سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :10

8 - سنڌي ٻولي سنسڪرت جي شاخ نه آهي:

(الف) سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ راءِ قائم ڪندڙ پهريون محقق ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت جي شاخ سڏيندڙن جي علمبردار، ڊاڪٽر ٽرومپ، جيتوڻيڪ پنهنجيءَ مشهور تصنيف:”سنڌي ٻوليءَ جو گرامر“  ۾ اها دعوا ڪئي آهي ته، ’سنڌي ٻولي، سنسڪرت جي ڌيءَ آهي،‘ پر سنڌي ٻوليءَ جي گهري مطالعي کان پوءِ کيس (ڊاڪٽر ٽرومپ کي) پنهنجي انهيءَ نظرئي ۾ تبديلي آڻڻي پيئي. پنهنجي ڦيرايل نظرئي موجب، ڊاڪٽر ٽرومپ لکي ٿو ته:

”سنڌيءَ ۾ جيڪي خصوصيتون آهن، تن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته، سنڌي، قديم پراڪرت سان هڪ جهڙائي رکي ٿي.“

ڊاڪٽر ٽرومپ لکي ٿو ته:

”سنڌي، نج سنسڪرتي ٻولي آهي. هيءَ ٻولي، اُتر- اولهه وارين ٻين ڏيهي ٻولين جي ڀيٽ ۾ پرڏيهي (ڌارئين) عناصرن کان وڌيڪ آجي آهي. پراڪرت جا پراڻا وياڪرڻي، شايد ڪو سهڻو سبب ڏيئي سگهن ۽ اهو ٻڌائي سگهن ته اپڀرنش جو اهو ڪهڙو لهجو آهي، جنهن مان سنڌي، پراڪرت جي سڀني کان بگڙيل لهجي جي صورت ۾ ڦٽي نڪتي آهي، پر جڏهن سنڌيءَ جي پنهنجين ڀينر ٻولين سان، وياڪرڻ جي نقط نظر سان ڀيٽ ٿي ڪجي، تڏهن اسان سنڌيءَ کي، ٻين ڏيهي ٻولين جي مقابلي ۾ اولين حيثيت ڏيون ٿا. هيءَ ٻولي هاڻوڪي دور جي مرهٽي، هندي، پنجابي ۽ بنگاليءَ کان قديم پراڪرت کي وڌيڪ ويجهي آهي، ۽ هن ٻوليءَ، وياڪرڻ جي سڀني مکيه نقطن کي پاڻ وٽ جهانڪيو ۽ سنڀاليو آهي، انهيءَ ڪري هن جون سڀ ڀينر ٻوليون هن سان ساڙ رکن ٿيون.“106

 

ڊاڪٽر ٽرومپ اڳتي هلي پنهنجي انهيءَ دعوا (سنڌي اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي آهي ۽ انهيءَ وسيلي سان سنسڪرت جي شاخ آهي) کان پاڻ شڪي ٿيو آهي، ۽ لکي ٿو ته:

”سنڌي ٻوليءَ پنهنجي اصلي بُڻ بنياد کان ڇڄڻ واريءَ حالت جي وقت واريون قديم پراڪرت جهڙيون سڀ خصوصيتون پاڻ وٽ سانڍي، سوگهيون رکيون آهن، پر اهي سنڌيءَ جي ٻين سڀني ڀينر ٻولين قائم نه رکيون آهن. اسان پنهنجي ڪتاب جي تمهيد ۾ ڄاڻايو آهي ته پراڪرت وياڪرڻي، ڪَرمديشوَرَ، اپڀرنش مان مثال ڏيئي، وياڪرڻ جا جيڪي قاعدا قانون ڄاڻايا آهن، اُهي اڃا تائين سنڌيءَ ۾ ملن ٿا. اهي قانون ٻين ڏيهي ٻولين سان هاڻ لڳي نٿا سگهن. سنڌي ٻولي، اهڙيءَ طرح، هڪ ’خودمختيار (Independent) ٻولي آهي، جيڪا سندس ڀينر ٻولين واري ساڳئي بڻ مان آهي، پر دراصل انهن کان مختلف آهي.“107

 

ڊاڪٽر ٽرومپ جي هن راءِ مان اهو به واضح ٿئي ٿو ته، جنهن اپڀرنش ٻوليءَ مان سنڌي ٻولي نڪتي هئي، سا ڪا آڳاٽي ٻولي هئي، جنهن مان ٻيون ڏيهي ٻوليون ڦٽي نڪتيون هيون، ۽ سنڌيءَ واري بنيادي اپڀرنش، ٻين ڏيهي ٻولين واريءَ بنيادي اپڀرنش کان، پراڪرت کي وڌيڪ ويجهي هئي، سنڌي گرامر مان ڪي اهڙا مثال هيٺ ڏجن ٿا، جيڪي سنڌي ۽ پراڪرت ۾ هڪ جهڙا آهن:

(i) فعل متعدي مجهول بنائڻ لاءِ، ڌاتوُءَ جي پويان پراڪرت /-اِجّه/پڇاڙي ملائي ويندي آهي. سنڌيءَ ۾ به فعل متعدي مجهول بنائڻ لاءِ ڌاتُوءَ سان /-اِج/پڇاڙي ملائبي آهي؛ مثلاً:

لِک + - اج = لِکِج

خط لکجي پيو.

ماني رڌجي پيئي.

(ii) پراڪرت ۾’تمنائي صيفي‘ (potential or optative mood) لاءِ فعل جي ڌاتوءَ جي پٺيان، /-اِجه/ پڇاڙي ملائي ويندي آهي. ساڳي پڇاڙي مستقبل مطلق (Definite future) لاءِ به ملائبي آهي. ساڳيءَ طرح سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ به ’امر استقبال‘ جي حالت ۾/-اِجِ/ پڇاڙي ملائبي آهي؛ مثال طور: وَڃجِ، لکج وغيره.109

 

(iii) ڪنهن به شخص کي مخاطب ٿيڻ لاءِ پراڪرت ۾ ’ري‘ ۽ ’اري‘ ندائي آوازن سان مخاب ٿبو آهي. سنڌيءَ ۾ به /ڙي/۽/اَڙي/ندائي آوازن مان ٻه آواز اهن، جن سان مخاطب ٿبو آهي.110

 

(ب) ديوان ڀيرو مل آڏواڻيءَ، پنهنجو ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ انهيءَ مقصد ڪاڻ لکيو هو ته جيئن هو دليلن ۽ ثبوتن سان ثابت ڪري ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي. هن پنهنجي رٿا هن نقشي ذريعي سمجهائي هئي:

سنسڪرت

پراڪرت

        پالي

                شؤرسيني

                        اپڀرنشَ

                                وراچڊ اپڀرنش

                                                سنڌي

پنهنجيءَ هن مذڪوره رٿا ۽ ڏنل نقشي جي باوجود، ديوان ڀيرومل، سنڌي ٻوليءِ جي بڻ بنياد جي باري ۾، پنهنجيءَ راءِ مان مطمئن نظر نٿو اچي. هن (ديوان ڀيرومل) سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي خاص ۽ انوکيون خوبيون ۽ خصوصيتون  معلوم ڪري، دانسته يا نادانسته لکيو آهي ته:

”سنڌي ٻولي، هندستان جي ٻولين ۽ ايراني ٻوليءَ جي وچ وارو ڪڙو آهي.“111

 

ڪاڪو ڀيرو مل ساڳئي صفحي تي لکي ٿو ته:

”ضميري پڇاڙيون رڳو ڪشميري، لهندا، سرائڪي ۽ سنڌيءَ ۾ آهن: مثلاً:

ڪشميري           سرائڪي            سنڌي

   مورِم                  ماريمِ               ماريُم

اهي پڇاڙيون، انهن ٻولين کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ(هندي ۽ اردو وغيره) ۾ ڪينهن، پر ايراني ٻولين ۾ آهن. انهيءَ سبب جي ڪري چئبو ته سڄي هندستان ۾ رڳو اسان جي سنڌي ٻولي هڪ ڳنڍيندڙ ڪڙو يا وچ وارو ڏاڪو آهي، جا هندستان جي ٻولين کي ايرانيءَ سان ڳنڍي بيٺي آهي.“ 112

 

اهي ئي اهم نڪتا آهن، جيڪي علم اللسان جي شاگردن جي ذهنن ۾ ڪيترائي سوال پيدا ڪن ٿا. مثال طور: جيڪڏهن سنڌي ٻولي، شؤرسينيءَ جي معرفت، سنسڪرت سان ملي ٿي، ته پوءِ سنڌي جيڪا بقول ديوان ڀيرومل، پاڪ و هند جي سڀني ڏيهي ٻولين کان دير سان، يعني 1100ع ڌاري هاڻوڪيءَ صورت ۾ آئي، سا، شؤرسينيءَ يا ٻين پراڪرتن مان ڦٽي نڪتل ڏيهي ٻولين، جهڙوڪ: گجراتي، هندي، پنجابي ۽ مرهٽي وغيره کان، سنسڪرت ۽ قديم پراڪرت کي وڌيڪ ويجهي ڪيئن ٿي؟113

 

حقيقت ۾ مرهٽي، گجراتي، هندي توڙي پنجابي ٻوليون، جيڪي ڪاڪي ڀيرومل جي راءِ موجب، سنڌيءَ کان اڳ پنهنجون هاڻوڪيون صورتون قائم ڪري چڪيون هيون، سي ته پاڻ سنسڪرت کي، سنڌيءَ کان وڌيڪ ويجهيون هئڻ گهرجن، سنڌي، لهندا ۽ سنسڪرت جون انيڪ هڪ جهڙايون ثابت ٿيون ڪن ته يا ته انهن ٽنهي ٻولين جو بڻ بڻياد ڪا هڪ ئي ٻولي آهي، يا انهن ٻولين جو هڪ ٻئي تي تمام گهڻو اثر ٿيو آهي، ۽ يا هڪ ٻوليءَ ٻين تي زياده اثر ڪيو آهي.

9 -برصغير جي ڪا به ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتل ڪانهي:

(الف) هن ڪتاب ۾ مثالن ۽ دليلن سان اهو پڻ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته برصغير، پاڪ و هند جي ڪا به ڏيهي ٻولي، سڌيءَ طرح يا اَڻسڌيءَ طرح سنسڪرت مان ڦٽي نڪتل نه آهي. ڪولن ماسيڪا، سرگريئرسن تي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته:

”گريئرسن پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب (لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا واليوم پهريون، پارٽ پهريون 1927ع) ۾ ڄاڻائي ٿو ته هندي ٻولي، تاتاري يا ڇالڊيئن خاندان جي ٻولين سان بنيادي طور واسطو رکي ٿي، جيڪا هندستان جي اترين علائقن ۾ رائج هئي، جتي پوءِ سنسڪرت ٻوليءَ پنهنجا پير کوڙيا. لهاذا هو (سرگريئرسن) هندي ۽ سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ناتا يا هڪجهڙن بنيادن کي ثابت ڪري نه سگهيو، ڇو ته سماجي طور هندي ٻولي، سنسڪرت کان اڳ (Pre- Sanskrit) واري دور جي ٻولي آهي، ۽ تاتاري خاندان سان واسطو رکي ٿي.“114

هت اهو به ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سنسڪرت ڪنهن به دور ۾، سڄي برصغير ۾ يا برصغير جي ڪنهن به خطي جي، روزمره واري ٻولي (spoken Language) هرگز ڪانه رهي آهي. 115

 

عين الحق فريد ڪوٽي صاحب جو رايو آهي ته:

”سنسڪرت کي هميشه مذهبي ۽ اوچي طبقي جي ماڻهن جي سرپرستي حاصل رهي. انهيءَ هوندي به سنسڪرت، مقامي زبانن جي اثرن کان پاڻ کي بچائي نه سگهي پر انهيءَ جي باوجود اها زبان (سنسڪرت) عام ماڻهن کان پري رهي، تنهن ڪري عوام ۾ زنده رهي نه سگهي، ان جي مقابلي ۾ پراڪرتون يعني مقامي غير-آريائي ٻوليون، جن کي عوامي زبانون سڏڻ وڌيڪ موزون ٿيندو، هميشه عوام جي روزمره جي وهنوار ۽ گفتگو ۾ ڪم اينديون هيون. اهي زبانون (پراڪرتون) زماني سان گڏ بدلبيون رهيون، ۽ لساني محرڪات کان اثر وٺنديون رهيون. انهن پنهنجي حقيقي ڍانچي (سخت يا رچنا) کي برقرار رکڻ سان گڏ، آريائي زبانن جي عنصرن کي پڻ، پاڻ ۾ سموهيو.“116

 

(ب) سنسڪرت ۽ پراڪرت جي وصف ۽ وضاحت:

هن ڏس ۾ سنسڪرت ۽ پراڪرت لفظن جون لغوي معنائون، ڏيهي ٻولين جي بڻ بنياد جي کوجنا ۽ اڀياس ۾ گهڻي قدر مددگار ثابت ٿيون آهن. سنسڪرت ۽ پراڪرت لفظن جي اصلي ڌاتن، لفظي معنى ۽ وصف جي وستار مان، اها حقيقت بلڪل واضح ٿيو پوي ته برصغير جون سڀئي ڏيهي ٻوليون، سڌو سنئون يا اَڻسڌيءَ طرح سنسڪرت مان ڦٽي نڪتل نه آهن.

ڪاڪي ڀيرو مل پنهنجي ڪتاب، ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘ جي 24 ۽ 38 صفحن تي، پراڪرت ۽ سنسڪرت جي وصف ڏني آهي، صفحي 24 تي سنسڪرت لفظ جي معنى سمجهائيندي هو لکي ٿو ته:

”سنسڪرت لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ’ڪره‘، جنهن جي معنى آهي ’ڪرڻ‘، جنهن جو اسم مفعول ’ڪرت‘ معنى ’ڪيل‘ آهي. ’سم-‘ هڪ اڳياڙي آهي، جنهن جي معنى آهي ’چڱو‘، تنهن ڪري سم +ڪرت (سنسڪرت) معنى چڱي يا صاف ٿيل، يعني اُجاريل يا سڌاريل (polished or refined) ٻولي،“117

 

اهڙيءَ طرح صفحي 38 تي پراڪرت لفظ جي معنى سمجهائيندي، ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو ته:

”پرڪرتيءَ جي معنى پيدا ٿيل ٻولي، پراڪرت جي هڪ معنى آهي ’قدرتي‘ (natural) ۽ ٻي معنى اٿس اصلوڪي (original) ٻولي.“118

 

ڪاڪو ڀيرومل ’قديم سنڌ‘ ڪتاب ۾ سنسڪرت لفظ جي وصف جي باري ۾، حاشئي ۾ هن طرح ٿو فرمائي:

”سنسڪرت لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ’ڪر‘ (kr) معنى ڪرڻ (To do) ان جو اسم مفعول آهي ’ڪرت‘ معنى ’ڪيو‘ يا ڪيل (done) ’سم‘ هڪ اڳياڙي (prefix) آهي، جنهن جي معنى آهي ’چڱو‘ جنهن ڪري ’سمڪرت‘(سنسڪرت) معنى ’چڱي يا صاف ٿيل يعني اُجاريل ٻولي يعني "Polished or refined language" 119

 

ڪاڪو ڀيرو مل ساڳئي ڪتاب جي متن ۾ لکي ٿو ته:

”ياسڪ ۽ پاڻني مُنين، انهيءَ (قديم ڀاشا) جو اونهو اڀياس ڪيو ته يقين ٿين ته اها ٻولي نهايت وگيانڪ (scientific) ريت جڙيل آهي، تنهن ڪري اُن کي سنسڪرت نالو ڏنائون، جنهن جي معنى آهي ’چڱي يا صاف ٿيل‘ يعني اُجاريل يا سڌاريل ٻولي. هيءُ نالو خود ڄاڻائي ٿو ته اهو ٻوليءَ جي صفت ظاهر ڪري ٿو، ۽ ياسڪ ۽ پاڻني مُنين هن ڀاشا (ٻوليءَ) جي عمدي بناوت ڏسي، مٿس اهو نالو رکيو. اهو لفظ ئي سندر وقت جو جڙيل آهي، ۽ جوڙيو ئي شايد پاڻ هٽائون، جو کانئن اڳ اهو نالو ڪٿي به ڪم آيل ڪونهي. 120

هن سلسلي ۾ لاڪ وُڊ (Lock wood) لکي ٿو ته:

”ويد اٽڪل هڪ هزار ق-م پراڻا آهن. ويدن کان پوءِ، ڪلاسڪ سنسڪرت، جا پاڻينيءَ جي وياڪرڻي اصولن موجب چوٿين صديءَ ق-م ۾ سڌاري ۽ سنواري وئي. سنسڪرت معنى ’شسته‘ (وياڪرڻين جي اصولن موجب) ۽ پراڪرت معنى ’غير شسته‘ پراڪرت جو اصطلاح اول اول اُن زبان ڏانهن، اشاري طور استعمال ڪيو ويو، جيڪا عام رواج ۾ هئي، يعني عام طور مروج ۽ عوام ۾ مقبول هئي، ۽ سنسڪرت جي ڀيٽ ۾ عوام ۾ گهڻي استعمال ٿيندي هئي، پراڪرت جي ابتدائي بدليل صورت پالي زبان آهي، جيڪا پهرينءَ صديءَ ق-م ۾، ٻڌمت جي پيروئن ڪم آندي.“121

 

ساڳيءَ طرح سرگريئرسن پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب Linguistic Suvery of India ۾ به پراڪرت کي ’اصلوڪي ٻولي‘ ٿو ڄاڻائي، ۽ سنسڪرت کي اُن مان ’ڦٽي نڪتل ٻولي‘ ٿو سڏي: هو لکي ٿو ته:

”هندو- پاڪ جي آرين جي هند آريائي ٻولين جا سچا پچا مثال، رگ ويد جي گاٿائن مان ملي سگهن ٿا. انهن مان ڪيتريون ئي گاٿائون، شاعرن جي پنهنجي روزمره واري لهجي ۾، اصلي روپ ۾ جوڙيون وئيون هيون، جيڪو اصلوڪو لهجو هو، جنهن جي ٻولي اصلوڪي هئي، ۽ جنهن ۾ ڪا به ڦير ڦار يا تبديلي ٿيل ڪانه هئي، اُن جي مقابلي ۾ ڪلاسيڪل سنسڪرت، برهمڻن جي هٿ ۾ وڌيڪ نقلي، سڌاريل، سنواريل ۽ غير اصلي زبان هئي.

صدين تائين، هندستان جي آريائي ٻولين کي، پراڪرت سڏيو ويندو هو. پراڪرت مان مراد آهي ’قدرتي‘ يا ’اصلوڪي زبان‘ هن جي مقابلي ۾ سنسڪرت (سمڪرت) معنى ’سڌاريل‘،’سنواريل‘ ۽ ’هٿرادو بنايل ٻولي‘. پراڪرت لفظ جي انهيءَ معنى ۽ وصف مان ظاهر ٿو ٿئي ته ويدڪ منترن جي دور واريون مقامي ٻوليون، هٿرادو سڌاريل ٻوليءَ يعني سنسڪرت جي مقابلي ۾، اصلوڪيون ٻوليون هيون. انهن کي برصغير جون ’ابتدائي پراڪرتون‘ (Primary Prakrits) چئي سگهجي ٿو.

اُهي مقامي ٻوليون جيڪي هنن پراڪرتن (PrimaryPrakrits) مان اُسريون، ۽ جيڪي سنسڪرت سان گڏوگڏ ترقي پذير رهيون ۽ جيڪي برهمڻن جي اثر کان آجيون هيون، ۽ سنسڪرت جو روپ نه ورتو هئائون،تن کي ’ثانوي پراڪرت‘ (SecondaryPrakrits) چئي سگهجي ٿو.“122

 

ساڳيءَ طرح برصغير جو هڪ ٻيو، سنسڪرت جو مشهور ماهر، شري ڀَٽَ اَچاريه به ڪاڪي ڀيرو مل، لاڪ وُڊ ۽ گريئرسن جي خيال سان اتفاق ٿو رکي. هو لکي ٿو ته:

”سنسڪرت جي معنى آهي، ’سڌاريل‘ ۽ ’نئين صورت ڏنل‘123

 

سنسڪرت ۽ پراڪرت لفظن جي معنى ۽ وصف جي انهيءَ جائزي کان پوءِ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي ته ’سڌاريل يا صاف ڪيل يا صاف ٿيل ۽ اُجاريل ٻولي‘، يعني سنسڪرت مان، قدرتي يا اصلوڪي ٻولي، يعني پراڪرت ڦٽي نڪتي هوندي؟ پر حقيقت ۾ ته پاڻ ان جي ابتڙ ڪم ٿيو هوندو، يعني اصلوڪي يا قدرتي ٻولي، يعني ’پراڪرت‘ مان ’صاف ٿيل/ صاف ڪيل‘، يعني سڌاريل يا ’اُجاريل‘ ٻولي، يعني سنسڪرت ڦٽي نڪتي هوندي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته سنسڪرت ٻولي، پراڪرت جو اصلي بڻ بنياد نه آهي، پر سنسڪرت ته پاڻ پراڪرت ٻوليءَ جي، هڪ سڌاريل ۽ اجاريل صورت آهي، يعني پراڪرت، سنسڪرت جو اصلي بنياد آهي.

يورپ ۽ هندستان جا لسانيات جا ٻيا به ڪيترائي ماهر هاڻ هن راءِ جا آهن ته هند جون سڀ ڏيهي ٻوليون، مختلف پراڪرتن جون ئي بدليل صورتون آهن ۽ نه ڪه سنسڪرت جون بدليل صورتون، يعني ته سڀ ڏيهي ٻوليون پراڪرتن مان ئي ڦتي نڪتل آهن. جيڪي (پراڪرتون) اُن زماني ۾ عوامي ٻولين يعني روزمره وارين ٻولين طور ڪم اينديون هيون. انهيءَ دعوا جي آڌار تي چئبو ته سڀني ڏيهي ٻولين جي ماءُ سنسڪرت نه پر قديم پراڪرت/ پراڪرتون آهن. هن ڏس ۾ پشل جي راءِ آهي ته:

”پر اُهي پراڪرت ٻوليون هٿرادو يعني سُڌاريل يا اُجاريل ٻوليون نه آهن، جيئن اهو سمجهيو وڃي ٿو ته شاعرن جي ڪوششن سان، انهن سڌريل صورت اختيار ڪئي هئي؛ پر انهن ٻولين جي باري ۾ جيڪا سچي حقيقت ملي ٿي، بلڪل ساڳي حقيقت سنسڪرت بنسبت به ملي ٿي، جيڪا (سنسڪرت) مهذب، هندستان وٽ ڪنهن به عوامي يا روزمره واري ٻولي ڪانه رهي آهي. سنسڪرت ٻولي پراڪرت ٻولين جو اصلي بنياد يا بُڻ نه آهي، جيڪي دراصل هڪ مشهور روزمره واريءَ يعني عوامي ٻوليءَ مان ڦتي نڪتيون آهن.

سنسڪرت، سياسي ۽ مذهبي بنياد تي ادبي ٻوليءَ جي حيثيت ورتي، پر مشڪل ڳالهه هيءَ آهي ته اهو ناممڪن پيو لڳي ته سڀ پراڪرت ٻوليون، هڪ ئي يعني ساڳئي بُڻ يا اصلي بنياد مان ڦٽي نڪتيون هونديون. اها ته پڪ آهي ته اهي پراڪرتون سنسڪرت جون شاخون نه آهن، جيئن هندوستاني ۽ مغربي عالمن هوفر، لئسن، ڀنڊارڪر ۽ جئڪب وغيره سمجهي ويٺا آهن. سڀني پراڪرت ٻولين ۽ ويدڪ ٻوليءَ ۾ لغات جي لفظن ۽ وياڪرڻ ي خصوصيتن جي هڪ جهڙاين جا ڪيترائي مثال ملن ٿا جيڪي خصوصيتون سنسڪرت ۾ عدم موجود آهن.“124

 

گريئرسن به پنهنجي ڪتاب  Linguistic Survey of India جي جلد پهرئين ۾، پشل واري ساڳي ڳالهه ٿو ڪري، ۽ سنسڪرت کي، پراڪرت جي شاخ ٿو ڄاڻائي، هو لکي ٿو ته:

”اشوڪا (250 ق-م) جي ڪتبن ۾، برصغير جي مشهور وياڪرڻي ’پتنجليءَ‘ (150 ق- م) جي لکيتن مان اسان کي معلوم ٿيو آهي ته عيسوي سن کان ٽي سو سال اڳ، آرين جي هڪ ٻولي (مختلف لهجن ۾) اُتر- هند ۾ ڳالهائي ٿي وئي. هيءَ ٻولي آهستي آهستي قديم عوامي ٻولين مان اُسري هئي. هيءَ ٻولي، عوام جي اظهار جو ذريعو هئي. ساڳئي دور ۾ برهمڻن جي اثر هيٺ، انهن لهجن مان هڪ لهجو، سنسڪرت جو روپ وٺي وجود ۾ آيو، ۽ جا دراصل ثانوي ٻولي هئي. هن (ثانوي)  ٻوليءَ جي اها ئي حيثيت هئي، جهڙي وچئين دور ۾ لئٽن جي.“ 125

 

سرگريئرسن سنسڪرت کي پرائمري پراڪرت (Primary Prakrit) جي هڪ لهجي جي سڌاريل صورت بيان ڪندي لکي ٿو ته:

”مقامي ٻولين جي هن ڊگهي ارتقائي دور سان گڏوگڏ اسان کي ڪلاسيڪل سنسڪرت به اُسرندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جا پرائمري پراڪرت جي هڪ لهجي مان ڇڄي، سنسڪرت جي نالي سان وجود ۾ اچي رهي هئي.“126

 

شري ڀٽ آچاريه سنسڪرت کي پراڪرت ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتل ٻولي ٿو ڪوٺي. هو لکي ٿو ته:

”سنسڪرت، پراڪرت (يعني اصلوڪي) ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتي آهي.“127

 

هو وڌيڪ لکي ٿو ته:

”سنسڪرت، سڌاريل ۽ سنواريل پراڪرت آهي. هيمچندرَ به پنهنجي ڪتاب Sabdan u'sasana vritti ۾ ساڳي راءِ قائم ڪئي آهي.“ 128

 

شري ڀٽ اَچاريه سوال ٿو پڇي ته:

”ڪهڙي ٻولي قديم ۽ پراڻي آهي؟ سنسڪرت يا پراڪرت؟ سنسڪرت مان، پراڪرت جو ڦٽي نڪرڻ، هڪ غير فطرتي اصول آهي. سڌاريل ۽ سنواريل ٻولي غير اصلي ٻولي، يعني سنسڪرت ضرور دير سان، يعني اصلي ٻوليءَ يعني پراڪرت کان پوءِ (۽ دير سان) وجود ۾ آئي هوندي. پهرين ته عوامي ٻولي ضرور ايتري ترقي ڪئي هوندي، جو اُن ۾ خيالن جو اظهار آسانيءَ سان ڪري سگهبو هوندو، تنهن ڪري، پراڪرت، ويدڪ ٻوليءَ جو اوائلي روپ لڳي ٿي.“129

 

هندستان جو هڪ ٻيو عالم،ڪي-اي-نيلَڪنَت (K.A. Nilakanta) به هن راءِ جو آهي ته سنسڪرت، برصغير جي مقامي ٻولين جو بڻ بنياد نه آهي. هُو پنهنجي ڪتاب 'Comprehensive History of India' ۾ لکي ٿو ته:

”سنسڪرت کي’پاڻينيءَ‘،’ڀاشا‘ سڏيو آهي. هيءَ ٻولي، برهمڻن جي پاٺشالائن ۾ تعليم جو ذريعو ته بڻي هئي پر هيءَ ٻولي، اُڌيچيه خطي جي، عوامي ٻولي ڪانه هئي، جتي پاڻيني به ڄائو هو. عوامي ٻوليءَ، پنهنجو خودمختيار رخ ورتو هو. اهڙيءَ طرح اها ٻولي، جنهن کي پاڻينيءَ سڌاريو ۽ سنواريو هو، سا آهستي آهستي برهمڻن جي نظر ۾، پسنديده ۽ مقبول بڻجي وئي، ۽ پاٺشالائن ۾ تعليم جي ذريعي طور ڪم اچڻ لڳي.“130

 

پروفيسر سنتي ڪمار چئٽرجي به هن راءِ جو آهي ته:

”برهمڻن جي سکيا جا اوائلي مرڪز، پنجاب وارو خطو ۽ مڌيه ديش (midland) وارو خطو (يعني پنجاب جو ڏکڻ-اوڀر ۽ گنگا دو-آبي جو مٿيون علائقو) هئا، پر هن ملڪ جي اُتر- اولهه واري علائقي ۾، يعني اُڌيچيه واري آريائي ٻولين جو لهجو، وڌيڪ صاف سٿرو ۽ چڱيءَ طرح ڳالهايو ويندو هو، جيڪو انهن علائقن جي برهمڻن وٽ، ادبي ٻوليءَ جي هڪ نموني (model) طور مڃيو ويو هو. انهيءَ ادبي ٻوليءَ جي مقامي لهجي کي بهترين نمونو سمجهي، ادبي ٻوليءَ جو باقاعدي بنياد رکيو ويو، جيڪا اڳتي هلي، انساني تهذيب، تمدن ۽ سوچ ويچار جي زبان بڻجي وئي، جنهن کي سنسڪرت سڏيو ويو. اُن (سنسڪرت) ٻوليءَ جو وياڪرڻ پاڻينيءَ لکيو. هو (پاڻيني)، اُتر-اولهه پنجاب جو رهاڪو هو ۽ پنجينءَ صديءَ ق - ۾ ۾ ٿي گذيو آهي.“131

 

هولگر پيڊرسن (Holger Pederson) پنهنجي ڪتاب The Discovery of Language ۾ هن ڏس ۾ جيڪو رايو ڏنو آهي سو هن طرح آهي.

”تمام قديم زماني ۾، برصغير پاڪ و هند جي ماڻهن ادب تخليق ڪيو هو. انهيءَ ادب جا قديم ترين ثبوت (دستاويز) ۽ شاهڪار يادگيريون، عمارتن ۽ مذهبي متن ۽ اصولن تي مشتمل آهن. ويد، مذهبي رسمن جي دعائن جا مجموعا آهن. انهن ۾ سڀ کان پراڻو ۽ قديم ڪتاب ’رگ ويد‘ آهي. عام طور ’قديم ترين ويدڪ ادب‘ جي تاريخ تقريباً 1500 سال ق-م سمجهي ويندي آهي. هن ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ڪافي مشڪل آهي ته 1500 ق- م کان وٺي،موجوده وقت تائين،’قديم ويدڪ ادب‘ ڪيئن محفوظ رهي سگهيو آهي؟ اهڙيءَ حالت ۾ جڏهن هتي جي رهاڪن کي پنهنجي هڪ الڳ نفيس علمي ۽ ادبي تحرير هئي.

مذهبي تحريرن (sacred texts) مان جيڪا تحرير ملي آهي، اُها وياڪرڻ جي مطالعي جي صورت ۾ آهي اُن کان پوءِ، جنهن تحرير کي غير-مذهبي ادب جي لاءِ استعال ڪيو ويو، اهو غير-مذهبي ادب، هڪ زبان جي صورت ۾ تحرير ڪيو ويو، جنهن کي محدود معنى ۾ ’سنسڪرت‘ نالو ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته اها زبان ويدڪ زبان کان ڪجهه مختلف هئي، ۽ جا شاهڪار رزميه نغمن، غنائيه ۽ ڊرامائي ادب، حڪايتن ۽ فيلسوفياڻين تحريرن تي مشتمل هئي.

سنسڪرت جلد ئي علمي زبان بڻجي وئي، جهڙيءَ طرح يورپ ۾ لاطيني زبان علمي زبان جي صورت اختيار ڪئي هئي،۽ اڄ تائين برهمڻن، اُن زبان يعني سنسڪرت کي برقرار رکيو آهي. هن زبان، اعلى جاتين ۾ پاڻ کي باقي قائم رکيو آهي. غالباً برصغير جي مشهور وياڪرڻي، پاڻينيءَ جي زماني ۾، يعني 300 ق- م تائين، سنسڪرت يقيناً خاص خاص جاتين ۾ ئي، رائج رهي هوندي، ليڪن ان وقت تائين، عوامي سطح تي، بلڪ ان کان به اڳتي، هيءَ زبان چڱيءَ طرح بدلجي چڪي هوندي.

250 ق- م جي لڳ ڀڳ، ٻڌ ڌرم جي حاڪم اشوڪا، هن زبان کي بيشمار ڪتبن ۾ استعمال ڪيو، جيڪي هن جا قديم ترين ڪتبا آهن. اهي ڪتبا پراڻي سنسڪرت ۾ نه آهن، بلڪ انهن ڪتبن جي زبان، وڌيڪ جديد ۽ ترقي يافته پراڪرت هئي، هندي ڊرامن ۾ عام قاعدو هيءُ هوندو هو ته اونچين جاتين جا مرد، سنسڪرت ۾ گفتگو ڪندا هئا، جڏهن ته عورتون ۽  بيشمار گهٽ ذاتين وارا مرد، پراڪرت ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا.“ 132

12 – (الف) مٿين دليلن مان ثابت ٿو ٿئي ته سنسڪرت، برصغير جي ٻولين جو اصلي بڻ بنياد نه آهي، پر سنسڪرت ته پاڻ، پراڪرت (پراڪرتن مان هڪ) جي ڪنهن هڪ لهجي جو سڌاريل ۽ سنواريل نمونو ۽ روپ آهي، يعني سنسڪرت جو بنياد يا اصلي بڻ، ابتدائي پراڪرت (Primary Prakrit) جو ڪو لهجو يا شاخ آهي. هيءُ نتيجو، تنهن ڪري انهيءَ مفروضي کي بلڪل رد ٿو ڪري ته:

”پراڪرت ٻولي ڪا سنسڪرت جي بگڙيل صورت آهي.“

مٿي ڏنل دليلن مان اُهو پڻ ثابت ٿو ٿئي ته اُن وقت، پراڪرت ڪا هڪ ٻولي ڪا نه هئي، پر اُن (پراڪرت) جا به ڌا ڌار لهجا يا شاخون هيون، جيڪي (لهجا يا شاخون) ڌار ڌار خطن ۽ علائقن ۾ ڳالهايون وينديون هيون. انهن لهجن مان هڪ لهجي، برهمڻن جي اثر هيٺ، ۽ پنڊت پاڻينيءَ جي هٿ هيٺ، نئون نالو ۽ نئون روپ اختيار ڪيو، جنهن کي سڌاريل ۽ سنواريل روپ يعني ’سنسڪرت‘ سڏيو ويو، پر پراڪرت جي هڪ لهجي جو اهو سڌاريل ۽ سنواريل روپ، يعني ’سنسڪرت‘ برهمڻن تائين محدود رهيو.


106 Trumpp, E., Dr. The Grammar of Sindhi Language, Op.Cit., Introduction, PP. I&II

107 Trumpp, E., Dr. The Grammar of Sindhi Language, Op.Cit., Introduction, PP. I&II

108 Dines Chandra Sircar, Grammar of the Prakrit Language, University of Calcutta, 1943, P. 70.

109 – Ibid., P.72

110 Dines Chandra Sircar, Grammar of the Prakrit Language, University of Calcutta, 1943, P.93

111  ڀيرومل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، حيدرآباد سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع، ص 88

112  ڀيرومل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، حيدرآباد سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع، ص 88

113  ايضاً ص 80

114  Colin Masica, Op. Cit

115 Pischell, R., Comparative Grammar of the Prakrit Languages, Delhi, Motilal Banarasidas, 1965, P.4.

116 عين الحق فريد ڪوٽي: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 54

117  ڀيرو مل آڏواڻي: قديم سنڌ، حيدرآباد 1980ع، ص 24

118  ايضاً، ص 38

119  ايضاً، ص 396

120  ايضاً، ص 397

121 Lock wood, W.B., Indo-European philology, London, Hutohinson University Library, 1969, P.33

122  Grierson, G., Op. Cit. Vol: I Part-I, P. 112

123 Bhattacharyya, H.K., The Language and Scripts of Ancient India, Calcutta-9, 1959, P.5

124  Pischell, R., Op. Cit., P.4

125  Grierson, G. Op. Cit. Vol.I, PartI, P.121

126  Ibid.

127  Bhattacharyya, H.K., Op. Cit. P.5

128  Ibid.

129  Ibid.

130 Nilakanta, K.A., A Comprehensive History of India, Bombay, The Indian History Congress, Orient Longmans, 1957, PP. 627 and  628

131Chatterji, S.K., Indo-Aryan and Hindi, Ahmedabad, Gujrat Vernacvlar Society, 1942, PP, 58-59

132  Holger Pederson, The Discovery of Language, Translated by John Webster Spargo, Bloomington, Indiana University Press, 1959

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com