سنڌي
وياڪرڻ جي هن حصي يعني ’حالتن جي ڦيري‘ جي اڀياس
مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي وياڪرڻ ۾ اسم، دراوڙي
ٻولين جي اسمن وانگر، چئن حالتن موجب ڦرن ٿا يا
گردان ڪن ٿا، اُهي آهن:
(الف) حالت فاعلي، (ب) حالت جري، يعني عام حالت يا
حالت تفيري (Oblique
case)،
(ت) حالت اضافت ۽ (ث) حالت ندا.
سنڌي
۽ دراوڙي ٻولين ۾ خاص فرق هيءُ آهي ته سنڌي ٻوليءَ
۾، حالت مفعولي (Objective/accusative
case)،
هر مثال ۾، حالت جري نه آهي، پر ڪن ڪن مثالن ۾،
حالت مفعوليءَ کي ڌار حالت بيان ڪرڻو پوندو آهي.
هن ڏس ۾ منشي اُڌارام ٿانور داس جو لکيل سنڌي
وياڪرڻ گهڻي رهنمائي ڪري ٿو منشي اُڌارام حالت
مفعولي، حالت اَپادان، حالت مڪانيءَ ۽ حالت
اوزاريءَ کي ملائي حالت جريءَ هيٺ بيان ڪيو آهي.
هو (منشي اُڌارام) لکي ٿو ته:
”اسم
جي اها صورت، جنهن کي حرف جر لڳي سگهي ٿو، تنهن کي
’عام صورت‘ چون ٿا. پوءِ جڏهن ’جو، سندو‘ يا ٻيا
حرف جر اُن سان لڳندا، تڏهن ڌار ڌار حالتون
ٿينديون.“
لهاذا سنڌي وياڪرڻ جي اڀياس کان پوءِ اهو چئي
سگهجي ٿو ته حالت اَپادان، حالت مڪاني ۽ حالت
اوزاري حقيقت ۾ حالت جريءَ جا روپ آهن.
سڌي
ٻوليءَ ۾/ کان، مان، کئون ۽ مَئون/ حرف جر
آهن.اُنهن جا اُچار اڳتي هلي، حالتن جي ڦيري سان
هيئن ٿيا آهن.
اسم |
+ |
حرف جر |
= |
حالت جي ڦيري جي ڪري بدلجي ٿيو |
گهَرُ |
+ |
کان |
= |
گهَرَ کان
<
گهران
<
گهرا |
گهَرُ |
+ |
مان |
= |
گهَرَ مان
<
گهران
<
گهرا |
گهَرُ |
+ |
کَئون |
= |
گهَرَ کئون
<
گهَرَئُون |
گهَرُ |
+ |
مَئون |
= |
گهَرَ مَئون<
گهَرَئون |
انهن
مثالن ۾ گهَرَئون (گهر کَئون ۽ گهَرَمَئون)
اُترادي لهجي جا مثال آهن. ڀاڱي پهرئين ۾، سنسڪرت
جي مثالن سان ڀيٽ ڪندي، بيان ڪيو ويو آهي ته:
”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي
ته /آن/سُر (حالت اَپادان ۽ حالت مڪانيءَ جي
پڇاڙي)،
اصل ۾ /آ/هو، جيڪو اڳتي هلي، ٻوليءَ جي ارتقا
دوران، گهڻي سر جي روپ ۾ بدليو آهي. حالت اَپادان
جي صورت ۾، /-آن/پڇاڙيءَ جي گهُڻائڻ واري خصوصيت
ٻوليءَ جي ارتقا دوران، گم ٿي وئي ۽ ’صاف
سر‘/آ/وڃي رهيو ۽ /گهران/لفظ، /گهرا يا گَرا/ جي
روپ ۾ اُچارجڻ لڳو سنسڪرت ۾، حالت اپادان جي، عدد
واحد جي صورت ۾ اڃا به /آت/پڇاڙي ملائي ويندي آهي.
پر
جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾
/گهران/يا/گرا/کان سواءِ ٽين صورت يا ٽيون روپ /
گهَرَئون/به آهي. هن مثال (گهرئون) جي ڇنڊڇاڻ کان
پوءِ ذهن ۾ هي سوال اُٿن ٿا؛ته:
(i) /-آن/پڇاڙي،
جيڪڏهن/-آ/۾ بدلجي وئي ته پوءِ/-آئون/پڇاڙي ڪٿان
آئي؟
(ii) ائين ته نه آهي
ته/ مان ۽ کان/ حرف جَرن جو اُچار اُترادي لهجي ۾
/مَئون ۽ کئون/ ٿيو آهي؟
(iii) ائين ته نه آهي
ته انهن حرف جرن (مئون ۽ کئون) مان سنڌي وياڪرڻ جي
اصولن موجب، پهريون صوتيه ۾ /م/۽/ک/حذف ٿي ويا؛
مثال طور:
گهَرَ مان<
گهران<
هت ’مان‘ حرف جر جي مُنڍ واري صوتيه/م/گم ٿي ويئي)
<
گهران<گرا
گهَرَ کان<
گهران (هت ’کان‘ حرف جر جي مُنڍ واري صوتيه/ک/گم
ٿي ويئي)
<
گهرا
<
گرا
گهَرَکَئون<گهرئون
(’مَئون‘ حرف جر جي مُنڍ واري صوتيه/م/گم ٿي وئي.
گهرکئون<گهَرَئون (کئون حرف جر جي مُنڍ واري صوتيه/ک/ٿي ويئي.
(iv) ’گهَرَ ڪَنان‘ جو
اُچار ’گهَرَ ڪنان‘ ٿيندو يا ڪو ٻيو، يعني گهران؟
اهو اُچار بلڪل ائين ٿيو آهي، جيئن:
/ڪونه آهي/ جو اُچار/ڪونهي/به ڪبو آهي. هن مان
/آ/سر حذف ٿي ويو آهي. سَنڌيءَ (assimilation)
جي قانون موجب، /آ/جي حذف ٿيڻ کان پوءِ/ن/
صوتيه،/هه/ جي اثر جي ڪري بدلجي، ’وسرگ
صوتيه‘/نهه/ٿي وئي، پر لاڙي لهجي ۾ /نهه/کي اوسرگ
آواز ڪري اُچارين؛ جيئن:
/ڪونهي/بدران چون/ڪوني/.
يعني
ته لاڙي لهجي ۾ وسرگ آواز
]نهه[
بدلجي اوسرگ آواز
]ن[
ٿئي ٿو.
بهرحال هن بحث مان هي نتيجو ٿو نڪري ته سنڌي ٻوليءَ جي حالت
اَپادان، حالت مڪاني ۽ حالت اوزاري نالا،
انگريزيءَ ۾ لکيل وياڪرڻن تان ترجمو ڪري، سنڌي
وياڪرڻ جي ڪتابن ۾ شامل ڪيا ويا آهن، پر حقيقت ۾
انهن ’حالتن‘ جو’سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي سٽاءَ‘‘ ۾
ڪو به وجود ڪونهي. اهي سڀ حالتون، حالت جريءَ جا
ڌار ڌار روپ آهن.
(ii)
حالت فاعلي:
دراوڙي ٻولين ۾، حالت فاعليءَ جي ڦيري لاءِ، اسم
جي پويان، ڪا به اعتراف ڪانه ملائبي آهي ۽ اسم
پنهنجي ساڳئي روپ (صورت) ۾ رهندو آهي؛ جيئن:
peyar-e
اسم جڏهن عدد واحد جي روپ ۾ هوندو آهي، تڏهن
ساڳيءَ صورت (روپ) ۾ رهندو آهي، پر ادو (اسم) جڏهن
عدد جمع ۾ هوندو آهي، تڏهن به اهو (اسم) پنهنجي
اصلوڪي جمع واريءَ صورت (روپ) ۾ رهندو آهي، ۽ حالت
جي ڦيري لاءِ، اُن (اسم) جي پويان ڪا به پڇاڙي يا
علامت ڪانه ملائبي آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ به اسم جي حالت فاعليءَ ۾ بلڪل
اهائي صورتحال رهندي آهي؛
البت فعل متعدي ۽ زمان ماضيءَ جي ڦيري لاءِ، فاعل
طور ڪم ايندڙ اسم يا ضمير جي اعراب ۾، حالت
مفعوليءَ جي ڦيري لاءِ تبديلي ايندي آهي؛ مثال
طور:
فعل
لازمي، حالت فاعلي:
1 |
2 |
ڇوڪَرُ اچي ٿو. |
گهوڙو ڊوڙي ٿو. |
ڇوڪَرُ ايندو. |
گهوڙو ڊوڙندو. |
ڇوڪَرُ آيو. |
گهوڙو ڊوڙيو. |
|
|
ڇوڪري اچي ٿي. |
گهوڙِي ڊوڙي ٿي. |
ڇوڪرِي ايندي. |
گهوڙِي ڊوڙندي. |
ڇوڪري آئي. |
گهوڙي ڊوڙي. |
|
|
تون اچين ٿو. |
راجا اچي ٿو. |
تون ايندين. |
راجا ايندو. |
تون آئين. |
راجا آيو. |
|
|
هُو اچي ٿو. |
ماڻهو اچي ٿو. |
هُو ايندو. |
ماڻهو ايندو. |
هو آيو. |
ماڻهو آيو. |
فعل
متعدي:
ڇوڪَرُ پاڻي پيئي ٿو.
ڇوڪَرُ پاڻي پيئندو.
ڇوڪَرَ پاڻي پيتو.
ڇوڪري پاڻي پيئي ٿي.
ڇوڪري پاڻي پيئندي.
ڇوڪريءَ پاڻي پيتو.
تون
پاڻي پيئين ٿو.
تون
پاڻي پيئندين.
تو
پاڻي پيتو.
هو
پاڻي پيئي ٿو.
هُو
پاڻي پيئندو.
هُن
پاڻي پيتو.
مٿين
مثالن جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته فعل متعديءَ
جي، زمان ماضيءَ ۾ ڦيري دوران، فاعل جي شڪل ۾
تبديلي اچي ٿي؛ جيئن:
ڇوڪَرُ
<
ڇوڪَرُ
ڇوڪرِي
<
ڇوڪريءَ
تون
<
تو
هُو
<
هُنَ
(iii)
حالت جَري:
سنسڪرت ٻوليءَ ۾ حالت جريءَ جي نشاني/ علامت
e-
پڇاڙي آهي. هن سلسلي ۾
Bopp
لکي ٿو ته:
" In Sanskrit and Zend e is the sign of the
dative, which, I have searce any doubt,
originally belongs to the demons trative base e,
whence the Nom: ayam (from etam) 'this' which,
however, as it appears, is itself only an
extension of the base a, from which arise most
of the case of this pronoun (a-smai, a-smin),
and regarding which it is to be aboserved, that
the common a bases also in Sanskrit in many
cases extend this vowel e by the admixture of an
for example:
Sansk
Zend
M.S. |
F.S. |
M.S. |
F.S. |
bhratr-e |
duhitr-e |
brathr-e |
dughdher-e |
داڙي
ٻولين (تامل) ۾ حالت جريءَ جي ڦيري لاءِ، اسم يا
ضمير جي پويان
ku
(ڪُ) حرف جر ڪم آڻبو آهي. تيليگو
۾ حرف جر جا ٻه روپ
ku
(ڪُ) ۽
Ki:
(ڪي) آهن. هن حرف جر جي انهن ٻنهي روپن جو مدار،
انهن (حرف جرن) جي اڳيان ايندڙ سُرَ (vowel)
تي آهي.
ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:
”هند- يورپي ٻولين جي ڪنهن به شاخ ۾
ku
يا
ki
سان مشابهت رکندڙ حرف جر نٿو ملي؛ البت هنديءَ ۾
ko
(ڪو)، بنگلا ۾
k'e
(ڪي) ۽ سنڌيءَ ۾
khe
(کي) دراوڙي حرف جر
ku
(ڪُ) سان هڪ جهڙائي رکن ٿا.“
جان
بيمز جو خيال آهي ته:
”تامل زبان ۾ حالت جريءَ جي نشاني
kku(ڪُ)
آهي، جيڪا هندي ٻوليءَ جي
ko
(ڪو) سان مشاهبت رکي ٿي. ڊاڪٽر ڪالڊويل پنهنجي
گرامر ۾ (ص ص 225-227)، هن موضوع تي زوردار نموني
سان بحث ڪيو آهي؛ پراڻي هنديءَ ۾ ’ڪوَن‘ ( )
هو، جيڪو سنسڪرت جي ڪن ( ) لفظ سان هڪ جهڙائي
رکي ٿو.“
ڊاڪٽر ڪالڊويل اڳتي لکي ٿو ته:
”دراوڙي ٻولين ۽ هندي، بنگلا ۽ سنڌي ٻولين ۾
اهڙيءَ هڪ جهڙائيءَ مان ثابت ٿو ٿئي ته دراوڙي
ٻولين ۽ ڏيهي ٻولين ۾ ڪا ويجهي مائٽي آهي.“
ڪالڊويل اڃا به اڳتي لکي ٿو ته:
”ڊاڪٽر ٽرومپ پنهنجي ڪتاب سنڌي گرامر ۾، سنڌي حرف
جر
khe
(کي) ۽ بنگالي حرف جر
k'e
(ڪي) جو بنياد سنسڪرت جي حالت مڪانيءَ (Locative
case)
جو
krte
(ڪرتي) ڄاڻائي ٿو.“
ڪلڊويل اڃا به لکي ٿو ته:
”ٽرومپ جي خيال موجب سنسڪرت جو
krte(ڪُرتي)،
پراڪرت ۾ بدلجي
kite
(ڪِتي) ٿيو.
Kite
اڳتي بدلجي
kie
(ڪِئي) ٿيو، ۽
kie
بدلجي
k'e
(ڪي) ٿيو. اهڙيءَ طرح
k'e
(ڪي) مان سنڌي
khe
(کي) بڻيو.“
ڪالڊويل جو اِهو به رايو آهي ته:
”ڊاڪٽر ٽرومپ جي خيال موجب هندي حرف جو
k'o
(ڪو) سنسڪرت جي
krtam(ڪرتم)
مان ٺهيو آهي.“
ڊاڪٽر ڪالڊويل اڳتي لکي ٿو ته:
”ڊاڪٽر ٽرومپ هي به دليل ٿو ڏئي ته اهي آريائي
ٻوليون جيڪي دراوڙي ٻولين سان لڳو لڳ سرحد بنائين
ٿيون، يعني دراوڙي ٻولين جون دنگائي ٻوليون آهن،
انهن ۾
ko
(ڪو) حرف جر، حالت جريءَ ۾ استعمال نٿو ٿئي.“
ڊاڪٽر ڪالڊويل وڌيڪ راءِ ظاهر ڪندي لکي ٿو ته:
”جيڪڏهن دراوڙي ٻولين جي سرحد وارين ٻولين ۾،
k'e, k'o
يا
khe
حرف جر استعمال نٿاٿين، يعني اِهي حرف جر، جيڪي
دراوڙي ٻولين جي اثر کان به استعمال نٿا ٿين، ته
پوءِ هيئن ثابت ٿو ٿئي ته هندي ٻوليءَ ۾
k'o (ڪو) حرف جر جو
استعمال دراوڙي ٻولين جي اثر جي ڪري نه آهي، پر
k'o
(ڪو) حرف جر، انهن ٻولين ۾، قديم زماني کان
استعمال ٿيندو رهيو آهي. ٻين لفظن ۾ هينئن چئبو ته
اهو (k/o/ڪو)
ديسي حرف جر آهي.“
اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جو حرف جر
khe
(کي) به ديسي حرف جر آهي، يعني قديم ٻوليءَ جي
باقيات جي نشاني آهي. اهو حرف جر (khe/کي)،
سنڌي ٻوليءَ پاڻ وٽ قائم رکيو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ
۾، قديم زماني کان استعمال پئي ڪيو آهي، ۽ اڄ به
ان ۾ استعمال ٿيندو رهيو آهي.
هن
سلسلي ۾ ڊاڪٽر پرپولا جي ڇپيل رپورٽ ۾، موهن جي
دڙي واري ٻوليءَ جي جن خصوصيتن جو جائزو ورتو ويو
آهي، اُنهن ۾ اعرابن، پڇاڙين (Inflections)،
جنس، عدد ۽ حالتن جي مطالعي جو ذڪر خاص طرح ڪيل
آهي. ڊاڪٽر پرپولا جي راءِ موجب، موهن جي دڙي
واريءَ ٻوليءَ ۾ هيستائين ٽي ’بنيادي پڇاڙيون‘ هٿ
اچي سگهيون آهن؛ اُهي آهن:
-ka-ku,
۽
-ota
ڊاڪٽر پرپولا جي هن رپورٽ جي اڀياس کان پوءِ،
ڊاڪٽر ڪالڊويل جي اها راءِ سچي ثابت ٿئي ٿي ته:
”دراوڙي ٻولين ۽ هندي، بنگلا ۽ سنڌي ٻولين ۾ اهڙي
هڪ جهڙائيءَ مان ثابت ٿو ٿئي ته دراوڙي ٻولين ۽
ڏيهي ٻولين جي وچ ۾ ڪا ويجهي مائٽي آهي.“
(iii)
حالت اضافت:
دراوڙي ٻولين ۾، حالت اضافت جي ڦيري (گردان) لاءِ،
اسم يا ضمير جي پويان، حالت اضافت جي نشاني-adu
(ادُ) يا –du
(دُ) ملائي ويندي آهي. مثال
طور:
اسم
حالت اضافت جي نشاني اسم
جو ڦيرو
mara
(وَڻ) مَرَ -du
(دُ)
mardu/مَردُ
سرائڪي (ملتاني، ديري جاتي ۽ ٻيا لهجا ) ۽ پنجابي
ٻولين ۾، حالت اضافت جي ڦيري لاءِ، حالت اضافت جي
نشاني
du-
(دَا) ملائي ويندي آهي،
البت سرائڪيءَ ۾ ’دا‘ بدلجي ’ڏا‘ ٿيندو آهي. سنڌي
ٻوليءَ ۾ حالت اضافت لاءِ ’د‘ جي بدران ’ج+او/اِي‘
پڇاڙي ملائي ويندي آهي. هيءُ نقطو ذهن ۾ رکڻ گهرجي
ته سنڌي زبان ۾ /د ۽ ج/ صوتيه پاڻ ۾ تبديل ٿيندا
آهن؛ مثال طور:
(I)
سانگهڙ واري لهجي ۾ ’منهنجو‘ بدران چون ’منهندو‘
يعني /ج/کي/د/ ۾ بدلائيندا آهن.
(II)
سنڌيءَ ۾/ج ۽ د/ جي مٽجڻ/ تبديل ٿيڻ جا ٻيا
مثال هي به آهن:
پنچَ
دَش
<
پنج دَشَ
<
پندرهَن
<
پندرهه
<
پنرهه
(هن
۾ چ<
ج<
د<
ر):
مطالعي مان اهو به معلوم ٿيو آهي ته سنڌي ۽ سنسڪرت
ٻولين ۾، حالت اضافت جي پڇاڙيءَ/ پڇاڙين ۾ ڪا به
هڪجهڙائي ڪانهي. سنسڪرت ۾ حالت اضافت جون پڇاڙيون
s-
(سَ)،
sya-
(سيَه)،
as-
(-اَس)۽
as-
(آس) آهن. هن
سلسلي ۾ مسٽر بابپ (Bopp)
لکي ٿو ته:
”سنسڪرت ٻوليءَ ۾، حالت اضافت لاءِ
–as, -sya,
-s
۽
-as پڇاڙيون ملايون
وينديون آهن. انهن مان پهريون تي پڇاڙيون، ٽنهي
جنسن (جنس مذڪر، جنس مؤنث ۽ جنس بيجان(neuter)
۾ عام يعني هڪجهڙيون آهن. انهن مان
–as
پڇاڙي، وينجن (consonant)
جي بنياد جي لحاظ کان استعمال ڪئي ويندي آهي.
لهاذا اُها پڇاڙي (يعني
–as)،
-s
پڇاڙيءَ سان هڪجهڙائي رکي ٿي ۽ ساڳيءَ طرح حالت
مفعوليءَ جي
am-
۽
m-
پڇاڙيءَ سان به هڪ جهڙائي ڏيکاري ٿي.
سنسڪرت ٻوليءَ ۾، جنس مؤنث جي صورت ۾ اُنهن ڌاتُن
(bases) جي پٺيان، حالت اضافت لاءِ
–as
پڇاڙي ملائي ويندي آهي، جن جي آخر ۾ ڪو نه ڪو سُر
(vowel)
هوندو آهي؛ مثال طور:
مذڪر
واحد
pate-s
M.S.
مؤنث
واحد
Jihvay-as F.S.
اهڙيءَ طرح سنڌي ۽ سنسڪرت ٻولين ۾، حالت اضافت جي
ڀيٽ ڪرڻ سان ثابت ٿو ٿئي ته ٻنهي ٻولين ۾، حالت
اضافت جي ڦيري لاءِ پڇاڙين ۾ ڪا به هڪ جهڙائي
ڪانهي. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر ٽرومپ لکي ٿو ته:
" The Sindhi employs for this purpose the affix
جو
(fem-
جِي)
corresponding to the common adjective affix-ko (Sansk-ka)
with transition of the tenuis (c=k) in to the
medial j` very likely to establish there by some
distinction between these two originally
identical affixex.:
حقيقت ۾ ڊاڪٽر ٽرومپ جي اها دعوا به درست نه آهي.
/جو/۽ / ڪو/ جي نسبت/ هڪجهڙائيءَ تي زور ڏيڻ جي
بدران بهتر هو ته هو پنجابي ٻوليءَ واري حالت
اضافت جي علامت (پڇاڙي) تي غور ڪري ها. جيئن
اڳ ۾ چيو ويو آهي ته پنجابي زبان ۾ حالت اضافت جي
نشاني (پڇاڙي) ’داد‘ آهي، جيڪا هُوبهو دراوڙي
ٻولين جي /دُ/ جهڙي آهي، پنجابي ٻوليءَ پنهنجي
قديم ديسي پڇاڙي (يعني دادا)، حالت اضافت جي ڦيري
۾ قائم رکي آهي، تنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ جي حالت
اضافت لاءِ علامت/پڇاڙي-جو/-جي‘ کي ديسي ۽ اصلوڪي
علامت/ پڇاڙي ’دُ‘ جي بدليل صورت سمجهڻ وڌيڪ درست
ٿيندو، يا هيئن به چئي سگهجي ٿو ته سنڌو- ماٿر جي
ٻولي ’سئنڌوھئيءَ‘ ۾ اها پڇاڙي ’جو/جي‘ هئي، جيڪا
’لهنديءَ‘ ۾ بدلجي/دا
<
ڏا ٿي آهي، ۽ دراوڙي ٻولين ۾ لهنديءَ واري علامت
’دَ/دُ‘ قائم رهي آهي.
هيءُ
نقطو به ماهرن جو ڌيان ڇڪائي ٿو ته، سنڌي ٻوليءَ
۾، ’وارو‘ لفظ به، اضافت طور ڪم ايندو آهي؛ جيئن:
مون
وارو يعني مُنهنجو
تو
وارو يعني تنهنجو
دراوي توڙي لهندي ٻولين ۾ به بلڪل ائين ئي آهي.
دراوڙي ٻولين ۾ ’وارو‘ جي بدران ’واڙو‘ لفظ حالت
اضافت ڏيکارڻ لاءِ ڪم ايندو آهي، اهو لفظ يعني
’واڙو‘، ’جو‘، جو مفهوم رکندو آهي، جيئن سنڌيءَ ۾
آهي؛ مثلاً: ’پلي واڙو‘ يعني
’مهاڻو‘ دراوڙ لوڪ پلو چون مڇيءَ کي، سنڌ ۾ به
’پَلو‘ مڇيءَ جو هڪ قسم آهي. سنڌيءَ ۾ ’وارو‘ لفظ،
حالت اضافت لاءِ ڪيترن ئي لفظن ۾ اڄ به ڪم آڻبو
آهي.
|