هن بحث مان هي به نتيجو ٿو نڪري ته سنسڪرت جي حيثيت پراڪرت جي
ٻين لهجن وانگر هڪ لهجي جهڙي هئي، جو برصغير جي
ڪنهن هڪ خطي تائين محدود هو، ۽ نه ڪ اها (سنسڪرت)
ٻولي؛ سڄي برصغير ۾ رائج هئي ۽ اهڙيءَ طرح اهو به
ثابت ٿو ٿئي ته اهو لهجو، برصغير ۾ عوامي ٻوليءَ
جي حيثيت ۾ هرگز ڳالهايو نه ويندو هو.
(ب) پراڪرت جا لهجا:
هاڻ سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته ابتدائي پراڪرت ٻولي، ڪهڙن ڪهڙن
مکيه لهجن ۾ ورهايل هئي، ۽ اُهي لهجا ڪٿي ڪٿي
ڳالهايا ويندا هئا؟ هن سلسلي ۾ لسانيات جو مشهور
هندستاني ماهر، ڊاڪٽر سُنتي ڪمار چئٽرجي لکي ٿو
ته:
”ويدڪ ٻوليءَ ’ڪُنستسپراچي‘ (Kunstsprache)
’ويدن جي منترن واري ٻولي‘- کان سواءِ هند- آريائي
ٻوليءَ جي عوامي لهجن (spoken
dialects)
برصغير ۾، ترقي ڪرڻ ۽ سُڌرڻ شروع ڪيو.
هڪ هزار کان 600 ق-م تائين وارو زمانو جيڪو برهمڻن
جي تمام پراڻين لکيتن وارو زمانو هو، اُن عرصي
دوران لکيل ڪتابن ۾، اسان کي ڪٿي ڪٿي هندو- پاڪ ۾
ٻولين جي حيثيت ۽ حالتن جي باري ۾ لکيل اشارا ملن
ٿا. انهن اشارن مان معلوم ٿو ٿئي ته آرين جون
عوامي ٻوليون ٽن گروهن ۾ ورهايل هيون.
اُهي هيون:
(i) اُڌيچيه يا اُتر- اولهه وارو لهجو
(ii) مڌيه – ديشيه يعني وچ هندستان وارو لهجو
(iii) پراچيه يا اوڀر وارو لهجو.“
انهن لهجن مان اڌيچيه لهجو، رگ ويد جي زبان جي ڪجهه قدر ويجهو
هو، جڏهن ته ’پراچيه لهجو‘ رگ ويد جي ٻوليءَ کان
بلڪل بدليل هو.
(ت) پراڪرت جي ڪهڙي لهجي مان سنسڪرت روپ ورتو:
هاڻ هي به سوال ٿو پيدا ٿئي ته پراڪرت جو اهو ڪهڙو لهجو هو،
جنهن کي سڌاري ۽ سنواري، سنسڪرت جو روپ ۽ نالو ڏنو
ويو، ۽ اهو لهجو ڪهڙي خطي ۾ ڳالهايو ويندو هو؟
پشل جي راءِ موجب،’مهاراشٽري لهجي‘،سنسڪرت جي صورت ورتي. هو لکي
ٿو ته:
”سنسڪرت، پراڪرت جي ڌار ڌار لهجن مان هڪ لهجي جو اهم حصو آهي، خاص طور
مهاراشٽري لهجو جو شاعريءَ طور به ڪم ايندو هو.
انهيءَ لهجي جا شعر- ’گَئوڊَوَ هو‘۽ راوَڻو هو‘-
سنسڪرت جي نموني تي جوڙيا ويا هئا.“
پر گيرئرسن جي خيال موجب، سنڌو نديءَ جي ڪنڌيءَ وارن لهجن مان،
هڪ لهجي، سنسڪرت جو روپ ورتو هو لکي ٿو ته:
”ٻئي طرف، برصغير جي سَر اولهه طرف، ايراني ٻولين واري خطي سان لڳو لڳ، هڪ
لهجو ڪلاسيڪل سنسڪرت جي اوسر جو سرچشمو بڻيو. هن
لهجي جي وجود جي شاهدي، پراڪرت جي ’ٻئي درجي‘ مان
ملي ٿي.“
مٿي پروفيسر سُنتي ڪمار چئٽرجيءَ جي راءِ ڏني ويئي آهي. اُن
مطابق، برصغير جي اُتر – اولهه واري پراڪرت جي
اُڌيچيه لهجي مان، سنسڪرت ٻولي اُسري؛ يعني
اُڌيچيه لهجي جي ڪنهن هڪ محاوري (sub-dialect)
سنسڪرت جو روپ ورتو.
هو لکي ٿو ته:
”سنسڪرت ٻولي،اُڌيچيه لهجي جي هڪ محاوري مان اُسري، ۽ برهمڻن اُن کي، مڌيه
ديش، پورب ۽ ڏکڻ ۾، گهڻي اُتساهه ۽ چاهه سان
پنهنجو ڪيو.“
’امپيريئل گزيٽيئر آف انڊيا‘ (
Imperial Gazetteer of India)
جو ايڊيٽر به هن راءِ جو آهي ته، سنسڪرت ٻولي،
اُڌيچيه پراڪرت جي هڪ لهجي جو سڌاريل ۽ سنواريل
روپ آهي هو ڄاڻائي ٿو ته:
”اها دعوا ڪرڻ هڪ غلطي آهي ته برصغير جي ڪا به هاڻوڪي (modern)
ٻولي، سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي. وڌ ۾ وڌ ائين چئي
سگهجي ٿو ته اُها ٻولي ۽ سنسڪرت ساڳئي بنياد مان
ڦٽي نڪتل ٻوليون آهن.“
امپيريئل گزيٽيئر جو ايڊيٽر اڳتي لکي ٿو:
”اسان کي رگ ويد جي ٻوليءَ کي مٿانهين دو-آبي جي ٻوليءَ جو نمونو سمجهڻ
گهرجي، جنهن ٻوليءَ جو سڌاريل ۽ سنواريل روپ
سنسڪرت آهي.“
مٿي بيان ڪيل مختلف راين ۽ نظرين جي اڀياس کان پوءِ اهو چئي
سگهجي ٿو ته پراڪرت جي اُڌيچيه لهجي جو هڪ محاورو
(sub-diatect)
جيڪو سنڌونديءَ جي اُترئين علائقي جي ڪناري تي
ڳالهايو ويندو هو، تنهن سنسڪرت جو روپ ورتو.
مهاتما گوتم ٻڌ جي زماني ۾، اُڌيچيه خطي کي علمي ۽ ادبي حيثيت
حاصل هئي. پوري برصغير جا ماڻهو، هن خطي لاءِ اعلى
خيال رکندا هئا. برهمڻن جي هڪ ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي
ته:
”اُڌيچيه وارو لهجو، ماڻهو گهڻي امتياز سان ڳالهائين ٿا، سڄي ملڪ جا ماڻهو ۽
شاگرد، اُڌيچيه جي عالمن وٽ وڃي، گفتگوءَ جا آداب
سکندا هئا. جيڪو به هن خطي (اُڌيچيه) مان علم حاصل
ڪي موٽندو هو، تنهن کي ماڻهو چاهه سان ٻڌڻ پسند
ڪندا هئا.“
درحقيقت اهو اشارو اُن خطي طرف هو، جتي ’تڪش شلا‘، ’وديا آليه‘
قائم هئي. هن ئي خطي (اُڌيچيه) ۾ ’تَڪش
شلا‘يونيورسٽي، پنڊت پاڻينيءَ واري دور (500 ق-م)
۾ علم ادب جو مرڪز هئي، ’پاڻيني‘ هن ئي اداري يعني
تڪش شلا يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو هو. هت وڏا وڏا ودوان
موجود هوندا هئا، جن وٽ پاڻينيءَ به تعليم حاصل
ڪئي. پوءِ پاڻينيءَ هن ئي اداري ۾ پنڊت بڻيو.
انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته ’تڪش شلا‘ واري خطي ۾
رائج روزمره واري محاوري، برهمڻ جي هٿ هيٺ علمي ۽
ادبي صورت ورتي، ۽ نيٺ پنڊت پاڻينيءَ (500 ق – م
ڌاري اُن محاوري کي نئين سر سنواري ۽ سڌاري، اُن
کي پهرين ڀاشا ۽ پوءِ سنسڪرت نالو ڏنو. سنڌي،
لهندا ۽ سنسڪرت ۾ بيشمار هڪ جهڙاين جو سبب به اهو
ئي آهي، ڇو جو تڪش شلا وارو خطو، تهذيب ۽ تمدن جو
مرڪز رهيو آهي. جتي ’سَئنڌُئي لوڪن‘ جي ٻوليءَ ۽
اُڌيچيه لهجي واري ٻولي ڳالهائيندڙ لوڪن جو هڪ ٻئي
سان گهرو تعلق رهيو هوندو.
هن سڄي بحث مان هي نتيجو ٿو نڪري ته برصغير جي ڪا به ٻولي
سنسڪرت مان ڦٽي نڪتل نه آهي تنهن ڪري اهو مفروضو
ته ’سنڌي ٻولي، سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي.“ غلط
ثابت ٿو ٿئي.
هن ڪتاب ۾ اهو پڻ ثابت ڪيو ويو آهي، ته سنڌي ٻولي، سنڌو-ماٿر جي
اصلوڪي رهاڪن جي اصلوڪي ٻولي آهي، جنهن جون پاڙون
سنڌو-تهذيب ۾ کُتل آهن، هن تهذيب ۾ ئي هن ٻوليءَ
جنم ورتو. هتان ئي اها ٻولي اُسري، وڌي ۽ ويجهي.
لهاذا سنڌي هڪ غير آرتيائي ٻولي آهي، ان ڪري
پروفيسر پوپٽي هيراننداڻيءَ جي هن راءِ سان به
اتفاق نٿو ڪري سگهجي، جنهن ۾ هن فرمايو هو ته:
”سنڌي، سنسڪرت مان نڪتل نه آهي، پر سنڌي ۽ سنسڪرت جو بنياد ساڳيو آهي؛ ٻنهي
جو سرچشمو سنڌو-ماٿر جي اصل آريائي ٻولي آهي،
سنسڪرت اوائلي مول- ڀاشا جو هڪ روپ آهي ۽ سنڌي ٻيو
روپ، هڪ ماءُ جون ڌيئون هئڻ ڪري ٻنهي ۾ سمانتا
آهي.“
هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ اهو پڻ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته
سنڌي ٻولي آريائي خاندان جي ڪنهن به ٻوليءَ جي
ڄائي نه آهي، پر اها (سنڌي ٻولي)، دراصل، برصغير ۾
آرين جي اچڻ کان تمام گهڻو اڳ جي ٻولي اهي، جنهن
جون پاڙون سنڌو-ماٿر جي تهذيب ۾ کتل آهن، هيءَ
سنڌو-ماٿر جي اصلوڪن رهاڪن، ’سئنڌُوَلوڪن‘، جي
’سئنڌُئي‘ زبان آهي، جنهن تي آرين جي قبضي کان
پوءِ پراڪرت، پالي ۽ سنسڪرت جو اثر ضرور ٿيو آهي،
جيئن مثالن ذريعي اهو اثر ثابت ڪيو يو آهي لهاذا
The Indo-Aryan Languages
ڪتاب جي مصنف، مسٽر ڪولن ماسيڪا، پنهنجي ڪتاب ۾
449، 451 ۽ 452 صفحن تي ٻولين جي باري ۾ جيڪي نقشا
ڏنا آهن، انهن ۾ ڪافي تبديلي آڻڻي پوندي. اهي چارٽ
هت نقل ڪري ڏجن ٿا.
ڀاڱو ٻيو
1- آرين جي اچڻ کان اڳ، سنڌو- ماٿر ۾ رائج قديم ۽ اصلوڪي ٻوليءَ جا اهڃاڻ:
ڀاڱي پهرئين ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن زماني ۾ هي نظريو عام هوندو
هو ته آرين جي حملي وقت، سنڌو – ماٿر ۾ رهندڙ سڀ
قومون ۽ جاتيون، حملي ڪندڙن جي خوف ۽ هراس وچان،
پنهنجو هيءُ ملڪ ڇڏي، ڪي ڏکڻ- اوڀر طرف ڀڄي وئيون،
ته ڪن اولهه طرف وارن جبلن ۽ غارن ۾ وڃي پناهه
ورتي، ته ڪي وري جهنگلن ۾ وڃي لڪا. هن سلسلي ۾
ڀاڱي پهرئين ۾ واضح لفظن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌو-
ماٿر تي ڌارين جا حملا هميشه ٿيندا رهيا آهن ۽
ٻاهران ايندڙن جي حملن جي وقت ڪي خاندان ۽ ڪٽنب
ضرور لڏي ويا هوندا.
ڀاڱي پهرئين ۾ اهو به چيو ويو آهي ته،
انهن حملن جي باوجود ۽ سنڌو-ماٿر تي ڌارين ۽ حمله
آورن جي قبضي ٿيڻ جي باوجود، هن سرزمين جي سموري
آبادي، يعني هتي جا سڀ جا سڀ ماڻهو، حمله آورن جي
خوف ۽ هراس وچان، پنهنجو هي وطن ۽ پنهنجي هيءَ سر
زمين ڇڏي، هتان ڀڄي ڪونه نڪتا هوندا، البت سندن
آباديءَ جو ڪجهه حصو، ڪي ڪٽنب ۽ قبيلا، خوف ۽ هراس
وچان، هتان ضرور ڀڄي ويا هوندا ۽ اُتر، اوڀر،
اولهه ۽ ڏکڻ وارن علائقن ۽ رياستن يا جبلن ۽
جهنگلن ۾ وڃي پناهه ورتي هوندائون، جيئن ديوان
ٿڌاڻيءَ جي حوالي سان اڳ ۾ ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي
تاريخ‘ ڪتاب ۾ بيان ڪيو ويو آهي، ان ڪتاب ۾ چيو
ويو آهي ته:
”محمد بن قاسم جي حملي وقت، سڌ جا ڪي لوهاڻا ڪٽنب، سنڌ ڇڏي،
اوڀر طرف وارين هندو رياستن بيڪانير، جيلسمير،
جوڌپور ۽ جئپور ۾ وڃي آباد ٿيا، پر سندن اڪثريت
سنڌ ۾ ئي رهي، جن مان ڪي مسلمان ٿيا ۽ ڪي هندو ڌرم
تي ئي قائم رهيا.“
اهڙيءَ طرح سنڌو-ماٿر ۾ رهندڙ آباديءَ جي اڪثريت، حمله آورن جي
اڳيان پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري، سندن آڻ مڃي هوندي ۽
اُنهن (حمله آورن) کي پنهنجو حڪمران قبول ڪيو
هوندائون، ۽ پنهنجن پنهنجن ماڳن ۽ مڪانن، ڳوٺن ۽
بستين ۾ ئي رهڻ پسند ڪيو هوندائون.
جيڪڏهن سؤ في صد ماڻهو هتان لڏي ويا هجن ها ته پوءِ صرف سنڌ ۾
ئي سنڌو- ماٿر جي قديم جاتين جهروڪ: مهاڻن، پڻين
(واڻين)، ماڇين، ميربحرن، اوڏن، ڀيلن،
ڪوهلن(ڪولهين)، شودرن (سوڍرن)، آهيرن، اَڀيرن،
پرهياڙن، ڀاگڙين ۽ بروهين جو، هت وجود ئي نه هجي
ها. سنڌو- ماٿر جي قديم لوڪن جي هت رهجي وڃڻ ڪري
ئي، ۽ هزارين سالن جي گذري وڃڻ جي باوجود، هن ماٿر
۾،تهذيب ۽ تمدن جو تسلسل قائم رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته
سنڌو-ماٿر جي قديم لوڪن (سئنڌُوَ لوڪن)، آرين جي
تسلط جي باوجود، پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾، پنهنجي روزمره
جو ڪاروبار هلايو هوندو، سندن روزانه زندگيءَ ۾،
سندن ئي ماحول اندر، سندن ئي ٻولي- سئنڌُوئي ٻولي،
رائج رهي هوندي، جا کين سندن ابن ڏاڏن کان، اُنهن
(ابن ڏاڏن) کي، اُنهن جي ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ ملي
هوندي البت هيءَ ڳالهه ضرور قبول ڪبي يا مڃبي ته
انهن لوڪن (سئنڌُوَ لوڪن) جي ٻوليءَ تي آهستي
آهستي، بتدريج، آرين جي ٻوليءَ/
ٻولين-پراڪرت/پراڪرتن- جو اثر ضرور ٿيو هوندو.
حاڪمن جي ٻولي هجڻ جي ڪري، محڪوم ماڻهن يعني قديم
۽ اصلوڪن رهاڪن يعني سئنڌُوُ لوڪن، آرين جي
ٻوليءَ/ ٻولين جا ڪيترائي لفظ اُڌارا ورتا هوندا،
پر ائين هرگز ممڪن نه آهي ته انهن ماڻهن پنهنجي
سڌريل، شاهوڪار ۽ مهذب ٻوليءَ کي بلڪل ڇڏي ڏنو
هوندو يا ترڪ ڪيو هوندو، البت ’سئنڌُوَ لوڪن‘ جي
ٻوليءَ جو لغوي ذخيرو، گاڏڙ بنجي ويو هوندو، پر
سندن (مقامي لوڪن) ٻوليءَ جي صوتي، صرفي ۽ نحوي
سٽاءَتي آرين جي ٻولين جي صوتي،صرفي ۽ نحوي سٽاءَ
جو ايترو گهڻو اثر ڪونه ٿي سگهيو، جو سنڌو- ماٿر
جي ان قديم ۽ مقامي ٻوليءَ جي سٽاءَ ۾ فرق اچي
سگهيو هجي، يا اها ٻولي بلڪل ختم ٿي وئي هجي يا
مري وئي هجي. جيڪڏهن ائين ٿيو هجي ها ته پوءِ صرف
سنڌ ۾ اوڏن جي ٻولي، باگڙين جي ٻولي، بروهين جي
ٻولي ۽ سنڌو-ماٿر مان لڏي ويل جپسين جي ٻولي، جيڪي
اڃا تائين لکجي نه سگهيون آهن، (البت هاڻ بروهڪي
ٻوليءَ لاءِ ڪوشش ٿي آهي) پر تڏهن به هزارين سالن
کان زنده رهنديون آيون آهن، ۽ زنده رهنديون اچن.
انهن ٻولين کان سواءِ، سنڌو-تهذيب ۽ تمدن جي مختلف
پهلوئن ۾ جيڪو تسلسل قائم رهندو آيو آهي، تنهن مان
پڻ اهو ثابت ٿو ٿئي ته ’سَنئنڌُوَ لوڪن‘ نه فقط
پنهنجي زبان کي قائم رکيو آهي، پر انهن پنهنجي
تهذيب ۽ تمدن کي به زنده رکيو آهي، ۽ اُن تهذيب ۽
تمدن ۾، هر زماني ۾ تسلسل قائم رهندو آيو آهي.
هن راءِ کي ڊاڪٽر ڪولن ماسيڪا (Colin
Masica)
به قبول ڪري ٿو جپسي قوم جو حوالو ڏيندي هو لکي ٿو
ته:
”آرين جي حملي ۽ تسلط جي ڪري، غير-آريائي قبيلن سندن (آرين) تهذيب ۽ ٻولين
کي قبول ڪيو، جيئن مشرقي بنگال، آسام، اوڙيسا ۽
ڏکڻ بهار وغيره جي ٻولين جا مثال ملن ٿا، پر ٽي
مثال اهڙا آهن، جن جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو
ته، اُهي غير-آريائي قبيلا جيڪي آرين جي اچڻ کان
اڳ جيڪا ٻولي ڳالهائيندا هئا، يا جنهن سڀيتا کي
پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال ڪندا هئا،
تنهن کي سؤ في صد ڇڏي ڪونه ڏنو هئائون، اُهي ٽي
مثال هي آهن:
(i) قديم زماني ۾ سنڌو- ماٿر مان جپسي قبيلن جي لڏ پلاڻ، پهرين
مشرق- قريب وارن ملڪن ۾ ٿي، جتان پوءِ اهي جپسي
قبيلا يورپ طرف لڏي ويا. ايتري عرصي گذري وڃڻ جي
باوجود جپسين، صدين تائين پنهنجي ٻوليءَ کي،
پنهنجيءَ جاتيءَ اندر روزانه وهنوار لاءِ، مخفي
طور ۽ پنهنجي جاتيءَ جي سڃاڻپ ۽ انفراديت لاءِ
قائم رکيو آهي.
(ii) اوڻيهين صدي عيسويءَ ۾، برصغير ۽ ٻين ملڪن مان مزور ۽ واپاري
لڏي، فيجي ٻيٽن، موريشس، مشرقي ۽ ڏکڻ آفريڪا،
گيانا، ٽرنيڊاڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ وڃي آباد ٿيا، پر
انهن هڪ صديءَ کان به وڌيڪ عرصي گذري وڃڻ جي
باوجود، پنهنجيءَ ٻوليءَ ۽ تهذيب کي، پنهنجيءَ
جاتيءَ جي سڃاڻپ ۽ جاتيءَ اندر وهنوار لاءِ قائم
رکيو آهي.
(iii) ويهين صديءَ عيسويءَ جي وچ واري عرصي کان وٺي، اڳوڻي
هندستان، سري لنڪا، برما ۽ برطانوي ڪالونيءَ مان
لکن جي تعداد ۾ ماڻهو، برطانيا ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾
وڃي آباد ٿيا، اُنهن ماڻهن پنهنجيءَ تهذيب ۽ ٻولين
کي پنهنجيءَ جاتيءَ اندر وهنوار ۽ اُن جي سڃاڻپ
لاءِ قائم رکيو آهي.“
اهڙيءَ طرح صديون اڳ جت قبيلا، سنڌو-ماٿر مان لڏي، ايران،
عراق، لبنان ۽ مصر ۾ وڃي آباد ٿيا هئا. انهن به
پنهنجيءَ تهذيب ۽ ٻوليءَ کي پنهنجيءَ جاتيءَ اندر
قائم رکيو آهي.
هاڻ جيڪڏهن ڪئين صديون اڳ، سنڌو- ماٿر مان لڏي ويل جتن ۽ جپسين،
اُنهن ملڪن ۾، جتي هو هاڻ رهن ٿا، اتي انهن
پنهنجيءَ پنهنجيءَ تهذيب ۽ زبان کي قائم ۽ دائم
رکيو آهي ته پوءِ سنڌو-ماٿر اندر رهندڙ ماڻهن،
پنهنجي ٻوليءَ ۽ تهذيب کي ڪيئن قائم نه رکيو
هوندو؟ البت اهو ضرور مڃبو ته انهن مقامي ماڻهن،
آرين ۽ ٻين فاتح قومن جي تهذيب ۽ ٻوليءَ کي به
ضرور قبول ڪيو هوندو.
آثار قديمه جا ماهر هن راءِ جا آهن ته ’سنڌو- تهذيب‘ آرين جي
فتح کان پوءِ به ختم ڪا نه ٿي هئي، بلڪ هن تهذيب ۽
تمدن جو سلسلو، موهن جي دڙي ۽ هڙپا تهذيبن جي
خاتمي جي باوجود قائم، ۽ دائم رهيو، ۽ هن تهذيب
جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ۽ خصوصيتون،اُن جا آثار ۽
اُهڃاڻ، موجوده دور تائين به قائم رهندا آيا آهن.
لهاذا هن تهذيب ۾ رائج ٻوليءَ ۾ به تسلسل جا
ڪيترائي ثبوت ۽ دليل ملن ٿا، جيتوڻيڪ آرين ۽ ٻين
حمله آورن ۽ فاتح قومن جي حملن ۽ سندن تسلط جي
ڪري، پراڪرت، سنسڪرت، پالي، ايراني، يوناني، عربي
۽ ٻين ٻولين جو، سنڌو-تهذيب واريءَ قديم ٻوليءَ
(سئنڌُتي) تي گهڻو ئي اثر ٿيو، ۽ انهن ٻولين جا
هزارن جي تعداد ۾ لفظ، سنڌو-تهذيب واريءَ ٻوليءَ
(سئنڌُئي) جي لغات ۾، انهن ٻولين جي لفظن جي داخل
ٿي وڃڻ جي باوجود، سنڌو-ماٿر جي ٻوليءَ جي صوتي،
صوتياتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ تي، معمولي اثر کان ڪو
وڌيڪ اثر ڪونه ٿي سگهيو، جان بيمز هن سلسلي ۾
پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته:
”آرين پنهنجن مخالف ماڻهن جي زبان، تهذيب ۽ تمدن تي گهرا اثر
ڇڏيا، پر ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته موٽ ۾ آرين جي
زبان، تهذيب ۽ تمدن تي، برصغير جي مقامي ماڻهن
(آرين جي هن ملڪ ۾ اچڻ ۽ هت قيام پذير ٿيڻ کان اڳ
واري زماني جا لوڪ) جي زبان، تهذيب ۽ تمدن جو اثر
ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو سنسڪرت ۾ به، غير-آريائي
زبانن جي لفظن جو وڏو ذخيرو ملي ٿو. اهڙن لفظن جو
اصل نسل، غير-آريائي زبانون آهن، جن کي آريائي
زبانن ۾ ڳولي هٿ ڪرڻ مشڪل آهي.“
|