سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :23

(v) ص 16: گهڻو ڪري اهي سڀ لفظ جيڪي سنسڪرت زبان ۾ ’شِوَ‘ جا خاص بيان ڪن ٿا، سي علم صرف جي لحاظ کان، دراوڙي زبان جا آهن، ۽ سندس دراوڙي اصليت جي تصديق ڪن ٿا. اهي گُڻ ۽ نشان جيڪي هندو ديوتائن ۾ ڏٺا ويا آهن، تن تي قبل- آريائي اثرن جا گهرا اهڃاڻ موجود آهن.

(vi) ص 17: شِوَ جي مشهور ’مست ناچ‘ جو سنسڪرت زبان ۾ نالو ’تنداوا‘ آهي، جيڪو دراوڙي ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتل لفظ آهي. (ڀيٽيو: تامل لفظ تنتاوم=  ٽپڻ، ڪُڏڻ)314

(vii) ’شِوَ‘ جو ’مَر‘، جنهن جي شڪل وقت- پيما دُهلڙيءَ جهڙي آهي، سو سنسڪرت ۾ ’دَمرو‘ (Ded 2406-66) (ڊَمار يعني ٻٽو دُهل يعني سنڌي ڌمال) ڍڳي تي رکيل دهل آهي، جيڪو شهزادن اڳيان وڄائبو آهي.

(viii) ص 18: ’ڍڳو‘، زرخيزيءَ جي عالمي علامت آهي. ’رُدرا‘ کي رگ ويد ۾ ڍڳو سڏيو ويو آهي ۽ اَڇو ڍڳو (دؤنرو ڍڳو) ’ناندن‘ ’شِوَ‘ جي دائمي گُڻن مان هڪ آهي.

(ix) ص ص 21-20: چَڪَر (چڪَ) ڪنڀر جو چڪ آهي.315

(x) ص 21: اسين انهيءَ سڃاڻپ جي صحيح هجڻ جي تصديق گهڻن نمونن سان ڪري سگهون ٿا. سڀ کان اول عالمي بادشاهه وارو پويون لقب ملاحظه فرمايو، جنهن کي سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ’چڪر ورتن‘ چئبو آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ ’چڪ ڦيرائيندڙ‘ آهي.

(xi) ص 23: شِوَ جي نشانين مان هڪ ’مُگدر‘ به آهي، جنهن کي سنسڪرت ۾ ’کوٽواريگا‘ چئبو آهي. ’کٽوا‘ جي معنيٰ آهي ’کَٽ‘ يا پلنگ‘ اهو دراصل دراوڙي لفظ ’ڪَٽ‘ (Ded-960) يا ’ڪَٽل‘ آهي (کٽ = سنڌي کٽ، کٽولو).

(xii) ص 29: ويدڪ ڪئلينڊر جيڪو 27-28 قمري تارن وارين نشانين تي مشتمل هو، سو غالباً آرين، دراوڙن کان ورتو آهي، ڇاڪاڻ ته سندن اڳڪٿيءَ ڪري اهو اڳي ئي ٻئي هزار ورهيه (secondmillennium) ۾ مُدي مارج ٿي چڪو هو.

(xiii) ص 30: ڇا مرهڻي پهاڪي 14 ويد (sciences) ۽ 24 ’فنن‘ جو بنياد سنڌو- ماٿر آهي؟

(xiv) ’مين‘ جي معنيٰ روشني پڻ آهي، ’آرُمينَ‘ (aru-minu) لاڙ ۾ محاورو آهي ته ميِن ٿي وَسي، يعني روشني پيئي چمڪي. هيءَ اُها روشني آهي جيڪا ڌن ۽ دولت جو ڏس ڏيندي آهي.

هن فقريجي سٽاءَ جي جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي، ساڳئي قسم جي فقري يعني ’ڇهه مڇيون‘ سان ڀيٽ ٿي ڪجي ته معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ، پنهنجيءَ ساڳيءَ پراڻيءَ سٽاءَ کي قائم رکيو آهي؛ يعني صفتي فقري ۾ عدد (صفت) پهرين آيو آهي ۽ موصوف پوءِ سنڌيءَ ۾ اهڙا ٻيا مثال هي آهن: يڪ تارو، ڇهه آڱو ۽ پڇر تارو.

(xv) ص 30: ڪام شاستر جي 24 فنن جي وچور جي جاچ بعد اسين انهيءَ نتيجي تي پهتا آهيون ته انهن مان گهڻا آريائي تهذيب جي بدران ، دراوڙي تهذيب سان هڪ جهڙائي ڏيکارين ٿا. انهن فنن جو سنسڪرت لفظ ’ڪلا‘ پڻ دراوڙي اصل جو آهي. اهو لفظ، دراوڙي لفظ ’ڪَلَ‘ (kala) مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ’سکڻ، پڙهڻ، فن، ويد، علم ۽ ڪيفيت‘

مطلب ته ڊاڪٽر پرپولا، ڊاڪٽر فيئر سروس ۽ ٻين ماهرن جون پڙهڻيون ۽ وضاحتون جيڪڏهن قبول ڪجن ته پوءِ ائين چئي سگهبو ته سنڌو- ماٿر جي تهذيب ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي ويندي هئي سا موجوده سنڌيءَ، دراوڙي ۽ سرائڪي ٻوليءَ سان هڪ جهڙائي رکندي هئي؛ ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته اها سئنڌوئي ٻولي هئي، جنهن سان اهي ٻوليون يا انهن جا گروهه واسطو رکن ٿا.

(ش) محترم سراج الحق ميمڻ پنهنجي مقالي: ’سنڌي ٻولي‘ ۾، 1983ع ۾، ڊاڪٽر پرپولا وارن جي پڙهڻين کي، پنهنجي ناقدرانه نظر سان پرکيو آهي. هو لکي ٿو ته:

”ان اصول تي پرپولا وارن الاهي سادن لفطن جا مُلهه مقرر ڪيا آهن؛ مثلاً: هنن ’ڦڻيءَ‘ (E) جي شڪل جي نشانيءَ جو دراوڙي لفظ ڳولهيو. ’پڻتي‘ ۽ ان جي هم آواز لفظ ’پَڻت‘ بمعنيٰ زال (woman) کي، صحيح ملهه ورتائون. منهنجو اعتراض اهو هو ۽ آهي ته ساڳئي ئي اصول تي ان نشانيءَ کي ڦڻي‘ پڙهيو وڃي، جيڪا ’پڻتيءَ‘ سان ملي ٿي ۽ دراوڙي بڻ بنياد جو لفظ آهي، ۽ ان ئي Rebas principle تي ’ڦڻ‘ (ننڍي حرفِ علت آ سان) مان نانگ يا نانگ جي ڦڻ يا ڇَٽَ جي معنيٰ اختيار ڪئي وڃي، جيڪڏهن ’ڦڻيءَ‘ جي ’ڦ‘ صوتئي کي پوءِ جي صورت سمجهيو وڃي ته پوءِ aspiration ڪڍي ’پَڻي‘ پڙهيو وڃي، جنهن جو Homophone ’پَڻي‘ يعني ’مِٽي‘ يا ’زمين‘ جو ملهه مقرر ڪيو وڃي. منهنجي نظر ۾، ڪيترين ئي نشانين کي پرپولا وارن صحيح نه پڙهيو آهي؛ مثلاً:  هڪ نشاني Y سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي زرعي ماحول ۾ استعمال ٿيندڙ ’ٻياني‘جي آهي، جنهن سان گاهه جي ڪانن کي کڻي سٿيو ويندو آهي. پرپولا وارن ان کي ’هَٿ‘ (Hand or forearm) سمجهيو آهي، جنهن لاءِ هنن مطابق، دراوڙيءَ ۾ ’ڪَئي‘ لفظ آهي، جنهن جو Homophone ’ڪَئي‘ يا ’ڪي‘ معنيٰ ’ننڍي ڀيڻ، ’ننڍيءَ عمر جي زالَ‘ يا ’ڪُنوار‘ ورتي وئي آهي. هاڻ هن نشانيءَ مان ڪنهن به صورت ۾ ’هَٿ‘ هجڻ جو گمان ڪونه ٿو پوي. ان نشانيءَ مان ’ٻياني‘ جي شڪل ظاهر ٿئي ٿي، يا وري ڪمان سان گڏ تير جي. مسٽر ولسن ان کي تير ڪمان جي شڪل سمجهڻ ۽ ان کي سميري لفظ ’بان‘ سان ملايو آهي. جڏهن مسٽر ولسن جو ڪتاب پئي پڙهيم تڏهن مون کي هڪدم خيال آيو ته اسان جي سنڌيءَ ۾ به تير کي ’ٻاڻ‘ چئجي ٿو. اُن ’ٻاڻ‘ کي، ممڪن آهي ته ڪي دوست سنسڪرت جي ’بان‘ مان ڪڍن. جيئن ادبي بورڊ واريءَ سنڌي لغت ۾ آهي، پر جيئن ته اهو لفط سنسڪرت کان گهڻو اڳ، سميريءَ ۾ موجود آهي، ان ڪري ظاهر آهي ته اهو سنسڪرت ۾ پوءِ آيو يا سُميريءَ مان سڌو سنئون يا سنڌيءَ جي ذريعي.

منهنجي خيال ۾ اهو لفظ ’ٻيانو‘ (لاڙ ۾ ٻيان به چون-الانا) جو Homophone پڻ آهي، جا ان نشانيءَ جي صاف شڪل آهي؛ پر ان کان وڌيڪ دلچسپ ’ٻانهو‘ (slave) آهي. اڳئين پراچين زماني ۾، ٻانها ئي زرعي ڪم ڪار ڪندا هئا ۽ ’ٻياني‘ سان ڪم ڪندڙ ماڻهوءَ کي ئي ’ٻانهو‘ چيو ويندو هجي ته شڪ نه اهي (جيئن پٽيوالو- الان). ٻانها ’ٻاڻ هڻڻ‘ جو ڪم به ڪندا هئا. ان طرح هر نقطه نظر کان ان شڪل جي پڙهڻي ’ٻانهو‘ ٿيڻ گهرجي. ان لاءِ وڌيڪ ثابتي اها به آهي ته ڪيترين ئي صورتن ۾ اها نشاني (y) هڪ گولي يا چؤديواريءَ اندر بند ٿيل ڏيکاري ويئي آهي، جنهن مان پڻ قيد اندر، بند ماڻهوءَ يعني ٻانهي جو تصور نڪري ٿو. هت آءٌ اهو به عرض ڪريان ته سنڌي لغت ۾ ’ٻانهون‘ لفظ سنسڪرت ’باهُڪ‘ مان نڪتل ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو يقيناً غلط آهي.

اسان وٽ سنڌيءَ ۾ لفظ ’گولو‘ دائري توڙي ٻانهي جي معنيٰ ۾ موجود آهي، ان ڪري ٺلهي گولي واري نشاني وري گولي جي ”Homophone“ گولو معنيٰ غلام يا ٻانهو رکي ٿي، ۽ اها معنيٰ به موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جي بازگشت آهي.

ٽيون اعتراض سماجي اهڃاڻن تي ٻڌل آهي، پرپولا وارن هندومت جي ديوتا جي قديم صورتن ۽ انهن سان ڳانڍاپيل تارن ۽ گرهن جي اڀياس کي پڻ قديم مذهب جي دائري ۾ هڪ بنياد مقرر ڪيو آهي؛ مثلاً: هنن مڇيءَ لاءِ دراوڙي لفظ ’مين‘ يا ’ميڻ‘  مقرر ڪيو، ۽ ان جو هڪ Homophone ’ميِن‘  بمعنيٰ ’تارو‘ يا ’ستارو‘ مقرر ڪيو آهي. مڇيءَ لاءِ قديم سنڌي لفظ ’مي‘ يا ’ميِن‘ جيڪو ’مي+هاڻن‘ يعني ’مُهاڻن‘ ۾ موجود آهي. هنن جي سامونڊي علائقي کي، ٺٽي جي آسپاس يونانين ’مين نگر‘ يا ’مينا نگر‘ سڏيو هو. هينري ڪزنس مطابق ٺٽي کي ئي ’مينا نگر‘ سڏيو ويندو هو. اهو ’مينا نگر‘ اسان جي موجوده لفظ ’ماڱر‘ ۽ ’ماڃر‘ جي صورت ۾ آهي. اُن ۾ ’مين‘ مهاڻن ۽ ميربحرن جي ذات ۽ علائقي جي نالي ۾ موجود آهي. ’مين‘ ستارن يا روشن چمڪندڙ شين جي معنيٰ ۾ به اسان وٽ موجود آهي. سونَ ۾ ’مينَ‘ ۽ ’ميناڪاري‘ اصطلاحن ۾ اوهان کي ان جو اهڃاڻ ملي ٿو.

چوٿون اعتراض اِهو آهي ته پرپولا وارن، انهن نشانن جي ارتقائي صورتن کي بنهه نظر انداز ڪيو آهي. موهن جي دڙي ۾ موجود نشان، نشانيون، شڪليون ۽ صورتون ائين اوچتو گم ڪونه ٿي وئيون. تهذيبون ائين گم نه ٿينديون آهن. ان سلسلي ۾ هڪ نهايت عمدو ڪتاب.

'Some survival of Harappan culture' ڇپيو هو، جيڪو هڪ دراوڙ ماهر T.G. Arvamuthon ڇپائي  پڌرو ڪيو هو. اُن ۾ هن پوءِ جي سڪن، مهرن، مندرن ۽ قبن تي اُڪريل نشانين ۽ صورتن سان، سنڌو- سڀيتا جي صورتن کي ڀيٽي اهو ثابت ڪيو هو ته انهن مان ڪيتريون ئي صورتون، ٻڌ ڌرم جي دور تائين ارتقا  ڪنديون موجود رهنديون آيون. انهن مان ڪيتريون ئي صورتون خود، ميرپورخاص واري ڪاهُوءَ جي دڙي مان لڌل نشانين تي به ملن ٿيون. جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته انهن ۾ موجود ڪيترا نشان ۽ اُهڃاڻ موهن جي دڙي جي نشانن ۽ اُهڃاڻن جون ارتقائي صورتون آهن. ايتري قدر جو چوکنڊيءَ جي بنهه ويجهي دور جي قبرن تي به اهڙا نشان آهن، جيڪي هُوبهو يا تقريباً موهن جي دڙي جي سماجي اهڃاڻن جهڙا آهن. نه رڳو انهن نشانن جي اها ارتقائي صورت موجود آهي، پر خود لکيتن جي نشانين جي ارتقائي صورت به پراڻن مخطوطن ۾ ملي ٿي.“316

سراج صاحب جي هن راءِ کان پوءِ اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌو- تهذيب ختم ڪانه ٿي آهي، بلڪ اُن ۾ تسلسل جاري رهيو آهي ۽ اڄ به اُن قديم تهذيب جون ڪيتريون ئي نشانيون، معمولي تبديليءَ کان پوءِ قائم ۽ دائم آهن.

11- ساڳيءَ صوتياتي ۽ نحوي سٽاءَ جي ڀيٽ:

(الف) مٿي سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جي لغوي خزاني ۽ ماهرن طرفان سنڌو- ماٿر مان هٿ آيل مهرن جي پڙهڻين جي سلسلي ۾ ڏنل مثالن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته موجوده سنڌي ٻوليءَ جي لغوي خزاني ۽ دراوڙي ٻولين جي لغوي خزاني ۾ ڪافي هڪ جهڙائي نظر اچي ٿي، پر جيئن اڳ ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي ته صرف لغوي خزاني ۽ ساڳين ۽ هڪ جهڙن لفظن جي لڙهين کي دليل طور پيش ڪرڻ سان ائين ثابت نٿو ٿئي ته سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جي لغوي خزاني جي اهڙي هڪ جهڙائي يا انهن ٻولين ۾، ساڳيا ساڳيا لفط موجود هجڻ واري دعوا ڪرڻ سان ڪو ائين ثابت ٿو ٿئي ته انهن ٻولين جو صوتياتي، صرفيائي ۽ نحوي سٽاءُ هڪجهڙو آهي. ان لاءِ ته ٻولين جي مذڪوره سٽاءَ (صوتياتي، صرفيائي ۽ نحوي) جا ثبوت ڏيڻا پوندا؛ انهن جي سٽاءَ جي ڀيٽ ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن ڪن به ٻولين ۾ اهڙيءَ هڪ جهڙائيءَ جا ثبوت ملن ٿا ته پوءِ هيئن چئي سگهبو ته اهي ٻوليون ڪنهن هڪ ئي خاندان مان ڦٽي نڪتيون آهن، يا ته اهي ٻوليون هڪ ئي خاندان واريون ٻوليون آهن.

(ب) ڊاڪٽر ٽرومپ جي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جو وياڪرڻ‘ کان وٺي، ڊاڪٽر فيئر سروس جي 1992ع ۾ ڇپيل ڪتاب:  The Script of Indus Valley Civilization a report تائين، ماهرن جي راءِ ۾ اختلاف رهيو آهي، انهن ماهرن ۾ (سواءِ ڊاڪٽر ٽرومپ، ڪاڪي ڀيرومل، ڊاڪٽر ايس- آر- راءُ، ڊاڪٽر جيٽلي ۽ محترم محمد حسين پنهور جي) سڀ ماهر هن راءِ جا آهن ته: ”واديءَ سنڌ جي تهذيب، ’قديم- ڊرئوپدئين‘ (Proto-Dravidian) تهذيب آهي ۽ هن تهذيب ۾ رائج ٻولي به ’آڳاٽي- ڊراوڙي‘ (Proto-Dravidian) ٻولي ئي هئي. هن سلسلي ڌار ڌار ماهرن جا خيال هن ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن.

 هن کان اڳ اهو پڻ بيان ڪيو ويو آهي ته ’سنڌو-ماٿر‘ کي قديم زماني ۾، ’سئنڌُوَديش‘ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ان ديش جي رهاڪن کي ’سئنڌوُئي‘ سڏيندا هئا ۽ ان ديش جي ٻوليءَ کي به ’سئنڌُوَ/’سئنڌُئي‘ ڪوٺيندا هئا، هن ديش ۾ اڻيل ڪپڙي کي ’سندڻ‘ 317 چوندا هئا.

اڳين صفحن ۾ اهو به ثابت ڪيو ويو آهي ته ’سئنڌُئي لوڪ‘ ڪٿان ٻاهران لڏي ڪونه آيا هئا، پر هي ماڻهو، هن ئي سرزمين جا قديم ۽ اصلوڪا رهاڪو هئا. ’سئنڌُوئي لوڪن‘ جي ٻولي، ’سئنڌوئي‘ اُن زماني ۾ مکيه ڏهن لهجن ۾ ڳالهائي ويندي هئي. انهن مان هڪ گروهه قديم دراوڙي هئي، جنهن مان ڏکڻ هندستان جون سڀيئي دراوڙي ٻوليون ڦٽي نڪتيون. انهيءَ ڪري هن گروهه (قديم دراوڙي) کي، دراوڙي ٻولين جي ’ماءُ ٻولي/ ماتر ڀاشا‘(Parent language) تسليم ڪيو ويو اُهي، جنهن مان تامل، تيليگو، ڪَنڙ، ملايالم ۽ ٻيون دراوڙي ٻوليون ڦٽي نڪتيون.

بهرحال ڊاڪٽر جيٽلي يا سندس ٻيا هم خيال دوست اهو مڃين يا نه مڃين، پر هاڻ سنڌ، هند ۽ ٻين ملڪن ۾ سنڌي زبان جي عالمن جي اڪثريت هن راءِ جي آهي ته: سنڌي ٻولي ڪٿان ٻاهران آيل ڪنهن گروهه جي ٻوليءَ جي شاخ نه آهي پر دراصل سنڌي ٻوليءَ جون پاڙون، سنڌو- ماٿر جي قديم تهذيب ۾ ئي کُتل آهن، جيڪا تهذيب، آرين جي هن خطي ۾ اچڻ کان هزارين سال اڳ هڪ سڌريل، شاهوڪار ۽ مايدار تهذيب هئي. هن تهذيب ۾ رائج ٻوليءَ مان ئي، سنڌي ٻولي اُسري، وڌي ۽ ويجهي آهي. هن ٻوليءَ جي شاهوڪار هجڻ جو ثبوت اهو ’اَڻميو تهذيبي ۽ تمدني سرمايو‘آهي جنهن جا ثبوت ماهرن جي ڪڍيل نتيجن مان ملي رهيا آهن.

ماهرن جي لاءِ سوچڻ جهڙي ڳالهه هيءَ به آهي ته جيڪڏهن سندن خيالن پٽاندر، تهذيب ۽ تمدن ۾ تسلسل رهيو آهي ته، پوءِ ٻولي ۽ ان جي لغوي خزاني، شين، چئن، شڪيلن، گلن ٻوٽن، وڻن ٽڻن، جانورن ۽ ڏڻن وارن جي نالن ۾ تسلسل ڇو نه رهيو هوندو؟ اهو لغوي خزانو، ڪن تبديلين جي باوجود قائم ڇو نه رهيو هوندو؟

هن ڪتاب ۾ مثالن سان اهو به ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سنڌي ٻولي ۽ دراوڙي ٻولين جو لغوي خزانو، گهڻو ڪري ته هڪ جهڙو ئي آهي، پر انهن ٻولين جي صوتي، صرفيائي، نحوي ۽ معنوي سٽاءَ ۾ به لڳ ڀڳ هڪ جهڙي آهي.

پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب، پنهنجي مقالي بعنوان ’غلام علي الانا جو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد تي تبصرو‘ ۾، صفحي – 154 کان 172 تائين تبصرو ڪيل آهي، جتوئي سندس ڪتاب ’ويرون ۽ لهرون‘ (1993ع) ۾، منهنجيءَ راءِ سان اختلاف ڪيو آهي. آءٌ في الحال احترام طور پروفيسر صاحب جي راءِ تي ڪجهه به نٿو لکان، اهو پڙهندڙن تي ڇڏيان ٿو ته هو خود پڙهن ۽ پاڻ ئي فيصلو ڪن. هن ڪتاب جي ضخامت ۽ طوالت کان بچڻ لاءِ سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ ٻولي ۽ لهندي گروهه جي ٻين ٻولين مان سٽاءَ  جي هڪ جهڙائيءَ جا مثال نه ڏنا ويا آهن، نه ته، جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي ته ’سنڌي‘، ’لهندي‘ ۽ ’دراوڙي گروهه‘ جون ٻوليون، سنڌو- ماٿر جي ’سئنڌوَ/ سئنڌُوئي‘ ٻوليءَ جون شاخون آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ جي، جڏهن دراوڙي ٻولين تامل، تيليگو، ڪنڙ ۽ ملايالم- جي صوتياتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ سان ڀيٽ ڪجي ٿي تڏهن منجهن، يعني سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين ۾، انهن خصوصيتن جون بيشمار هڪ جهڙايون نظر اچن ٿيون ۽ هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ کي. آريائي ٻوليون سڏڻ سچ پچ ته هڪ ته تاريخي حقيقت کي لڪائڻو آهي ۽ ٻيو ته تاريخي حقيقت کي غلط نموني سان پيش ڪرڻو آهي يا ان کان انڪار به ڪرڻو آهي.

لهاذا هن چوڻ ۾ ڪو ئي به وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته سنڌي ٻولي، آريائي زبانن کان تمام آڳاٽي، موهن جي دڙي واريءَ تهذيب يعني سنڌو- تهذيب جي سئنڌُو/ سئنڌوُئي ٻولي آهي، جيڪا  موجوده دراوڙي گروهه جي ٻولين، سنڌي ۽ لهندي خاندان وارين ٻولين جو اصلي بڻ بنياد آهي، جيئن روسي، آمريڪي ۽ فنس (Finis) عالمن جو به رايو آهي. سئنڌُوَ/سئنڌُوئي ٻوليءَ تي آرين جي اچڻ کان پوءِ، آريائي ٻولين راجسٿاني ٻولين، گجراتي، ڪاٺياواڙي، ڪشميري ۽ داردي ٻولين يعني پراڪرت، پالي ۽ سنسڪرت ٻوليءَ جو به اثر ٿيو آهي. انهن اثرن جي باوجود ۽ هزارين سالن جي عرصي جي گذري وڃڻ کان پوءِ به، سنڌي ٻولي پنهنجي پراڻي ۽ اصلوڪي غير آريائي صوتياتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ ۾، سواءِ ڪنهن معمولي تبديليءَ جي، ڪا به بنيادي تبديلي ڪانه آندي آهي، البت پراڪرتي ٻولين جي لفطن ۽ ڌاتن جو وڏو ذخيرو، سنڌي زبان ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ انهن کي موجوده ٻوليءَ ۾ سڃاڻڻ به مشڪل ٿي پيو آهي. ڪيترائي پراڻا مقامي/ ديسي لفظ ۽ ڌاتو، متروڪ ٿي ويا آهن ۽ انهن جي جاءِ نون پراڪرتي ٻولين جي لفطن ۽ ڌاتن والاري آهي، پر اُنهن اُڌارن (تَتَسَمَ ۽ تدڀَوَ)  لفطن ۽ ڌاتن جي ڪري، ٻوليءَ جي ڍانچي يا سٽاءَ ۾ ڪو به فرق يا ڦيرو ڪونه آيو آهي، جيئن هن ڪتاب جي پڙهڻ سان اڳتي هلي معلوم ٿيندو. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:

”اهو مفروضو صحيح آهي ته آرين جي قبضي کان پوءِ، آرين جون ٻوليون، مقامي ٻولين تي اثر انداز ٿيون ۽ مقامي ماڻهن جي ٻولين ۾ سنسڪرت جا بيشمار لفظ شامل ٿي ويا، پر انهن ٻولين جي وياڪرڻ جو سٽاءُ، غير آريائي يعني ’سٿين‘ (Scythian)آهي، تنهن ڪري اها راءِ بلڪل درست پيئي نظر اچي ته اُهي مقامي ٻوليون آريائي نه، پر ’سٿين بنياد‘ سان واسطو رکن ٿيون. جن ۾ سنسڪرت جا انيڪ لفظ داخل ٿي ويا؛ پر ائين چوڻ درست نٿو لڳي ته اهي مقامي ٻوليون ڪو سنسڪرت مان ڦٽي نڪتل آهن. يا آريائي خاندان جي بنياد مان آهن.“318

ڊاڪٽر ڪالڊويل ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:

”ڪافي وقت تائين برهمڻن ۽ يورپ جي آڳاٽن عالمن اهو ڄاڻائيندي به، ته اُتر هندستان جي ٻولين ۽ دراوڙيءَ ۾ فرق آهي، اها دعوا ڪئي ته دراوڙي ٻوليون، سنسڪرت مان نڪتل آهن.“319

ڊاڪٽر ڪالڊويل اڃا به اڳتي لکي ٿو ته:

”پنڊتن، دراوڙي ٻوليءَ کي به دراوڙي – پراڪرت سڏيو آهي، پر پوءِ کين مڃڻو پيو ته دراوڙي ٻولي آريائي نه آهي. دراوڙي ٻوليون، وياڪرڻي سٽاءَ جي لحاظ کان ’سٿين ٻولين‘ ا وچ ۽ اُتر- ايشيا جي ٻولين سان نسبت رکن ٿيون.“320

اهي ئي ڳالهيون ۽ سبب هئا جو ڊاڪٽر ٽرومپ به مجبور ٿي، هن حقيقت کي قبول ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي، آريائي ٻولين جي شاخ نه پر ’تاتار خاندان‘  جي شاخ ۽ برصغير جي هڪ ’خودمختيار ٻوليءَ‘ طور تسليم ڪيو.

12 - سنڌيءَ ۽ دراوڙي ٻولين جي لفطن ۾ هڪجهڙائي:

هن کان اڳ، ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جي ڪتاب ’سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جي وچ ۾ لغوي ۽ وياڪرڻي هڪ جهڙائين جا ڪي حوالا ڏنا ويا آهن، ڊاڪٽر گدواڻي، پنهنجي انهيءَ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته:

”هن ڪتاب ۾ جيڪو مواد پيش ڪيو ويو آهي، تنهن جي اڀياس مان ثابت ٿو ٿئي ته موجوده معياري سنڌي ٻولي جيڪا هن وقت ڀارت ۽ پاڪستان ۾ لکي ۽ ڳالهائي وڃي ٿي، اُن (ٻوليءَ) پاڻ وٽ، وڏي انداز ۾ ’لغوي‘ (lexical) ۽ وياڪرڻي (grammatical) مواد (elements) محفوظ رکيو آهي، جيڪو دراوڙي ٻولين جي مواد سان هڪجهڙائي رکي ٿو. اها هڪ جهڙائي محض انهيءَ ڪري نه آهي جو ’سنڌي‘، ’برهوئڪي‘ ۽ ’اوڏڪيءَ‘ جي ڳالهائيندڙن جو هڪ ٻئي سان تعلق رهيو آهي، بلڪ اها هڪجهڙائي، دراوڙي ۽ سنڌي ٻولين ۾ هڪ جهڙائيءَ ڪري قائم رهي آهي.“ 321

هاڻ هيٺ ٻنهي خاندانن جي ٻولين (سنڌي ۽ دراوڙي) جي صوتياتي، صرفياتي ۽ وياڪرڻي هڪ جهڙاين جا ڪي مثال ڏجن ٿا ته جيئن مٿي ڪيل دعوا لاءِ ڪي دليل ملي سگهن.

صوتياتي هڪجهڙائي:

(الف) سنڌي، سرائڪي ۽ دراوڙي ٻولين جي صوتياتي سٽاءَ جي اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته انهن ٻولين ۾ آوازن جا قسم ۽ آوازن جا مخرج ۽ گروهه لڳ ڀڳ ساڳيا يعني هڪ جهڙا آهن. هت فقط سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جي هڪجهڙي صوتياتي نظام جا ڪي مثال ڏنا ويندا.322

(i) مورڌني آواز: سنڌي، لهندي ۽ دراوڙي ٻولين جي صوتياتي نظام جي هڪ خاص ۽ مکيه خصوصيت ’مورڌني آواز‘ آهن. جيتوڻيڪ هند- آريائي ٻولين، خصوصاً سنسڪرت جي صوتياتي نظام ۾ به مورڌني آواز ملن ٿا، پر هند آريائي ٻولين، اهي آواز برصغير ۾، مقامي ٻوليءَ کان اُڌارا ورتا آهن. جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي. 323هن آريائي ٻولين جي اڀياس مان اهو معلوم ٿيو آهي ته، ڪنهن به آريائي يا هند-آريائي ٻوليءَ جي پنهنجي اصلوڪي صوتياتي نظام ۾، مورڌني آواز جهڙوڪ ]ٽ، ٺ، ڊ، ڍ، ڻ ۽ ڙ[ موجود نه آهن. پر ٻاهران آيل هند-آريائي ۽ مقامي ٻوليءَ جي ميل جول جي ڪري مقامي ٻوليءَ/ ٻولين جون خصوصيتون، جن ۾ مورڌني آوازن جو شامل ٿيڻ به اچي وڃي ٿو، سنڌو-ماٿر ۾ ٻاهران آيلن جي ٻوليءَ ۾ داخل ٿي ويا.324 اهي مورڌني آواز ۽ انهن جا صوتيه، آريائي ٻولين، جهڙوڪ، گريڪ، لئٽن، گاٿڪ، ڪيلٽڪ ۽ فارسيءَ مان، ڪنهن به هڪ ۾ نٿا ملن. ٻئي طرف سنڌو-ماٿر جي سئنڌُوئي ٻولين جهڙوڪ: سنڌي، دراوڙي ۽ لهندي ٻوليون جيڪي خودمختيار ٻوليون هيون ۽ آرين جي اچڻ کان اڳ، برصغير جي وڏي حصي تي ڇانيل هيون، انهن جي صوتياتي نظام ۾ مورڌني آواز شامل هئا. هن ڏس ۾ ڊڪاٽر ٽرومپ لکي ٿو ته:

"One of the most striking of these provincial peculiarities is the fondness of the Sindhi for cerebrals. This Language has preserved the harder point of contact, and has not followed itself, to be weak and soft."325

(ii) گهُڻا آواز (Nasal Sounds): سنڌي، دراوڙيءَ ۽ لهندي ٻولين ۾، ’گهڻن آوازن‘ جا پنج مخرج آهن. انهن مخرجن وٽان جيڪي گهڻا آواز اُچارجن ٿا، اُهي هي آهن: ]م، ن، ڻ، ڃ ۽ ڱ[ سنسڪرت ۽ ٻين آريائي ٻولين ۾، گهڻا آواز ٻه آهن، اُهي آهن: ]م ۽ ن[ 326 البت انگريزي ٻوليءَ ۾ ]ڱ[ ۽ لئٽن ۾ ]ڃ[ آواز موجود آهن.327 سنسڪرت جي لپيءَ (الف-ب) ۾، مقامي (غير آريائي) ٻولين جي اثر کان ’ڻ، ڃ ۽ ڱ‘ ’حرف‘ (graphemes) داخل ڪيا ويا آهن.

سنڌي وياڪرڻ جي ماهرن کي اها خبر آهي ته، سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي نظام ۾، وينجنن کان سواءِ ’سُرَ به گهڻا‘ (nasal vowels) ٿيندا آهن، يعني سنڌيءَ جي صوتياتي نظام ۾، ’صاف سُر‘ (Non-nasal vowles) به ٿيندا آهن ته ’گهڻا سُر‘ به ’گهڻا سر‘ ڌار صوتين طور به ڪم ايندا آهن؛ مثال طور:

صاف سر صوتيه

گهڻا سُر صوتيه

صاف سر صوتيه

گهڻا سُر صوتيه

سا

سان

آهي

آهين

اَسِي

اَسين

اوُ

اُون

آڌي

آنڌي

جُو

جُون

آريائي ٻولين ۾، خاص ڪري فارسيءَ ۾ گهڻا سُر محسوس ڪجن ٿا پر تجزئي مان معلوم ٿيو آهي ته انهن سرن ۾ ’گهڻائڻ واري خصوصيت‘ (nasalization) اسان جي اچارڻ جي عادتن جي ڪري، اچاربي آهي، پر دراصل فارسي زبان جا اَهل، زبان اهڙا سُر گهڻو ڪري ڪونه اچاريندا آهن؛ مثال طور:

فارسي لفظ جو اُچار

سنڌي ماڻهن طرفان اُچار ڪرڻ

چنان: چنانچه

چُنان

چُني

چنين

چون: چونکه

چون

اهو به نوٽ ڪرڻ گهرجي ته فارسي زبان جي انهن مثالن ۾، ’گهڻا سر‘ الڳ صوتين طور ڪم نه ايندا آهن، جيئن سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي نظام ۾ اهي استعمال ٿيندا آهن.

(iii) اَوسرگائي: سنڌي، سرائڪي ۽ دراوڙي ٻولين جي هڪ ٻي خصوصيت ’اوسرگائي‘ به آهي.328 هن ڏس ۾ ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو ته:

”دراوڙي ٻولين ۾ ’وسرگ‘ يعني ’هه‘ جي اچار وارا اکر ڪينهن، پر آرين جي سنسڪرت توڙي پارسين جي ’زند اَويستا‘ ۾ آهن، آرين جي سنگ ۾، دراوڙ لوڪ سنسڪرت سکيا، پر پورا اچار ڪرڻ نه ايندا هُئن، جنهن ڪري وسرگ اکر مان، بنيادي اکر ڪڍي، باقي ’هه‘ جو اُچار پچائيندا هئا. اهو رواج پوءِ پراڪرت ۾ اهڙو زور ٿيو جو پراڪرت ڳالهائيندڙن اهڙن اکرن کي ڄڻ ته مرڪب اکر ڪري ٿي ليکيو. خود سنسڪرت ۾ ڪن لفظن جي حالت ۾ ائين ٿيو.

اهڙيءَ طرح دراوڙي ٻولين جو اهو اثر سڄيءَ سنڌي ٻوليءَ تي ظاهر بيٺو آهي، پر لاڙ جي ماڻهن جي ملبار طرف جي دراوڙن سان لهه وچڙ پوءِ به هلي آئي ۽ اڄ تائين هلي اچي. ماڃر ذات جا مهاڻا جي اصل ملبار طرف جا آهن، سي جهجهي تعداد ۾ هئا ۽ اڄ تائين لاڙ ۾ آهن، ته سڀاويڪ طرح دراوڙي ٻولين جو لاڙيءَ تي ڪجهه سرس اثر ٿيو.“329


 


314  سنڌي زبان ۾ ’ڏانڊيو ناچ‘ ’تنداوا ناچ‘ ج نعمل البدل آهي.

315  ٿي سگهي ٿو ته، اهو ڪنڀر جو ’چڪ‘ نه هجي، پر نار جو اهو حصو آهي، جنهن کي ’چَڪر‘ چئبو آهي. ڍڳو جڏهن ته زرخيزيءَ ۽ ۽ آباديءَ/ زراعت جي علامت آهي، ته نار به آبادي ۽ زرخيزيءَ/ زراعت سان واسطو رکي ٿو. ڍڳو، نار ۾ وَهندو آهي ۽ نار جي ڇَٽَ يا چڪر (ڀانڊي) کي ڦيرائيندو آهي، جنهن ڪري، مالهه ۾ ٻڌل لوٽن يا ڪنگرن/ ڪنگرين جي مدد سان پاڻي مٿي اچي، نيسار ۾ ڪرندو آهي، جو ٻنين کي آباد ڪندو آهي. ’چڪر‘، نار جو نشان آهي. هن راءِ جي تصديق لاءِ ڏسو ڊاڪٽر پرپولا جي رپورٽ(2) جو صفحو 21 ۽ پئراگراف 2

316  سراج: مقالو: ’سنڌي ٻولي‘ هلالِ پاڪستان جو ماهوار نمبر، سيپٽمبر 1983ع، ص ص 11-17

317  آصف خان: پنجابي بولي دا پچهوکڙ، ص ص 5، 22، 69، 74، 75، 76

318  Caldwell, R., Dr., Op.Cit., introduction. P. 58

319   Ibid. P.58

320  Caldwell, R., Dr., Op. Cit., Introduction. P.4

321 Parso, Gifwani, Dr. Similanities in Sindhi and Dravidian languages, Op. Cit., preface, P-III&V, VI.

322  سنڌي ۽ سرائڪي صوتياتي سٽاءَ جي ڀيٽ لاءِ ڏسو: الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، ڄامشورو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1995ع، ص ص 156 کان 187 تائين

323  Caldwell, R., Dr., Op.Cit., Introduction. P. 4

324  Ibid., PP. 32 & 69

Also see: Hiremath, R.C., Dr., The Genesis and Groth of Dravidian , Trivandrum, Dravidian Linguistic Association, Publication No: 39, 1984, P. 168 & 218 & 219

325  Trumpp, E., Dr., Op.Cit.., P. 44

326  Ibid., P.217

327  Jones, D.,

328  ڀيرومل، آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، حوالو ڏنل آهي، ص 125-127

329  ڀيرو مل، آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، حوالو ڏنل آهي، ص 125-127

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com