سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :5

هاڻي  ڊاڪٽر جيٽلي صاحب پاڻ فيصلو ڪري ته برطانوي، آمريڪي، روسي، فرينچ، فنلئنڊ ۽ ڀارت جي ماهرن کان سواءِ پاڪستان جي آثار قديمه جي ماهرن جي اڪثريت ۽ تاريخدان سرجان مارشل جي نظرئي جا حامي آهن يا نه؟ جيڪڏهن ڊاڪٽر ڪرشنا راءُ ۽ ڪن ٻين ماهرن، سرجان مارشل جي راءِ سان اتفاق نه ڪيو آهي ته به ائين چوڻ غلط ٿيندو ته سر جان مارشل وارو نظريو هاڻ رد ٿي چڪو آهي.

بلڪ ماهرن جي تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته سنڌو ماٿر جي تهذيب ۽ تمدن ۾ تسلسل قائم ۽ دائم رهيو آهي. انهيءَ تسلسل جا هن وقت به ڪيترائي مثال ملن ٿا، جن مان ڪن جو هن ڪتاب جي متن اندر مثالن سان ذڪر ڪيو ويو آهي. لهاذا ڊاڪٽر جيٽلي صاحب کي گذارش آهي ته انهن حقيقتن کي سامهون رکي، هن نظرئي جي باري ۾ وري سوچي.

’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ ڪتاب (پهريون ڇاپو 1974ع)، جي هن ٻئي ڇاپي تي، نئين سر نظر وڌي وئي آهي، ۽ اُن ۾ تمام گهڻو نئون مواد شامل ڪيو ويو آهي. هن ڇاپي (ٻئي) ۾ ماهرن جا وڌيڪ رايا ۽ وڌيڪ پختا دليل ڏيئي، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته، سنڌي ٻولي، هر لحاظ کان، غير-آريائي ٻولي آهي. هن ٻوليءَ جون پاڙون سنڌو ماٿر واريءَ تهذيب ۾ کتل آهن. موجوده سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، سنڌو-ماٿر واري اها قديم ٻولي آهي، جيڪا هن ماٿر جا رهواسي لوڪ، پنهنجي روزانه وهنوار، اٿڻيءَ ويهڻيءَ ۽ وڻج واپار جي ڏي-وٺ ۾ روزانه ڪم آڻيندا هئا.

 سنڌو ماٿر جا اهي لوڪ ۽ سندن تهذيب ۽ تمدن، هن واديءَ ۾ ڪٿان ٻاهران لڏي آيل لوڪن جي تهذيب ۽ تمدن ڪانهي، پر هي ماڻهو، هن واديءَ جا اصلوڪا ۽ بنيادي رهاڪو آهن. هنن ماڻهن ۽ سندن تهذيب ۽ تمدن، هن واديءَ ۾ ئي جنم ورتو. سندن ٻولي، هن سر زمين ۾ ئي، انهن لوڪن ۽ سندن سماج جي اوسر سان گڏ اُڀري، اُسري، وڌي ۽ ويجهي. هن ماٿر (سنڌو – ماٿر) جو اصلوڪو نالو سئنڌُوَ/سِنڌو هو، ۽ هن ماٿر ۾ رهندڙ لوڪن کي سئنڌُوئي/سئنڌُئي/سنڌي سڏيو ويندو هو، ۽ سندن ٻوليءَ کي سئنڌُوئي/سنئڌُئي/سنڌي سڏيندا هئا.

’سئنڌُئي‘ ٻولي ڏهن ڌار ڌار شاخن جي مدد سان سنڌو ماٿر جي ڌار ڌار خطن ۾ ڳالهائي ويندي هئي. انهن مان هڪ شاخ کي سئنڌُئي‘ يعني ’سنڌيءَ‘ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. هيءَ شاخ سنڌو ماٿر جي مرڪزي ۽ ڏاکڻئين حصي ۾، سامونڊي ساحل تائين ماڻهن جي روزانه وهنوار لاءِ ڪم آندي ويندي هئي.

ٻي شاخ سنڌو ماٿر جي اُتريئن علائقي ۾، ڪشمير جي واديءَ ۾ ڳالهائي ويندي هئي. ٽين شاخ داردي علائقي ۾ رائج هئي. ڪشمير ۽ دادستان جي حدن تائين هڙپا تهذيب جا آثار مليا آهن. چوٿين شاخ کي لهندي شاخ سڏيو ويندو هو. هيءَ شاخ اڳتي هلي سرائڪي، ملتاني، هندڪي، پوٺواري، شاهه پوري ۽ ڌني وغيره لهجن ۾ ورهائجي وئي. پنجين شاخ کي اُڀرندين شاخ سڏيو ويندو هو. اوڀر طرف لوٿل کان اڳتي اوڀر طرف نرمدا نديءَ تائين ٻوليون هن شاخ لاءِ ثبوت آهن. هيءَ شاخ وري ڌار ڌار ٻولين ۾ ورهايل هئي. اهي ٻوليون هي هيون: اوڀر وارين ٻولين ۾ بيڪانيري، جيسلميري، ڍاٽڪي، مارواڙي، ميواڙي ۽ ڀيلي. اهڙيءَ طرح اتر-اوڀر ۾ موجوده رياست هرياڻا جي ٻولي بانگڙو، باگڙي وغيره ٻولين ڇهين شاخ واريون ٻوليون آهن. پارڪري، گجراتي ۽ سؤراشٺري (ڪاٺياواڙي) ڪڇي ڏکڻ-اوڀر واريءَ شاخ ۾ شمار ڪبيون آهن.

اٺين شاخ بروهڪي آهي، جيڪا بروهي جاتيءَ طرفان، لهندي شاخ واري علائقي جي ڏاکڻئين حصي ۾، سنڌ ۽ بلوچستان جي جابلو علائقي ۾ ڳالهائي ويندي آهي ۽ نائين شاخ قديم-دراوڙي (Proto-Dravidian) ٻولي هئي، جيڪا موجوده دراوڙي ٻولين جي ماتر- ڀاشا (ماءُ ٻولي/ Parent Language) آهي. هن شاخ مان جديد دراوڙي ٻوليون ڦٽي نڪتيون.

اهڙيءَ طرح هيءَ دعوى به ڪري سگهجي ٿي ته سنڌي ۽ گجراتيءَ، سرائڪيءَ ۽ گجراتيءَ يا سنڌيءَ ۽ راجسٿاني ٻولين يا سرائڪي ۽ راجسٿاني ٻولين ۽ ڪشميري ۽ توڙي داردي ۽ سنڌيءَ ۾ جيڪا صوتي ۽ وياڪرڻي هڪجهڙائي نظر اچي ٿي، اهڙي هڪ جهڙائي، سنڌي ۽ بنگاليءَ، سرائڪي ۽ بنگاليءَ، گجراتيءَ ۽ بنگاليءَ، راجسٿاني ۽ بنگاليءَ يا ٻين ٻولين ۾ هرگز معلوم نٿي ٿئي. اهڙيءَ طرح دراوڙي ٻوليون به سنڌو- ماٿر واري قديم ٻوليءَ، سئنڌُئيءَ جي نسل واريون ٻوليون آهن، جن ۾ صوتي ۽ وياڪرڻي سٽاءُ جي هڪجهڙي هجڻ جو سبب هيءُ آهي، جو دراوڙي ٻولين جو بڻ بنياد، سنڌو-ماٿر واري قديم تهذيب واريءَ ٻولي سان واسطو رکي ٿو.

سر جان مارشل انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجيءَ راءِ جو اظهار هن طرح ڪيو هو:

”سنڌو-ماٿر واري تهذيب، قبل- آريائي (pre-Aryan) تهذيب ۽ سنڌو-ماٿر جي ٻولي يا ٻوليون، يقيناً قبل- آريائي ٻولي يا ٻوليون هيون. اُنهن ٻولين مان ڪا هڪ ٻولي (جيڪڏهن اُتي هڪ کان ڪي وڌيڪ ٻوليون رائج هيون)، ’دراوڙي‘ (Dravidic) هئي.“ (23)

هاڻ جيڪڏهن ماهر اها دعويٰ ٿا ڪن ته سنڌو- ماٿر جا اصلوڪا رهاڪو ڪٿان به ٻاهران، ڪنهن ٻئي ملڪ يا علائقي مان لڏي ڪونه آيا هئا، پر اهي ماڻهو هن واديءَ جا ئي اصلوڪا، بنيادي ۽ مقامي رهاڪو هئا، جن جي ٻولي به هن ئي واديءَ ۾ رائج قديم ٻولي هئي، جيڪا (ٻولي)، هن ئي واديءَ (ڀونءَ) ۾ اُڀري، اِتي ئي اُسري ۽ اِتِي ئي وڌي ۽ ويجهي، سا يقيناً ڪا غير-آريائي ٻولي هئي. جيڪڏهن دنيا جي ماهرن جو اهو گروهه جيڪو سنڌو-ماٿر جي تهذيب ۽ تمدن، اُتي جي رهاڪن ۽ انهن جي ٻوليءَ کي، هن سر زمين ۾ ئي جنم ورتل يعني غير-آريائي ٻولي ٿو مڃي؛ جيڪڏهن سر گريئرسن، ڊاڪٽر ٽرومپ ۽ ڪاڪو ڀيرو مل به پنهنجيءَ پراڻيءَ راءِ تان هٿ کڻي ٿا وڃن، ۽ جيڪڏهن آثار قديمه ۽ علم الانسان جي موجوده زماني جا ماهر (ڊاڪٽر مهر عبدالحق، ڊاڪٽر محمد رفيق مغل، ڊاڪٽر لوئيس فليم، ڊاڪٽر مارڪ ڪنائر، ڊاڪٽر فيئر سروس، ڊاڪٽر ڊيلس، ڊاڪٽر پرسوگدواڻي، ڊاڪٽر پديا، شيخ خورشيد حسن، ڊاڪٽر آسڪو پرپولا ۽ ڊاڪٽر آلچين) به اها دعويٰ ٿا ڪن ته سنڌو-ماٿر جي قديم زماني واري تهذيب ۽ تمدن، پنج هزار سال گذري وڃڻ جي باوجود ختم نه ٿي آهي پر اُن ۾ تسلسل (continutity) قائم رهندو آيو آهي، ۽ اُن تهذيب ۽ تمدن جون ڪئين ڳالهيون ۽ خصوصيتون، هنر ۽ فن، قومون ۽ جاتيون، وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا، فصل ۽ پوکون، برتن ۽ ٿانو، ڪنڀارڪو چڪ، جانور ۽ پکي، زيور، برتنن ۽ زيورن تي چٽ، نشان، علامتون ۽ اهڃاڻ ۽ آمد رفت لاءِ بيل گاڏي ۽ ٻيڙيون، هنرمندن جا اوزار، هر، تور ۽ وٽ شين جي ماپڻ ۽ تورڻ لاءِ تڪڻي/ٽڪڻي، پاٽي ۽ پڻڪي، انگن جا نالا وغيره اڄ به سنڌو سماج ۾ رائج ۽ قائم هلندا ٿا اچن، ته پوءِ هيءَ دعويٰ ڇو نه ڪجي ته سنڌو-تهذيب وارين خصوصيتن سان گڏ، سنڌي ٻولي به ختم ڪا نه ٿي آهي، بلڪ اُها (سنڌي ٻولي) موجوده زماني تائين قائم ۽ دائم رهي آهي ۽ رهندي اچي. هتي جي تهذيب ۽ تمدن، توڙي ٻولين جي اثر جي باوجود، هتي جي اصلوڪي ۽ قديم زبان ’سئنڌُئيءَ‘ جي صوتياتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ قائم رهندي آئي آهي.

هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1974ع ۾ زيب ادبي مرڪز طرفان شايع ڪيو ويو هو. ڪتاب ته هڪ سال اندر ختم ٿي ويو پر ٻئي ڇاپي لاءِ زيب ادبي مرڪز جي مالڪ ۽ منهنجي ننڍپڻ جي دوست سيٺ احمد جو شرط هو ته هو ٻيو ڇاپو مارڪيٽ ۾ تڏهن آڻيندو، جڏهن آءٌ هن مواد تي نئين سر نظر وجهندس. آءٌ پنهنجي نوڪريءَ سبب ايترو ته مشغول رهندو هوس، جو وقت ئي نه پئي ملي سگهيو جو ويهي، ٻئي ڇاپي لاءِ ڪاپي تيار ڪريان. جيتوڻيڪ نظرثانيءَ لاءِ مون وٽ تمام گهڻو نئون مواد موجود هو.

آءٌ سيٺ احمد جو شڪر گذار آهيان جنهن 1974ع ۾ هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ڇپائي پڌرو ڪيو هو. جيئن اڳ ۾ عرض ڪري آيو آهيان ته هن ڇاپي واري مسودي ۾ تمام گهڻو نئون مواد شامل ڪيو ويو آهي، بلڪ آءٌ ائين به چوندس ته پهرئين ڇاپي (1974ع) ۾ ڏنل منهنجيءَ راءِ ۾ ڪجهه تبديلي پڻ آندي اٿم.

آءٌ ڀاءُ ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جو به شڪر گذار آهيان، جنهن ڀارت جي پوني شهر ۾، ۽ سندس گهر ۾ سنڌي زبان جي ڀاشا وگيانين سان 1997ع ۾ منهنجي ملاقات ڪرائي، ۽ هڪ اهڙي دراوڙ عالم ڊاڪٽر پديا سان پڻ ملاقات ڪرائي جيڪو نه فقط پوني يونيورسٽيءَ ۾، آرڪيالاجي ۽ تارخ جو وڏو ودوان آهي، پر هُن سنڌي ۽ دراوڙي تهذيب ۾ هڪ جهڙائيءَ تي، آرڪيالاجيءَ جي روشنيءَ ۾ وڏو تحقيقي ڪم ڪيو آهي.

مون کي اهو اعتراف ڪندي ڪو به عار محسوس نٿو ٿئي ته ڀارت ۾، سنڌ ته ڇا پر پاڪستان جي مقابلي ۾، سنڌي لسانيات تي مهارت رکندڙ گهڻائي عالم موجود آهن، جن مان ڪن سان ملي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. اُنهن ودوانن ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر پرسو گدواڻي، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي، ڊاڪٽر محترمه يشوڌرا واڌواڻي، ڊاڪٽر ڪنيا لال ليکواڻي ۽ ڊاڪٽر سندري پرچاڻيءَ جا نالا وڏي فخر سان وٺي سگهجن ٿا. ڀاءُ هيري ٺڪر سان بمبئيءَ ۾ (ڊسمبر 1997ع) ۾ جيڪي ڪچهريون ٿيون، تن مان محسوس ڪيم ته هيرو ٺڪر به ڀاشا وگيان ۾ وڏي ڄاڻ رکي ٿو.

آءٌ پڙهندڙن جي خدمت ۾، هيءُ ڪتاب، نئين ڇاپي جي صورت ۾ پيش ڪندي خوشي محسوس ٿو ڪريان. هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ آءٌ سنڌ جي نوجوان ۽ ڇپائيءَ جي فن ۾ ماهر محترم نور احمد ميمڻ جو شڪر گذار آهيان. منهنجي پڙهندڙن کي اها وينتي آهي ته جيڪڏهن کين ڪٿي به ڪا هيٺ مٿاهين نظر اچي ته مهرباني ڪري مون کي ان کان آگاهه ڪن.

مون بار بار پئي لکيو آهي ته علم اللسان هڪ وڏو مهاساگر آهي، جنهن ۾ آءٌ هڪ سيکڙاٽ وانگر هٿ پير هڻي، اُن مان ڪجهه نه ڪجهه هٿ ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن جي سامهون پيش ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو آهيان. آءٌ سنڌي ڀاشا وگيان جي شروعات ڪندڙ هڪ شاگرد آهيان، جيڪو اڃا ٻاراڻو ڪتاب (ٻاڙٻوڌ) به پورو ڪري نه سگهيو آهي، پر سکڻ جو شوق ضرور اٿم، جنهن ڪري ڪجهه قدر اڳتي وڌيو آهيان. چوندا آهن ته، ’ڀلا ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي.‘ هن علم جي وسيع ميدان ۾ وڏا وڏا عالم، فاضل ۽ ودوان، مشهور ۽ ڏاهن گهوڙي سوارن وانگر، پنهنجا گهوڙا ڊوڙائي، ملاکڙو کٽي چڪا آهن، پر مون کي ته اڃا گهوڙي تي لانگ ورائي چڙهڻ به نٿو اچي.

مون کي اميد آهي ته منهنجي هيءَ محنت قبول پوندي.

سنڌي ٻوليءَ جو فدائي

حيدرآباد سنڌ           ڊاڪٽر غلام علي الانا

 

ڀاڱو پهريون

سنڌي ٻولي سنسڪرت جي شاخ نه آهي:

1- سنڌي ٻولي، برصغير جي قديم ٻولين مان هڪ آهي. هن شاهوڪار ٻوليءَ جي ’بڻ بنياد، ساخت ۽ سٽاءَ‘ جي اڀياس ۾، ڏيهي توڙي پرڏيهي ماهرن خاص دلچسپي پئي ورتي آهي. انهيءَ هوندي به هن ٻوليءَ جي ’بڻ بنياد‘ لاءِ ڪا آخري راءِ قائم ڪرڻ، لسانيات جي ماهرن لاءِ اڃا تائين هڪ اهم مسئلو پئي رهيو آهي.

(الف) سنڌي ٻوليءَ جي ’اصل نسل ۽ بڻ بنياد‘ لاءِ هيستائين پنج نظريا سامهون آيا آهن. انهن نظرين ۾، سڀني کان پراڻي ۽ پهرئين نظرئي موجب، سنڌي ٻولي، سنسڪرت مان پراڪرت-پالي-شئورسيني-اپڀرنش، ۽ پوءِ اپڀرنش مان وراچڊ اپڀرنش جي معرفت، يارهينءَ صديءَ عيسويءَ ڌاري، هاڻوڪي صورت ورتي آهي. انهيءَ نظرئي موجب سنڌي ٻولي، سنسڪرت جي شاخ آهي. ’ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ‘ هن نظرئي جو محرڪ آهي. (1) ڊاڪٽر ٽرومپ کان سواءِ ڪاڪو ڀيرومل آڏواڻي (2)، مرزا قليچ بيگ (3)، ڊاڪٽر گربخشاڻي(4) ۽ ٻيا به ڪيترائي ڏيهي توڙي پرڏيهي بزرگ ۽ ماهر، هن نظرئي جا حامي رهيا آهن. سندن راءِ موجب ”سنڌي ٻولي سنسڪرت جي لائق ڌيءَ آهي.“ هن راءِ جي پٺڀرائيءَ لاءِ، هو اهو دليل ڏين ٿا ته سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ سنسڪرت جي لفظن –م تَتَسَمَ ۽ تَدَڀَوَ- جو اَکُٽ پنڊار آهي. هو ائين به چون ٿا ته سنڌيءَ ۽ سنسڪرت جي صوتي ۽ صرفي هڪجهڙائي ثابت ٿي ڪري ته سنڌي سنسڪرت جي شاخ آهي.

(ب) (i) هن سلسلي ۾ ٻئي نظرئي جو محرڪ، برصغير جو وڏو عالم ۽ فاضل ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. ڊاڪٽر صاحب اها دعويٰ ڪئي ته سنڌي زبان، سنسڪرت جي ڄائي نه آهي. ڊاڪٽر صاحب، انهيءَ ڏس ۾، پنهنجي انهيءَ راءِ ۾ ڪجهه قدر ڦير ڦاربه ڪئي آهي، جيڪا راءِ هن، پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ جي پهرئين ڇاپي ۾ ڏني هئي. پنهنجي ساڳئي ڪتاب جي ٽئين ڇاپي ۾، انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو.

”موجوده سنڌي ٻولي سنئون سڌو، سنسڪرت مان نڪتل ناهي، بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري مقامي پراڪرت يا پراڪرتن مان اُسري. اها ’هند-آريائي‘ ٻولي آهي؛ لهاذا (سرائڪي-بهاولپوري-ملتاني-ديري والي- هندڪو)، ڪشميري ۽ اُترئين سنڌو ماٿر جون ’داردي ٻوليون‘ اُن جون ڀينرون آهن. بودوباش جي لحاظ سان اِهي مڙيئي سنڌو ماٿر جون آڳاٽيون هند- آريائي ٻوليون آهن، پر سٽاءَ ۽ تاريخي ارتقا جي لحاظ سان اهي هن برعظيم جي ٻين ’هند- آريائي‘ ٻولين کان نراليون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي بناوت ۽ اوسر ۾ مُنڊا ۽ دراوڙي ٻولين کان سواءِ هند- ايراني ۽ اولهه کان ٻين داخل ٿيندڙ ٻولين جي اثر کي پڻ دخل آهي.“ 5

(ii) ڊاڪٽر صاحب، پنهنجي ٻئي ڪتاب جامع لغات سنڌيءَ ۾، صفحي 9 تي، هن سلسلي ۾ هن عنوان تي، وڌيڪ وضاحت هن طرح ڪئي آهي:

”سنڌي هڪ قديم هند-آريائي ٻولي آهي، جنهن جو بڻ بنياد، سنڌو-ماٿر جي سنسڪرت کان اڳ واري دور جي ڪا ’هند-ايراني‘ ٻولي آهي؛ لهندا ۽ ڪشميري هن جون ڀينر ٻوليون معلوم ٿين ٿيون، ڇو ته انهن سڀني ٻولين ۾، داردي ٻولين واريون هڪ جهڙيون خصوصيتون موجود آهن. سنڌي ٻولي خاص ڪري موهن جي دڙي واري تهذيب جي قديم ٻولي، جا سميري ۽ بابل جي ٻولين سان نسبت رکي ٿي، تنهن کان اثر قبول ڪيا هوندا. تاريخي دور ۾ اڳتي هلي سنڌي ٻوليءَ جي اثر کان پوءِ ڪنشڪا (78-144ع) جي زماني ۾ پالي پراڪرت جي معرفت، سنسڪرت جو اثر ٿيو. ويجهڙائيءَ واري زماني ۾ عربي ٻولي جيڪا اٺين صديءَ عيسويءَ  کان يارهين صدي عيسويءَ تائين، سرڪاري زبان رهي ۽ فارسي ٻولي جيڪا چوڏهين صديءَ کان اوڻيهينءَ صديءَ تائين دفتري زبان رهي، تن جو سنڌي ٻوليءَ تي گهرو ۽ دائمي اثر رهيو. تنهن ڪري پنهنجي پراڻي ۽ لنبي تاريخ ۽ لسانياتي پس منظر، لغوي خوبين ۾ ڳوڙهي سٽا جي ڪري اسان جي موجوده ڄاڻ پٽاندر اهو ممڪن نه آهي جو اُن جي ڪيترن ئي لفظن جي اصل ۽ بنياد جي باري ۾ ڪا راءِ قائم ڪري سگهون.“6

(iii)  ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سنڌ جي قديم تمدن جي زبان کي، سامي صفت زبان هجڻ جي دعويٰ ڪندي، پنهنجي ڪتاب، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، جي ٽئين ڇاپي ۾ فرمائي ٿو:

”سنڌ جي قديم تمدن جي زبان شايد سامي- صفت هئي. اُن تي جيڪي اوائلي اثرات پيا هوندا، سي خاص طرح مُنڊا، دراوڙي ۽ ايراني زبانن جا، ۽ بعد ۾ داردي زبانن جا. سنڌ جي ٻولي يا ٻولين تي سنسڪرت جو اثر، دير سان پالي محاوري جي واسطي سان پيو؛ مگر انهيءَ عرصي ۾ مغربي ۽ شمالي زبانن- جهڙوڪ ايراني، يوناني، ترڪي ۽ دارديءَ جو پڻ اثر ٿيو. انهن اثرن جي علاوه سنڌ جي ٻولي يا ٻولين، مان اُسريل، ’سنڌي ٻوليءَ‘ جي ذاتي اصليت خواهه تاريخي حقيقت، سنسڪرت ۽ اُن جي پراڪرت ٻولين کان بلڪل نياري هئي؛ انهيءَ ڪري ئي ’سنڌي ٻولي‘، ٻين پراڪرت ٻولين جي ڀيٽ ۾ هڪ نرالي نوعيت ورتي. ٻيون پراڪرت ٻوليون، جيڪي پنهنجي ٻئي ارتقائي دور مان گذري وڌيڪ بگڙيون، انهن ٻولين کي آڳاٽن نحوين ’اپڀرنش‘ سڏيو، يعني ’معيار کان ڪريل‘، انهن نحوين جي پرک جو معيار هو ’سنسڪرت سان ويجهائپ ۽ مناسبت‘ مگر سنڌي ٻولي جيڪا پنهنجي اصلي سنجٽ ۽ سٽاءَ ۾ نرالي هئي ۽ جنهن تي هندوستاني پراڪرتن جي ڀيٽ ۾ مغربي ۽ شمالي ٻولين جا اثر زياده پيا هئا، سا انهيءَ معياري پرک موجب ته گهڻو بگڙيل هئي. انهيءَ ڪري ڪن محققن جي چوڻ موجب، جنهن ٻوليءَ کي انهن نحوين ’وراچڊ اپڀرنش‘ يعني ’گهڻو گهڻو بگڙيل‘ سڏيو، سا ’سنڌ جي ٻولي‘ هئي. حقيقت ۾ ’وراچڊ اپڀرنش‘ جو نالو سنڌ کان گهڻو مٿي، اُتر واري خطي جي ڪنهن ٻوليءَ تي اچي سگهي ٿو ۽ نه سنڌي ٻوليءَ تي؛ ڇاڪاڻ ته ’وراچڊ اپڀرنش‘ جي اصطلاح ۾ ’سنسڪرت سان  مناسبت‘ ملحوظ آهي.“7

(23)   John Marshal, Sir, Mohan-Jo-Daro and the Indus Civilization, Vol: I, London, Arthur Probsthain, 1931, P. 24.

(1)  Trumpp, E., The Grammar of Sindhi Language, Lepzig, F.A. Brokhans, Introduction, 1872, P.1.

(2)  ڀيرو مل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، حيدرآباد سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع، ص 69

(3)  مرزا قليچ بيگ: سنڌي وياڪرڻ، ڀاڱو 3، حيدرآباد سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، 1960ع، ص 14

(4)  گربخشاڻي، ه-م: مقدمه لطيفي، حيدرآباد، سنڌ آفتاب پريس، 1950ع، ص 114

5 نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄام شورو، 1990ع/1411هه، ص 33

6  Baloch, N.A., Dr., Comprehensive Sindhi Dictionary, Hyderabad, Sindhi Adabi Board, 1960, P.9.

7نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽڙ: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، ص 24

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com