٿو |
(ii) پِيا سُتَسُيَ |
Drink the beverage |
پاڻي پي. |
(iii) ڪَٿَيامي تِي |
(I) speak unto thee |
(آءٌ)توهان سان ڳالهايان ٿو |
(iv) وناد گَڇَتي |
From the forest he comes |
(هُو)ٻيلي مان اچي ٿو |
(v) گرِشوُوَستي |
In the nomlavies he hides. |
هُو جبلن ۾ رهي ٿو |
14- نحوي سٽاءَ ۾ حرف جر جو استعمال:
(الف) هن کان اڳ، سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاءَ جي بيان ۾ اهو
ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌي توڙي ٻين ڏيهي ٻولين جي
نحوي اصولن موجب حرف جر، اسم، ضمير، صفت ۽ ظرف کان
پوءِ ايندو آهي، پر سنسڪرت، فارسي توڙي ٻين آريائي
ٻولين ۾، حرف جر، اسم، ضمير، صفت ۽ ظرف کان اڳ
ايندو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو انهن ٻولين جي وياڪرڻ ۾ حرف جر کي
preposition
چوندا آهن، پر سنڌي توڙي ٻين ڏيهي ٻولين ۾ اُنهن
(حرف جرن) کي
preposition
نه پر
post-position
ڪوٺيندا آهن؛ جيئن:
سنسڪرت فارسي انگريزي سنڌي
اُپَر سَويشام برميِز
on the table
ميز تي
'above all'
اِنهن ۽ اهڙن ٻين مثالن ۾ سنسڪرت ۾ ’اُپر‘، فارسيءَ ۾ ’بر‘،
انگريزيءَ ۾ ’on‘
۽ سنڌي ۾ ’تي‘ لفظ حرف جَرَ آهن.
(ب) هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته سڀني آريائي ٻولين-گريڪ، لئٽن،
زند، سنسڪر
۽ فارسي وغيره ۾ حرف جر، اسم، ضمير، صفت ۽ ظرف کان
اڳ ايندو آهي، ته پوءِ ڪهڙي سبب جي ڪري ’لهندي‘
(لهندا)، سنڌي، داردي، ڪشميري ۽ ٻين ڏيهي ٻولين ۾،
حرف جر، اسم، ضمير، صفت ۽ ظرف کان پوءِ ٿا اچن؟ هن
سوال جو جواب هي آهي ته ڏيهي ٻولين ۾، حرف جر جي
نحوي بيهڪ، غير آريائي، يعني ديسي آهي؛ يعني آرين
جي، برصغير ۾ اچڻ کان اڳ، سنڌو ماٿر ۾ رائج ٻوليءَ
واري سٽاءَ، يعني سنڌو تهذيب واري ٻوليءَ جي، نحوي
بيهڪ ۽ نحوي بناوت واري بيهڪ ۽ سٽاءَ اهي. هيءَ
سٽاءَ سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي ۽ انوکي سٽاءَ لاءِ
وڏودليل آهي.
(ت) ديوان ڀيرو مل به، سنڌي ٻولي ۽ سنڌو-تهذيب جي ٻين ڏيهي
ٻولين جي سٽاءَ ۽ جملن جي ترتيب (بيهڪ) ۾، حرف جر
جي انهيءَ نحوي ترتيب کي غير-آريائي ۽ دراوڙي
ٻولين واري ترتيب ٿو ڪوٺي، هُو (ڀيرو مل) لکي ٿو
ته:
”’پسو لڄ لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪکن‘
هن ريت شعر ۾ ئي ’کي ڪکن‘ چئي سگهجي ٿو، پر نثر ۾ چئبو ’ڪکن کي‘
مطلب ته ’کي‘،’تي‘ ۽ ’۾‘ وغيره اڳيان ايندڙ حرف
جر،
preposition
نه آهن، پر پٺيان ايندڙ
post-position
آهن. ائين حرف جر کي پٺيان ڪم آڻڻ، دراوڙي نمونو
آهي.“
(ث) سڀئي ڏيهي ٻوليون، حرف جر جي اها ئي نحوي بيهڪ قائم رکيو
اچن. دراوڙي ٻولين ۾ به حرف جر جي نحوي بيهڪ، سنڌي
ٻوليءَ جي نحوي بيهڪ جهڙي آهي.
يعني ته دراوڙي ٻولين ۾ حرف جر، اسم جي پٺيان
ايندو آهي.
هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:
"In those
connections in which prepositions are used in
the I.E. Languages, the Dravidian language, with
those of the Scythian group, use post-position
instead which post-positions do not constitute a
separate part of speech but are simply nouns of
relation or quality, adopted as auxiliaries."
(ج) سنسڪرت ۾ قديم ڏيهي ٻولي سئنڌُوئيءَ جو نحوي عنصر:
انهيءَ هوندي به، جيئن سنسڪرت ۾ بيشمار ديسي لغوي خزانو موجود
آهي، تيئن سنسڪرت ۾ ڪي خصوصيتون اهڙيون به آهن،
جيڪي ڏيهي ٻولين ۾ به نظر اينديون آهن؛ مثال طور:
سنسڪرت ۾ ڪن ڪن جملن ۾ فعل، جملن جي پڇاڙيءَ ۾
ايندو آهي، ته وري ڪڏهن ڪڏهن حرف جر، ڏيهي ٻولين
واري بيهڪ ڏيکاريندو آهي؛ جيئن:
پُرٿويام آڌي
= ڌرتيءَ تي
Prithivyam adhi
هن فقري ۾ ’آڌي‘ حرف جر آهي، ۽ ’پرٿويام‘ اسم آهي، جنهن جي معنى
آهي ’ڌرتي‘، يعني ’آڌي‘ (تي) حرف جر، اسم کان پوءِ
آيو آهي. اها نحوي سٽا، غير-آريائي (دراوڙي) آهي
هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:
”هند- يورپي ٻولين مان سنسڪرت، دراوڙي ٻولين سان گهٽ فرق رکندي آهي.“
سنسڪرت جي گهٽ فرق رکڻ جي باري ۾، ڊاڪٽر ڪالڊويل سبب ڄاڻائيندي
لکي ٿو ته:
”ڇاڪاڻ ته سنسڪرت ٻولي، ق- م واري زماني کان وٺي، مقامي ٻولين سان لهه وچڙ ۾
ايندي رهي آهي، تنهن ڪري سٿين (Scythian)
ٻولين يعني مقامي ٻولين جون ڪي خصوصيتون سنسڪرت
ٻوليءَ اُڌاريون ورتيون آهن. مثال طور، ’مور ڌني
آوازن‘ جو سنسڪرت ۾ ڪم اچڻ وغيره.“
ڊاڪٽر ڪالڊويل
Edkins
جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته:
"Mr. Edkins in
his 'China's place in philology' has opened a
new line of inquiry in regard to the existence
of Turanian influences in the grammatical
structure of Sanskrit. He regards the inflexion
of nouns by means of case- ending alone, without
preposition in addition, as the adoption by
Sanskrit of a Turanian rule. He also thinks the
position of the words in a Sanskrit prose
sentence is Turanian ratherthan Aryan"
ڊاڪٽر ڪالڊويل اڳتي لکي ٿو ته:
”توراني ٻولين جو اهو قانون آهي ته فعل هميشه، جملي جي پڇاڙيءَ ۾ ايندو آهي.
سنسڪرت اهو نحوي اصول، توراني ٻولين (مقامي ڏيهي
ٻولين) کان اُڌارو ورتو، يعني ته سنسڪرت اها نحوي
بيهڪ (جنهن ۾ فعل جملي جي آخر ۾ اچي) مقامي ٻولين
کان اُڌاري ورتي.“
15- نتيجا:
مختلف ماهرن، محققن ۽ وياڪرڻين جي راين، نظرين ۽ ويچارن تي، هن
ڪتاب جي مواد ۾ پيش ڪرڻ ۽ انهيءَ ساري مواد ۾
سنڌي، سنسڪرت ۽ دراوڙي ٻولين جي صوتياتي، صرفياتي
۽ نحوي ساخت جي تقابلي اڀياس توڙي لغوي خزاني جي
ڀيٽ ۽ اُن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ، ’سنڌي ٻوليءَ
جي بڻ بنياد‘ لاءِ جيڪي نتيجا ڪڍيا ويا آهن. اُهي
هيٺ ڏجن ٿا:
(I) آرين جي اچڻ کان اڳ، برصغير ۾ سئنڌو؟ي ٻولي ۽ اُن جون شاخون
چالو هيون. انهيءَ ڪري چئبو ته سنڌو- ماٿر ۾، آرين
جي اچڻ کان گهڻو زمانو اڳ، سئنڌوُئي نالي ڪا غير-
آريائي ٻولي ۽ ان جون شاخون چالو هيون. اِن دعوا
جي آڌار تي چئبو ته موهن جي دڙي واري تهذيب واري
اها قديم ٻولي، سنڌ ملڪ ۽ ’سنڌو درياءَ‘ جي نالي
پٺيان ’سئنڌوُئي‘ سڏبي هئي.
(II) سنڌو- ماٿر جي اُها قديم ’سئنڌوُئي ٻولي،‘ ڏهن وڏين شاخن تي
مشتمل هئي. اُهي ڏهه شاخون هي هيون: سئنڌوھئي شاخ،
لهندي شاخ، اُڀرندي شاخ، وچين شاخ، اُتر اولهه
واري، ڏکڻ اوڀر واري شاخ، قديم دراوڙي
Proto-Dravidian،
برهوئي، ڪشميري ۽ اولهه واري شاخ.
(III) سنڌو- ماٿر جي ٻوليءَ جي هڪ شاخ، قديم-دراوڙي هئي، يعني
موجوده دراوڙي ٻولين جي ماءُ- ٻولي/ماتر ڀاشا(parent
language)
هئي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي، لهندي، اُڀرندي شاخ
وارين ٻولين ۽ دراوڙي ٻولين جي سٽاءَ (Structure) ۾ تمام گهڻي هڪ جهڙائي آهي.
(IV) سنڌو-ماٿر واري قديم تهذيب، تمدن ۽ قديم ٻوليءَ (سئڌوُئي
ٻوليءَ) ۾، قديم دراوڙي تهذيب ۽ دراوڙي ٻولي/
ٻولين جا نشان ۽ اُهڃاڻ اڃا به موجود آهن.
(V) سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ، ۽ دراوڙي ٻولين
جي صوتياتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ ۾، اڄ به هزارين
سالن جي گذري وڃڻ جي باوجود ۽ هڪ ٻئي سان ناتن ۽
رشتن ۽ لاڳاپن جي نه هجڻ جي باوجود، منجهن
هڪجهڙائيءَ جا بيشمار مثال موجود آهن.
(VI) سنڌي ٻولي، بنيادي طور هڪ غير-آيائي ٻولي آهي، جنهن کي قديم
زماني ۾ ’سئنڌوُئي ٻوليءَ‘ جي نالي سان سڏيو ۽
سڃاتو ويندو هو. هيءَ ٻولي، سنڌو-تهذيب جي اصلوڪي،
مقامي ۽ ڏيهي (ديسي) ٻولي آهي؛ يعني ته سنڌو-
تهذيب جا رهاڪو ۽ سندن ٻولي (سئنڌُوئي ٻولي)، ڪٿان
ٻاهران (ڪنهن ٻئي ملڪ کان) آيل قوم جي ٻولي نه
آهي، بلڪ هيءَ ٻولي، سنڌو -تهذيب جي پنهنجي يعني
ديسي ۽ مقامي ٻولي آهي، جيڪا هن سرزمين ۾ ئي پيدا
ٿي، هتان ئي اُسري وڌي ۽ ويجهي آهي. ان لحاظ کان،
اهو به قبول ڪري نٿو سگهجي ته ڪو هيءَ (سنڌي)
ٻولي، توراني، تاتاري يا سٿين قوم/ قومن جي ٻولين
مان ڦٽي نڪتي آهي.
(VII) فنس، امريڪي، روسي ۽ ڪن ڀارتي ماهرن جي راءِ موجب، دراوڙي
ٻولين ۾ سنڌو- ماٿر (موهن جي دڙي ۽ هڙاپا) جي قديم
مقامي ٻوليءَ ۾، تمام گهڻي هڪجهڙائي آهي، تنهن ڪري
ائين چئي سگهجي ٿو ته دراوڙي ٻولين جي، سنڌو- ماٿر
(هڙپا ۽ موهن جي دڙو) جي ٻوليءَ/ ٻولين ( سنڌي،
لهندي ۽ براهوئي وغيره) سان ڪا، گهري نسبت رهي
آهي. اهي ماهر انهيءَ راءِ جا به آهن ته، سنڌو
ماٿر واري ٻولي، ’دراوڙي ٻولين جو بڻ بنياد‘
(ماءُ-بولي/ماٿر ڀاشا) پڻ آهي.
(VIII) جيڪڏهن ڊاڪٽر ڪالڊويل جي راءِ موجب، دراوڙي ٻوليون، ’سٿين
ٻولين‘ جي معرفت، توراني خاندان جي ٻولين سان
هڪجهڙائي رکن ٿيون، ته پوءِ هيئن چوڻو پوندو ته
دراوڙي ٻولين جو بڻ بنياد، سنڌو-ماٿر (موهن جو دڙو
۽ هڙپا) واري ٻولي (سئنڌوُئي) آهي. سنڌو-ماٿر جي
ٻوليءَ جو، توراني ٻوليءَ سان، تهذيبي ۽ تمدني
واسطو رهيو هو، انهيءَ ڪري سنڌي، لهندي، اُڀرندي
دراوڙي شاخ وارين ٻولين ۾، توراني ٻوليءَ جا اثر ۽
اُهڃاڻ ملن ٿا.
(IX) قديم سئنڌوُئي ٻولي (سنڌو ماٿر جي ٻولي) جيڪا، آرين جي اچڻ
کان اڳ، هن واديءَ ۾، روزمره جي وهنوار، وڻج واپار
۽ سماجي زندگيءَ ۾ رائج هئي؛ اُن تي پهرين سنسڪرت
جو ۽ پوءِ پاليءَ جو ۽ اڳتي هلي ٻين فاتح قومن جي
ٻولين جهڙوڪ: فارسي، يوناني، عربي ۽ انگريزيءَ جو
اثر ٿيو.
(X) مختلف ٻولين جي اثر جي باوجود، سنڌي ٻوليءَ جو صوتياتي، صرفي
۽ نحوي سٽاءُ، گهڻو تڻو ساڳيو ئي رهيو، البته
ٻوليءَ جو لغوي/ لفظي خزانو، گاڏڙ بنجي ويو، جنهن
۾ فاتح قومن جي ٻولين جي لفطن جو بتدريج تمام گهڻو
اضافو ٿيندو رهيو.
لهاذا مٿين نتيجن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي، غير
-آريائي ٻولي آهي، جنهن جون پاڙون سنڌو ماٿر جي
تهذيب ۾ کتل آهن، جيڪا موهن جي دڙي ۽ هڙاپا واري
تهذيب جي قديم ٻولي آهي، جا ’قديم سنڌ‘ (سنڌو ماٿر
۽ هڙاپا واري سرزمين) جي اصلوڪي زبان آهي، جنهن کي
اُن وقت به ’سئنڌوُئي‘ سڏيو ويندو هو؛ جيڪا مختلف
ٻولين کان اثر وٺندي، جيئندي، زنده رهندي، پنهنجين
خوبين، خصوصيتن ۽ انوکين ڳالهين کي، بچائيندي، پاڻ
وٽ برقرار، قائم ۽ محفوظ رکندي، اڄ به پنهنجي
انفراديت قائم رکيو بيٺي آهي.
بهرحال انهيءَ ساري بحث کان پوءِ ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘
ڪتاب جي پهرئين ڇاپي ۾ صفحي 116 تي ڏنل شجري تي،
نئين سر نظر وڌي وئي آهي ۽ اڳ ۾ ڏنل حوالن جي مدد
سان اهو چيو ويو آهي ته سنڌو -تهذيب جي سئنڌوُئي
ٻولي، نه فقط سنڌو ماٿر جي وسطي حصي تي اثر انداز
رهي، پر اُن جي پهچ ۽ پکيڙ اوڀر ۾ نرمدا نديءَ جي
اولهه واري ڪناري تائين اتر- اوڀر ۾ هرياڻا رياست
۾ اوڀر واري ڇيڙي تائين، ڏکڻ -اوڀر ۾ ڪڇ، گجرات جي
لوٿل
۽ سورت بندر جي سامونڊي ساحل
۾ کنڀات جي نار تائين، اُتر ۾ ڪشمير جي سرحدن
تائين، اتر -اولهه ۾
داردستان جو
سڄو علائقو تانگير - ڪوهستان تائين؛ اولهه ۾ ڪوهه
سليمان،
کيتران وارو علائقو ۽ بولان دڙي جي کان ايران جي
خوزستان، ميستان، ڪرمان ۽ مڪران جي ڇيڙي تائين؛
اولهه - ڏکڻ ۾ لس ٻيلي واري اڳوڻي رياست جي سرحد
تائين؛ ۽ ڏکڻ ۾ سنڌ جي ڪوهستان واري علائقي ۽ پوري
سامونڊي ساحل تائين پکڙيل هئي. هن قديم ٻوليءَ جو
دائرو تمام وسيع هوندو هو.
لهاذا انهيءَ ساري وسيع پهچ ۽ پکيڙ کي سامهون رکي سئنڌوُئي
ٻوليءَ ۽ اُن جي شاخن تي مشتمل نئون نقشو ٺاهيو
ويو آهي، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو. هن نقشي جي آڌار تي
سرگريئرسن جي ڏنل نقشي تي نئين سر سوچڻو پوندو
ڇاڪاڻ ته هڪ ته سر گريئرسن جي نظرئي کي هڪ سو سال
گذري چڪا آهن ۽ ٻيو ته گريئرسن جو اهو نظريو موهن
جي دڙي جي کوٽائيءَ کان اڳ جو آهي. انهيءَ عنوان
تي انگريزيءَ ۾ لکيل تازن ڪتابن:
'History of Sindhi Language, and "The Origin and
Growth of Sindhi Language"
۽
Literature at a glance"
۾ تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي.
|