v)
قديم سنڌي زبان ۾ انگن، تورن ۽ ماپن جو استعمال:
(a) موهن جي دڙي جي مهرن پڙهڻ کان پوءِ ’فنس‘، ’روسي‘ ۽ آمريڪي
ماهرن، سنڌو- ماٿر ۾ انگن جي ڳڻڻ جي سلسلي ۾،
پنهنجو رايو ڏنو آهي. ڊاڪٽر آسڪوپرپولا لکي ٿو ته:
"We
already know that the Proto-Dravidians of the
Indus Valley were fully conversant
with weights and measures. These were based on
ostonary system mixed with a decimal one in
contrast to the sexagesimal system of the
Sumerians. The Dravidian languages even now
follow a similar octonary system.
According to
Soviet Scholars vertical short strokes are the
numbers. They occur in combination of one to
nine. The sign of inverted cup stands for ten.
The numbers appear on the left side of a root or
sign, the latter standing for a unit of
measures. Thus the sign of four vertical strokes
and the sign that represnts a human palm taken
together denotes four hand ful, or four person."
(b) هن کان اڳ موهن جي دڙي جي مهرن تي ڏنل نشانن، چتن، شڪلين
وغيره جي پڙهڻين جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر پرپولا ۽ ڊاڪٽر
فيئر سروس جي طرفان، دراوڙي لغات جي مدد سان مقرر
ڪيل مُلهن سان گڏ، اُنهن دراوڙي مُلهن (لفظن) جا
سنڌي زبان ۾ نعم البدل ڏيئي، اها دعوا ڪئي وئي آهي
ته آثار قديمه ۽ علم اللسان جي ماهرن کي، مذڪوره
شڪلين، چٽن ۽ نشانين جا ملهه، سنڌي ۽ لهندي
(سرائڪي) زبانن جي لغات جي مدد سان مقرر ڪرڻ
گهرجي.
مٿي جيڪي سنڌي مُلهه مقرر ڪيا ويا آهن، انهن جي
ڊاڪٽر پرپولا جي هن راءِ سان ڀيٽ ٿي ڪجي ته اهو
بلڪل واضح ٿئي ٿو ته موجوده سنڌي زبان ۾ ماپن ۽
تورن جا نالا، ليڪن جي مدد سان انگن جو تعداد
ڄاڻائڻ ۽ انهن انگن جو تعداد اڄ به جاري آهي؛
مثال
طور:
سنڌو تهذيب مان مليل مهرن تي اُڪريل شڪل |
ڊاڪٽر پرپولا جي پڙهڻي |
ڊاڪٽر فيئر سروس جي پڙهڻي |
موجوده سنڌي لفظ |
I |
وڪٽُ/ockatu
وَڪَٽُ/vakatu |
one=oru/or
oru is
proto-dravidian |
وَڪَٽُ/اوڪَٽُ |
III |
-- |
three= mu
(n)
mu, mun |
مُونِ |
IIII |
نال/ nal
|
four=nal |
نال/نار |
IIII |
-- |
ettu/en |
اَٺَ/اَٺون |
IIII |
اَٽاata
|
(cukke)چُڪَ
|
اَٽا ماٽا، چُڪ |
ڊاڪٽر هيريماٿ به سندس ڪتاب ۾ دراوڙي ٻولين ۾ رائج انگن جا مثال
آهن.
اهي انگ اُهي آهن جن جا نسڌي نعم البدل اڄ به ملن
ٿا؛ مثال طور:
ڊاڪٽر هيريماٿ طرفان موجوده سنڌي ۾ رائج انگ
ڏنل دراوڙي انگ
Oru, Or اُر
Ettu اَٺَ
(C) اهڙيءَ طرح تور ۽ ماپ لاءِ سنڌو- ماٿر مان هٿ آيل مهرن تي
اڪريل نشانن ۽ موجوده سنڌيءَ ۾ تور ۽ ماپ لاءِ
ساڳيا لفظ رائج آهن؛ مثال طور:
سنڌو تهذيب مان مليل مهرن تي اُڪريل
شڪل |
ڊاڪٽر پرپولا جي پڙهڻي |
ڊاڪٽر فيئر سروس جي پڙهڻي |
موجوده سنڌي لفظ |
|
-- |
پَن (ڪَل)
Pan (kal) |
پڻڪي،پاٽي |
|
ڪو
=
(ko)
جبل |
تُڪ /تُگَ
(tuka/tuga) |
ڪو/ڪوهه=جبل
دُڪو (وزن)=هڪ
تولو
تَڪَ (ونز) |
-- |
-- |
pan (ka) |
پڻڪي، پاٽي |
-- |
-- |
takadir |
تڪڻي/تڪڻ=ساهمي |
-- |
-- |
nuru |
نور (پئسن/رقم جو) |
-- |
-- |
tugu |
ڌڪو/تولو |
-- |
-- |
payu |
پاءُ/حصو |
-- |
-- |
pati |
پتي (حصو) |
انهن مثالن مان مان ثابت ٿو ٿئي ته، سنڌو – ماٿر واري قديم
ٻوليءَ جا ڪيترائي لفط، موجوده سنڌي ۽ دراوڙي
ٻولين ۾ رائج آهن، جن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت
آهي. اها تحقيق، ٻنهي ٻولين جي گڏيل ڊڪشنريءَ يا
سنڌي ٻوليءَ جي ’اشتقاقي لغات‘ (
Etymological Dictionary)
جي صورت ۾ پيش ڪري سگهجي ٿي.
(ح) ضمير:
(i)
ضمير متڪلم- ڊاڪٽر ڪالڊويل جي راءِ موجب ڪلاسيڪل
دراوڙي (ڪَنڙ ٻولي) ٻولين ۾، ضمير متڪلم واحد لاءِ
’آن‘ لفظ ڪم ايندو آهي.
اهڙيءَ طرح ساڳي ضمير (متڪلم واحد) لاءِ ٻيو ’روپ‘
(لفظ) ’en‘
(اين) به ڪم ايندو آهي. ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:
”’مان‘ ضمير، پهرين
em
(ايم) ٿيو آهي، ۽ پوءِ
'em'
جي /m/
صوتيه بدلجي /n/
صوتيه ٿي آهي.“
ڪالڊويل وڌيڪ لکي ٿو ته:
”سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي لهجي ۾ ڪم ايندڙ ضمير متڪلم
واحد ’آن‘، دراوڙي
'en'سان هڪجهڙائي
رکي ٿو.“
ٻين لفطن ۾ هيئن چئبو ته: دراوڙي ٻولين جي جائزي
مان معلوم ٿو ٿئي ته ڪلاسيڪي ’ڪنڙ‘ ٻوليءَ ۾، رائج
ضمير متڪلم واحد ’آن‘، لاڙي لهجي ۾ رائج ضمير
متڪلم واحد سان، هوبهو هڪ جهڙائي رکي ٿو.
لهاذا ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هيءَ دعوا قبول ڪري نٿي سگهجي، جنهن ۾
هن چيو آهي ته:
’ضمير’هُو‘ ۽ ‘آءٌ‘ عربي الاصل آهن. ’آءٌ‘ خاص طرح سنڌ جي هيٺئين ڀاڱي ۾
رائج آهي ۽ جيئن ته انهي ڀاڱي ۾ ديبل ۽ منصوره جي
مرڪزي شهرن سبب سنڌيءَ تي عربيءَ جو گهرو اثر پيو،
ته اُتي عربي ’انا‘ جو سنڌي اُچار ’آن‘ (<آنءِ<آئون) هميشه لاءِ استعمال ۾ اچي ويو.“
ڪالڊويل ضمير متڪلم جمع جي باري ۾ لکي ٿو ته:
”دراوڙي ٻولين ۾ ضمير متڪلم جمع نه فقط جمع صورت لاءِ ڪم آڻبو آهي، پر متڪلم
واحد جي نيازي صيفي (honorific)
لاءِ به ڪم ايندو آهي. لسانيات ۾ اهڙيءَ صورت کي
honorific form
چئبو اهي.“
سنڌي ٻوليءَ ۾ ضمير متڪلم جمع جو، ضمير متڪلم واحد جي ’نيازي
صيفي‘ ۾ اهڙو استعمال عام آهي. هن کان اڳ ’عدد
تثنيه‘ جي وضاحت لاءِ اهڙا مثال ڏنا ويا آهن؛ مثال
طور:
ضمير متڪلم جمع
متڪلم واحد جو نيازي صيفو
اسين وڃون ٿا. آءٌ وڃان ٿو
= اسين وڃون ٿا
اسين چئون ٿا. آءٌ چوان ٿو
= اسين چئون ٿا
ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:
”ڏيهي ٻولين (سنڌي، مرهٽي) ۾ ضمير متڪلم جي ٻن
جمع صورتن جو اهڙو استعمال ثابت ٿو ڪري ته انهن
ٻولين ۾ اهو عنصر ۽ ساڳيءَ طرح دراوڙي ٻولين ۾ اهو
عنصر، ڏيهي ٻولين ۽ دراوڙي ٻولين جي پراڻي
رشتيداري ۽ مائٽيءَ جي ڪري آهي، ڇاڪاڻ ته سنسڪرت ۾
ضمير متڪلم جي گردان ۾ عدد جمع جي اهڙن ٻن صورتن
يا گردانن جو ڪو به مثال ملي نه سگهيو آهي.“
ڊاڪٽر ڪالڊويل اڳتي لکي ٿو ته:
”صرف ضمير متڪلم ۽ ضمير حاضر جي مطالعي مان
معلوم ٿو ٿئي ته، حالت فاعليءَ ۾ ضمير متڪلم واحد
جي صورت هڪ آهي، ته حالت تفيريءَ (Oblique
case) ۾ اها صورت بدلجي وڇي ٻي ٿي آهي. حالت
تفيريءَ ۾ ائين به ڏٺو ويو آهي ته ضمير متڪلم جي
پراڻي صورت، هاڻوڪيءَ صورت کان بلڪل مختلف آهي؛
ان جي مثال سامهون چارٽ مان ڏسي سگهجي ٿو.
(ii)
ضمير غائب:
(i)
دراوڙي ٻولين ۾ ضمير غائب ڪونه ٿئي، پر ضمير اشاري
(ويجهي ۽ ڏور) کان
ضمير غائب جو ڪم وٺندا آهن.
ساڳيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ به، ضمير اشاري ويجهي ۽
ڏور (هيءُ، هيءَ، هُ، هوءَ، اِهو، اُهو، هِنَ،
هُنَ، هِنن ۽ هُنن) کي ضمير غائب، واحد ۽ جمع طور
ڪم آڻبو آهي.
هن ڏس ۾ ديوان ڀيرو مل لکي ٿو ته:
”سنڌيءَ مان ضمير غائب گم ٿي ويو آهي، تنهن ڪري ’هُو،هِن‘ وغيره جي ضمير
اشارو ڏور آهن، سي ڪم آڻي پورائي پيا ڪريون.“
ڊاڪٽر ٽرومپ هن سلسلي ۾، پنهنجي خيال جو اظهار، هن
طرح ٿو ڪري.
”سنڌيءَ ۾ ضمير غائب (واحد ۽ جمع) ڪونه ٿين، پر ان جي بدران ضمير اشارو، هي،
هُوءَ، هُو ۽ هوءَ ڪم آندا ويندا آهن.“
(ii) لاڙي لهجي ۾، قديم زبان (موهن جي دڙي واري) وارا ضمير اشاري
(ضمير غائب طور ڪم ايندڙ) جا اهي روپ موجود آهن،
جيڪي دراوڙي زبانن ۾ رائج آهن. مثال طور، دراوڙي ۽
سنڌي (لاڙي لهجي) جي ضمير اشاري جا مثال هي آهن:
دراوڙي
معياري سنڌي لاڙي سنڌي لهجو
edha
(ايڌَ) هي
اي
udha
(اُڌ) هي اِي
ih
(اِهه)
هُو اوُ
ah
(آهه)
(iii) اهڙيءَ طرح ’سادا ڇوٽا سُرَ‘ /i/
۽/u/
به دراوڙي ٻولين ۾ ضمير اشاري طور ڪم ايندا آهن.
سنڌيءَ جي لاڙي لهجي ۾ ’اِ‘ جي بدران ’اي‘ (فاعلي
حالت) ۽ ’اِن‘ (تغيري حالت ۾) ۽ ’اُ‘ جي بدران
’اوُ‘ (حالت فاعلي) ۽ ’اُن‘ (حالت تغيريءَ ۾)
ضمير، ضمير اشاري طور ڪم آڻبا آهن؛
مثال
طور:
دراوڙي |
معياري سنڌي |
لاڙي سنڌي لهجو |
i
(اِ) |
هي (حالت فاعلي) |
اِي (حالت فاعلي) |
|
هِنَ حالت تفيري) |
اِنَ (حالت تفيري) |
u
(اُ) |
هُو (حالت فاعلي) |
اوُ (حالت فاعلي) |
|
هُنَ (حالت تفيري) |
اُنَ (حالت تفيري) |
ڊاڪٽر ڪالڊويل وضاحت ڪندي لکي ٿو ته:
"There is only a
partial and indistinct resemblance between the
remote/a/, proximate/i/, and medial/u/, which
constitute the bases of the Dravidian
demonstrative, and the demonstrative which are
used by the languages of
Noth-India. In Bengali and
Singhalese/e/ is used as a demonstrative/i/, in
Marathi/ha,he, hen/; in Hindustani we find/vuh/'that',/yih/this'
but in oblique cases there semblance increases;
e.g:
is- ko 'to this'
/i/is used as the
proximate demonstrative in the Northern Indian
languages more systematically than/a/ or any
corresponding vowel is used as the remote I,
e-g:
Marathi
Hindi
ikade
'here' idhar 'hither'
itake 'somuch'
itne 'so much'
The Sindhi
proximate is /hi/or/he/. In the Lari dilect
/h/is commonly dropped, and the base is seen to
be /i/, as in the Dravidian tongue. The remote
in Sindhi is/ hu/or/ho/in Lar/u/or/o/"
ڪالڊويل لکي ٿو ته:
”جيتوڻيڪ اُتر- هند جون غير- آريائي ٻوليون، دراوڙي ٻوليون آهن، پر آريائي
ٻولين سان هزارين سالن کان سندن ميل جول ۽ ميلاپ
هئڻ جي ڪري آريائي ٻولين جا ڪيترائي بنيادي ڌاتو،
دراوڙي ٻولين جي بنيادي ڌاتن جي جڳهه وٺي چڪا
آهن.“
(خ) فعل:
(1) فعل جو ڌاتو:
دراوڙي ٻولين ۾ فعل جو ڌاتو ضمير حاضر واحد جي امري صورت مان
کنيو ويندو آهي. هند-آريائي ٻولين ۾ به ائين ئي
ٿيندو آهي. هند آريائي ٻولين ۾ فعل جو ڌاتو حاضر
واحد جي امري صورت (Imperative second person singular)
آهي؛ پر دراوڙي ۽ هند-آريائي ٻولين ۾ فرق فقط هي
آهي ته هند-آريائي ٻولين ۾ فعل جو ڌاتو، ڪنهن به
پڇاڙي لڳائڻ (ملائڻ) کان سواءِ ئي صيفي امر جي عدد
واحد ۾ استعمال ٿيندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ فعل جو
ڌاتو ئي صيفي امر جي عدد واحد جي معنى ڏيندو آهي؛
مثال طور هندي ٻوليءَ ۾:
آ – ي + آ =
آيا
آ – ت + آ =
آتا
آ – اوُن + گ + آ
=
آئونگا
پر سنڌي ٻوليءَ ۾، دراوڙيءَ وانگر صيغي امر عدد واحد جي معنى،
ڌاتوءَ سان پڇاڙي لڳائڻ سان ڄاڻائبي آهي.“
مثال طور
پڙههُ + آن
=
پڙهان
پڙهه + اي
=
پڙهي
پڙهه + اِي
=
پڙهي
انهن مثالن ۾ ’پڙهه‘ فعل جو ڌاتو آهي ۽ /-آن،-اي ۽-اِي/پڇاڙيون
آهن. اهڙيءَ طرح ٻيا مثال هي آهن:
ڌاتو حاضر واحد جي امري صورت
آ- آءٌ
لِک - لِک
ڊاهه- ڊاههِ
کا- کاءُ
اچُ اَچُ
(ii)
فعل لازمي ۽ فعل متعدي:
دراوڙي ٻولين ۾ فعل جا ٻه قسم آهن، فعل لازمي ۽
فعل متعدي.
دراوڙي ٻولين جا لازمي ۽متعدي فعل، سنسڪرت جي
لازمي ۽ متعدي فعلن سان سٽاءُ (structuse)
۾ فرق رکن ٿا.
اهي فعل نه فقط گردانن ۽ ڦيرن
۾ فرق ڏيکارين ٿا، پر انهن جي بناوٽ (سٽاءَ) ۽
جُڙڻ (ساخت) ۾ به فرق نمايان آهي.
هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:
”دراوڙي ٻولين جا متعدي فعل، لازمي فعلن مان ٺهندا آهن؛ انهيءَ ڪري انهن
(متعدي) فعلن کي
causual verbs چئبو آهي.“
سنڌي وياڪرڻ جي گهري اڀياس کان پوءِ، هيءُ ڳالهه ثابت ٿي ٿئي ته
سنڌي ٻوليءَ ۾ به فعل جا ٻه قسم آهن؛ يعني فعل
لازمي ۽ فعل متعدي. هن مطالعي ۽ سنڌي وياڪرڻ جي
ڇنڊڇاڻ مان اهو به ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ جي
متعدي فعلن جا اڪثر ڌاتو (roots)،
لازمي فعلن جي ڌاتن (roots)
مان ڦٽي نڪرن ٿا؛
مثال طور:
لازمي فعلن جا ڌاتو
متعدي فعلن جا ڌاتو
سَڙ- ساڙ-
مَر - مار-
ٺَرُ- ٺار-
ٽَرُ- تار-
ڦِسُ- ڦيهه-
ٻَرُ- ٻار-
(iii)
فعل متعدي بالاوسطه:
(a)
دراوڙي ۽ سنڌي ٻولين ۾، متعدي فعل جو هڪ قسم متعدي
بالواسطه آهي. فعل متعدي بالواسطه ٺاهڻ لاءِ،
دراوڙي ٻولين ۾ متعدي فعلن جي ڌاتن جي پويان
'vi'
(وي) پڇاڙي ملائي ويندي آهي؛ مثال طور:
فعل متعدي
فعل متعدي بالواسطه
'to makde'
(پَڻ)
pannu (پَڻُ-وِي)
pannu-vi
'to cause to
make'
'to send' (اَتُپُ)
annuppu
(اَڻپوِري)
annup-vi
'to cause to send'
ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:
”دراوڙي ٻوليءَ جي حرفي سٽاءَ موجب اُهي نشانيون (particles)
جيڪي فعل جي صيغي (mood) زمان، لازمي يا متعدي بالواسطه فعل، ضميري پڇاڙيون، جن جي مدد
سان عدد، جنس ۽ حالت جي خبر پوندي آهي، ڌاتوُوءَ
جي پويان، اهڙي باقاعدي سٽاءَ موجب ملايون وينديون
آهن، جو انهيءَ ترتيب ۽ سٽاءَ ۾ ڪا به ڦير ڦار آڻي
نه سگهبي آهي.“
سنڌي ٻوليءَ ۾ به، ساڳيءَ طرح، فعل جي بالواسطه صورت بنائڻ لاءِ
اڄ به اها ئي ترتيب ۽ اها ئي سٽاءُ رائج آهي؛ مثال
طور:
فعل متعديءَ جو ڌاتو فعل متعدي بالواسطه جي صورت
لِک لکا + ءِ (ءِ، اِ اعراب جي
لکيل صورت آهي)
لکا + را + ءِ
لکا + را + را + ءِ
لکا + را + يائين
لکا + را + يائين + س
لکا + را + يو + م
لکا + ر + يو + مان + س
سنڌي ٻوليءَ ۾ فعل متعدي بالواسطه جا بيشمار مثال ملن ٿا. انهن
۾ فعل متعديءَ جي ڌاتن جي پويان/-آ/ پڇاڙي ملائڻ
سان، فعل متعدي بالواسطه جو ڌاتو ٺهي ٿو؛ مثال
طور:
لازمي فعل جو ڌاتو متعدي فعل جو ڌاتو متعدي بالواسطه فعل جو
ڌاتو
سَڙ – ساڙ-
ساڙا -
مَر – مار-
مارا -
ٺَر – ٺا-
ٺارا -
ٽَر – ٽار-
ٽار -
متعدي بالواسطه فعلن جي انهن مثالن جي مطالعي مان هي نتيجو ٿو
نڪري ته دراوڙي ٻولين جي متعدي بالواسطه فعلن جي
پڇاڙي
vi-،
سنڌي ٻوليءَ جي متعدي بالواسطه فعلن جي پڇاڙي ’-
آ‘ سان نسبت رکي ٿي.
ڊاڪٽر ٽرومپ، سنسڪرت ۽ پراڪرت ۾ فعل متعدي بالواسطه جي پڇاڙيءَ
جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
"The Prakrit
formed the causual either by adding the
increment 'e' (Sansk:ay) or ave (sansk:apay=abe=ave).In
the modern Indian Idioms only the latter
increment is in use, which has been shortened to
a in Sindhi, Hindustani and Bengali; the
syllable ve having been dropped."
ممڪن آهي ته سنڌي ۽ هندستانيءَ ۾ متعدي بالواسطه جي
/-آ/ پڇاڙي ديسي/ ديشج (غير-آريائي) ٻوليءَ جي
نشاني هجي؛ جيئن:
سنڌي هندي
فعل متعدي |
فعل متعدي بالواسطه |
فعل متعدي |
فعل متعدي بالواسطه |
لِک |
لِکا |
لِکها |
لِکها |
پڙهه |
پڙها |
پڙهه |
پڙها |
سنڌي هندي
فعل لازمي |
فعل متعدي |
فعل متعدي
بالواسطه |
|
فعل لازمي |
فعل متعدي |
فعل متعدي
بالواسطه |
|
|
|
|
|
|
|
سڙ - |
سڙ- |
ساڙا |
|
جل- |
جلا- |
جلوا |
(b)
فعل متعدي ٻِٽو بالواسطه:
سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ فعل متعدي بالواسطه جو هڪ
قسم، متعدي ’ٻٽو بالواسطه‘ به آهي؛ جيئن:
فعل لازمي |
فعل متعدي |
فعل متعدي بالواسطه |
فعل متعدي بالواسطه |
سَڙ |
ساڙ- |
ساڙا- |
ساڙارا- |
ڊَههِ |
ڊاهه- |
ڊاهرا- |
ڊاهرارا- |
انهن مثالن مان ظاهر آهي ته، سنڌيءَ ۾ ٻٽي بالواسطه متعدي فعل
لاءِ نشاني يا علامت ’-را‘ آهي.
(c)
فعل متعدي دهرو ٻٽو بالواسطه: سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ فعل متعدي بالواسطه يا ٻه ٻيا به قسم آهن.
اُهي آهن:
سنڌي
فعل لازمي |
فعل متعدي |
فعل متعدي بالواسطه |
فعل متعدي ٻٽو بالواسطه |
فعل متعدي دُهرو ٻٽو بالواسطه |
سڙ- |
ساڙ- |
ساڙا- |
ساڙارا- |
ساڙارارا- |
ڊَهه- |
ڊاههِ- |
ڊاهرا- |
ڊاهرارا- |
ڊهرارارا- |
|
لک- |
لکا- |
سکارا- |
سکارارا- |
هنديءَ يا اردوءَ ۾ فعل دُهري ٻٽي بالواسطه جو ڪو
به مثال نٿو ملي؛ جيئن:
هندي/ اردو
فعل لازمي |
فعل متعدي |
فعل متعدي بالواسطه |
فعل متعدي ٻٽو بالواسطه |
فعل متعدي دُهرو ٻٽو بالواسطه |
مَر- |
مار- |
مروا- |
- |
- |
- |
لکهه- |
لکها- |
لکهوا- |
- |
انهن مثالن مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ٻٽي بالواسطه‘
فعل لاءِ ’را‘ ۽ ’دُهري ٻٽي بالواسطه‘ لاءِ- رارا-
نشاني ملائي ويندي آهي، جڏهن ته هنديءَ ۾ ’فعل
متعدي بالواسطه‘ لاءِ – وا- نشاني ملائبي آهي.
پر دُهري ٻٽي بالواسطه لاءِ هنديءَ ۾ ڪو به مثال نٿو ملي.
(d)
دراوڙي ٻولين ۾ فعل متعدي بالواسطه جا مثال:
تحقيق دوران معلوم ٿيو آهي ته دراوڙي
ٻولين (پراڻي تامل) ۾ متعدي ٻٽي بالواسطه فعل (double
causual verbs) جا به ڪيترائي مثال ملن ٿا،جيئن سنڌيءَ ۾ هن قسم واري فعل جا مٿي مثال ڏنا ويا آهن.
ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:
”متعدي بالواسطه فعلن جا مثال هند-يورپي ٻولين ۾ به ملن ٿا پر دراوڙي ٻولين
۽ هند يورپي ٻولين ۾ متعدي بالواسطه جي ساخت ۾ وڏو
فرق آهي. دراوڙي ٻولين ۾ ڌاتن جي پويان
vi-
پڇاڙي ملائڻ سان، متعدي بالواسطه فعل جڙن ٿا،
پر هند- يورپي ٻولين ۾ متعدي بالواسطه فعل ٻن
مفعولن- شخص ۽ ٻئي مفعول- سان لڳندا آهن؛ جيئن:
"I caused him (acc:) to build the house (acc:)"
پر ڊاڪٽر ڪالڊويل جي راءِ موجب:
”دراوڙي ٻوليءَ ۾، متعدي بالواسطه فعل، فقط مفعول سان لڳندو آهي.“
(V) سنڌي وياڪرڻ جي گهري اڀياس مان ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾
متعدي بالواسطه فعل جي ساخت يعني سٽاءَ، دراوڙي
ٻولين جي متعدي بالواسطه وانگر آهي؛ مثال طور:
"Icaused him (acc:) to build the house (acc:)"
يعني ته:
مون هن کان گهر اڏايو
يا: گهر اَڏارايومانس.
(VI) هت هڪ اهڙي نقطي تي توجهه ڏيڻ جي ازحد گهڻي ضرورت آهي. اهو
نقطو هي آهي ته، فارسي زبان ۾ به متعدي بالواسطه
فعلن جا ڪي مثال ۽ نمونا هوبهو سنڌي ٻوليءَ جهڙا
ملن ٿا؛ مثال طور:
متعدي فعل |
فعل متعدي بالواسطه |
کردن ’ڪرڻ‘ |
کرانيدن ’ڪرائڻ |
رسيدن’پهچڻ‘ |
رسانيدن ’پهچائڻ |
پريدن ’اُڏرڻ‘ |
پرانيدن’اڏرائڻ‘ |
پوشيدن’ڍڪڻ/ڪپڙا پائڻ‘ |
پوشانيدن’ڍڪڻ‘/’ڪپڙا پهرائڻ‘ |
خوردن’کائڻ‘ |
خورانيدن’کارائڻ‘ |
دويدن’ڊوڙڻ‘ |
داونيدن ’ڊوڙائڻ‘ |
پر فارسي زبان جي صرف و نحو جي وڌيڪ مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته
فارسي زبان ۾، متعدي فعل جي بالواسطه صورت يعني
ٻٽي بالواسطه فعل جو ڪو به مثال نٿو ملي، يعني ته
فارسي زبان ۾ ’کردن‘ ۽ ’کرانيدن‘ کان پوءِ ’کرا
رانيدن‘ جو صيغو ممڪن نه آهي.
هن مان ثابت ٿو ٿئي ته فارسي زبان ۾ متعدي
بالواسطه فعل يعني کردن<
کرانيدن (فعل متعدي بالواسطه) جو صيغو آريائي
زبانن وارو نه آهي، پر ممڪن آهي ته فارسي زبان ۾
’کردن<
کرانيدن‘ متعدي بالواسطه فعل واري سٽاءَ، سٿين
ٻولين جي سٽاءَ جي اثر جي ڪري ٿي هجي، ڇو ته سٿين
(Scythian)
قوم، قديم ايراني يعني غير- آريائي قوم آهي. هن
قوم (سٿين) کي ماهرن دراوڙي قوم سڏيو آهي.
سنسڪرت زبان جو مشهور روسي ماهر، ’اَئوَنوف‘ (ivanov)
هن ڏس ۾ لکي ٿو ته:
”قديم آثارن مان حاصل ڪيل ڪجهه حقيقتون ٻڌائين ٿيون ته ميسوپوٽيميا جا
آريائي قبيلا، اُتر کان ’ڪاڪيشس‘ (Caucasus)
جبلن جي رستي آيا. انهيءَ بنياد کي هن حقيقت سان
به ڳنڍي سگهجي ٿو ته ان کان پوءِ واري عرصي ۾
ڪاڪيشس ۾ ’اوسيٽڪ‘ (Ossetic)
زبان ڳالهائيندڙ رهندا هئا. ’اوسيٽڪ‘ هڪ ايراني
زبان آهي، جيڪا ’بلئڪ سي‘ (Black
sea)
جي اُترين ميدانن ۾ وسندڙ، گهوڙا پاليندڙ قبيلن (Scythian)
جي زبان جي تمام ويجهو آهي.“
|