سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :12

2-سنڌو-ماٿر واريءَ سرزمين کي، قديم زماني ۾ ڪهڙي ملڪ/ملڪن جي نالي/ نالن سان سڏيو ويندو هو؟

(الف) سياسي پس منظر: هاڻ هي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اها سر زمين جنهن کي قديم زماني کان ماهرن سنڌو-ماٿر پئي سڏيو آهي، يا جيڪا سر زمين آرين جي اچڻ کان اڳ هڪ سڌريل تهذيب ۽ تمدن جي مالڪ هئي، ۽ جنهن سر زمين کي پنهنجي زبان ۽ پنهنجو معاشرو هو، اُن سر زمين کي آرين جي اچڻ کان اڳ ۽ آرين جي اچڻ کان پوءِ، ڪهڙي نالي سان سڏيو ويندو هو؟ اُن کان پوءِ ٻيو سوال هي پڇيو ويندو آهي ته، اُهو قديم ملڪ يا اُن زماني واري سنڌو-ماٿر، ڪهڙن ڪهڙن علائقن/ ملڪن تي مشتمل هوندي هئي؟ ۽ اُن ملڪ/ ملڪن جون سرحدون ڪيستائين پکڙيل هيون؟

هن سلسلي ۾ سنڌ جي تايخ سان دلچسپي رکندڙ سڄڻن کي، هن سلسلي جو، آڳاٽي ۾ آڳاٽو احوال، رگ ويد مان ئي ملي ٿو، جنهن کي ماهرن ترجمن جي صورت ۾، پنهنجن پنهنجن پڙهندڙن لاءِ، سندن زبانن ۾ پيش ڪيو آهي. هن موضوع تي وڌيڪ بحث مباحثي ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان اڳ، هن ملڪ جو تاريخي ۽ سياسي پس منظر ڄاڻڻ ضروري آهي. ’رگ ويد‘ ۽ هندن جي ٻين مذهبي ڪتابن توڙي پارسين جي مذهبي ڪتاب ’اوستا‘ قديم ايراني ۽ قديم يوناني مؤرخن کان سواءِ، قديم چيني سياحن ۽ سنڌ ۾ عربي حڪومت جي شروع واري زماني ۾ آيل عرب سياحن جا لکيل احوال به، هن سلسلي ۾ محققن جي گهڻي مدد ڪن ٿا.

(ب) سنڌو- ماٿر جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو احوال ڪٿان ڪٿان ملي سگهي ٿو؟

(i) سنڌو- ماٿر جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو احوال رگ ويد مان ملي ٿو.

(ii) رگ ويد کان پوءِ، هن علائقي جي باري ۾ معلومت قديم ايراني ۽ قديم يوناني تاريخن مان ملي ٿي. انهن تاريخن مان معلوم ٿو ٿئي ته ايران جي هخامنشي خاندان جي باني بادشاهه، خسرو اول (588 ق- م کان 530 ق-م تائين) سڀ کان پهرين هن ملڪ طرف رخ ڪيو، ۽ سڄي ملڪ تي قبضو ڪيائين، اُن کان پوءِ ’دارا اعظم‘ (522 ق-م کان 486 ق- م تائين)  516 ق- م ۾، سنڌو نديءَ جي ڇوڙ واري علائقي تائين ڪاهي آيو، ۽ هي سڄو ملڪ پنهنجي تابع ڪيائين. ’ائبٽ‘ جي خيال موجب، ’سنڌوندي‘ سرحد طور، قديم سنڌو-ماٿر تي مشتمل حڪومت ۽ ايراني حڪومتن جي سرحدن کي ورهايو ٿي. ’ائبٽ‘ لکي ٿو ته:5

”ٽاڊ جي خيال موجب ’سنڌو‘،’تاتار‘ يا ’سٿين‘ ٻوليءَ جو لفط آهي. ’سنڌو‘ لفظ، ’سڌُ‘ مان نڪتل اهي، جنهن جي اصلي معنى آهي: ورهائيندڙ، ’سَنڌُ ڏيکاريندڙ‘ يعني ’حد ڏيکاريندڙ‘ يا ’پري ڪندڙ‘، يونانين ئي هن درياءَ کي ’سند ملڪ‘ ۽ ايراني سرزمين کي ڌار ڪندڙ درياءُ سڏيو. ايرانين هن درياءَ کي ’هندو‘ سڏيو، ڇاڪاڻ ته ايراني ٻوليءَ ۾ ’س‘ کي ’هه‘ ۾ تبديل ڪري اُچاريندا آهن. اڳئي هلي ]هه[ آواز حذف ٿي ويو ۽ ’هندو‘ لفظ ’اِنڊو‘ اُچارجڻ لڳو.“ 6

 

(iii)  ايرانين کان پوءِ، يونانين هن ملڪ تي قبضو ڪيو، يوناني تاريخن مان معلوم ٿيو آهي ته 326 ق-م ۾، سڪندر اعظم، هن ملڪ تي ڪاهي آيو. هُن اَٽَڪ جي ويجهو، اُن (اٽڪ) جي اتر طرف پندرهن- سورهن ميلن جي مفاصلي تي سنڌو- درياءَ  تي ’هَند بستيءَ‘ وٽ، ’هَند‘ نالي گهيڙ وٽان، ٻيڙين جي پُل ٺاهي. سنڌو درياءُ پار ڪيو ۽ گنڌارا ماٿر کان هيٺ، ’ڪيڪيه ديش‘  جي حاڪم ’راجا پورس‘ کي شڪست  ڏنائين؛  پر هن (سڪندر اعظم)، ’راجا پورس‘ کي، سندس ملڪ واپس ڪيو، ۽ پوءِ ملتان کان ٿيندو، سنڌو درياءَ ذريعي، هيٺ سنڌ جي لاڙ واري خطي ۾، قديم سنڌ جي هڪ مرڪزي شهر ’پتالا‘ پهتو ’سڪندر اعظم‘ جي حملي وقت ’پتالا‘ واري خطي جو حاڪم ’موئرس‘ (Moeris) هو، جنهن نيٺ آڻ مڃي.9 87

سڪندر اعظم پوءِ ’موئرس‘ حاڪم کي سندس حڪومت واپس ڪئي، ۽ پاڻ اڳتي وڌيو. پوءِ ’مينا نگرا‘ جي ’يادوونسي‘، ’راجا سامس‘ کي شڪست ڏيئي، ڪجهه لشڪر پنهنجي فوج جي سپهه سالار، ’نِيرخش‘ (Nearchus) جي اڳواڻيءَ  هيٺ مڪران ڏانهن روانو ڪري، سنڌوُءَ جون حدون ڇڏي، ’حب ندي‘ ٽپي، روانو ٿي ويو ۽ وطن واپس ويندي، ’بابل‘ ۾ وفات ڪيائين.10 هنن حوالن مان اهو به ثابت ٿو ٿئي ته سڪندر اعظم جي حملي واري زماني (326ق-م) ۾ به ’سنڌو‘ (ملڪ) ۾ ’سنڌو درياءُ‘، ’حب ندي‘، ’پتالا‘، ’مينانگرا‘ ۽ مڪران جي نالي سان ملڪ، شهر ۽ درياءَ موجود هئا. 10

(IV)   275 ق- م ۾، ’راجا چندر گپت موريا‘، موريا گهراڻي جو پايو وڌو. هن جي حڪومت جي زماني ۾ ئي، موريا گهراڻي جي حڪومت جي مضبوط بنياد پوڻ کان اڳ، ’اشوڪا‘ (جو پوءِ خود بادشاهه بڻيو ۽ مهاراجا جو لقب مليس)، ’تڪش شلا‘ واري خطي ۾، موريا گهراڻي جو وائسراءِ هو. هن (اشوڪا) ئي، ’گنڌارا‘ واري خطي ۾،’ٻُڌمت‘ جو تعارف ڪرايو، ۽ ٻڌمت هتان ئي،’بلتستان‘، ’وچ ايشيا‘،’تبت‘،’چين‘،’ڪوريا‘ ۽ جپان تائين پکڙيو.

جپان جي قديم تخت گاهه، نارا شهر‘ ۾، هڪ مندر ۾، ’مهاتما گودم ٻُڌ‘ جا يادگار، عالمت طور موجود آهن. بادشاهه بنجڻ کان پوءِ مهاراج اشوڪا، ٻڌمت کي، هن خطي ۾ گهڻو زور وٺايو، ۽ ’مانسهره‘ توڙي ’شهباز ڳڙهيءَ‘ وارن شهرن ۾، ٻڌمت جي تبليغ ۽ سندس انتظامي اُمور جي سلسلي ۾، پٿرن تي فرمان لکرائي، لڳرايائين. مهاراج اشوڪا 232 ق- م ۾ وفات ڪئي.

ان کان پوءِ بختر قوم  جو ذڪر ملي ٿو، هن قوم (بختر قوم) جا يوناني حاڪم 180 ق- م ۾، لاڙ واري علائقي تائين ڪاهي آيا ۽ ’ڊميسٽريئس‘ نالي هڪ شهزادي، ’پتالا‘ تي قبضو ڪيو. 11

(VI)   سن 70 ق-م ۾، ’ساڪن‘ يا ’سٿين‘، بولان واري دڙي رستي، سنڌو ماٿر تي حملو ڪيو. اهي فاتح، سنڌ ۾ کُپ کوڙي ويهي رهيا. لاڙ واري خطي ۾، هنن ايتري قدر ته پنهنجو اثر ڄمايو هو جو اُن حصي تي ’انڊو-سٿيا‘ (Indo-Scythian) نالو پئجي ويو. 12

 هنن حاڪمن (سٿين) جا نشان ۽ اُهڃاڻ ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان به مليا آهن.13

(VII) سٿين کان پوءِ پهرينءَ صديءَ عيسويءَ ۾ ’پارٿيا‘ (Parthian) هن علائقي ۾ آيا. ’پارٿين‘،’انڊو-سٿيا‘ ۾ اچي، پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. پارٿين جا نشان به ڀنڀور جي کنڊرن جي کوٽائيءَ مان مليا آهن.ان کان سواءِ، سنڌونديءَ جي ڪناري تي، کاٻي طرف، صوبه سرحد ۾ ’چلاس‘ جي قديم شهر وٽ، جبلن جي ڇپن تي، سٿين ۽ پارٿين جا لکيل ڪتبا موجود آهن.15  14

(VIII) پهرينءَ صديءَ عيسويءَ جي سن 60ع ۾، ڪُشان گهراڻي وارا هن ملڪ ۾ افغانساتن کان آيا. انهن ’پارٿين‘ کي هٽائي، هن ملڪ تي قبضو ڪيو. ٻيءَ صديءَ عيسويءَ ۾ ڪُشان دور ۾، گنڌارا واري شهنشاهت، پنهنجيءَ اعلى منزل تي پهتل هئي. اُنهن (ڪُشانن) جي حڪومت جون حدون، اُڀرندي طرف ايران کان وٺي، گنگانديءَ جي واديءَ تائين، پکڙيل هيون. ’ڪُشانن‘ تڪش شلا جو نئون شهر اَڏايو، جيڪو هن علائقي جو تخت گاهه بڻيو.

تحقيق مان ائين به معلوم ٿيو آهي ته ”گنڌارا آرٽ، ڪُشان دور ۾ چڪاس واري خطي تائين پهچي چڪو هو. چلاس واري خطي ۾ گنڌارا آرٽ جو نمونن مان ثابت ٿو ٿئي ته ڪُشان دور جو، سندن آخري زماني تائين، گنڌارا تهذيب سان واسطو رهيو.“16

 

(IX) 455ع ۾ ’سفيد هَنَن‘(White Huns) تڪش شلا تي حمو ڪري، اُن شهر کي اهڙو ته تباهه ڪيو، جو هي شهر وري ڪڏهن به اُسري نه سگهيو، پر هن شهر (تڪش شلا) جي تحقيقي سفر دوران معلوم ٿو ٿئي ته هي، بلڪ هي سمورو خطو، ڌار ڌار تاريخي دورن جي قديم آثارن تي مشتمل آهي.

(X) راءِ گهراڻي جي حڪومت- ڪُشان به ٻُڌمت جا پيرو هئا. هن وقت تائين ٻڌمت، سنڌ تائين پکڙجي چڪو هو ۽ ’راءِ گهراڻي‘ جي حڪومت (492ع کان 640ع) جي خاتمي تائين، بلڪ برهمڻ گهراڻي جي ڪجهه عرصي تائين ٻڌمت سنڌ  ۾ غالب رهيو.17

 

راءِ گهراڻي جو باني ’راءِ ديوائجي‘ (ڏيوجي) هو. هو ٻڌمت جو پوڄاري هو، هن حاڪم ايران جي ’ساساني‘ خاندان جي حاڪم ’ڪئڪباد‘ کي شڪست ڏيئي، ايراني حڪومت جو سنڌ جي سرحدن مان خاتمو آندو. راءِ گهراڻي جا پنج حاڪم ٿيا؛ اُهي هئا: (i) راءِ ديوائجي، (ڏيوجي) (ii) راءِ سهارس پهريون (iii) راءِ سهاسي پهريون (iv) راءِ سهارس ٻيو ۽ (v) راءِ سهاسي ٻيو. راءِ گهراڻي جي خاتمي (642ع) کان پوءِ، ’چچ‘ برهمڻ جي هٿ هيٺ، برهمڻ سنڌ جا حاڪم بڻيا. برهمڻ، هندو ڌرم جا مڃيندڙ هئا. هي ڌرم، سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم تي اثر انداز ٿي ويو، پر عربن جي سنڌ تي فتح واري حملي يعني 712ع تائين، ٻڌ ڌرم، عوام جي دلين تي اثر انداز رهيو، ۽ برهمڻ دور ۾، ڪيتري ئي عرصي تائين وڏي تعداد ۾ ماڻهن جو مذهب رهيو.18

 

محترم محمد حسين پنهور جي راءِ موجب چچ برهمڻ 640ع ۾ سنڌ جي تخت تي قبضو ڪيو، پر چيني سياح، هيون- شئنگ جيڪو انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ موجود هو، تنهن جو بيان آهي ته:

”هن ملڪ (سنڌ) جو حاڪم شودر (Sudra) هو، جيڪو ’راءِ ديوائجيءَ‘ جي خاندان مان هو. ان لحاظ کان چئبو ته برهمڻ گهراڻي جي حڪومت 642ع ۾ شروع ٿي هوندي.“

ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو ته:

”هوان-شيانگ نالي هڪ چيني مسافر، عيسوي سن ستين صديءَ ۾، راءِ سهاسيءَ جي وقت ۾ آيو هو. هن صاحب پنهنجي سفرنامي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ جو راجا هڪ شودر هو. ڀانئجي ٿو ته انهيءَ وقت کان سگهوئي پوءِ، هي (راءِ گهراڻي) حاڪم، کتري راجپوت سڏجڻ ۾ آيا.“19

چچنامي ۾ ڄاڻايل آهي ته عربن سنڌ (ديبل) تي 636ع کان (يعني راءِ گهراڻي جي زماني کان) حملا ڪرڻ شروع ڪيا هئا، پر کين ڪڏهن به ڪاميابي نصيب ڪانه ٿي 20 هنن نيٺ 712ع ۾، برهمڻ گهراڻي جي حاڪم راجا ڏاهر کي شڪست ڏيئي، سنڌ تي فتح حاصل ڪئي ۽ اسلامي حڪومت جو بنياد رکيو.

هن ساري بيان مان هي ٿو معلوم ٿئي ته سنڌ تي قديم مسيح واري زماني کان وٺي، ڌارين قومن جا حملا ٿيندا رهيا آهن. اُنهن ۾ آرين جا تاريخي دور کان حملا، آڳاٽي ۾ آڳاٽا حملا هئا،  جن جو تفصيلي احوال رگ ويد مان ملي ٿو، ۽ هن  ڪتاب (رگ ويد) مان، هن ملڪ ( سنڌو-ماٿر) جي، اُن وقت رائج نالي جي به خبر پوي ٿي.

3- ملڪ جو نالو:

(الف) (i) ڊاڪٽر دانيءَ جي راءِ: ماهرن جي بيان موجب، رگ ويد ۾، هن ملڪ (سنڌو-ماٿر تي مشتمل) جو نالو’سپت-سنڌو‘، يعني ’ستن دريائن وارو ديش‘ ڄاڻايل آهي، پر ڊاڪٽر احمد حسن دانيءَ جي راءِ موجب:

”سنڌو لفط، رگ ويد جي ڪيترن ئي سلوڪن ۾ آيل آهي. اهو لفظ هڪ نديءَ جي اسم خاص جي معنى ۾، توڙي نديءَ جي اسم عام طور ڪتب آندو وڃي ٿو. پهرينءَ معنى ۾، نديءَ جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو درياءُ، ’ورڻ ديوتا‘ کوٽيو هو. اهو هڪ زبردست درياءُ آهي. جنهن جي ٻنهي پاسن کان شاخون، اُن ۾ پاڻي پهچائين ٿيون، جن شاخن کي ’سنڌو‘ ائين ضابطي ۾ رکي ٿي جيئن، ڪو جنگجو راجا، پنهنجي لشڪر جي ٻن پاسن جي، سالاري ڪندو آهي. ٻيءَ معنى ۾ اُن کي رگ ويد وارن جي اصطلاح ۾ ’سپت- سنڌو واهه‘، يعني ’اُتم ديس‘ سڏيو ويو آهي. ٻنهي مان ڪنهن به صورت ۾ اهو لفظ، محدود علائقائي مفهوم ۾ استعمال نه ڪيو ويو آهي.“ 21

(ii) ڊاڪٽر علي اڪبر جعفريءَ جي راءِ:

رگ ويد مان ڊاڪٽر علي اڪبر جعفريءَ  هيٺيون شلوڪ چوندي، پنهنجي مقالي ۾ لکيو آهي، جنهن ۾ ’سنڌو لفظ‘، ’درياءَ‘ توڙي ’ملڪ‘ لاءِ استعمال ڪيل آهي. مثلاً:

اي اَجَهل، اَڻموٽ سنڌو، ٻل واري، سگهاري ’سنڌو‘22

ڏينهن ۽ ميدانن مان،

اَپار پاڻيءَ جا ڦهلاءَ کڻي،

جرڪندي، ڪڙڪاٽ ڪندي وهندي رهي ٿي،

جهڙي ابلق  گهوڙي، سونهاري ۽ سوڀياوان.

’سنڌو‘23 ڀلن گهوڙن ۾ شاهوڪار آهي،

۽ آهي شاهوڪار رٿن ۽ ويسن وڳن ۾،

سهڻي گهڙيل سون ۾ شاهوڪار، اَڻ مَئي مايا جي مالڪ،

هتان جا گاهه نيڻ ٺار ۽ لذت وارا،

اُنَ اهڙي جو ويٺو ڏس،

شربت جو ميٺاج نه پڇ 24

(سنڌو ڪشت رگ ويد جو هڪ سنڌي وشي)

(iii) ڪاڪي ڀيرو مل جي راءِ:

ڪاڪي ڀيرو مل آڏواڻيءَ جو خيال آهي ته:

”آڳاٽن آرين، سنڌو نديءَ جي اُستتي (ساراهه) ڪئي آهي. انهيءَ اُستتيءَ جو مضمون وڏو  ۽ وڻندڙ آهي، جنهن ۾ هڪ رشي چوي ٿو ته:

اي سنڌو:

جڏهن تون ميدانن مان وهين ٿي،

تڏهن بيشمار کاڌو پاڻ سان آڻين ٿي،

تنهنجو پاڻي اُتم آهي.

اي سنڌو!

جيڪڏهن تنهنجي خوبصورتيءَ جي ڀيٽ ڪجي ته

تون نوورني ڪنئار وانگر آهين،

تون سدائين جوان ۽ سدائين سهڻي آهين،

سنڌوءَ جي گڙگاٽ ڌرتيءَ تان اُٿي ٿي،

۽ اُها آسمان ڀريو ڇڏي،

سنڌو نهايت زور سان وهي ٿي ۽ مُنهن مڻيادار اٿس،

سندس پاڻيءَ جو آواز اهڙو ٿو ٿئي جو ائين پيو ڀانئجي ڄڻ ته،

مينهن جون اوڙڪون گجگوڙ ڪري پيئيون وسن،

اِجها، سنڌو ڍڳي وانگر رنڀندي پيئي اچي.

اي سنڌو! جيئن سوئا گانيئون کير سان ڀريل اوهن سان،

پنهنجن ڦرن ڏي ڊوڙن ٿيون،

تيئن ٻيون نديون جدا جدا هنڌن مان پاڻي کڻي،

تو ڏي رنڀنديون اچن ٿيون.“25

 

ڪاڪو ڀيرو مل اڳتي لکي ٿو ته:

”رگ ويد ۾ جنهن رشيءَ هي لفظ چيا آهن، تنهن جنهن مهل سنڌوءَ جي ڀرتي ڪندڙ ندين کي، سنڌوءَ طرف وهندو ڏٺو آهي، تنهن مهل تشبيهه ئي اور ڪم آندي اٿس چوي ٿو:

اي سنڌو! جيئن ڪو راجا جُڌ ڪرڻ لاءِ

نڪرندو آهي ۽ پٺيان لشڪر هوندو اٿس،

تيئن تون به (شاهاڻي شوڪت سان) ندين جي اڳيان،

مهندار ٿي هلين ٿي، ۽ ٻيون نديون به پلٽڻيون ڪري

تنهنجي پٺيان ائين هلن ٿيون، جو ڄڻ ته

ساڳئي رٿ ۾ سوار آهيو“ 26

 

ڪاڪو ڀيرو مل اڃا به اڳتي، رگ ويد مان حوالو ڏيندي لکي ٿو ته:

”سنڌو، جا اجيت آهي (ڪنهن جي جيتڻ جي ڪانهي)،

سا سڌي وَهي ٿي، سندس ورڻ يا رنگ اڇو ۽ روشن آهي،

(پاڻي لڙاٽيل نه اٿس)،

۽ هوءَ وڏي ندي آهي. سندس پاڻيءَ ۾،

تک گهڻي آهي، ۽ چئن ئي طرف

ٻوڙ ٻوڙان ڪري ٿي جيڪي به

متحرڪ يا چرندڙ شيون آهن سي اهڙيون تيز رفتار نه آهن،

جهڙيءَ هيءَ سنڌوندي“27

 

سڀاڳيءَ سنڌو،جا،

ماکي ڏيندڙ گلن سان سينگاريل آهي.“28

 

ڊاڪٽر احمد حسن دانيءَ، ’سپت-سنڌو واهه‘ لفظ ۽ ’واهه‘پڇاڙيءَ جو حوالو ڏيئي، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ئي آهي ته اها پڇاڙي (_واهه). ملڪن/ ملڪ جي نالي لاءِ علامت طور ڪم آندي ويندي هئي، حالانڪ قديم ايراني حڪمرانن جي زماني ۾ واهه/ وا“ پڇاڙي، شهرن جي نالن وارن لفظن پٺيان لڳائي ويندي هئي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:

”فتح نامي جي قلمي نسخن ۾ برهمڻ آباد نالي جي صورتخطي ’برهمناباد‘ آهي. بهرصورت هن نالي جي پڇاڙي ’آباد‘ مان ظاهر آهي ته هي اصل ايراني نالو آهي. تاريخ مان دليل نڪري ٿو ته هي شهر غالباً ايران جي بادشاهه ’بهمن اردشير‘ جي حڪم سان ٻڌو ويو، ۽ انهيءَ لحاظ سان، هن جو اصل نالو ’بهمن آباد‘ هو، مگر پوءِ اهو به ’بهمينا‘ سڏجڻ لڳو.“29

 

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، مجمل التاريخ جي حوالي سان، صفحي 397 تي لکي ٿو ته:

”سنڌ کي بهمن ارديشر، ايراني حاڪم، پنهنجي بادشاهيءَ هيٺ آندو. هن سندس نالي پٺيان ٻه شهر اَڏايا. هڪڙو ترڪن ۽ هندن جي سرحد تي قندابيل‘ (گنداوا) ۽ ٻيو ٻڌيه پرڳڻي ۾ ’بهمن آباد‘ جنهن جي نالي سان هينئر منصوره سڏيو وڃي ٿو.

برهمڻ دور ۾، هن شهر کي برهمڻ آباد سڏيو ويو. البيرونيءَ هن شهر جو نالو ’بهمنوا‘ لکيو آهي، جنهن مان هن شهر جي اصلي ايراني نالي جي تائيد ٿئي ٿي.“30

 

انهن مثالن ۾ ’گنداوا‘ ۽ ’بهمنوا‘ نالن مان ثابت ٿو ٿئي ته ’وا‘ يا ’واهه‘ پڇاڙي، شهرن، خطن ۽ ملڪن جي نالن پٺيان استعمال ڪئي ويندي هئي. جيئن ڊاڪٽر دانيءَ ’سپت- سندواهه‘ لفط ۾ ’واهه‘ پڇاڙيءَ مان ثابت ڪيو آهي.

(IV) ائبٽ جو به رايو آهي ته:

”ٽاڊ جي خيال موجب ’سنڌو‘،’تاتاري‘ يا’سٿين‘ ٻوليءَ جو لفظ آهي. سنڌو لفظ ’سِڌ‘ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى آهي ’ورهائيندڙ‘، ’سَنڌُ‘ يعني ’حد ڏيکاريندڙ‘ يا ’پري ڪندڙ‘.

”مشرقي جاگرافيدان ( Oriental geographers) ’سنڌو‘ نالي کان اڻڄاڻ هئا. يورپ جي ماهرن هن نالي کي مشهور ڪيو ۽ اُن جي واقفيت ڪرائي. يوناني هن کي 'Indus' يا 'Indos' سڏيو، ايرانين ئي هن درياءَ کي ’هندو‘ سڏيو، ڇو ته ايراني ٻوليءَ ۾ ’س‘ کي ’هه‘ آوز ۾ تبديل ڪري اُچاريندا هئا. اڳتي هلي ’هه‘ آواز حذف ٿي ويو ۽ ’هندو‘ لفظ بدلجي ’اِنڊو‘ اُچارجڻ لڳو؛ يعني ته قديم ايرانين هن ملڪ (سنڌ) کي ’هپت-هندو‘ سڏيو آهي.“31

 

(v) ايراني عالم، ڊاڪٽر علي اڪبر جعفري پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته:

”جهُيڻو ڳالهائيندڙ يا لس ٻولڻا“ (The soft speakers) رواجي طرح ’س‘ کي ’هه‘ ۾ مٽائيندا هئا. ڪن سُرن کي ’ڊگهو‘ يا ’گهڻو‘ ڪندا هئا ۽ ڪن وينجنن کي ’وِسرگ‘ ڪندا هئا، جيئن ’سپت- سنڌو‘، ’هپت- هندو‘؛ ’سرسوتي/هَرزوئتي/، هرهوئتي‘“32

 

(VI) هن ئي موضوع تي ديوان ڊي-بي-ميرچنداڻيءَ به وضاحت سان لکيو آهي. هُو لکي ٿو ته:

”اها عام روايت هوندي آهي ته ملڪن، شهرن،جبلن ۽ ندين کي تاريخي مشاهيرن، فاتحن، قومن ۽ جاتين جي بانين جي نالن سان منسوب ڪيو ويندو آهي. رامائڻ ۾ ڪيڪيه، سنڌو ۽ سؤوير نالا ملن ٿا، جيڪي ملڪن جا نالا آهن. ڪاليداس جي لکڻ موجب، رام، ’سنڌو-ديش‘ ڀرت جي حوالي ڪيو. ڀرت پوءِ ’گنڌارا‘ فتح ڪري، اهو علائقو، سندس پِٽن کي تحفي طور ڏنو، جن اُتي ’پُشڪلاوتي‘ ۽ ’تڪش شلا‘ جا شهر اڏايا. هت ’سنڌو-ديش‘ مان مراد ’سنڌ ملڪ‘ آهي. پاڻينيءَ به، پنهنجن شلوڪن ۾، ’سنڌو-ديش سان گڏ ’تڪش شلا‘ جو نالو ڪم آندو آهي“.33

 

(VII) عام مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته دنيا جا ڪيترائي ملڪ، انهن ملڪن جي وچ مان وهندڙ دريائن جي نالن جي پٺيان سڏبا آهن. سنڌ ملڪ لاءِ به عام رايو اهو ئي آهي. هن سلسلي ۾ مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب قديم سنڌ ۾ لکي ٿو ته:

”سنڌ ملڪ تي نالو، ’سنڌ‘ تان پيو، جيئن هندستان يا هند تي نالو ’هند‘ تان پيو. ’سنڌ‘ ۽ ’هند‘ ٻئي ڀائر هئا، ۽ حام بن نوح جا پٽ هئا“.34

 

(VIII) مولائي شيدائي، مولانا سيد ابوالحسن جي حوالي سان لکي ٿو ته:

”اسلامي تاريخ ۾ لکيل آهي ته ’هند‘ ۽ ’سنڌ‘، حام بن نوح عليه السلام جو پٽ هئا، جن جي هن سرزمين تي، سندن اولاد سميت گهڻو وقت حڪومت رهي، تنهن ڪري سندن نالي پٺيان ئي هن ملڪ تي ’سند‘ (سنڌ) نالو پيو“35

 

مولائي شيدائي صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:

”رگ ويد ۾، سنڌ جو نالو ’سپت- سنڌو‘ يعني ’ستن دريائن وارو ملڪ‘ لکيل آهي. آرين لوڪن، سنڌ تي، ’سنڌو درياءَ‘ جي ڪري اهو نالو وڌو.“36

 

(IX) ديوان ڀيرومل ’قديم سنڌ‘ ڪتاب ۾ ’پروفيسر مئڪس مولر‘ جي حوالي سان لکي ٿو ته:

”سنڌ تي اهو نالو سنڌونديءَ تان پيو آهي. سنسڪرت ۾ ’سنڌو معنى سمنڊ‘ يا وڏو درياءُ.“37

ڪاڪو ڀيرومل، ’قديم سنڌ‘ ڪتاب ۾ صفحي 47 تي لکي ٿو ته:

”سڪندر اعظم سان جيڪي تاريخ نويس آيا، تن به سنڌو-ماٿر ۾ رهندڙن کي سڏيو ’سنڌو‘ (هندو)، پر اُچار ڦيرائي ڪيائون ’انڊو-انڊوئي (Indoi) ۽ نديءَ سڏيائون ’انڊوس‘ (Indos) ۽ سڄي ملڪ کي سڏيائون ’انڊيڪا‘ (Indica) ۽ ’انڊرڪوس‘ پوءِ لئٽن ٻولي ڳالهائيندڙ ’انڊوس‘ (Indos) جو اُچار ڦيرائي ڪيو ’اِنڊس‘ (Indus) ۽ هندستان کي ’انڊيا‘ (India) سڏيائون.“38

 

ديوان ڀيرو مل اڳتي لکي ٿو ته:

”قديم ايراني لوڪ، سنڌو-ماٿر (پنجاب ۽ سنڌ) کان پري ڪونه ويا، تنهن ڪري جيڪو ملڪ ڏٺائون ته آريا لوڪ والاري ويٺا هئا، تنهن کي هندستان (هند+آستان) سڏيائون، مطلب ته ’سنڌونديءَ وارو ملڪ.“39

 

ڪاڪو ڀيرومل اڃا به اڳتي Cambridge History of India جي صفحي 324 جي حوالي سان لکي ٿو ته:

”اَوستا ۾ India(هندستان) جو نالو ’هندو‘ ڄاڻايل آهي، جيڪو قديم فارسي زبان ۾ Hi(n)du آهي، جيڪو ’سنڌو‘ (سنسڪرت) درياءَ جي نالي تان ورتل آهي.“40

 

(X) ڊاڪٽر سورلي به هن سلسلي ۾، پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب ’ويسٽ پاڪستان‘ گزيٽيئر (سنڌ ريجن) ۾، پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته:

”علم اللغات جي ماهرن (philologists) کي لفظ ’سنڌو‘ جي بڻ بڻياد جي باري ۾ ڪا به ڄاڻ ڪانهي، پر اهو لفظ ’هند-يورپي‘ معلوم ٿئي ٿو، جيڪو قديم زماني، کان هن درياءَ تي رکيو ويو اهي. ’سنڌ‘،’هند‘ ۽ ’انڊ‘(Ind) ساڳيا ۽ ساڳيءَ معنى وارا لفظ آهن، جن ۾ ]س ۽ هه[ جو بدلجڻ هميشه ممڪن رهيو آهي.“42 41

 

ڊاڪٽر سورلي اڳتي لکي ٿو ته:

”اهو چئي نٿو سگهجي ته ’سنڌو درياءَ‘ جو نالو، ’سنڌ ملڪ‘ تان پيو آهي يا ’سنڌ‘  نالو، سنڌو درياءَ جي نالي جي ڪري ۽ ’سنڌ ملڪ‘ تي پيل آهي.“43

 

(XI) شريف ڪُنجاهي صاحب، ڊاڪٽر سورلي جي هن راءِ کي قبول نٿو ڪري، لکي ٿو ته:

”ڊاڪٽر سورلي اهو پڻ قبول ڪيو آهي ته کيس ’سنڌو‘ لفظ جي اصل نسل يا ’بڻ بنياد‘ جي خبر ڪانهي، ۽ ڪو به عالم اهو ٻڌائي نٿو سگهي ته سنڌ جي سرزمين تي ’سنڌ‘ يا ’سنڌو‘ نالو سنڌو درياءَ جي نالي جي ڪري پيو آهي يا سنڌو درياءَ تي اهو نالو (سنڌو)،’سنڌو ملڪ‘ جي نالي جي ڪري پيو.“44

 

شريف ڪُنجاهي صاحب اهو قبول نٿو ڪري ته ڪو:

”دنيا ۾ ڪٿي به، ڪنهن نديءَ تي، اُن ملڪ جو نالو پيو آهي جنهن ملڪ وچان اُها ندي وهندي هجي، تنهن ڪري سنڌو درياءَ تي، ’سنڌو‘ نالو ’سنڌوملڪ‘ (سرزمين سنڌو) جي ڪري ڪونه پيو آهي، پر دراصل سنڌو درياءَ جي ڪري، هن ملڪ ( سرزمين) تي ’سنڌو‘ نالو پيو آهي، جنهن سر زمين (ملڪ) جي وچان هيءُ ندي وَهي ٿي.“45

 

شريف ڪُنجاهي صاحب اڃا به اڳتي لکي ٿو ته:

”سيِن‘ به ’سنڌوءَ‘ جو هڪ نعم البدل آهي، ڇو ته صوبه سرحد ۾ هن درياءَ (سنڌو درياءَ) کي ’اَباسين‘ چوندا آهن، جنهن جي معنى آهي، ’وڏي ۾ وڏي ندي‘ يا ’سڀني دريائن جو ابو‘46

 

شريف ڪُنجاهي صاحب اڃا به اڳتي لکي ٿو ته:

”اسان کي ’سنڌ‘ ۽ ’سئنڌَوُ‘ جي باري ۾ ڄاڻ، رگ ويد واري دور کان اڳ نٿي ملي، ڇاڪاڻ ته رگ ويد کان اڳ ڪوبه لکيل مواد اسان وٽ موجود ڪونهي. رگ ويد هن ملڪ ۾ ’سپت- سنڌوَهه‘ (داني صاحب ’سنڌ واهه‘ ٿو لکي)، سڏيو ويو آهي، جنهن کي ’اويستا‘ ۾ ]س[کي ]هه[ ۾ بدلائي ’هپت-هندو‘ لکيو ويو آهي. اِن لفظ جي معنى آهي ’ستن دريائن وارو ملڪ‘ اهي ست درياءَ هئا: ڪُڀا، (ڪابل)، سِوَستوو (سوات)، ڪُروُمَ (ڪُرَم)، گومتي (گمال) سنڌوُ؛ ويياس (ڀياس) ۽ سَر سوَتي، انهن نالن مان اها خبر نٿي پوي ته رگ ويد ۾ سپت- سنڌُوَ، ڪهڙيءَ نديءَ کي سڏيو ويو آهي. ڊاڪٽر دانيءَ جي راءِ موجب انهن ندين مان مکيه ندي ’سنڌو‘ هئي ۽ باقي سنڌوءَ جون ڀرتي ڪندڙ نديون هيون.

سِوَستوُ، گوُري (پنجڪوره)، ڪُڀا (ڪابل)، ڪروُما، گومتي، وتاستا (جهلم)، اسيڪني (چناب)، پَرَئوُشني (راوي)، وپاسا(وياسُ) ۽ سُتُدرا (ستلج)“47

 

شريف ڪنجاهي صاحب اڃا به اڳتي لکي ٿو ته:

”آريا جڏهن هن ملڪ ۾ آيا  تڏهن هي ملڪ يا هيءَ سرزمين ڪو وارياسو ميدان نه هئي، پر هن ملڪ مان جيڪي نديون وهنديون هيون، تن تي نالا به رکيل هئا. انهيءَ ڪري اسان کي اهو مڃڻو پوندو ته هن ملڪ تي ’سِنڌو‘/’سِنڌُوَهه‘ نالو، آرين جي اچڻ کان اڳ جو نالو آهي، جيڪو هن درياءَ ۽ هن ملڪ تي رکيل هو، ۽ ائين به ممڪن آهي ته آرين هن علائقي ۾ اچڻ کان پوءِ هن ملڪ ۽ هن درياءَ جو اصلوڪو نالو بدلائي سنڌو/ سنِڌَوَهه‘ رکيو هجي.“48

 

(XII) ڊاڪٽر سورلي جو رايو آهي ته:

”پلني لکي ٿو ته، مقامي ماڻهو، درياءَ کي ’سنڌودرياءَ‘ سڏيندا هئا ۽ هاڻ سنڌ وارا هن درياءَ کي ’سنڌوندي‘ سڏيندا آهن.“49

 

(XII) هن کان اڳ ايراني عالم، ڊاڪٽر علي اڪبر جعفريءَ جي مقالي مان، هن ملڪ جي نالي جي باري ۾ سندس رايو ڏنو ويو آهي. هُو لکي ٿو ته:

”ويدن ۾ سنڌوءَ کي ’پاڻ وهيڻي سونَ- ورني ندي‘ سڏيو ويو آهي. آريا هڪ تمام وڏي علائقي ۾ آباد هئا، جيڪو ’اويستا‘ واري زماني ۾ ’سورهن ڏيهن‘ اندر هو. هڪ ٻئي کي اباڻن ۽ قبائلي نالن سان سڏڻ کان سواءِ، ساڻيهن جي نالن پويان پڻ ضرور سڏيندا هئا. ان ڪري ئي اسين ڏسون ٿا ته اڍائي هزار ورهيه اڳ جي هخامنشي بادشاهن پنهنجن ٺُلهن جي ڪتبن ۾ سورهن آريائي پرڳڻن جا، ڪي ٽيهه نالا ڄاڻايو آهن، اُنهن ۾ اسان کي ’هندو‘ (سنڌو) ۽ اُن جي صفت، ’هندويه‘ (سئنڌوُئي/سئَنڌُوَ) ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اُهو پهريون ڀيرو هو، جو ماٿريءَ جي رهواسين جي نالي ڏيڻ لاءِ ’سئنڌوئي/سنڌي‘، لفظ لکت ۾ ڪتب آندو ويو.“50


5  Encyclopaedia Brittanica, Vol: VII. P.59

6  Abbot, J., Sindh, reprinted, Indus publishers, Karachi, 1977, P. 23.

7   ڪيڪيه ديش جي باري ۾، پنڊت دوارڪا پرساد، ’سنڌ جو پراچين اتهاس‘ جي صفحي 159 تي لکي ٿو ته: ”پراچين سنڌ جي هن ڀاڱي جي سرحدن جو پورو پتو نٿو پوي، ممڪن آهي ته هاڻوڪو ’بنو‘ پراچين سمي ۾ ’برڻو‘- علائقو، ڪيڪيه راڄ جو حصو هجي. هن وقت بنو شهر سرحدي پرڳڻي- جي ويجهو ’ڀرت‘ ۽ ’ڪڪي‘ يا ’ڪڪئي‘ نالي ننڍا ڳوٺ آهن، جي شايد ’ڀرت‘ ۽ سندس ماءُ ’ڪيڪئيءَ‘ جي نالي تي ڪنهن وقت آباد هجن. بنوءَ جي ويجهو، ’اڪرا‘ نالي هڪ ٻيو به ڳوٺ آهي، جنهن مان گريڪ زماني جون مهرون اڄ به پيئون لڀجن اها ڪافي ثابتي آهي ته اهي ڳوٺ بنهه پراڻا آهن. منهنجي انومان موجب ڪيڪئه راڄ بنوءَ کان وٺي هاڻوڪي سبيءَ جي اوڀر ۾ هو.“

مهاڀارت جي پڙهڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته مهاڀارت جي وقت ۾ ڪيڪيه راڄ جا ننڍا وڏا راجائون، ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي ويا هئا.

8  Haig, M.R. Indus Delta Country, London, Kegan Panl, also see: Rapson, E.J. the Cambridge History of India, Vol: I Chand & Co, Fontain, Delhi. 1950, P.339

9  Aitken, E.H., Gazetteer of Province of Sindh, Vol: A, Bombay, Govt. Press, 1907, P.

10  Haig, M.R.. Ref: 8, PP. 29&31. Also see: Rapson, E.J., Op. Cit., P. 341: & Also see Smith, V.A., The Oxford History of India, Oxford, 1920, P. 85

11  Haig, M.R., Op. Cit., P.24

12  Rapson, E.J., Op. Cit., P.512.

13  Khan, F.A., Dr. Bhambore Excavations, P. 37

14  Rapson, E.J., Op. Cit., P. 512

15  Khan, F.A., Dr. Bhambore Excavations, P. 37

16  Dani Ahmed Hassan, Dr. Human Recording on Karakuram High way, Islamabad, 1983.

17  محترم محمد حسين پهنور جي راءِ موجب راءِ گهراڻي جي حڪومت 499ع کان وڃي 632ع تائين رهي؛ ڏسو Pahnwar M.H. Chrnological Dictionary of Sindh, 1983, P. 114

18  علي ڪوفي: فتح نامه عرف چچنامو، مترجم مخدوم امير احمد، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1954ع ص 98

19  ڀيرو مل آڏاڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، حوالو ڏنل آهي، ص 55

20  علي ڪوفي: فتح نامه عرف چچنامو، حوالو ڏنل آهي، ص 55

21  داني، احمد حسن، ڊاڪٽر: سنڌو-سؤوير سنڌ جي اوائلي تاريخ تي هڪ نظر، ترجمو- سنڌ صدين کان، مرتب ممتاز مرزا، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1982ع، ص 51

22  هت سنڌوءَ مان مراد، سنڌو درياءُ آهي.

23  هت سنڌوءَ مان مراد سنڌو ملڪ آهي.

24  علي اي-اي جعفري، اوائلي آريائي دؤر ۾ سنڌ ۽ سنڌي، سنڌ صدين کان، ترجمو ٿيل، مرتب ممتاز مرزا، حوالو ڏنل آهي. 1982ع، ص ص 108 ۽ 110

25  ڀيرو مل آڏواڻي: قديم سنڌ، حوالو ڏنل آهي، ص ص 171، 172 ۽ 173

26  ڀيرو مل آڏواڻي: قديم سنڌ ص 173

27  ايضاً، ص ص 173 ۽ 174

28  ايضاً، ص 171

29 علي ڪوفي: فتح نامه چچنامو، ٽيون ايڊيشن، مترجم مخدوم امير احمد، حوالو ڏنل آهي. 1954ع ص 397

30 علي ڪوفي: فتح نامه چچنامو، ٽيون ايڊيشن، مترجم مخدوم امير احمد، حوالو ڏنل آهي، 1954ع، ص 397

31  Abot, J., Sindh, reprinted, Indus Publishers, Karachi, 1977, P. 23

32  علي اي، جعفري ڊاڪٽر: اوائلي آريا دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي، سنڌ صدين کان مرتب ممتاز مرازا، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1982ع ص ص 108 ۽ 110

33  Mirchandni, B.D. Glimpses of Ancient Sindh, A Collection of Historical papers, P.19

34 مرزا قليچ بيگ: قديم سنڌ حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ

35 مولائي شيدائي: جنت السنڌ، ڇاپو ٻيو، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1985ع، ص 3، ۽ پڻ ڏسو مولانا سيد ابوالحسن مطبع نظامي، ڪانپور، 1305 هه، ص 3

36 ايضاً، ص 6

37  ڀيرو مل آڏواڻي: قديم سنڌ، حوالو ڏنل آهي، ص 44

38  ايضاً، ص 47

39  ايضاً، ص 46

40  ڀيرومل آڏواڻي: قديم سنڌ، ص 46

41 هن کان اڳ مسٽر ٽاڊ جي حوالي سان، ائبٽ جو حوالو ڏيندي لکيو ويو آهي ته ’سنڌو‘ تاتاري‘ يا ’سٿين‘ ٻوليءَ جو لفظ آهي. ڏسو Abbot, J.Op.,Cit.P.23

42  Sorley, H.T., Gazetteer of West Pakistan, Sindh Region, Govt: of West Pakistan, Lahore, 1968. P. 1

43  Sorley, H.T., Gazetteer of West Pakistan, Sindh Region, Govt: of West Pakistan, Lahore, 1968.P.1

44 Sharif Kunjahi, Panjab- Scandinavian Language Contact, Gujrat Pakistan, Chenab Academy, 61, Mazhar Colony, 1991, P.12.

45  - Ibid.

46 – Ibid.

47  Sharif Kunjahi, Op. Cit. P.13

48  Ibid. P. 14

49  Sorley, H.T. Dr. Gazetteer of West Pakistan Sindh Region Op. Cit. P.1

50  علي اڪبر، جعفري، ڊاڪٽر: حوالو ڏنو ويو آهي، ص ص 109 ۽ 110.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com