سنڌ ۾ علم رياضي ايتري قدر ته اعلى ۽ منزل تي پهتل هو جو سنڌ جي
علم رياضيءَ کي عرب عالمن ’الحساب الهندي‘
(السنڌي) سڏيو. سنڌي ٻولي ايتري قدر ته معياري هئي
۽ سماج ۾ پنهنجو مقام رکندي هئي، جو اُن وقت جيڪي
نالا عام هوندا هئا، اُهي ۽ اهڙا نالا اڄ به سنڌي
سماج ۾ ماڻهن تي عام طور رکيا ويندا آهن، هن سلسلي
۾ جڏهن البيرونيءَ جي ’ڪتاب الهند‘ يا چچنامي جو
مطالعو ڪجي ٿو تڏهن معلوم ٿو ٿئي ته، ماڻهن، ڳوٺن،
مڪانن، دريائن ۽ وکرن توڙي شين جا نالا اُهي ۽
اهڙا ئي آهن، جهڙا اڄ به سنڌي سماج ۾ ملن ٿا؛ مثال
طور:
گنگو : هڪ طبيب جو نالو.
ڌنو : هيءُ هڪ وڏو طبيب هو.
ڀلو : ڌني طبيب جو پٽ. هيءُ به هڪ وڏو حڪيم هو.
گُلو : راجا سمباجيءَ جو وزير.
واٽوُ : هيءُ هڪ وڏو عالم هو ۽ پيئڻ جي شين تي
ڪتاب لکيو هئائين.
چندر : هيءُ هڪ وياڪرڻي ماهر هو ۽ ٻڌمت جو پوڄاري
هو.
سُگريو : علم نجوم جو ماهر هو.
پُنگل : چندوديا جو ماهر هو. شاعريءَ جي صنف سلوڪ
جو باني هو.
رَتن : هيءُ هڪ رياضيدان هو.
جوڌو : هيءُ هڪ طبيب هو.
اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪئين نالا ملن ٿا، جهڙوڪ: سَچُو ۽ سنجهر
راءِ، اُن وقت حڪمرانن جو لقب هوندو هو.
انهن ۽ چچنامي ۾ ڏنل لفطن جهڙوڪ:
ڪاڪا راڄ، سونهن ديو، راءِ سهيرس، ساهسي راءِ، چچ
پور، نيرون ڪوٽ، اگهم لوهاڻو، برهمناباد، ناله
ساڪره، چندر هاله ۽ ڍنڍ وڪربهار وغيره.
انهن لفظن جي وياڪرڻي ساخت (صرفي ساخت) جنهن جي جڏهن ڇنڊڇاڻ ڪجي
ٿي تڏهن دعوا سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ
پنهنجي صرفي ۽ نحوي ساخت کي قديم زماني کان وٺي
قائم رکيو آهي.
هن ڏس ۾ سڀ کان اول ڀنڀور جي کنڊرن مان حاصل ٿيل ٺڪرين تي لکيل
لفظن جي وياڪرڻي ساخت توجهه طلب آهي، جنهن جو
تفصيلي مطالعو ’سنڌي صورتخطي ‘ ڪتاب جي چوٿين
ڇاپي ۾ ڪيو ويو آهي.
اهڙيءَ طرح ’چچنامي‘، ’ڪتاب الهند‘ ۽ البيروني
۽ ٻين عرب محققن جي ڪتابن ۾ رپورٽن ۽ هزارن جي
تعداد ۾ اهڙا لفظ ڏنا ويا آهن، جيڪي ماڻهن، ماڳن،
مڪانن، دريائن، ڍنڍن، قومن ۽ جاتين جي نالن کان
سواءِ تورن، ماپن، وٽن، تورن، ڏينهن، مهينن، طرفن،
ڏسين، علم رياضيءَ، علم نجومم، علم جوتش، علم
ڪيميا، جاگرافي، وڻج واپار، علم التعليم، برتنن،
انساني جسم جي عضون، تهذيب ۽ تمدن، معاشري ۽ سماج
۾ اُٿڻي ويهڻيءَ جي سلسلي جا آهن، جيڪي سنڌي لغات
جو وڏو سرمايو آهن. ناهيءَ ذخيري جو تفصيل ’سنڌي
ٻوليءَ جو اڀياس‘
۽
سنڌي صورتخطي
ڪتابن ۾ ڏنو ويو آهي.
هن ساري بحث مان هي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي، يارهين
صديءَ کان به ڪئين صديون اڳ، معياري ٻوليءَ جي
حيثيت حاصل ڪري چڪي هئي، جا نه فقط عام ماڻهن جي
روزمره جي وهنوار ۾ ڪم ايندي هئي پر اُن زماني ۾
به علم ادب، سائنس جي مختلف علمي موضوعن ۾ عملي
طور ڪم ايندي هئي.
8- سنڌو- ماٿر جي قديم ٻوليءَ جي پهچ ۽ پکيڙ:
(الف) هن ڪتاب ۾ سنڌو- ماٿر ۾ رهندڙ قومن (races)
يا جاتين جي باري ۾، يا انهن قومن متعلق تفصيل سان
لکڻ، بحث جو موضوع نه آهي، پر بحث وارو نڪتو هي
آهي ته، سنڌو – ماٿر جا اصلوڪا رهاڪو، ’سئنڌُوَ
لوڪ‘ هئا، جن مان ڪي آرين جي حملي کان پوءِ،
پنهنجي سرزمين ڇڏي، ڏکڻ هندستان يا مغربي توڙي
مشرقي رياستن يا جبلن ۽ جهنگلن طرف هليا ويا.
اُنهن مان جيڪي ڏکڻ-هند طرف وڃي آباد ٿيا، انهن جي
ٻوليءَ کي دراوڙي زبانن جي ’ماءُ ٻولي‘ (ماتر
ڀاشا/
Parent Language)
طور مڃيو ويو آهي. اهي لوڪ سنڌو- ماٿر جا ’قديم
دراوڙ لوڪ (
Proto-Dravidians) هئا.
اڳ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌو- ماٿر جي ٻولي ’سئنڌُوَ‘ ڏهن مکيه
شاخن تي مشتمل هئي. اُهي شاخون هيون آهن.
سئنڌُوَ/ سئنڌُئي ٻولي
قديم ڏکڻ-اوڀر اُڀرندين اُتر-اُڀر وسطي
ڏاکڻي لهندي اُترين اُتر-اولهه بروهيئ
دراوڙي واري شاخ شاخ واري شاخ شاخ شاخ
شاخ شاخ واري شاخ شاخ
سنڌو_ تهذيب جي قديم ’سئنڌُئي ٻولي‘ برصغير ۾ صرف هڪ خطي تائين
محدود نه هئي پر ان جي پهچ ۽ پکيڙ، اُن (سئنڌُوَئي
ٻوليءَ) جون سرحدون صرف سئنڌو_سؤوير ۽ ڪيڪيه ديش
وارن علائقن تائين محدود نه هيون، پر هيءَ ٻولي
ڏکڻ، ڏکڻ- اوڀر، اوڀر، اُتر، اُتر اوڀر، اُتر-
اولهه ۽ اولهه وارن علائقن تائين پکڙجي چڪي هئي ۽
پنهنجا اثر انهن سڀني علائقن ۾ ڄمائي چڪي هئي.
(ب) انهيءَ سلسلي ۾ محترم عين الحق فريد ڪوٽيءَ جو رايو مددگار
ثابت ٿيو آهي.فريد ڪوٽي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو
ته:
”دل ۾ بار بار هي سوال اُڀرندو رهيو ته آرين جي اچڻ کان اڳ پنجن دريائن جي
سرزمين ۾ ڪهڙي ٻولي ڳالهائي ويندي هوندي؟ مون کي
هن ڳالهه جو به يقين هو ته هڙپائي تهذيب جي
درخشنده دور جي زبان سراسر نيست و نابود نه ٿي
هوندي، بلڪ اُن جي ڪجهه باقيات، هتي جي موجود
زبانن ۾ ضرور موجود هوندي. اُن ڪري منهنجي نظر ۾
هميشه برصغير جون قديم قومون ۽ جاتيون اينديون
هيون، جيڪي لداخ کان ڀوٽان تائين پکڙيل آهن، ناگا
قبيلا جيڪي بنگلاديش ۽ آسام جي سرحدي جهنگلن ۾
آباد آهن، اهڙيءَ طرح مُنڊا قبيلن ۾ ڪول، ڀيل ۽
سنٿال وغيره جيڪي راجسٿان ۽ وسطي هند ۾ رهن ٿا.
اهڙيءَ طرح ڏکڻ- هند ۾ آباد دراوڙ به سنڌو-تهذيب
جي اصلي قومن جي باقيات ۾ شامل آهن.“
(ت) علم للسان ۽ آثار قديمه جي ماهرن جي رپورٽ جي حوالي سان اهو
ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سنڌو-ماٿر جي
تهذيب جون سرحدون اوڀر طرف ۽ ڏکڻ- اوڀر ۾، ڀارت جي
گجرات (اڳوڻي سؤراشٽر رياستن سميت)رياست جي
اُڀرنديئين ڇيڙي ۾ ’لوٿل‘ واري خطي کان اوڀر ۾،
نرمدا نديءَ جي ڪناري تائين ۽ ٻئي طرف موجوده سنڌ
جي اُتر- اوڀر طرف واري ڇيڙي ۽ ڀارت جي اُتر –
اولهه واريءَ سرحد ۾ موجوده هرياڻا رياست تائين
پکڙيل هيون. قديم زماني ۾، سنڌو- ماٿر ۾ رائج قديم
سئنڌُئي ٻوليءَ جي اُڀرندين شاخ واريون ٻوليون، هڪ
طرف موجوده مهاراشٽر جي الهنديئن سرحد تائين پکڙيل
هيون، ته ٻئي طرف ڀارت جي اُتر- اولهه واريءَ
هرياڻا رياست جي اوڀر واريءَ سرحد ۽ ان جي ڏکڻ ۽
ڏکڻ- اولهه طرف موجوده راجسٿان رياست جي اڳوڻين
رياستين ۾ باگڙي، ڀيلي، ميواتي، ميواڙي، برج ۽
مارواڙي وغيره جي نالن سان مشهور هيون.
لهاذا جوڌپور، جئپور، جيسلمير، بيڪانير، اُڌيپور، هرياڻا ۽ ٻين
اڳوڻين رياستن کان سواءِ سؤراشٽر، گجرات ۽ ڪڇ جي
رياستن ۾ سنڌو- تهذيب جي سئنڌُئي ٻوليءَ جي
اُڀرندين شاخ (غالباً اپڀرنش) واريون ٻوليون
ڳالهايون وينديون هيون. انهن مان هڪ جو نالو ’ناگر
اپڀرنش‘ هو، جيڪا سرگريئرسن جي راءِ موجب قديم
زماني ۾ گجرات، ڪاٺياواڙ، راجسٿان ۽ ان جي اولهه
واري خطي ۾ علم ادب جو ذريعو ۽ ادبي لحاظ کان اها
ٻولي (ناگر اپڀرنش) هن پوري علائقي تي ڇانيل هئي.
اهڙيءَ طرح سنڌ جي ڍٽ واري حصي ۽ موجوده راجسٿان واري علائقي ۾
جوڌپور، جيسلمير، جئپور ۽ بيڪانير وارن علائقن ۾
پُنگل ۽ ڊِنگل نالي سان ٻه ٻوليون، علم ادب واري
کيتر ۾ مشهور هيون.
هندي ادب ڪي تاريخ جو مصنف لکي ٿو ته:
”وير گاٿا ڪال جي ڀنڊن ۽ درٻاري شاعرن جون تصنيفون ’ڊِنگل‘ ٻوليءَ ۾ آهن.
’ڊنگل‘، ناگر اپڀرنش جي شاخ جو نالو آهي جيڪا
راجپوتانا ۾ مروج آهي. هيءَ ٻولي گهڻي شائسته،
لطيف ۽ بگڙيل نه آهي، جيتري ان جي ڀيڻ ’پُنگل‘،
پُنگل ٻولي، دهلي ۽ ان جي مشرقي خطي ۾ رائج هئي،
پر رجزيه مضمونن ۽ جنگ و جدل جي منظر ڪشيءَ ۾
’ڊنگل ٻولي‘، ’پُنگل ٻوليءَ‘ کان وڌيڪ مناسب هئي.“
هو اڳتي لکي ٿو ته:
”اپڀرنش جي دور ۾ خالص راجسٿاني زبان جو به هڪ ادبي روپ هوندو هو، جنهن کي
’ڊنِگل‘ چوندا هئا، پر راجسٿان جي ’ڊنگل ٻوليءَ‘
واري علائقي ۾ ’پنگل‘ يعني هنديءَ (کڙي ٻولي ۽
برج) کي ادبي زبان تسليم ڪيو ويو.“
سنڌ – ڪڇ جي رشتن جي باري ۾ وليئمس رشبروڪ تمام گهڻي تفصيل سان
لکيو آهي. هو لکي ٿو ته:
”قديم زماني ۾ جڏهن ڪڇ جو رڻ، عربي سمنڊ جي حصي جي صورت ۾ نه هو، تڏهن ڪڇ
ملڪ هڪ ٻيٽ هوندو هو، جتي سنڌ کان آسانيءَ سان
پهچي سگهبو هو. اُن زماني ۾ ڪڇ ملڪ، سنڌ ۽
ڪاٺياواڙ جي وچ ۾ ’هڪ پل‘ (Adam’s bridge)
طور ڪم ايندو هو. اهو چئي نٿو سگهجي ته ڪڇ ملڪ
ڪيترو زمانو ٻيٽ جي حيثيت ۾ رهيو، جنهن جي چوڌاري
سمنڊ هوندو هو، پر ان زماني ۾ هن ملڪ (ڪڇ) جي
حيثيت هڪ پل جهڙي هوندي هئي، جنهن سنڌ کي، ڀارت جي
مغربي ساحلي علائقي سان ملايو ٿي. ممڪن آهي ته ڪڇ
ملڪ جي اها ٻيٽ واري حيثيت، تاريخ جي اوائلي زماني
تائين رهي هجي.“
ساڳيو محقق اڳتي لکي ٿو ته:
”ڪڇ مان، سنڌو- تهذيب جا آثار (2800 ق – م کان 2200 ق- م) پڻ مليا آهن ۽
اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌو- تهذيب، ڪڇ جي
ذريعي ڪاٺياواڙ ۽ ڀارت جي اولهه وارن خطن ۾ پکڙي.
هن ملڪ ۾ اُن جي ٻنهي ڪنارن تي
Microlithic
دور جا هٿ آيل آثار، هن ملڪ (ڪڇ) جي قدامت جي
شاهدي ڏين ٿا.“
سڪندر اعظم جي هن خطي ۾ 325 ق- م ۾ اچڻ وقت، ڪڇ جو رڻ سنڌ جو
حصو نه هو. سنڌو درياءَ جي مشرقي شاخ، جيڪا اُن
وقت سنڌو درياءَ جي هڪ اهم شاخ هوندي هئي. سا ڪڇ
جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي؛ لهاذا ڪڇ ملڪ اُن زماني ۾
مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر، سنڌ ملڪ جو هڪ حصو
هوندو هو. ماڻهو اها ڍنڍ آسانيءَ اُڪري ويندا هئا.
سن هڪ هزار عيسويءَ تائين سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا تمام
گهرا هوندا هئا ۽ ڪڇ جي حاڪم جا ابا ڏاڏا، سنڌ جا
ئي رهاڪو هوندا هئا.
راءِ گهراڻي جي حڪومت واري زماني (449ع کان 642ع) ۾، سندن حڪومت
جون سرحدون اوڀر ۾ ڪنوج تائين ۽ ڏکڻ- اوڀر ۾ سورت
تائين پکڙيل هونديون هيون.
چيني سياح ’هيون- شئنگ‘ جيڪو 630ع کان 644ع تائين، يعني راءِ
گهراڻي جي حڪومت واري زماني ۾، سنڌ ۾ موجود هو،
تنهن به ڪڇ ملڪ کي ’سنڌو حڪومت‘ جو حصو ڄاڻايو
آهي. هن ڪڇ کي
‘Ki-cha’
لکيو آهي ۽ اُتي ’ولڀيءَ‘ جي حڪومت ڄاڻائي اٿس.
رامچند ايس کتري لکي ٿو ته:
”گهمليءَ جي شهر وارن کنڊرن مان ٽامي جا پترا ۽ ڪيترن ئي قسمن جا پٿر لڌا
آهن، جن تي اُڪريل لفظن جو مقصد آهي ته: هيءَ زمين
اسان برهمڻن کي دان طور ڏيون ٿا. پٿرن تي اُنهن
راجائن جا نالا پڻ اُڪريل آهن. اهي سئندو راجا
(سنڌ جي راجا جئدرٿ) جي اولاد مان هئا. گهمليءَ تي
730ع کان 760ع تائين ’راجا سئندو‘ راڄ ڪندو هو.
اهي کتري هئا ۽ جڏهن عربن جو سنڌ تي قبضو ٿيو تڏهن
هو سنڌ ڇڏي سؤراشٽر ۾ اچي آباد ٿيا. هنن سنڌ جي
راجائن جو اولهه راشٽر ۽ اولهه طرف سمنڊ تي چڱو
اثر هو، ڇو ته هُو سامونڊي لڙائيءَ ۾ ڀڙ هوندا
هئا.
پور بندر جي راڻن جي باري ۾ راجا جا ڀٽ، سلوڪن ۾ چوندا آهن ته اهي راڻا
سئندو گهراڻي جا آهن. سندن سلوڪن ۾ 188 راجائن جا
نالا ملن ٿا، جن جدا جدا وقت تي سنڌ تي راڄ ڪيو.
وڪرماجيت جي وقت کترين به ساهه کنيو. اروڙ سندن تخت گاهه هو. ديبل ۽ ڌاراجا
به سندن هٿ هيٺ هوندا هئا. اُن وقت چندرونسي راجا،
جئدرٿ جي پوين جي حڪومت هئي، جنهن جي دور دوران
ڪيترن ئي ڪٽنبن جا ماڻهو ڪاٺياواڙ لڏي ويا.“
ڪئپٽن ولبر فورس لکي ٿو ته:
”ڪاٺياواڙ تي اهو نالو ڪاٺي قوم تان پيل آهي، جيڪا سنڌ مان لڏي، انهيءَ طرف
وڃي آباد ٿي، ڪاٺي قوم پهرين ڪڇ ۾ آباد ٿي پر پوءِ
اتان به لڏي، سؤراشٽر ۾، ٿاڻي واري خطي ۾ اچي آباد
ٿي.“
ڊاڪٽر محمد اسماعيل بيگ جو رايو آهي ته:
”ڪاٺي قوم پهريون دفعو يارهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ مان ڪڇ ۾ ۽ پوءِ ڪڇ مان لڏي
سؤراشٽر ۾ وڃي آباد ٿي. جنهن علائقي ۾ هيءَ قوم
وڃي آباد ٿي هئي، اُن علائقي جو نالو سؤراشٽ مان
بدلجي ’ڪاٺياواڙ‘ ٿي ويو.“
بهرحال انهن دعوائن کان پوءِ هيئن چئي سگهجي ٿو ته ڪڇ ۽ گجرات
(ڪاٺياواڙ سميت) وارو سڄو علائقو سنڌ جي تسلط هيٺ
هو. موريا گهراڻي جي پڄاڻيءَ کان پوءِ، جڏهن
هندستان، اُتر ۽ اولهه ۾ راجپوت رياستن ۾ ورهائجي
ويو، تڏهن راءِ گهراڻي جي فوجي قوت مضبوط هئي. هنن
پنجاب وارو سڄو علائقو، راجپوتانا ۾ اراولي ٽڪرين
تائين، گجرات ۾ سورت بندر تائين ۽ اُتر ۾ هيلمند
نديءَ تائين سڄو ملڪ، پنهجي قبضي هيٺ آندو، برهمڻن
جي حڪومت واري زماني ۾ سنڌ جي حڪومت جون سرحدون
اوڀر طرف چتور تائين هيون.“
هن ساري بيان مان هي نتيجو ٿو نڪري ته ڪڇ کان سواءِ ڪاٺياواڙ جي
رياستن جهڙوڪ: ماناوادر، سردار ڳڙهه، بهاءُ نگر،
ڄام نگر، مانڊوي، درول، موروي ۽ پور بندر رياستن ۾
سنڌي ٻوليءَ جو ڪڇي ۽ ڪاٺياواڙي لهجو روزمره جي
استعمال ۾ ڪم ايندو هو.
لهاذا ڀارت جي موجوده گجرات رياست کي لسانياتي لحاظ کان ٽن حصن
۾ ورهائي سگهجي ٿو؛ اُهي هي ٿي سگهن ٿا.
(i) ڪڇ، (ii)
ڪاٺياواڙ (سؤراشٽر) ۽ (iii)
گجرات.
ورهاڱي کان اڳ، ڪاٺياواڙو علائقو هڪ الڳ ايجنسيءَ جي حيثيت
رکندو هو. اهو علائقو ننڍين ننڍين آزاد رياستن ۽
چئن پرانتن (ڊويزنن) ۾ ورهايل هو. اهي پرانت هي
هئا:
(i) جهالار (ii)
هالار (هالال) (iii)
سؤراشٽ (iv)
گوهيلواڙ؛ پر پراڻيون ڊويزنون ڏهه هيون؛ اُهي هي
هيون:
(i) مڇ ڪنٺا (جهالار جي اولهه ۾)، (ii)
هالال (اُتر- اولهه ۾)، (iii) اوکا مندل (بڙودي جي اولهه ۾)، (iv)
باڙدا يا ڄيٺواڙ (ڏکڻ- اولهه ۾ سامونڊي ساحل وارو
علائقو)، (v)
سؤراشٺ (ڏکڻ ۾)، (vi)
بابريوار (ڏکڻ- اوڀر جو جابلو علائقو، (vii)
ڪاٺياواڙ (وچيون علائقو) (viii)
اُندسري (مترنجي نديءَ جي ڪناري وارو علائقو)، (ix)
گوهيلواڙ (ڪئمبي نار وارو خطو) ۽ (x)
گوهيلا راجپوتن وارو خطو.
انهن ڊويزنن ۾ ڪڇي ۽ ڪاٺياواڙي ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن،
جيڪي سنڌيءَ سان سؤ في صد هڪجهڙائي رکن ٿيون،
ڇاڪاڻ ته انهن مان اڪثر رياستون سنڌ جي سما خاندان
واريءَ حڪومت هيٺ هيون. انهن حاڪمن جي زبان سنڌي
هئي. اُنهن ۾ هيٺيون رياستون اهميت واريون هيون.
ماهي ڪَنٺ،درول،
سانتلپور،راڄڪوٽ،ماليا،واراهي،نوان نگر ۽ منگرول.
(ث) سنڌو- تهذيب جي اُڀرندئين سرحد ۽ ان م سئنڌُوَ
ٻوليءَ جي لهجن وانگر، سنڌو- تهذيب جي اُتر- اولهه
طرف به پهچ ۽ پکير جا ثبوت ملن ٿا.
تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته پاڪستان جي صوبه سرحد جي هزاره
علائقي ۽ ان (صوبه سرحد) جي اترئين علائقي يا ان
کان به مٿي ۽ اولهه طرف، داردستان ۽ بلورستان ۾ ۽
اوڀر طرف اُتر- اوڀر وارن علائقن ۾، داردي هند-
آريائي، ايراني ۽ غير- آريائي ٻوليون ڳالهايون
وينديون آهن. مانسهره جي اولهه طرف، شاهراهه ريشم
تي، سنڌو درياءَ تي قائم ٿيل ’ٿاڪوٽ‘ نالي بستيءَ
۽ ’ٿاڪوٽ پُل‘ کان وٺي، اُتر طرف چلاس تائين سنڌو
درياءَ جي ٻنهي ڪنارن جي آسپاس وارن علائقن کي،
جاگرافيائي لحاظ کان، ڌار ڌار نالن، يعني، کاٻي
طرف واري علائقي کي ’سنڌو- ڪوهستان‘ ۽ ساڄي طرف
واري علائقي کي ’سوات- ڪوهستان‘ سڏيو ويندو آهي.
’سوات- ڪوهستان‘ وارو علائقو، ڪيترن ئي حصن ۽ ڀاڱن
۾ ورهايل آهي. هن علائقي (سوات- ڪوهستان) ۾
’ڪالام‘ واري خطي کي وڏي اهميت حاصل آهي.
هن علائقي جا لسانيات جا ماهر، داردي ٻولين کي
غير- آريائي ٻوليون، يعني هن ئي خطي جون ديسي يعني
مقامي ٻوليون هجڻ جي دعوا ڪن ٿا. پاڪستان ۾
لسانيات جو هڪ وڏو ماهر، ڊاڪٽر مهر عبدالحق،
پنهنجي ڪتاب: ’ملتاني زبان اور اُسڪا اردو سي
تعلق‘ ۾ سوال ڪيو آهي:
”اِهي درد لوڪ ڪير هئا؟ واديءَ سنڌ جي زبان کي،
انهن جي پشاچي زبان ڪيئن متاثر ڪيو؟“
سنڌو درياءَ جي انهن علائقن جي ڪوهستاني علائقي جي
ٻولين ۾ اهڙا ڪيترائي لفظ ۽ وياڪرڻي صورتون ملن
ٿيون، جيڪي هوبهو سنڌي ۽ لهندي ٻولين ۾ به
ڳالهايون وينديون آهن. پر لسانياتي مطالعي جي
کيتر ۾، ڪن ٻولين جي لغوي خزاني جو هڪ جهڙو هجڻ،
انهن ٻولين جي هڪجهڙي يا هڪ ئي گروهه يا خاندان جو
هجڻ، ڪو وزندار دليل نه آهي، جيئن اڳ ۾ چيو ويو
آهي.
سئنڌوُئي ٻوليءَ جي پهچ ۽ پکيڙ جون حدون صرف سنڌي ۽ لهندي ٻولين
جي پهچ ۽ پکيڙ وارن علائقن تائين محدود نه آهن، پر
تحقيق مان معلوم ٿو ٿئي ته هن ٻوليءَ (سئنڌُئي) جي
باقيات ۽ اُهڃاڻ جيئن هن وقت به دراوڙي ٻولين جي
صورت ۾ ڏکڻ هندستان، بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب ۾ اڄ
به موجود آهن، تيئن سئنڌُئي ٻوليءَ جي اُترين شاخ
۽ اُتر- اولهه شاخ واريون ٻوليون اڄ به صوبه سرحد،
FANA
۽
FATA
وارن علائقن ۾ موجود آهن.
هن (ٻئي) ڇاپي جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي سوال کي دُهرائي
آيو آهيان. هن (جيٽلي صاحب) سوال ڪيو هو ته:
”’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ (1974ع) ڪتاب ۾، اوهان جيڪي وصفون سنڌيءَ ۾،
دراوڙي ٻولين جون ڏيکاريون آهن، اُنهن مان اٽڪل
نوي- پنجانوي سيڪڙو اهڙيون وصفون آهن، جيڪي ٻين به
جديد آريائي ٻولين (گجراتي، مراٺي، هندي، اردو،
پنجابي، آسامي ۽ اُڙيا وغيره) سان لاڳو ٿين ٿيون،
پوءِ ائين چئبو ڇا ته اهي سڀ ٻوليون غير- آريائي
نسل واريون آهن.؟“
ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي انهيءَ سوال جو جواب مٿي ڏنل جواب مان ملي
ٿو وڃي ته سنڌو- ماٿر ۾ رائج ٻولين ۾ هڪجهڙائيءَ
جو ڪارڻ ڪهڙو آهي. البت جيڪڏهن آساميءَ ۽ سنڌي
ٻوليءَ ۾ ڪي هڪجهڙايون آهن ته اُنهن لاءِ تحقيق
ڪرڻ جي ضرورت اهي. جديد آريائي ٻولين ۽ سنڌيءَ ۾
جيڪي هڪجهڙايون آهن، اُنهن لاءِ مٿي تفصيل سان
ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي.
هن ڪتاب ۾ سئنڌُوئي ٻوليءَ جي شاخن جو
چارٽ ڏنو ويو آهي. اُن چارٽ جي سرگريئرسن واري
چارٽ سان ڀيٽ ڪرڻ ضروري آهي، جنهن (سرگريئرسن واري
نقشي) سان ڪولن ماسيڪا به اختلاف ڪيو آهي.
هند- ايراني
هند- آريائي گروهه داردي گروهه
ايراني گروهه
شينا شاخ ڪاشميري ٻوليون
ڪوهستاني شاخ
توروالي مائيان گاؤري چلاسي ڪالامي ٿل
لمينتي
يا ڪشتياوار گاروي
(ج) (i) جيئن پنجابي ڀاشا وگيان جو ماهر، آصف خان، پنجابي زبان کي
آريائي زبان نه، پر غير- آريائي زبان ۽ سنڌو- ماٿر
جي هڪ قديم زبان ٿو مڃي، تيئن داردي زبانن تي
تحقيق ڪندڙ ماهر به، داردي زبانن کي آريائي زبانون
نه، پر غير- آريائي زبانون هجڻ جي دعوا ڪن ٿا. اِن
ڏس ۾ پنجاب جو لسانيات جو وڏو عالم، ڊاڪٽر مهر
عبدالحق پنهنجي ڪتاب ’ملتاني زبان اور اُس ڪا اردو
سي تعلق‘ ۾ سوال ڪيو آهي ته:
”اهي درد لوڪ ڪير هئا؟ واديءَ سنڌ جي زبانن کي، انهن جي ’پشاچي زبان‘ ڪيئن
متاٿر ڪيو؟“
(ii) داردي زبان وارين ٻولين جون، ڪوهستاني شاخ واريون ٻوليون،
جيڪي ڪوهستاني خطن(سنڌو ڪوهستان، سوات ڪوهستان،
پنجڪوره ڪوهستان، ڪالام ڪوهستان ۽ تانگير ڪوهتان
وغيره) ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون، اُنهن ۾ سوات-
ڪوهستان ۾ رائج ڪالامي، ڪُشتياني، تور والي ۽
گاروي/ گاؤري ٻولين، توڙي سنڌي ۽ لهندي ٻولين ۾،
صوتياتي، صرفي ۽ نحوي هڪجهڙائيءَ جا ڪيترائي ثبوت
ملن ٿا. انهن ڪوهستاني علائقن ۾، ٻولين جي هڪ
گروهه کي گڏي، ڪوهستاني گروهه واريون ٻوليون سڏيو
ويو آهي، ٻولين جو اهو ڪوهستاني گروهه، داردي
خاندان وارين ٻولين جي هڪ شاخ آهي.
سرگريئرسن جي راءِ موجب اهي (ڪوهستاني گروهه
واريون) ٻوليون، هند-آريائي خاندان وارين ٻولين
سان واسطو رکن ٿيون.سرگريئرسن کان اڳ ’جان بدولف‘
۽ ’مورگينسٽيئرن‘ به انهن ڪوهستاني ٻولين جو ذڪر
ڪيو آهي، جنهن موجب داردي گروهه واريون
ٻوليون، هند- ايراني ٻولين سان واسطو رکن ٿيون، ۽
هند- آريائيءَ جون ڀينرون آهن. انهن ماهرن، انهن
خاندان وارين ٻولين جو جيڪو نقشو ڏنو آهي، سو مٿي
ڏنو ويو آهي.
(ح) پاڪستان جو علم الانسان ۽ علم اللسان جو ماهر، محترم محمد
پرويش شاهين، سرگريئرسن ۽ ڊاڪٽر جاج مورگنيسٽيئرن
سان داردي ٻولين جي بڻ بنياد واري راءِ جي باري ۾
اختلاف ٿو رکي. هو (محترم پرويش شاهين) داردي
ٻولين کي، آريائي ٻوليون قبول نٿو ڪري هُو پنهنجي
ڪتاب ’ڪالام ڪوهستان‘ ۾ لکي ٿو ته:
”داردستان جا اصلوڪا رهاڪو غير- آريا هئا.
داردستان ۾ رهندڙ قومون ۽ قبيلا، ڪنهن به هڪ نسلي
گروهه سان واسطو نٿا رکن ۽ نه ئي وري ڪو اهي قبيلا
ڪا هڪ ٻولي يا ڪنهن هڪ گروهه جي ٻولي ڳالهائيندا
آهن. اهي ماڻهو جيڪي به ٻوليون ڳالهائين ٿا اُهي
ڪنهن هڪ نسل يا گروهه جي ٻولين سان واسطو نٿيون
رکن؛ مثال طور: داردستان ۾ بلتي، بروشسڪي، بٽيڙي،
ڊوم، ڪلاشوار، کووار ۽ گوجري ٻوليون ڳالهايون
وينديون اهن. اهي ٻوليون اهڙيون آهن، جيڪي
داردستان ۾ رائج ٻين زبانن جهڙوڪ: ڪاشميري،
ڪوهستاني، شينڪي، گاروي، توروالي، اوشوجي، داشوي،
بلتم، شمپو ۽ بديشيءَ سان ڪنهن به قسم جو نسلي يا
گروهي واسطو نٿيون رکن.“
مطلب ته داردستان جي ايڏي وسيع علائقي ۾ جيڪي قومون ۽ نسل آباد
آهن، اُهي ڪنهن هڪ نسل يا گروهه سان واسطو نٿا رکن
۽ نه ئي وري اُهي ڪنهن هڪ خاندان يا نسل جون
ٻوليون ڳالهائيندا آهن. داردستان ۾ هن وقت جيڪي
ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن، اهي سڀ آريائي
خاندان واريون ٻوليون نه آهن، ۽ نه ئي وري
داردستان ۾ رهندڙ سڀ قومون يا ماڻهو ڪي آريائي نسل
جا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڌار ڌار قومن ۽ قبيلن
جي هن علائقي ۾ ورهين جا ورهيه گڏ رهڻ ڪري، هو هاڻ
پاڻ ۾ گڏجي مسجي کير کنڊ ٿي ويا آهن.
محمد پرويش شاهين پنهنجي ساڳئي ڪتاب ۾ اڳتي لکي ٿو
ته:
”هن علائقي ۾ رهندڙ قبيلا، آرين جي اچڻ کان به اڳ، هت آباد هئا،
هتي جا قديم رهاڪو، اصل ۾ توراني نسل سان واسطو
رکندا هئا. داردي زبان جا، سنڌيءَ لهندا، پنجابيءَ
۽ انهن خطن ۾ رائج ٻين زبانن تي به چٽا اثر محسوس
ڪجن ٿا، بلڪ ائين به چئي سگهجي ٿو ته، داردي زبان،
سنڌيءَ، لهندا ۽ پنجابيءَ جي ماءُ آهي، يا ڀيڻ
آهي.“
ساڳيو مصنف (محمد پرويش شاهين) اڳتي لکي ٿو ته:
”داردي قبيلا، دراصل دراوڙ آهن ۽ توراني قوميت سان نسبت رکن ٿا، جنهن ۾ ڌار
ڌار قبيلا شامل هئا، اهي قبيلا اڄ کان ڇهه هزار
سال اڳ، سنڌو- ماٿر ۽ صوبه سرحد جي گنڌارا تهذيب
جا امين هئا، انهن مان ڪي بلوچستان ۾ ڪي ديره غازي
خان ۾، ڪي ڪشمير ۾، ڪي سنڌو- ڪوهستان ۾، ته ڪي
گلگت، دير، باجؤڙ ۽ سوات- ڪوهستان ۾ وڃي آباد ٿيا،
پر اُن جي باوجود سندن زبان جي باقيات اڄ به
سنڌيءَ، پنجابي ۽ لهندا کان سواءِ جعفرڪي ۽
سرائڪيءَ ۾ ملي ٿي.“
(iii) محترم محمد پرويش شاهين جي انهيءَ تفصيلي بيان مان اهو ثابت
ٿو ٿئي ته سنڌي، لهندا ۽ ڪوهستاني ٻولين جي وچ ۾
مشابهت جو وڏي ۾ وڏو سبب هيءُ آهي ته داردستان جون
ڪوهستاني ٻوليون، سنڌو- ماٿر جي قديم ۽ اصلوڪي
مقامي زبان، سئنڌُئيءَ سان واسطو رکن ٿيون. انهن
ٻولين ۾ جيڪا مشاهبت آهي تنهن مان اهو ثابت ٿو ٿئي
ته سنڌو-ماٿر جي قديم سئنڌُوئي ٻوليءَ جي پهچ ۽
پکيڙ، گنڌارا تهذيب واري خطي کي به پنهنجن اثرن ۾
داخل ڪندي، اڳتي اولهه ۽ اُتر- اولهه طرف، سنڌو –
ڪوهستان ۽ سوات- ڪوهستان بلڪ پنجڪوره ڪوهستان
تائين پکڙجي وئي، جنهن کي ڌار ڌار قبيلا
ڳالهائيندا هئا ۽ هر قبيلي جي ٻولي ڌار هئي.
|