ڊاڪٽر ڪرشنا راءُ ته سنڌو- ماٿر جي قديم رهاڪن کي
آرين جا ابا ڏاڏا ۽ سنسڪرت کي سنڌو ماٿر جي تهذيب
مان اسريل زبان ٿو ڪوٺي، ان آڌار تي چئبو ته
سنسڪرت ۽ ايراني ٻولين جو بڻ بنياد ساڳيو ڪونهي،
بلڪ سنسڪرت، سنڌو ماٿر ۾ 400 ق م ڌاري گنڌارا خطي
۾ رائج لهجي مان جنم ورتو.
ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي راءِ درست ٿي سگهي ٿي، ڇو ته سنڌي ۽ سنسڪرت
۾ انگن جي سٽاءَ جي سلسلي ۾ منهنجي راءِ 1974ع ۾
شايع ٿي هئي؛ هاڻي جيڪڏهن اهو قبول ڪجي ته سنڌي ۽
سنسڪرت ۾ انگن جي ساخت ۾ هڪجهڙائي آهي ته پوءِ
ائين به قبول ڪرڻو پوندو ته سنڌي ۽ سنسڪرت ۾ ٻيون
به هڪجهڙايون هجڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته جيئن اڳ به چيو
ويو آهي ته، سنسڪرت ٻولي، تڪش شلا جي ٻيءَ ڀر،
سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪناري واري علائقي، ’تنؤل‘ جي
’ٻوليءَ‘ جو سڌاريل ۽ سنواريل روپ آهي.
هن ڪتاب جي، هن ٻئي ڇاپي ۾، ’ڀنڊار ڪر‘ جي ڪتاب مان مدد وٺي،
مون اُن جي حوالن سان، پنهنجي راءِ لاءِ دليل ۽
ثبوت ڏنا آهن. مون حرف جر، صفت، عدد جي گردانن ۽
ڦيرن، جنسن جي گردانن ۽ ڦيرن، فعل جي ڌاتوءَ،
مورڌني آوازن، چُوسڻن آوازن، سخت تارونءَ وارن
گهڻن اوازن، لفظن جي مُنڍ ۾ ۽ آخر ۾ ايندڙ مرڪب
وينجنن، فعل متعدي بالواسطه، نون لفظن ٺاهڻ جا
اصول ۽ واٽون اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون ملائڻ سان يا
لفظن اندر صوتي تبديليون آڻي نوان لفظ ٺاهڻ جا
اصول، سنڌيءَ جا اصول ۽ قانون، اسم فاعل جا اصول،
ضمير متصل ۽ ٻٽا ضمير متصل ۽ نحوي اصولن کان سواءِ
ڊاڪٽر هيريماٿ، ۽ ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ طرفان بيان
ڪيل سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جي صرفي بناوتن ۾
هڪجهڙائيءَ جا مثال دليل طور پيش ڪيا آهن. اهو سڀ
ڪجهه سنڌيءَ کي غير-آريائي زبان هجڻ، ثابت ڪرڻ
لاءِ ڪيو اٿم،
ڊاڪٽر جيٽلي صاحب، سندس خط ۾ اهو به فرمايو آهي
ته:
”’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ (1974ع) ڪتاب ۾ اوهان جيڪي وصفون سنڌيءَ ۾،
دراوڙي ٻولين جون ڏيکاريون آهن، انهن مان اٽڪل
نوي- پنجانوي سيڪڙو اهڙيون وصفون آهن، جيڪي ٻين به
جديد آريائي ٻولين (گجراتي، مراٺي، هندي، اردو،
پنجابي، آسامي ۽ اُڙيا وغيره) سان لاڳو ٿين ٿيون،
پوءِ ائين چئبو ڇا ته اهي سڀ ٻوليون غير- آريائي
نسل واريون آهن؟“
ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي انهيءَ سوال جي جواب لاءِ آءٌ عرض ڪندس ته
هو پاڻ سندس ئي سوال کي، سندس ئي راءِ سان ڀيٽي،
ڇو ته هن خود چيو آهي ته: ”سنڌو- ماٿر جي ٻولي، رگ
ويد جي دور کان اڳ جي ٻولي آهي،“ پر ڊاڪٽر ڪرشان
راءُ ته چوي ٿو ته، سنڌو ماٿر جا اصلوڪا رهاڪو
ڪٿان ٻاهران آيا ئي ڪونه هئا، پر اهي ماڻهو دراصل
هن ئي سرزمين جا قديم ۽ اصلوڪا رهاڪو هئا، جيڪي
’آريا‘ ۽ ’اشور‘ جي گڏيل نسل وارا لوڪ هئا، جن کي
آريا سڏيو ويو. اهي ئي ماڻهو (سنڌو ماٿر جا اصلوڪا
رهاڪو يعني آريا)، جيڪي آرين جا ابا ڏاڏا هئا،
دنيا ۾ ٻين ملڪن ڏانهن، هتان ئي ويا ۽ جدا جدا
ملڪن ۽ علائقن ۾ وڃي آباد ٿيا. ڊاڪٽر ڪرشنا راءُ
جو خيال آهي ته:
”موجوده زماني ۾ مليل مواد جي مطالعي کان پوءِ اهو ثابت ٿو ٿئي ته
سنڌو-تهذيب جا ’معمار‘ (Authors) نه فقط آريا هئا، پر هن تهذيب جا رهاڪو ڪيترين ئي ٻين
جاتين ۽ نسلن تي مشتمل هئا، جيڪي هڪ ’اعليٰ گڏيل‘
(Cosmopolitan)
سماج وانگر رهندا هئا. اهي جاتيون ۽ نسل، صدين
تائين هڪ ٻئي سان گڏ رهڻ ڪري، نيٺ پاڻ ۾ گڏجي
ميسجي، هڪ نسل يا جاتي بڻجي ويا. نيٺ هڪ اهڙو
زمانو آيو جنهن ۾ آريا، هڪ ’اوچي‘ (Superior)
قوم جي حيثيت ۾، سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي ويا. ائين چوڻ
۾ ڪابه تعجب جي ڳالهه ڪانهي ته اسين ’سميري
تهذيب‘، ’مصري تهذيب‘ ۽ ’سنڌو-تهذيب‘ جهڙين قديم
ترين تهذيبن کي، اوائلي آرين واري تهذيب ڪري
سمجهون.“
پر سر جان مارشل 1931ع ۾ پنهنجيءَ راءِ جو اظهار ڪندي لکيو هو
ته:
”ڪن محققن، اُٻهرائيءَ وچان هي نتيجو ڪڍيو آهي ته، سنڌو-تهذيب جا معمار،
ويدڪ-آريا هئا، پر انهن محققن جي اهڙي اُٻهري
راءِ، مون کي ائين چوڻ تي مجبور ڪيو آهي ته، سنڌو-
ماٿر جهڙي اعليٰ معياري، سڌريل ۽ ترقي يافته
تهذيب، آرين جي تسلط کان گهڻي پراڻي، قديم ۽
يادگار تهذيب آهي.“
جيڪڏهن ڊاڪٽر ڪرشنا راءُ جي اها راءِ (1982ع) کڻي قبول به ڪجي،
ته پوءِ سنڌي ۽ ٻين (ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي چواڻي
جديد آريائي) ٻولين ۾ هڪجهڙائي هجڻ تي اعتراض ڇو
هجڻ گهرجي، پر حقيقت هيءَ آهي ته سنڌي ۽ بنگالي،
سنڌي ۽ اُڙيا توڙي سنڌي ۽ آسامي ٻولين جي صوتيات،
صوتياتي اصولن، آوازن، وينجنن ۽ سُرن جو جڏهن
تقابلي مطالعو ٿو ڪجي ته علم اللسان جو هر ڄاڻو
اها دعوا ڪندو ته انهن ٻولين جي صوتياتي نظام ۽
سنڌيءَ جي صوتياتي نظام ۾ بلڪل ٿوري ۽ معمولي هڪ
جهڙائي آهي، پر جيڪڏهن سنڌي ۽ گجراتي، سنڌي ۽
سؤراشتري (ڪاٺياواڙي)، سنڌي ۽جيسلميري، سنڌي ۽
ڍاٽڪي، سنڌي ۽ هرياڻا جي ٻوليءَ هڙوتي جي صوتياتي
۽ وياڪرڻي ڀيٽ ڪبي ته معلوم ٿيندو ته انهن ٻولين
۾، اهڙيءَ هڪجهڙائيءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪارڻ ٿي
سگهن ٿا.
پهرين ڪارڻ موجب سنڌو-ماٿر ۽ ان جي تهذيب ۽ تمدن جون حدون
سؤراشٽر (ڪاٺياواڙ) ، گجرات ۽ مهاراشٽر جي (اولهه
طرف واري) سرحدن يعني گجرات جي اُڀرندي سرحد تائين
پکڙيل هيون. گجرات، سؤراشٽر (ڪاٺياواڙ)، موجوده
راجسٿان (جوڌپور، جيسلمير ۽ بيڪانير) ۾، هڪ طرف
لوٿل
۽ ڪاليبنگن
تائين ۽ ڪشمير جي اترينءَ سرحد تائين سنڌو- ماٿر
واريءَ تهذيب جا جيڪي آثار، اهڃاڻ ۽ نشانيون مليون
آهن، تن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته سنڌو-ماٿر جي
قديم ٻوليءَ ’سئنڌُئيءَ‘ جي هڪ شاخ اها به هئي،
جيڪا پنهنجن محاورن (Sub-dialets)
سميت انهيءَ اُڀرندئين ۽ اترئين خطي ۾ به ڳالهائي
ويندي هئي، جنهن کي ممڪن آهي ته، ’اُڀرندين شاخ‘ ۽
’اترين شاخ‘ سڏيو ويندو هجي. اهو ئي سبب آهي جو
گجراتي، ڪڇي، مارواڙي، ميواڙي، جيسلميري، ڍاٽڪي،
هڙوتي ٻوليءَ، يانگڙو ۽ ڪاشميري شاخن ۾ ٻيءَ
هڪجهڙائيءَ کان سواءِ متصل ضميرن جهڙيون خصوصيتون
پڻ نظر اچن ٿيون، جيڪا سنڌي ۽ لهنديءَ جي خاص خوبي
چئي ويندي آهي.
هڪ طرح سان، لاشعوري طور، ڊاڪٽر جيٽلي پڻ منهنجي هن راءِ سان،
سندس مذڪوره انٽرويو ۾ اتفاق ڪيو آهي. هُو (ڊاڪٽر
جيٽلي) به سنڌو-ماٿر ۾ هڪ ئي زبان کي رائج زبان
تسليم ڪري ٿو، جيڪا ڌار ڌار لهجن ۽ شاخن ۾، ورهايل
هئي. ڊاڪٽر نواز علي ’شوق‘ جو، ڊاڪٽر جيٽلي کان هڪ
سوال هي هو ته:
”هڪ اهو به نظريو آهي ته انڊس وئليءَ جي هڪڙي ئي زبان آهي، يعني اها سنڌي
زبان آهي. ان جا مختلف ڊائليڪٽس آهن. ڪٿي ان کي
هندڪو سڏيو وڃي ٿو ته، ڪٿي سرائڪي، ڪٿي پوٺواري
سڏيو وڃي ٿو. اوهان جي راءِ ڇا آهي؟“
هن سوال جي جواب ۾، ڊاڪٽر جيٽلي صاحب منهنجيءَ راءِ سان بلڪل
اتفاق ڪيو آهي. هن جواب ۾ فرمايو ته:
”اهو صحيح آهي. اهي فقط اسپوڪن (Spoken/
ڳالهايل) فارم ۾ الڳ الڳ آهن، پر ڏسجي ته ٻولي هڪ
آهي، جيئن ملتاني ۽ سنڌي صفا هڪ آهي، جنهن ۾ ٿورو
لهجي جو ۽ گرامر جو فرق آهي. حقيقت ۾ ڏسنداسين ته
سنڌ واري علائقي جي ٻوليءَ کي مرڪزي ٻولي ڪري کڻون
ته ان مان ٻيون ٻوليون اُسريون آهن، جيئن ملتاني
ٻولي، سنڌي ۽ پنجابيءَ جي ميل مان ٺهيل آهي، ڪٿي
ان جا فارم سنڌيءَ سان، ته ڪٿي پنجابيءَ سان ملن
ٿا؛ ۽ پنجابي وري هندي ۽ سنڌيءَ جي ميل مان ٺهيل
آهي، يعني پنجابي ان جي وچ جي ٻولي آهي. وري ڏکڻ
طرف ڏسون ته سنڌي ۽ گجراتيءَ جي وچ جي ٻولي ٿي
ڪڇي، اها ٿوري تبديل ٿي سنڌي ٻولي، اها گجراتي ۽
سؤراشٺيءَ جي اثر ڪري ڪڇي ٻوليءَ ۾ ظاهر ٿئي ٿي.
وري اوڀر طرف سنڌي ٻولي، راجسٿانيءَ جي اثر ڪري
ڍاٽڪي، جيلسميري ۽ ٿري وغيره ٿي. ائين اسان
ڏسنداسين ته مرڪزي ٻولي سنڌ واري ٻولي ٿي ڏسجي.
ائين ٻين ٻولين جا اثر کڻي، ٻيا لهجا ان اختيار
ڪيا. ائين ڀرواريون ٻوليون ٺهيون.“
جيٽلي صاحب جو بيان ڪيل اهو اصول ۽ نظريو، سنڌو-ماٿر جي مرڪزي
ٻوليءَ ’سئنڌُئي‘سان به لڳائي سگهجي ٿو ۽ ائين چئي
سگهجي ٿو ته سنڌو-ماٿر واري ملڪ، سنڌُو/سئنڌُو جي
ٻولي، ’سئنڌُئي‘، مرڪزي ٻولي هئي، ۽ پوءِ اهو به
چئون ته هن ملڪ جي سرحدن اندر ۽ اُن جي آسپاس وارن
خطن ۽ علائقن جون ٻولين، گجراتي، شؤراشٽري،
جيلسميري، مارواڙي، ڍاٽڪي ۽ بانگڙو ٻوليون،
’سئنڌُئي‘ ٻوليءَ مان اُسريون آهن.
ٻيو سبب هيءُ به ٿي سگهي ٿو ته هزارين سال گڏ رهڻ جي ڪري، هن
سرزمين جي ماڻهن، ٻولين ۽ تهذيب ۽ تمدن جي سلسلي
۾، هڪ ٻئي کان ايترو ڪجهه ورتو آهي، جو هاڻ اهو
چئي نٿو سگهجي ته ڪهڙيءَ ٻوليءَ يا ڪهڙيءَ قوم،
ٻوليءَ، تهذيب ۽ تمدن جي سلسلي ۾، ٻين قومن کان ڇا
ڇا ورتو آهي؟ بهرحال اهو ته ڊاڪٽر جيٽلي به قبول
ڪري چڪو آهي ته سنسڪرت، سنڌي ٻوليءَ جي ماءُ هرگز
ڪانهي. ڊاڪٽر ٽرومپ به اها دعوا ڪري چڪو آهي ته:
”سنڌي هڪ خودمختيار ٻولي آهي.“
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب ته، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي
سلسلي ۾ ڏنل منهنجي راءِ کي مروڙي سروڙي ۽ غلط
نموني سان بيان ڪيو آهي. هو (ڊاڪٽر جوڻيجو) صاحب،
’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ جي سلسلي ۾ ذڪر ته
منهنجي ڏنل راءِ جو ٿو ڪري، پر ان سلسلي ۾ حوالا
1967ع ۾ ڇپيل منهنجي مقالي مان ٿو ڏي، جڏهن ته
1967ع کان پوءِ هن سلسلي ۾ مون پنهنجا رايا 1974ع
(سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد)، 1987ع (سنڌي ٻوليءَ جو
اڀياس) ۽ 1991ع ۾،(An Introduction to the history of Sindhi Literature)
ڪتابن ۾ ڏنا آهن،
پر ڊاڪٽر
جوڻيجي صاحب، 1967ع ۾، مهراڻ ۾ ڇپيل منهنجي مقالي جي حوالي سان لکيو آهي ته:
”الانا صاحب جي راءِ موجب، سنسڪرت ۽ سنڌي ڀينرون آهن، ڇو جو لفظي معنى موجب
به پراڪرت ۽ سنسڪرت جو سنٻنڌ اهڙو آهي، جنهن ۾
ڪنهن مونجهاري جي گنجائش نه آهي. پراڪرت اصل آهي ۽
سنسڪرت اُن جهڙي. ان ڪري به سنسڪرت، اُپکنڊ جي
ٻولين جي ماءُ، اصل يا بنياد نه آهي، پر سنسڪرت ته
پاڻ پراڪرت جي هڪ لهجي (محاوري) جو سڌاريل سنواريل
نمونو آهي.“
مهراڻ رسالي جي، 4/1992ع واري پرچي ۾ مون
ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب جي، مٿينءَ تنقيد جو جواب ڏنو
هو. مون پنهنجي وضاحتي جواب ۾ ڄاڻايو هو ته:
”جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو اٿم ته، ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب جي لکت موجب، هن منهنجي اها
راءِ، مهراڻ رسالي جي نمبر 2/1967ع جي صفحي 86 تان
کنئي آهي.
پڙهندڙن جي اطلاع لاءِ عرض آهي ته مون پنهنجو اهو مقالو وري پڙهي ڏٺو آهي ۽
حيراني انهيءَ ڳالهه تي اٿم ته هڪ پروفيسر ۽ مڃيل
محقق ۽
Ph.D
ٿيسز لاءِ هڪ پراڻو رهنما به، جيڪڏهن ٻئي ڪنهن جي
راءِ کي، پنهنجي نموني سان بدلائي، مروڙي سروڙي ۽
ڊبل ڪامائن يعني واڪ جي نشانين ۾ ائين پيش ڪري، جو
ائين پيو محسوس ٿئي ته ڄڻ ته هن (جوڻيجي صاحب)،
منهنجي راءِ هوبهو مهراڻ 2/1967ع جي صفحي 86 تان
نقل ڪئي آهي، ۽ اها راءِ هوبهو منهنجي ئي آهي، پر
حقيقت اُن جي اُبتڙ آهي. مون کي افسوس آهي جو هڪ
سينيئر پروفيسر ۽ محقق، تحقيق جي اصولن جي برخلاف
وڃي، پنهنجا ٺاهيل لفظ، ڊبل ڪامائن ۾ رکي، انهن کي
منهنجي راءِ طور پيش ڪيو آهي. تحقيق جي اصولن موجب
جيڪڏهن ڪنهن جي به راءِ، اصلوڪي ليکڪ جي لفظن جي
بدران، پنهنجن لفظن ۾ ڏيڻي هجي ته پوءِ اهي لفظ يا
اهو پئراگراف، ڊبل ڪامائن ۾ رکڻو نه آهي، پر خبر
نه آهي ته ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب ڪهڙيءَ مصلحت تحت
ائين ڪيو آهي ۽ غلط فهمي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
اٿس.“
مون پنهنجي ساڳئي مقالي (مهراڻ 4/1992ع، صفحو 100) ۾ اڳتي وضاحت
ڪندي لکيو آهي ته:
”حقيقت هيءَ اهي ته مهراڻ رسالي جي نمبر 2/1967ع واري صفحي 86 تي، منهنجي
مقالي ۾، ’سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد‘ جي باري ۾ ڪو
به بحث ٿيل ڪونهي. صفحي 86 تي ته سنسڪرت جو بڻ
بنياد ۽ پراڪرت لفظن جون معنائون ۽ وصفون ڏنل آهن
۽ وڌيڪ هن سوال تي بحث ڪيل آهي ته ڪهڙي ٻولي قديم
۽ پراڻي آهي، سنسڪرت يا پراڪرت؟ دراصل ٻوليءَ جي
بڻ بنياد جي باري ۾ منهنجي راءِ مهراڻ رسالي
2/1967ع جي صفحي 92 تي ڇپيل آهي ۽ نه ڪِ صفحي 86
تي. ثبوت لاءِ آءٌ مهراڻ رسالي (نمبر 2/1967ع) جي
صفحي 92 جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي شامل ڪريان ٿو، جنهن ۾
جيڪي ڪجهه لکيل آهي سو پڙهندڙ پاڻ پڙهي فيصلو ڪن
ته ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب ڪهڙي سبب جي ڪري منهنجي راءِ
وارن لفظن ۾ ڦيرگهير ڪري، غلط فهمي پيدا ڪئي آهي.“
پڙهندڙن جي خدمت ۾ گذارش آهي ته اهي ڊاڪٽر
جوڻيجي صاحب جو مقالو (مهراڻ 3/1992ع ۾ منهنجا
مقالا (2/1997ع ۽ مهراڻ 4/1992ع) پڙهي ڏسن.
منهنجي مذڪوره ڪتاب کي محترم محمد عمر چنڊ پڻ ساراهيو آهي. هو
صاحب (محمد عمر چنڊ)، سندس ڪتاب، ’لسانياتي
جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون‘ ۾، باب پهرئين جي
صفحي پهرئين تي لکي ٿو ته:
”ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب هن کان اڳ لسانيات جي ميدان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي
پڙهندڙن کي، ڪي تمام ڪارائتا ڪتاب ڏنا آهن، جن مان
’سنڌي صورتخطي‘ (1964ع)، ’سنڌي صوتيات‘ (1967ع)، ۽
’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ (1974) وغيره جا نالا
وٺي سگهجن ٿا.“
اهڙيءَ طرح ڀارت جي، پوني يونيورسٽيءَ جي لسانيات واري
انسٽيٽيوٽ جي هڪ ماهر، پروفيسر ڊاڪٽر پرسي
گدواڻيءَ به هن ڪتاب (سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد) ۾،
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي سلسلي ۾، ڏنل دليلن کي
ساراهيو هو. هن مون کي 15- جون 1982ع تي، هن ڪتاب
جي باري ۾ پنهنجي راءِ موڪلي هئي. ڊاڪٽر گدواڻيءَ
واري خط کي حوالي طور (ڊاڪٽر جيٽلي جي انهيءَ
الزام ته مون (الانا) کي دراوڙي ٻولين جي ڪا به
ڄاڻ ڪانهي.) مون مهراڻ 4/1992ع ۾، منهنجي
جوابي مقالي ۾ شامل ڪيو هو. اهو خط هڪ دفعو وري
هيٺ ڏجي ٿو. پڙهندڙن جي اطلاع لاءِ عرض آهي ته
منهنجو ڪتاب (سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد)، 1974ع ۾
شايع ٿيو هو ۽ پوني (ڀارت) مان، ڊاڪٽر پرسي
گدواڻيءَ، مون کي انهيءَ ڪتاب جي حوالي سان، 15 –
جون 1982ع تي خط لکيو هو. اهو خط مون وٽ محفوظ
آهي. ڊاڪٽر گدواڻيءَ سان، منهنجي اڳ ۾ ڪا به
واقفيت يا ڏيٺ ويٺ ڪانه هئي. ڊاڪٽر گدواڻيءَ جي خط
مان، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي سلسلي ۾،
منهنجيءَ راءِ کي حمايت ملي ٿي.
|