سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :29

سرائڪي، سنڌي، ڪشميري، داردي، گجراتي، مارواڙي ۽ دراوڙي ٻولين جي ضميري پڇاڙين (ضمير متصل) جي، اسمن، حرف جرن ۽ فعل سان استعمال جي، جڏهن ڀيٽ ٿي ڪجي ته معلوم ٿو ٿئي ته:

(i) سنڌي، سرائڪي ڪشميري، داردي، گجراتي، مارواڙي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ ضميري پڇاڙين جي استعمال واري سٽاءَ بلڪل ساڳي آهي، جيئن اڳ ۾ پئرا 10 ۾ الف ۽ ب هيٺ مثال ڏيئي ثابت ڪيو ويو آهي.

(ii) پنج هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي گذري وڃڻ جي ڪري، ۽ ان کان سواءِ دراوڙي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪنهن به قسم جو لاڳاپو ۽ رابطو نه رهڻ ڪري، ٻنهي گروهه وارين ٻولين جي بنيادي لفظن ۽ لغوي خزاني ۾ ضرور فرق آيو آهي، تنهن هوندي به، سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي، ڪڇي، ٿري، لاسي، شڪارپوري، ماٿيلي ۽ اُٻاوڙي وارن لهجن ۾، ضميري پڇاڙين ۽ بنيادي ضميرن جو استعمال لڳ ڀڳ ساڳيو آهي، خاص ڪري لاڙي، ڪڇي، لاسي، ڪوهستاني ۽ ٿري لهجن ۾ متڪلم واحد، متڪلم جمع ۽ حاضر واحد سان ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيون اُهي ئي ساڳيون آهن. جيڪي دراوڙي (تامل، تيليگو ۽ ڪنڙ) ٻولين ۾، ڊاڪٽر ڪالڊويل جي ڪتاب جي حوالي سان ڏٺيون ويون آهن.

(iii) دراوڙيءَ ٻوليءَ (تامل) ۾، ضميري متڪلم واحد جي ضميري پڇاڙي ’-اين (-en)‘ آهي. سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي، ڪڇي، ٿري ۽ لاسي لهجن ۾ به ضمير متڪلم واحد سان، ’-اين(en)‘ ضميري پڇاڙي ملائي ويندي آهي؛ جيئن:

معياري اُچار   لاڙي، ڪڇي، ٿري ۽ لاسي اُچار

هلان ٿو                هَلَئين تو/ هَلين تو.

لکان ٿو                لکَئين تو/لکين تو.

انهن مثالن ۾ ’هَلئين،لکئين، هلين ۽ لکين‘ فعل آهن ۽ ’هَل ۽ لک‘ انهن جا ڌاتو آهن.’آ‘ زمان مضارع جي نشاني آهي ۽ -’اين‘ ضمير متڪلم واحد جي ضميري پڇاڙي آهي؛ تنهنڪري گردان جي صورت هن طرح وڃي بيٺي آهي.

هَلُ+آ+اين=هَلَئين

ٻئي مثال ’هلين‘ ۾ زمان مضارع واري نشاني حذف ٿي ويئي آهي. اهڙيءَ طرح ’لکَئين‘۽’لکين‘ فعلن جي ڇنڊڇاڻ ڪبي.

(iv) اڳ ۾ دراوڙي ٻولين جي تيليگو شاخ جا مثال ڏنا ويا آهن، انهن مثالن جي ڇنڊڇاڻ مان پتو پوي ٿو ته، تيليگو ٻوليءَ ۾ ضمير متڪلم جمع لاءِ ڪم ايندر ضميري پڇاڙيءَ ’-نون‘ سان، هُوبهو هڪ جهڙائي رکي ٿي؛ مثال طور:

معياري اُچار           لاڙي، ڪڇي، ٿري ۽ لاسي اُچار

اسان کي ٻُڌن ٿا               ٻُڌَنُون تا.

اسان کي چون ٿا.              چُونون تا.

اسان کي خط لکن ٿا. خط لکنُو تا.

(V) هن سلسلي جا وڌيڪ مثال هيٺ ڏجن ٿا:

ضمير

ضميري پڇاڙي

معياري اُچار

لاڙي،ڪڇي،ٿري ۽ لاسي اُچار

متڪلم واحد

- اين

ڏسائين ٿو

ڏِسَئين/ڏَسيِن تو

حاضر واحد

- اين/-اين

ڏسين ٿو

ڏِسين تو

 

ڏسين ٿو

 

 

ءِ/ني

ڏسَئه ٿو

ڏِسَني نو

 

-ني

ڏَسَنِي ٿو

 

 

ءِ/-اي

ڏَٺَءِ

ڏِٺي

حاضر جمع

- نا

توهان کي چيم

چوم نا

 

 

توهان کي ڏسندو

ڏسندو نا

 

 

توهان کي ڏسي ٿو

ڏِسان تو

هنن مثالن جي، تامل، تيليگو ۽ ڪنڙ ٻولين ۾ رائج ضميري پڇاڙين سان، ڀيٽ ڪرڻ سان، ثابت ٿو ٿئي ته تامل ٻوليءَ جي حاضر واحد ’اي‘ (ei) ضميري پڇاڙي، سنڌي ٻوليءَ جي ضمير حاضر واحد جي ’ءِ‘ ضميري پڇاڙيءَ سان نسبت رکي ٿي.’ءِ‘ ضميري پڇاڙيءَ جو اُچار، معياري سنڌيءَ کان سواءِ، ٻين لهجن ۾ به موجود آهي، البت ’ءِ(اِ)‘ کي ڊگهو ڪري ’ئي‘ اُچاريو ويندو آهي.

اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ ضمير متڪلم واحد جي ضميري پڇاڙي –’اين‘، تامل ٻوليءَ جي ضمير متڪلم واحد ’اِين‘ (en) سان هڪ جهڙائي ڏيکاري ٿي. ساڳيءَ طرح تيليگو ٻوليءَ جي ضمير متڪلم جمع جي ضميري پڇاڙي ’-نون‘ (nun)، سنڌي ٻوليءَ جي ضميري پڇاڙي ’-نُون‘ (جيئن هُو اسان کي نه ڏسي!= هُو نه ڏسنُون) جي برابر آهي.

بلڪل ساڳيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جي ضمير حاضر واحد جي ضميري پڇاڙي –’ني‘ ۽ ضمير حاضر جمع جي ضميري پڇاڙي-’نا‘، ’تامل‘،’تيليگو‘ ۽ ’ڪنڙ‘ ٻولين جي ضمير حاضر واحد ۽حاضر جمع جي فاعلي روپن’ني‘۽’نُم‘سان برابري رکن ٿيون.

انهيءَ مطالعي مان اهو به ثابت ٿيو آهي ته سنڌيءَ جي معياري، لاڙي ۽ ڪڇي وغيره لهجن ۾، ضمير حاضر واحد ۽ حاضر جمع لاءِ ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيون ’وَ‘، تيليگو ٻوليءَ جي ’vi‘پڇاڙين سان هڪ جهڙائي رکن ٿيون.

(v) ٻٽا ضمير متضل/ٻٽيون ضميري پڇاڙيون:

سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻٽيون ضميري پڇاڙيون (ٻٽا ضمير متصل) به عام طور ڪم اينديون آهن. هن ڏس ۾ ’ماٿيلي-اُٻاوڙي جي ٻولي‘ ڪتاب جو مصنف، پروفيسر شيخ محمد فاضل لکي ٿو ته:

”هن سلسلي ۾ فعل جو ’ٻٽيون متصل ضميري پڇاڙيون‘ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، ڇو ته ’هند- آريائي ٻولين‘ جو تقابلي مطالعو ڪندي، لسانيات جي ماهرن جو ڌيان هميشه سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ امتيازي خصوصيت ڏانهن ڇڪجي پئي ويو آهي.“469

 

پروفيسر شيخ محمد فاصل، محترم شيخ واحد بخش جي حوالي سان، ٻٽين ضميري پڇاڙين کي، سنڌي ٻوليءَ جي امتيازي صفت ڄاڻايو آهي. هُو (شيخ محمد فاضل)، محترم شيخ واحد بخش جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته:

”بعضي فعل ۾ خود فاعل ۽ مفعول، ٻنهي جو مفهوم سمايل هوندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻٽيون ضميري پڇاڙيون به استعمال ٿينديون آهن. جا سنڌي ٻوليءَ جي هڪ امتيازي صفت آهي، ۽ انهيءَ استعمال سان عبارت کي يعني ننڍو ڪري سگهجي ٿو.“470

 

پروفيسر شيخ محمد فاصل طرفان ٻٽين ضميري پڇاڙين (ٻٽن متصل ضميرن) کي، سنڌي ٻوليءَ جي امتيازي خصوصيت سڏڻ مان سندس، پسپرده، مراد هيءَ آهي ته جيڪي ڪجهه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چيو آهي، (اهو عربي زبان جو اثر آهي) سو اکيون پوري قبول ڪجي، ٻٽيون ضميري پڇاڙيون  يقيناً، سنڌي ٻوليءَ جي امتيازي خصوصيت آهن، پر اهو هرگز قبول ڪري نٿو سگهي ته اها خصوصيت سنڌي زبان جي پنهنجي اصلوڪي، يعني ديسي خصوصيت نه آهي، پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ موجب سنڌي ٻوليءَ ۾ هر ڪا خصوصيت (ڇوٽن سرن، اعرابن جي استعمال، ضميرن جو استعمال، حرف جر ۽ لغوي خزانو ۽ ٻوليءَ جي معياري حيثيت) عربي زبان ۽ عربن جو سنڌ وارن ۽ سنڌي زبان تي احسان آهي، ڊاڪٽر صاحب جو خيال آهي ته سنڌي وياڪرڻ جي هيءَ خصوصيت يعني ٻٽيون ضميري پڇاڙيون به عربي زبان جي اثر ڪري، سنڌيءَ ۾ داخل ٿيون آهن. ڊاڪٽر صاحب جي هيءَ دعوا هرگز قبول ڪري نه ٿي سگهجي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:

 

”فعل جون ٻٽيون متصل ضميري پڇاڙيون، جنهن مڪمل صورت ۾ سنڌيءَ ۾ رائج آهن، اهڙيءَ طرح اهي ٻي ڪنهن به هند- آريائي ٻوليءَ ۾نٿيون ملن. اهي ’ٻٽيون متصل‘ پڇاڙيون غالباً سڌو سنئون عربيءَ مان، يا عربيءَ مان فارسيءَ ذريعي، سنڌيءَ ۾ رائج ٿيون. ڄاڻڻ گهرجي ته اڪيليون ’متصل ضميري پڇاڙيون سنسڪرت ۾ ملن ٿيون، جن جو مثال سنڌي ۾ ٿيندو ’چيم‘ (مون چيو)، ماريوسون (اسان ماريو)، پر سنڌي ۾ انهيءَ ترڪيب جي پويان، ٻي ٻٽي پڇاڙي پڻ رائج آهي، جيئن ته ’چيمس يا چيومانس‘ (مون هن کي چيو) ’ماريوسونس‘ (اسان هن کي ماريو). ٻٽين ضميري پڇاڙين جو اهو نظام عربيءَ جي خصوصيت آهي.“471

 

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هيءَ دعوا انهيءَ ڪري قبول ڪري نٿي گهجي جو، ڊاڪٽر صاحب جيڪڏهن سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جي متصل ضميرن/ ضميري پڇاڙين جو تقابلي مطالعو ڪري ها ته ضرور قبول ڪري ها ته اڪيليون متصل ضميري پڇاڙيون يا ٻٽيون ضميري پڇاڙيون، سنڌي ٻوليءَ جون پنهنجون وياڪرڻي خصوصيتون آهن. ائين بلڪل صحيح آهي ته سنسڪرت ۾ به اڪيليون متصل ضميري پڇاڙيون ملايون وينديون آهن، پر جيئن اڳ ۾ پئرا ڏهينءَ هيٺ وضاحت سان چيو ويو آهي ته ضميري پڇاڙيون ملائڻ وارو قانون، سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ هڪ جهڙو آهي، يعني سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ ضميري پڇاڙيون ملائڻ جي سٽاءَ، ساڳي آهي، تنهن ڪري اها دعوا ڪري سگهجي ٿي ته سنڌي، لهندي، ڪشميري، داردي وغيره ٻولين ۾، ٻٽين ضميري پڇاڙين جو استعمال، سنڌوُئي ٻولين جي پنهنجي امتيازي خصوصيت آهي، اها خصوصيت، سنڌو-ماٿر ۾ ئي، هن ٻوليءَ واري گروهه ۾ پيدا ٿي هئي، ۽ نه ڪِه ڪنهن ٻاهرينءَ ٻوليءَ (عربيءَ) جي اثر جي ڪري پيدا ٿي آهي.

ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هن دعوا ۾ (صفحي 63) تي ائين به فرمايو آهي ته:

اهي ’ٻٽيون متصل‘ پڇاڙيون، غالباً سڌو سنئون عربيءَ مان يا عربيءَ مان فارسيءَ ذريعي سنڌيءَ ۾ رائج ٿيون.

هن ڏس ۾ جڏهن فارسي زبان ۽ سنڌي زبان ۾ رائج ٻٽين ضميري پڇاڙين جو جائزو وٺجي ٿو ته معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي زبان ۾، فارسي زبان جي ڀيٽ ۾ ٻٽين ضميري پڇاڙين جو ذخيرو تمام گهڻو استعمال ٿئي ٿو. هيٺ سنڌي زبان جي انهيءَ ذخيري مان ڪي مثال ڏجن ٿا.

ضمير

ضميري پڇاڙي

معياري اُچار

لاڙي،ڪڇي،ٿري ۽ لاسي اُچار

حاضر واحد

-ءِ/ني

چيومانءِ     (مون توکي چيو)

چوم ني/ چيوم ني

 

 

ڏٺومانءِ      (مون توکي ڏٺو)

ڏٺوم ڏني

 

- ايِن

ڏٺائين        (هن توکي ڏٺو)

ڏٺو ني

 

 

ڏسندُءِ/ڏسندوءِ(هو توکي ڏسندو)

ڏسندو ني

 

- اين/ني

اچانئين       (آءٌ تو وٽ اچان)

اَچان ني

 

 

ڪتاب آندائينوَ

هُن ڪتاب آندوني

 

 

 (هن تنهنجي لاءِ ڪتاب آندو)

 

 

 

ڏسندو هوندءِ

ڏسندو هوندو ني

حاضر جمع

 

       (هو توکي ڏسندو هوندو)

 

 

وَ/نا

خط لکندووَ

خط لکندو نا

 

 

     (هُو توهان کي خط لکندو)

 

 

 

ڏسندوَ/ڏسندووَ

ڏسندو نا

 

 

         (هو توهان کي ڏسندو)

 

 

نا

ڏسَنَوَ ٿو

ڏسنان تو

 

 

       (هُو توهان کي ڏسي ٿو)

 

 

نا،وَ

سڏينَوَ ٿو

سڏينا تو

 

 

       (هو توهان کي سڏي ٿو)

 

 

 

چَيَمَ وَ   (مون توهان کي چيو)

چوم نا

 

 

دوست آيُوَ

دوست اَيو نا

 

 

         (توهان جو دوست آيو)

 

 

 

ڏيکاريومانس

ڏيکاريومينس

غائب واحد

 

        (مون هِن کي ڏيکاريو)

 

 

س

چونداسونس

چونداسونس

غائب جمع

 

      (اسين هن کي چونداسين)

چونداسيِنس

 

نِ

چيوماننِ    (مون هنن کي چيو)

چومانِ

 

 

چيوسوننِ  (اسان هنن کي چيو)

چوسيِنِ

 

 

چونداسونن

چُونداسينِ

 

 

    (اسين هنن کي چونداسين)

 

پر فارسيءَ ۾ ٻٽن متصل ضميرن جا ايتري وڏي ذخيري جا مثال نٿا ملن ڪجهه مثال هي آهن:

گفتم  =          مون چيو

گفتمش=          مون هن کي چيو.

لهاذا ٻٽين ضميري پڇاڙين جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌيءَ توڙي دراوڙي ٻولين جي گروهه ۾، انهن پڇاڙين جو استعمال هڪ جهڙو آهي، البت هن سلسلي ۾ انهن ٻولين جي تقابلي ۽ گهري مطالعي کان پوءِ تمام گهڻي معلومات ملي سگهندي، اُن لاءِ ڀارت جي اُنهن سنڌي ماهرن کي توجهه ڏيڻ گهرجي جيڪي دراوڙي ٻوليون به ڄاڻن ٿا.

(س) زمان حال:

(i) دراوڙي ٻولين (ڪنڙ) ۾ زمان حال، اسم حاليه مان ٺهندو آهي. اسم حاليه جي پويان، ضميري پڇاڙيون ملائڻ سان، زمان حال ٺهندو آهي انهن ٻولين ۾ اسم حاليه ٺاهڻ لاءِ، ڌاتوءَ جي پويان ut- پڇاڙي ملائي ويندي آهي؛ مثال طور:473  472

 

bal-uta                'living'

mad-utta      'making'

od-ute         'reading'

زمان حال جو مثال:

mad-utt'ene 'Ido'

(ii) سنڌي ٻوليءَ ۾ زمان حال، اسم حاليه مان نه، پر مضارع جي صيغي جي پويان ’ٿو‘،’ٿا‘،’ٿِي‘ ۽ ’ٿيون‘ نشانيون ملائڻ سان ٺهندو آهي. مثال طور: 474

 

مضارع                زمان حال

آءٌ هلان.                آءٌ هلان ٿو/ آءٌ هلان ٿِي.

اسين هلون.    اسين هلون ٿا/ اسين هلون ٿيون.

مان لکان.      مان لکان ٿو./ مان لکان ٿي.

تون لکين.     تون لکين ٿو./ تون لکين ٿي.

البت سنڌيءَ ۾ زمان حال مدامي، اسم حاليه جي پويان، فعل معاون ملائڻ سان، ٺهندو آهي؛ مثال طور:

اسم حاليه      زمان حال مُدامي

هلندو          هلندو آهي.

                هلندي آهي.

                هلندا آهن.

                هلنديون آهن.

اهڙيءَ طرح سنڌيءَ ۾ زمان حال متشڪي به اسم حاليه جي مدد سان ٺهندو آهي.

(ش) اسم مفعول:

(i) دراوڙي ٻولين ۾ اسم مفعول، فعل جي ڌاتوءَ جي پويان، زمان ماضيءَ جي نشاني ملائڻ سان ٺهندو آهي. ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:475

 

"The Tamil pretrite verbal participle expresses by itself the past tense of the verb"476

 

 سنڌي ٻوليءَ ۾ به اسم مفعول ٺاهڻ لاءِ، ڌاتوءَ جي پويان، زمان ماضيءَ جي نشاني ملائي ويندي آهي؛ مثال طور:

لِکُ + يو = لکيو

(ii) سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اسم مفعول جا ’ٽي روپ‘ (صورتون) آهن. انهن مان ٻه روپ اهڙا آهن جيڪي سنڌي وياڪرڻ جي اصولن موجب ٺهندا آهن. اهي اصول هن طرح آهن:

(i) هڪڙو اصول اهو آهي جنهن موجب فعل جي ڌاتوءَ جي پويان- آل يا –يَل پڇاڙي ملائي ويندي آهي؛ جيئن:

فعل جو ڌاتو  +       ماضيءَ جي علامت = اسم مفعول

لِکُ          +                يَل          =  لکيل

پَڙههُ          +                يَل          =  پڙهيل

(ii) ٻيو اصول اهو آهي جنهن موجب فعل جي ڌاتوءَ جي پويان – يو پڇاڙي ملائي ويندي آهي؛ جيئن:

فعل جو ڌاتو  +       ماضيءَ جي علامت = اسم مفعول

لِکُ         +        يَو            لکيو

پَڙههُ         +        يَو            =  پڙهيو

اسم مفعول جو هي قسم، دراوڙي ٻولين جي اسم مفعول جي ساخت واري اصول سان هڪ جهڙائي رکي ٿو.

(iii) اسم مفعول جو ٽيون قسم اهو آهي جنهن مان پتو پوي ٿو ته ڪي اسم مفعول مٿي بيان ڪيل ٻين اصولن يا قانونن موجب نٿا ٺهن، پر هن قسم وارن اسم مفعولن لاءِ، فعل جي ڌاتوءَ جي آخري صوتيه کي، پهرين ڪنهن ٻيءَ صوتيه ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي، ۽ پوءِ اُن نئين ٺهيل صورت (ڌاتوءَ) جي پويان ڪن حالتن ۾ ’-او‘ پڇاڙي، ته ڪن حالتن ۾’-اَل‘ پڇاڙي ملائي ويندي آهي؛ مثال طور:

(a) او پڇاڙي/ علامت ملائڻ سان:

فعل جو ڌاتو

ڌاتوءَ جي آخري صوتيه ۾ تبديلي

علامت/پڇاڙي

اسم مفعول

 ڏِس

س<ٺ= ڏٺ  +

 - او

= ڏِٺو

 لَهه

 هه<ٿ= لَٿ +

 - او

= لَٿو

 بِهه

 هه<ٺ= ڊَٺ  +

 - او

= ڊاٺو

 پچ

 چ<ڪ= پَڪ  +

 - او

= پَڪو

(b) اَل پڇاڙي/ علامت جي آخري صوتيه:

فعل جو ڌاتو<

ڌاتوءَ جي آخري صوتيه ۾ تبديلي

علامت/پڇاڙي

اسم مفعول

 ڏِس<

س<ٺ= ڏٺ  +

 - ال

= ڏِٺل

ڊهه<

 هه<ٺ= ڊَٺ +

 - ال

= ڊَٺل

 پڇ<

چ<ڪ= پَڪ  +

 - ال

= پَڪَل

آڻ<

ڻ<ن=آند +

 - ال

= آندل

(ص) زمان ماضي:

دراوڙي ٻولين ۾، زمان ماضي، اسم مفعول مان ٺهندا آهن. اسم مفعول جي ترڪيب (صورت) جي پويان، ضميري پڇاڙيون ملائڻ سان زمان ماضي مطابق ٺهندو آهي. سنڌيءَ ۾ به زمان ماضي اسم مفعول مان ٺهندو آهي؛ جيئن: 478  477

اسم مفعول +

ضميري نشاني

زمان ماضي مطلق

لکيو+

+ -م

= لکيوم<لِکيُم

ڊوڙيو+

+ سِ

= ڊوڙيوس<ڊوڙيُس

لکيو+

+ ءِ

=لکيوءِ<لکُيءِ

لکيو+

+ وَ

= لکيووَ<لِکيو

پر جيڪڏهن ضمير متصل جي بدران، فاعل جي جاءِ تي ضمير متفصل  ڪم آڻبو ته پوءِ زمان ماضيءَ جو ڦيرو هيئن ٿيندو:

مون لکيو.     اسان لکيو.

تو لکيو.               توهان لکيو.

هُنَ لکيو.              هنن لکيو.

(ض) اسم ذات:

(i) دراوڙي ٻولين (تامل) ۾ اسم ذات، '-am' ۽ ٻيون پڇاڙيون ملائڻ سان ٺاهيا ويندا آهن، يعني ته ’اسم ذات‘، ٻين ’ڌاتن‘ مان جُڙندا/ مشتق ٿيندا آهن. پڇاڙي ملائڻ وقت، ڪڏهن ڪڏهن ڌاتوءَ جو وينجن مشدد ڪيو ويندو آهي. اسم ذات جي ٺهڻ/ جُڙڻ جا ڪي مثال هي آهن:479

 

ڌاتو (مثال)

+ پڇاڙي =

اسم ذات

 

Mag

= -a

Mag- a

'a child'

Karu'black'

= -i

Kar- i

'charcoal'

Kiru 'giddy'

= -kku

Kir-kku

'craziness'

Paru 'to expond'480

= -tti

Paru-tti

' cotton'

Sev'red'

= -ppu

Seva-ppu

' redness'

Par-u 'old481

= -am

Par-am

'a ripe fruit'

(پڙُ) 'mature'

پَڙَ- اَم

 

Par-u 'large'

= -kkei

Paru- kkei

'a pebble'

 

 

 

'a grain of rice'

(ii) سنڌي ٻوليءَ جي علم صرف جي اڀياس کان پوءِ، سنڌيءَ ۾ ڪيتريون ئي پڇاڙيون ملن ٿيون، جيڪي دراوڙي پڇاڙين سان هڪ جهڙائي رکن ٿيون، ۽ جن جي مدد سان اسم ذات ٺهن ٿا؛ مثال طور:482

 

ڌاتو  +

پڇاڙي  =

اسم ذات

اَچ (آءٌ)

- تَ     =

اَوَتَ

سائو+

- ڪَ    =

ساوَڪَ

ڏاهو+

- پَ    =

ڏاهَپَ

سياڻو+

- پَ   =

سياڻَپَ

(iii) دراوڙي ۽ ڪورئين ٻولين ۾ هڪ جهڙائيءَ جو مثال ڏيندي، ڊاڪٽر هيريماٿ لکي ٿو ته:

”دراوڙي ۽ ڪورئين ٻولين ۾ ڪيترائي ڌاتو (roots) اسم طور به ڪم ايندا آهن ته فعل طور به: سنڌيءَ ۾ اهڙي هڪجهڙائي جا ڪئين مثال ملن ٿا؛ مثال طور:485

 

سنڌي لفظ

دراوڙي لفظ

انگريزي لفظ

ڪوٺي(room/house)

Kudi

house

اَبو، ابا

Appa

father

تارون(palate)

Talai

head

  تَبئو(warm)

Ti

fire

 ڀاڳ(share)

Pegu

to divide

 پڌرو ڪرڻ(to disclose)

پڌر

spread

ط – اسم فاعل

سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اسم فاعل، دراوڙي ٻولين جي اسم فاعل واري اصول موجب ٺهندا آهن؛ مثال طور:

(i) دراوڙي ٻولين ۾ اسم فاعل ٺاهڻ جو هڪ اصول هي آهي ته فعل جي ڌاتُوءَ مان، فعل جي ڪارج يا استعمال مطابق اسم فاعل ڦٽي نڪرندا آهن؛ مثال طور:483

 

فعلي ڌاتو

اسم فاعل

'the ground'

nil 'to stand'

Nilam

'cultivated'

(نَڊُ)nadu 'to plant'

Nadu(ناڊُ)

'a fish'

minu 'to glitter'

Min

'a star'

(ii) سنڌي ٻوليءَ ۾ به، ساڳيءَ طرح ڪيترائي اسم فاعل، انهيءَ اصول موجب، فعلن مان ڦُٽي نڪتا آهن؛ جيئن:

فعلي ڌاتو

اسم فاعل

فعل ڌاتو

اسم فاعل

رَک

رَکَ

ٽُهه

ڏوڀ

ڍَڪ

ڍَڪَ، ڍاڪُو

مارِ

مارَ

پوک

پوکَ

ڪُسُ

ڪوس

سُڪ

سوڪ

 

 

(iii) دراوڙي ٻولين ۾ اسم فاعل ٺاهڻ جو ٻيو قاعدو هي آهي ته، ’يڪپدي‘ (monosyllabic) فعلي ڌاتوءَ جي ’ڇوٽي سر‘ (short vowel) کي، ’ڊگهي سر‘ (long vowel) ۾ تبديل ڪري، اسم فاعل ٺاهيو ويندو آهي؛ سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ به فعلي ڌاتن مان اسم فاعل، ساڳئي (دراوڙي اصول) اصول موجب ٺهندو آهي؛ مثال طور:484

 

فعلي ڌاتو

ڌاتُوءَ جي اندرئين

 ڇوٽي سر ۾ تبديل

اسم فاعل

بُڏ

/اُ< او/

ٻوڏ

اُڻ

/اُ< او/

لوڀ

سُڪ

/اُ</او/

سوڪ

اُڻ

/اَ<             اَ/

لاڀ/لاٿ

(ظ) – حاصل مصدر (Infiinitive):

’سنڌي ٻولي جو اڀياس ڪتاب‘ ۾ سرگريئرسن جي راءِ جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جي ’مصدر‘ يعني ’ڌاتو‘ (roots) ۽ حاصل مصدر (infinitive) تي روشني وڌي ويئي آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته:

”سنڌي عالمن جي راءِ موجب ’هلڻ‘ ۽ ’لکڻ‘ وغيره صورتون، مصدر آهن ۽ اُنهن مان /آڻ/ ڪڍي ڇڏبو  ته باقي امر ٺهندو، پر سرگريئرسن جي راءِ، هن سلسلي ۾، سنڌي عالمن جي راءِ کان بلڪل اُبتڙ آهي. هو(گريئرسن)، ڌاتوءَ کي root ٿو ڪوٺي. هن پنهنجي مذڪور ڪتاب ۾ 'root' ۽ 'infinitive' کي ٻه ڌار ڌار صورتون ڪري بيان ڪيو آهي. هُو infinitive لاءِ لکي ٿو ته:

Infinitive is formed by adding/ڻ/to root, as in. هلڻto go.486

 

سرگريئرسن جي هن راءِ مان ثابت ٿو ٿئي ته ’هلڻ‘ صورت کي ’ڌاتو‘ يا مصدر (root) نه چئبو، پر /هَلُ/صورت کي ڌاتو يا مصدر چئبو ’هلڻ‘ لفظ ته پاڻ، /هَلُ/ ڌاتوءَ مان ڦٽي نڪتل (صادر ٿيل) هڪ صورت آهي، جنهن کي حاصل مصدر چئبو“487

 

دراوڙي ٻولين ۾ ’حاصل مصدر‘ (infinitive) کي، اسم فاعل جو هڪ قسم شمار ڪندا آهن. اسم فاعل جو هي قسم عدد، جنس ۽ حالت جي ڪري گردان نه ڪندو آهي ۽ نه ئي وري فعل سان ئي ڦرندو آهي. اسم فاعل جو هيءُ قسم، فعلي ڌاتوءَ جي پويان a- پڇاڙي ملائڻ سان ٺهندو آهي؛ مثال طور:

Chey-a 'to do'

هن قسم واري اسم فاعل کي ’حاصل مصدر چئبو آهي.‘488

اسم فاعل جو هيءُ قسم، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾، فعلي ڌاتوءَ جي پويان ’آڻ‘ يا ’اِڻ‘ ملائڻ سان ٺهندو آهي؛489 مثال طور:

فعل جو ڌاتو  +          پڇاڙي     =    اسم فاعل

هَل          +     - آڻ       =               هَلَڻ

لک         +     - اَڻ       =                لِکَڻ

وَڍ           +    - اِڻ       =                 وَڍڻ

لاهه        +      - اِڻ       =                لاهِڻ

13- نحوي سٽاءَ (Syntactical structure):

(الف) دراوڙي ٻولين جي نحوي سٽاءَ جا اصول:

صرفي سٽاءَ جي تقابلي اڀياس کان پوءِ سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جي نحوي سٽاءَ جو تقابلي اڀياس ڪرڻ به ضروري آهي ۽ هن اڀياس جي مدد سان ڏسڻ گهرجي ته سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جي نحوي سٽاءَ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون هڪجهڙايون آهن.

دراوڙي ٻولين جي نحوي سٽاءَ جي باري ۾، ڊاڪٽر ڪالڊويل جو گرامر وڏي مدد ڪري ٿو. هن (ڊاڪٽر ڪالڊويل) جي ڄاڻ مطابق، دراوڙي ٻولين ۾ ڪنهن مفرد جملي جي عام ترتيب ۽ جملي جو سٽاءُ، هن ريت هوندو آهي:490

 

(i) فاعل سان لاڳاپو رکندڙ لفظ يا فقرا، واسطيدار فاعل کان اڳ جاءِ وٺندا آهن، يعني فاعل جو لڳ يا فاعل جو وڌاءُ پهرين ۽ اُن سان واسطيدار فاعل پوءِ بيهڪ وٺندو آهي.

(ii) فاعل جي وڌاءَ يا فاعل جي لڳ کان پوءِ، فاعل ايندو آهي، يعني فاعل پنهنجي جاءِ وٺندو آهي.

(iii) جملي جي عام سٽاءُ/ ترتيب موجب، فعل هميشه جملي جي پڇاڙيءَ ۾ ايندو آهي (پنهنجي جاءِ وٺندو آهي).


469  شيخ محمد فاضل، پروفيسر: ماٿيلي-اُٻاوڙي جي ٻولي، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1992ع، ص 72.

470  ايضا، ص 73 ۽ پڻ ڏسو

شيخ واحد بخش: سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو ڀاڱو- 2، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، ص 70

471  نبي بخش، بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون ص 63

472  Caldwell, R., Dr., Op.Cit., P.379

473  Ibid. PP. 379-380

474  الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سندهي ملعم، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1984ع، ص ص 97 ۽ 98

475  Caldwell, R., Dr., Op.Cit.,P.386

476  Ibid.

477  Caldwell, R., Dr., Op.Cit., P.386

478  الانا، غلام علي، ڊاڪٽر سنڌي معلم، حوالو ڏنل آهي، ص ص 95 ۽ 111

479  Caldwell, R., Dr., Op.Cit.,P.438

480  = paru  سنڌي ’ڀر‘ ڪپڙي جو- / لاڙي بر؛ بپ < ب

481  par-u (پڙ-) = سنڌي ’پَريو‘ (پريو مڙس)

482  الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سندهي معلم، ص ص 145 ۽ 146

485  Caldwell, R., Dr., Op.Cit., P.433

483  Ibid., P. 48

484 Hiremath, R.C., Dr., The Genesin and Growth of Dravidian, Trivandrum, Dravidian Lingusitic Association.

486 Ibid.PP.169&150, Publication No: 39, 1984, P.149

487 Grierson, G., Sir, Linguistc Survey of India, Vol: VIII, Part-I, 1919, P.48

488  الانا، غلام علي ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، حوالو ڏنل اهي، ص ص 39 ۽ 40

489  Caldwell, R., Dr., Op.Cit.,P.433

490  Ibid., P.48

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com