سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :28

اهڙيءَ طرح ٻيو روسي ماهر، پروفيسر گنڪووسڪي، پنهنجي ڪتاب، People of Pakistan) ۾ لکي ٿو ته:

”روسي سائنسدانن طرفان ڪيل 'Paleothropological' تحقيقتون ڏيکارين ٿيون ته مسيح جي اچڻ کان اڳ چئن هزارن کان ٻن هزارن سالن جي وچ واري عرصي اندر، ’ڏکڻ ترڪمانيا ۽ ’اَرَل‘ (Aral) سمنڊ جي ڏاکڻين ايراضين اندر رهندڙ ماڻهن ۾، دراوڙي قسم جي ماڻهن جي موجودگيءَ متعلق به شاهديون ملن ٿيون. قديم تاريخدانن پنهنجن ڪتابن ۾ ’ايشيائي ايٿيوپيئنس‘ متعلق به لکن ٿا جيڪي ايران جي ڏکڻ اوڀر واري حصي ۽ بلوچستان ۾ رهندا هئا. جيئن ته انهن ايٿيوپيئنس (Ethiopians) جي چمڙي ڪاري هوندي هئي، تنهن ڪري ڀانئجي ٿو ته انهن جو تعلق، انساني قسمن جي دراوڙي قبيلي سان هو.“455

 

انهن ٻنهي روسي ماهرن جي انهن راين کان پوءِ اها راءِ (خيال) درست پيئي نظر اچي ته فارسي زبان ۾، فعل متعدي بالواسطه، قديم دراوڙي زبانن جي ماءُ، سئنڌوي ٻوليءَ جي مغربي گروهه اثر جي ڪري موجود آهي ۽ اها ساخت غير-آريائي آهي.

(د) مرڪب فعل

دراوڙي ٻولين ۾ مرڪب فعل جي سٽاءَ (ٺاهڻ) لاءِ، ڪنهن به فعل کي اسم جي پويان ملائبو آهي، پر سنسڪرت ۽ گريڪ ٻولين ۾، مرڪب فعل جي ٺاهڻ لاءِ فعل کي حرف جر سان ملائبو آهي. اهڙو اصول، دراوڙي ٻولين ۾ ممڪن نه آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ به، دراوڙي ٻولين وانگر، مرڪب فعلن جي ٺاهڻ لاءِ، فعل، اسم جي پويان پنهنجي جاءِ وٺي بيهندو آهي. حرف جر سان ملي، مرڪب فعلن ٺاهڻ جو اصول ۽ استعمال، سنڌي ٻوليءَ ۾ به ممڪن نه آهي؛ مثال طور:456

 

ماٺ ڪرڻ

چيو مڃڻ

ڊوڙ پائڻ

انهن ۽ اهڙن ٻين مرڪب فعلن ۾، ’ماٺ‘،’چيو‘ ۽ ’ڊوڙ‘ صورتون اسم آهن هن ڏس ۾ ديوان ڀيرو مل لکي ٿو ته:

”’هليو وڃڻ‘ ۽ ’ويهي رهڻ‘ وغيره فعلن سان اسم مفعول يا ماضي معطوفي گڏي، مرڪب فعل ٺاهيون ٿا. نسڌيءَ ۾ اهڙا ڪي ’حَرف جر‘ يا ’اڳياڙيون‘ ڪينهن، جي فعل سان گڏي، انهن مان هن طرح مطلب ظاهر ڪجي، تنهن ڪري هن ريت مرڪب فعل جوڙڻ جو دستور اختيار ڪيو اٿئون، ۽ اهو دراوڙي نمونو آهي.“457

 

(ذ) لفظن جو تڪرار (reduplication of words) يا ٻٽا لفظ:

(i) جڏهن ڪي به لفظ جملي ۾ يا فقري ۾، ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڀيرا ورجائجن ته لفظن جي ورجائڻ واري اهڙي طريقي کي وياڪرڻ موجب ’لفظن جو تڪرار‘ ( reduplication) ياٻٽا لفظ چئبو آهي. هن موضوع تي ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘ ڪتاب ۾، تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي.458

 

سنڌ جي سڀني وياڪرڻين، ’تڪرار وارن لفطن‘ کي ’مُرڪب يا ٻٽا لفظ‘ سڏيو آهي، جيئن مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته:

”سنڌيءَ ۾ ڪيترائي لفظ آهن جي ٻن يا ٻن کان وڌيڪ لفظن مان جڙيل آهن، جن مان ڪي ساڳيا ۽ ٻه ڀيرا ٿا اچن؛ ڪي هڪ جهڙا ۽ موافق آهن ۽ ڪي مخالف آهن؛ ڪن ۾ ساڳئي قسم يا قافيه يا وزن جو لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي ڪا به معنى ڪانهي، فقط استعمال ۽ اصطلاح ۾ ڪم ايندا آهن؛ ڪن ۾ جدا جدا فعل جا موافق يا مخالف ’زمان ڪم آيل آهن؛ ڪي اسم ۽ فعل، گڏ، ڪي اسم ۽ صفت گڏ، ڪي عربي ۽ فارسي ۽ سنڌي گڏ.“459

 

(ii) تڪرار جا قسم- مرزا صاحب جي انهيءَ راءِ کي سامهون رکي چئبو ته تڪراري لفظن کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

(i) پورڻ يا مڪمل تڪرار (Complete reduplication)

(ii) اپورڻ يعني جزوي تڪرار،جنهن ۾ لفظ جي ڪنهن حصي يا جُزي کي ورجائڻ يا دُهرائڻ (Partial reduplication)

انهن قسمن کي هيٺ مثالن سان سمجهائجي ٿو.

(a) پورڻ يا مڪمل تڪرار- جڏهن ڪو به لفظ، ڪنهن جملي يا فقري ۾، ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڀيرا، ساڳيءَ حالت ۾، يعني سواءِ ڪنهن ڦير ڦار جي، لڳاتار ورجائجي ته لفط جي اهڙيءَ طرح وري وري ورجائڻ واري عمل کي، علم صرف جي قانون موجب ’پورڻ يعني مڪمل تڪرار‘ چئبو؛ مثال طور:

مفرد لفظ              مڪمل تڪرار/ دُهرايل

پل                     پل پل

وِکَ                    وِکَ وِکَ

گهڙي                  گهڙي گهڙي

دم                     دم دم

(b) اپورڻ تڪرار يعني جُزوي تڪرار/ورجاءُ: جڏهن جملي يا فقري ۾، ڪنهن لفظ جي تڪرار/دُهرائڻ واري عمل ۾، اُن لفظ جو پهريون جُز يا پويون جُز (حصو) بدلائجي يا بدلجي وڃي، ۽ لفظ جو باقي جُزو (حصو) ساڳيو رهي، ته اهڙي تڪراري صورت کي ’اَپورڻ‘ يا جُزوي تڪرار چئبو آهي؛ جيئن:

مفرد لفظ              اَپورڻ/ جُزي تڪرار

جُٺِ                         جُٺِ ڦِٺِ

مَٽَ                         مَٽَ سَٽَ

هَلڻ                         هلڻ چلڻ

رِلڻ                           رلڻ مِلڻ

نوڪر                        نوڪر چاڪر

ڀاڄي                        ڀاڄي ڀُتي/ڀاڄي ڀُتو

پئسو                        پئسو پنجڙ/ پئسو ڏوڪڙ

مال                          مال وجهو

ڪپڙو                        ڪپڙو لٽو

ليکو                          ليکو چوکو

اهي سڀ اپورڻ/ جزوي تڪرار جا مثال آهن، جن ۾ لفظ جو پهريون جُز يا پويون جُز بدلايو ويو آهي.

تحقيق دوران اهو به معلوم ٿيو آهي ته دراوڙي ٻولين به سنڌي زبان وانگر ’لفظن جي تڪرار‘ جو استعمال تمام گهڻو آهي. انهن ٻولين ( دراوڙي) ۾ فعل به مڪمل تڪراري صورت ۾ ڪم ايندا آهن، جنهن ڪري فعل جي مفرد صورت ۽ تڪراري صورت جي استعمال ۾، ان جي معنى ۾ وڏو فرق هوندو آهي مثال طور:

فعل جي مفرد صورت         ساڳئي فعل جي تڪراري صورت

min mon- kku ‘to gliter’

min’t shine’

mura mura- kku ‘to murmer’

mir

ماهرن جي راءِ آهي ته آريائي ٻوليون هن خصوصيت (تڪراري صورت) کان خالي آهن. ماهرن جو اهو به خيال آهي ته سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جي علم صرف موجب، ’لفظن جي تڪرار‘ واري خصوصيت ۽ عمل کي، وياڪرڻي حيثيت به حاصل آهي.

انگريزي ٻوليءَ ۾ هن خصوصيت جا جيتوڻيڪ ding dong ۽ humpty dumpty وغيره ٿورا مثال ملن ٿا، پر هڪڙو ته سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جي مقابلي ۾، انگريزي ٻوليءَ ۾ اهڙا مثال چار يا پنج کن مس ملندا، ٻيو ته انگريزي ٻوليءَ وارن تڪراري مثالن جو ڪو وياڪرڻي ڪارج ڪونهي، تنهن ڪري انگريزي وياڪرڻ جي لحاظ کان انهن لفطن جو ڪارج، انگريزي ٻوليءَ جي وياڪرڻ ۾ ڪا به اهميت نٿو رکي، اهڙيءَ طرح سنسڪرت ۾ به، لفظن جي تڪرار جو ڪارج وياڪرڻي نه آهي. سنسڪرت ۾ تڪرار واري خصوصيت لفظ تي نه، پر سُرَ يا پد تي ٿيندي آهي.

هن سلسلي ۾ Buck لکي ٿو ته:

"Reduplication is in origin the doubling of a form to indicate repetition or emphasis: A curtailed form of such doubling because a formative element in parent speech. As a feature of tense formation it appears in certain present aorist but has its chief importance in perfect."461

 

Buck اڳتي لکي ٿو ته:

(i)"A fuller form of reduplication appears in Sanskrit intensive; as:

          dar-dar-ti

          car-kar-ti

(ii) Present reduplication, usually with:

          (a)/i/vowel;e.g.:

                  pi-parti

                  ti-sthati

          (b)/e/vowel

                  da-dhati

(iii) In Sanskrit and Latin, the vowel of the reduplication is partly replaced by tha: of the root syllable.

(iv) In the present and perfect reduplication, if the root begins with a single consonant, this is replaced in the reduplication; as:  da-darpa: 462

(ت) تڪرار جو وياڪرڻي ڪارج: اڳ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين ۾، علم صرف موجب، ’تڪرار‘  يا لفظن جي دهرايل صورت کي اهم وياڪرڻي حيثيت حاصل آهي. سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي سٽاءَ ۾، لفظن جون تڪراري صورتون، دلچسپ مطالعي لاءِ ڪافي مواد رکن ٿيون، جملن ۾ لفظن جو تڪراري استعمال، جملن جي معنى ۽ وياڪرڻي مفهوم ۾ وڏو ڦيرو آڻيندو آهي. هيٺ تڪراري لفطن جي وياڪرڻي ڪارج جا ڪي مثال ڏجن ٿا ته جيئن فرق ظاهر ٿي سگهي.

(1) مثال طور هيٺين مثالن مان لفظن جي صفتي صورت يا صفت جي درجن جي خبر پوي ٿي؛ مثلاً:

مفرد لفظ              دُهرايل/ٻٽا لفظ

ٻار                         ٻار ٻار

پئسو                       پئسو پئسو

وارَ                           وارَ وارَ

وِکَ                         وِکَ وِکَ

انهن مثالن ۾ لفظ جي مفرد صورت ۽ اُن (لفظ) جي تڪراري صورت جي معنى ۾ وڏو فرق آهي:

(2) ٻيا مثال ڏسو؛

(i) ڪارا وارَ

ڪارا ڪارا وارَ

ڪارا سارا وارَ

(ii) ٿلهو ماڻهو

ٿلهو ٿلهو ماڻهو

ٿلهو ٻُلهو ماڻهو

(iii)ٻار کي پئسو ڏي.

ٻار ٻار کي پئسو ڏي.

   ٻار ٻار کي پئسو پئسو ڏي.

انهن مثالن ۾ ڪپ، ڪارا، ٿلهو، ٻار ۽ پئسو لفظ، جملن ۾ پهرين هڪ هڪ دفعو ڪم آندا ويا آهن، ۽ پوءِ ٻين جملن ۾ اهي لفظ وري وري ورجايا ويا آهن. مطالعي مان ثابت ٿو ٿئي ته ورجايل لفظ، وياڪرڻي معنى ۾ وڏو فرق رکن ٿا؛ مثلاً: ٻار ۽ ٻار ٻار، پئسو ۽ پئسو پئسو، ڪارا ۽ ڪارا ڪارا وغيره،

هر اهل زبان، انهن لفطن جي معنى ۽ مفهوم کي سمجهي سگهندو آهي.

(iii) مٿي، لفظن جي جُز يا پد تي تڪرار جا مثال ڏنا ويا آهن. پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته سنڌي ۽ سنسڪرت ۾ هن قسم جي تڪرار واري اصول ۾، ڪا به هڪ جهڙائي ڪانهي، جيئن سنڌيءَ جا مثالن ۾ ڏسو.

مفرد لفظ      دُهرايل/ ٻٽا لفظ

راند            راند روند

هلڻ            هلڻ چلڻ

پاڻي           پاڻي ڇاڻي

ڇوڪر          ڇوڪر ٻاڪر

(iv) سنڌي ٻوليءَ جي لغوي خزاني ۾، تڪراري لفظن جا ٻيا هيٺيان مثال به ڏسو. انهن تڪراري لفظ ۾، لفظن جي پوئين جُز جو تڪراري حصو، پهرئين جُز کان بلڪل الڳ هوندو آهي؛ مثال طور:

مفرد لفظ              دهرايل/ ٻٽا لفظ

ڀاڄي                     ڀاڄي ڀُتو

پئسو                      پئسو پنجڙ

مال                         مال وَجهو

ديوان ڀيرو مل، سنڌي ٻوليءَ ۾، اهڙين صورتن کي دراوڙي ٻولين جو عنصر ٿو سڏي. هو لکي ٿو ته:

”ڇوڪر ٻاڪر، چلم ڌلم، اِئين زائد يا بي معنى لفط گڏي، مرڪب لفظ جوڙڻ، دراوڙي نمونو آهي.“463

 

(v) سنڌي ٻوليءَ ۾، دراوڙي ٻولين وانگر، مرڪب فعل جي اسمي صورت کي، متواتر دُهرائڻ سان، مرڪب فعل جي اصلوڪي معنى ۽ تڪراري صورت جي معنى ۾ فرق جو پتو پوندو آهي؛ مثال طور:

مرڪب فعل جي صورت              تڪراري صورت

هڏي ڀڃڻ                             هڏي هڏي ڀڃڻ

پئسو خرچڻ                            پئسو پئسو خرچڻ

پن ٽوڙڻ                               پن پن ٽوڙڻ

گهر ساڙڻ                              گهر گهر ساڙڻ

(ر) ضميري پڇاڙيون:

(i) اسم سان استعمال: سنڌي ٻوليءَ جي اهم خصوصيتن مان هڪ خصوصيت ضميري پڇاڙين جو استعمال آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن به اسم يا حرف جر جي اضافتي صورت ڏيکارڻ لاءِ به ضميري پڇاڙيون ملايون وينديون آهن، اهڙين ضميري پڇاڙين جو استعمال، مٽي مائٽيءَ وارن اسمن ۽ حرف جر لاءِ ته عام طور ٿيندو آهي؛ جيئن:

پُٽم= منهنجو پٽ: هن مثال ۾ ’-م‘ ضميري پڇاڙي، ضمير متڪلم واحد جي نشاني آهي. اهڙيءَ طرح ٻيا مثال آهن:

پُٽُئِه، پُٽُوَ، پُٽس، پڻهين، ماڻس وغيره.

(ii) حرف جر سان استعمال: ضميري پڇاڙيون، جڏهن حرف جر جي پٺيان ملائبيون آهن، تڏهن حرف جر سان مالڪي يا اضافت جو مفهوم ظاهر ڪنديون آهن؛ جيئن:

وَٽم = مون وٽ

کيس= هن کي

وَٽَءِ = تو وٽ

وَٽس = هن وٽ

وَٽمِ = مون وٽ

(iii) فعل سان استعمال:

(a) اهي ئي ضمير پڇاڙيون جڏهن ڪنهن فعل سان لڳائبيون آهن، تڏهن اهي حالت فاعلي يا حالت مفعوليءَ جي معنى ڏيکارينديون آهن؛ مثلاً: ’لکيم‘، ’کاڌم‘ (حالت فاعلي) ڏيوم (حالت مفعولي) ’-س‘ پڇاڙي به استعمال ٿيندي آهي، جيئن: ’ويس‘،’ويندس‘۽ لکندس.464

 

(b) انهن مثالن (لکيم،کاڌم، ڏيوم، ويس، ويندس ۽ لکندس وغيره) مان اهو ثابت نٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾، ضميري پڇاڙيون فعل جي گردان لاءِ، فعل جي ڌاتوءَ (فعلي ڌاتوءَ) سان ملايون وينديون آهن، پر سنڌي وياڪرڻ جو اهو اصول آهي ته ضميري پڇاڙيون، فعل جي گردان لاءِ، فعل جي ڌاتوءَ سان سڌو سنئون نٿيون ملائجن، پر سنڌيءَ ۾ ڌاتوڙ جي پويان پهرين زمان جي نشاني ملائي، پوءِ ضميري پڇاڙي ملائبي آهي.

(iii) دراوڙي ٻولين ۽ سنڌيءَ ۾ ضمير متصل جو ساڳيو اصول/قانون:

مطالعي دوران اهو به معلوم ٿيو آهي ته ضميري پڇاڙيون، فعلن سان استعمال وقت، دراوڙي ٻولين ۾ به، ساڳئي (سنڌي وياڪرڻ جهڙي) اصول موجب استعمال ٿين ٿيون؛ يعني ته دراوڙي ٻولين ۾ به فعل جي گردان ۾، فعلي ڌاتوءَ سان پهرين زمان جي نشاني ملائي پوءِ ضميري پڇاڙيون ملايون وينديون آهن.

ڊاڪٽر ڪالڊويل جي راءِ موجب:

”جديد هند- يورپي ٻولين، ڪيترن ئي فعلي ڌاتن مان، پراڻيون ضميري پڇاڙيون گم ڪري ڇڏيون آهن، ۽ انهن جي بدران، انهن ٻولين ۾، فاعل جي جاءِ تي ضمير ڪم ايندا آهن.

دراوڙي  ٻولين ۾ اهي ضميري پڇاڙيون سڌو سنئون فعل جي ڌاتوءَ سان ڪونه ملائبيون آهن، جيئن هند- يورپي ٻولين ۾ آهي، پر انهن ٻولين (دراوڙي) ۾ ڌاتوءَ جي پويان پهرين زمان جي نشاني ملائي ويندي آهي. ۽ اُن کان پوءِ ضميري پڇاڙي/ پڇاڙيون ملايون وينديون  آهن.“465

 

 هن حوالي جي مدد سان چئي سگهجي ٿو ته دراوڙي ٻولين ۾ هر ’فعل‘ ٽن جُزن تي مشتمل هوندو آهي؛ جيئن:466

 

* فعل جو ڌاتو

* زماني جي نشاني

* ضميري پڇاڙي.

هن وضاحت جو چارٽ هن طرح ٿيندو.

فعل جو ڌاتو + زمان جي نشاني +  ضميري پڇاڙي

جيئن مٿي چيو ويو آهي ته سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ ضميري پڇاڙين (متصل ضميرن) ملائڻ جو اصول/ قانون ساڳيو آهي، مثال طور:

سنڌي فعل  +

 جو ڌاتو

زمان جي نشاني +

ضميري پڇاڙي =

فعل جو گردان

لِکُ                +

- يو(زمان ماضيءَ لاءِ) +

- م (متڪلم واحد لاءِ)

= لکيوم< لکيُم

 لِک               +

-يو(زمان ماضيءَ لاءِ) +

- سيِن (متڪلم جمع لاءِ)

= لکيوسيِن

ڊوڙُ                 +

- يو(زمان ماضيءَ لاءِ)+

- س (متڪلم واحد لاءِ)

= ڊوڙيوس< ڊوڙيُس

لِک                + 

آندو(زمان ماضيءَ لاءِ)+

- س (متڪلم واحد لاءِ)

= لکندس< لکندُس

 

 

- م (متڪلم واحد لاءِ)

= لکندم

(iv) سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ ضميري پڇاڙين/ متصل ضميرن ۾ هڪجهڙائي

دراوڙي ٻولين ۽ سنڌي ٻوليءَ جي گهري ۽ تقابلي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته دراوڙي ٻولين ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي ۽ ڪڇي لهجن ۾ ضميري پڇاڙين (متصل ضمير) ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي آهي، پر شڪارپوري لهجي ۾ ايتري گهڻي هڪجهڙائي نظر نٿي اچي. هيٺ هڪ خاڪي ذريعي، لاڙي ۽ ڪڇي لهجن ۽ دراوڙي ٻولي (تامل) ۾ هڪجهڙائي جا مثال سمجهايا ويا آهن. 468  467

 


455  Gankovsky, Yu, V., The People of Pakistan, U.S.S.R. Academy of Sciences, Lahore, Peoples Publishing House, 26, Shahra-e-Quaid-e-Azam, PP. 33.34

456  ڀيرو مل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 314.

457  ايضاً

458  الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، حوالو ڏنل آهي. ص ص 60-65 ۽ پڻ ڏسو

 Allana, Ghulam Ali, The Arabic Element in Sindhi, M.A. Thesis submitted to London University, in 1963

459  مرزا قليچ بيگ: سنڌي وياڪرڻ، ڀاڱو ٽيون، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ص 188

460  Caldwell, R., Dr., Op.Cit.,P.308

461  Buck, F., Op.Cit.,P.255

462 Ibid.

463  آڏواڻي ڀيرو مل: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 349

464  ميمڻ، عبدالمجيد، سنڌي، ڊاڪٽر: شڪارپور جي ٻولي، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1993ع ص 52

465  Caldwell, R., Dr., Op.Cit., P.374

466  Caldwell, R., Dr., Op.Cit., P.374

467  ميمڻ، عبدالمجيد، سنڌي، ڊاڪٽر: شڪارپور جي ٻولي، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1993ع، ص ص 51-54

468  Caldwell, R., Dr., Op. Cit., P.58

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com