”ولڻ نالو، هندو ۽ مسلمان ٻنهي ۾ عام جام ملي ٿو،
جيتوڻيڪ نون ڄاول سنڌي ٻارن ۾ اهو نالو نٿو ملي،
پر مسلمانن ۾ اهو نالو اڃا به ملي ٿو. هيءُ نالو
تامل ڳالهائيندڙ ڪن قومن ۾ خاص ڪري سماج جي گهٽ
درجي وارين قومن ۾ ملي ٿو. ان کان سواءِ ’ولڻ‘ لفظ
تامل ٻوليءَ ۾ پڻ ملي ٿو ۽ اُن جي معنيٰ آهي
’سگهارو‘ ۽ قابل ماڻهو.“
ڊاڪٽر گدواڻي اڳتي لکي ٿو ته:
”هتي هڪ مونجهاري کي دور ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌي هندن ۾ رائج ٻين ڪن
نالن تي به روشني وجهجي، جيئن ڳالهه جي وَرَ کي
سمجهي سگهجي. مٿي جيڪو ’مهراڻ‘ رسالي جو حوالو ڏنو
ويو آهي، اُن شخص جو نالو دراصل ولي محمد آهي، پر
هن کي ’وليو‘ ۽ ’ولڻ‘ به چيوويندو آهي. منهنجي
اڀياس ڏيکاريو آهي ته ولي احمد يا ولي محمد هميشه
’وِليو‘ ٿيندو آهي، جيئن هندن ۾ سنسڪرت جي ’بلرام‘
مان ’ٻلرام‘ يا ‘ٻَلو‘ ٿيندو آهي؛ پر تامل
ٻوليءَ ۾ هڪ لفظ آهي ’وَلُو‘ ۽ ’وَلي‘، جنهن جي
معنيٰ آهي طاقتور، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته سنڌي هندن
جو نالو ايامن کان ’ولومل‘ ۽ ’ولي رام‘ وغيره،
سنسڪرت جي سنڌ ۾ اثرن کان اڳ ۾ ئي هلندا آيا هجن ۽
‘ٻلرام‘ يا ’ٻلو مل‘ نالو سنسڪرت ڳالهائيندڙن جي
اثر کان پوءِ شروع ٿيا هجن.“
ڊاڪٽر گدواڻي اڃا به اڳتي لکي ٿو ته:
”’اَيل‘ ۽ ’اَئي‘ ٻه نالا سنڌي هندن ۾ عام آهن؛ جيئن: اَيلداس، ايل مل ۽ مل
اَئيدس وغيره.
دراصل ’اَيل‘ ۽ ’اَئي‘ ٻئي، دراوڙي ٻولين ۾ ماءُ لاءِ ڪتب ايندڙ لفظ آهن، نه
فقط ايترو پر ’اَيل‘ لفظ شاهه صاحب وڻجارن جا بيان
ڪندي ڪيترائي دفعا استعمال ڪيو آهي.
آيل! ڪريان ڪيئن؟ منهنجو نينهن اَپليو نه رهي.
ان کان سواءِ اڄ به ’آئي‘ لفظ سوڍا، ماءُ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن ۽ ماءُ لاءِ
هنن وٽ فقط ’آئي‘ لفط ئي آهي. ’آيل‘ لفظ اڄ به
ڪيترين ئي ڪڇ جي جاتين- ڪولهين ، مينگهواڙن ۽ اوڏن
۾، اڄ به لوڪ گيتن ۾ جيئن جو تيئن قائم آهي.
اوڏڻيون ۽ مينگهواڙ زالون ’آيل‘ جي معنيٰ پڇڻ تي
هميشه، ماءُ ئي ٻڌائينديون آهن، جا ڳالهه ڏيکاري
ٿي ته اهي لفظ اڄ به سنڌيءَ جي اُپڀاشائن (
dialects) ۾ قائم آهن. آيل‘ ۽ آئي‘ شبد دراوڙي لفظ آهن، اِن ۾ ڪنهن کي
شڪ نه هئڻ کپي.“
(ر) ڊاڪٽر پرسي گدواڻي جي انهن دليلن کان
پوءِ اهو ڏسڻ گهرجي ته سنڌو- ماٿر مان حاصل ٿيل
مهرن کي جن ماهرن پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهن جي
راءِ ڪهڙي آهي؟ هن کان اڳ اهو چيو ويو آهي ته
پرپولا ڀائرن ۽ ڊاڪٽر فيئرسروس، سنڌو- ماٿر مان
لڌل مهرن جون پڙهڻيون ڏنيون آهن ۽ اُنهن مهرن تي
اُڪريل تصويرن، شڪلين، چٽن، گلن، ٻوٽن،وڻن جي
شڪلين ۽ ليڪن جا ’ملهه‘ (values)، دراوڙي ٻولين جي لغوي ذخيري/ لفظن جي آڌار تي ۽ اُنهن جي
مدد سان مقرر ڪيا آهن.
انهن ماهرن جي ڪتابن ۽ سندن رپورٽن ۾ ڏنل ملهه نقل ڪري هن مواد
سان گڏ هت ڏنا ويا آهن ته جيئن پڙهندڙ خود به انهن
مُلهن ۽ لفطن تي سوچين ۽ مدد ڪن.
ان ڏس ۾ مون البت هڪ ڪم ضرور ڪيو آهي. اهو ڪم هي آهي ته مذڪوره
ماهرن جي مقرر ڪيل ۽ ڏسيل مُلهن سان گڏ، هن ڪتاب ۾
ڏنل چارٽ ۾ هڪ خانون وڌائي، موجوده سنڌي زبان م
رائج لفظن مان مناسب ۽ موزون لفطن کي، مُلهن (values)
طور چارٽ شامل ڪيو اٿم ته جيئن پڙهندڙ ۽ سنڌي زبان
جا ڳالهائيندڙ ۽ ماهر پاڻ فيصلو ڪري سگهن ته قديم
سنڌو- تهذيب ۾ رائج زبان يعني سئنڌوُئي ٻولي اڄ به
ڪن ٿورين ڦيرين گهيرين سان، قائم ۽ دائم رهندي آئي
آهي.
مون کي يقين آهي ته اِهي ماهر (ڊاڪٽر آسڪوپرپولا، سيمو پرپولا ۽
ڊاڪٽر فيئر سروس ۽ ٻيا) جيڪڏهن سنڌي يا سرائڪي
ٻوليون ڄاڻندا هجن ها، يا انهن ٻولين جي سکڻ جي
ڪوشش ڪن ها ته جيڪر کين سنڌو- تهذيب جي لکت پڙهڻ ۽
انهن ۾ ڏنل نشانين جا ملهه مقرر ڪرڻ لاءِ، هزارين
سال اڳ سنڌو- ماٿر کان وڇڙيل ۽ ڌار ٿيل، دراوڙي
ٻوليءَ يا ٻولين جي لغتن کولڻ جي ضرورت نه پوي ها،
پرپولا ڀائرن ۽ ڊاڪٽر فيئر سروس طرفان مقرر ڪيل
مُلهن (Values)/
لفطن مان ڪيترائي لفظ ۽ ملهه، هُوبهو اڄ به سنڌي ۽
لهندي/ لهندا، راجسٿاني، گجراتي ۽ ڪشميري وغيره
ٻولين ۾ رائج آهن، جن کي مذڪوره ماهرن دراوڙي
ٻولين جا لفظ سمجهيو آهي ۽ دراوڙي زبانن جي لغت جي
حوالي سان پيش ڪيو آهي. جيڪڏهن انهن ماهرن جا ڪڍيل
نتيجا في الحال صحيح آهن ۽ سندن طرفان مقرر ڪيل
ملهه قبول ڪرڻ جهڙا آهن ته پوءِ هيئن چئبو ته
سنڌو- ماٿر واريءَ تهذيب ۾ جيڪا ٻولي رائج هئي، سا
يقيناً سئنڌوُئي، لهندي ۽ آڳاٽي دراوڙي ٻولين جي
ماءُ ٻولي/ ماتر- ڀاشا هئي ۽ انهن ٽنهي گروهن جو
قديم روپ هئي، جنهن تي پوءِ ڌار ڌار زماني ۾ آيل
ڦيرن، تبديلين ۽ ڌار ڌار قومن جي تهذيب ۽ تمدن ۽
ٻولين جو اثر پيو، جنهن ڪري سنڌي، لهندي، داردي ۽
دراوڙي زبانن جو لغوي خزانو گاڏڙ بنجي ويو. ماهرن
جي پڙهڻين جا نمونا هتي ڏجن ٿا.
سنڌو-تهذيب مان مليل مهرن تي اُڪريل شڪل |
ڊاڪٽر پرپولا جي پڙهڻي |
ڊاڪٽر فيئر سروس جي پڙهڻي |
موجوده سنڌيءَ ۾ رائج لفظ |
|
پيڻتِي
Penti/pentika |
چِپُ
Cippu Cikkam |
ڦَڻِي |
تبديلي سمجهاڻي ۽ وضاحت:
وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ’پيڻتي‘ لفظ ۾
تبديليون آيون. پيڻتيءَ جو/ت/صوتيه حذف ٿي
ويو ۽ پيڻي لفظ ڪم اچڻ لڳو. پوءِ /پ/صوتيه
وسرگ صورت ۾ بدلجي /ڦ/ٿي ۽ /اِي) سُر بدلجي
/آ/ٿيو، ۽ لفظ ٺهيو’ڦڻي‘ |
|
ڪَڙئِي (Karai) |
ڪَواڊي (k-vadi)
معنيٰ چوڪيدار ڪاوَل (ka(va)al)
ڪاوڻ (kavan) |
ڪَڙيو، ڪاواٽي، ڪنواٺي، ڪاوڙ، ڪامڻ |
تبديلي جي سمجهاڻي ۽ وضاحت:
بانس جي هڪ لٺ يا ڇَڙَهر جي ٻنهي ڇيڙن تي وزن ٻڌي، اُن کي
ٻنهي ڪُلهن تي کنيو ويندو آهي. اڳي شهرن يا
ڳوٺن ۾، مرد پاڻيءَ جا دلا يا ٻيو وزن ائين
کڻندا هئا. |
|
چَڪَر (Chakara) |
-- |
چَڪَرُ
چَڪرو |
تبديلي جي سمجهاڻي ۽ وضاحت:
نار جو چَڪَرُ، بيل گاڏيءَ جو چڪرو، يا چاڪ، لاڙ ۾ هن کي چڪرو
يا چيڪلو به چون. ڪُنڀار جو چَڪَرُ/ چَڪُ. |
|
|
|
|
|
سنڌو-تهذيب مان مليل مهرن تي اُڪريل شڪل |
ڊاڪٽر پرپولا جي پڙهڻي |
ڊاڪٽر فيئر سروس جي پڙهڻي |
موجوده سنڌيءَ ۾ رائج لفظ |
|
ميڙي (meri)
ميٽِي (meti) |
اُرُ (uru)
ميٽي (meit) |
هَرُ
مُٺ، مُٺيو |
تبديلي سمجهاڻي ۽ وضاحت:
هر جو مُٺيو جنهن کي جهلي، هَرَ کي سڌو
هلائبو آهي ۽ اوڙ لاءِ زور ڏبو آهي يا
ڦيرائبو آهي. |
|
تيمپَ
(drum=tempa(tas |
پَڙاءِ (parai) |
تَنبَل/ طَبَل
پَڙاءُ، پَڙو ڏيڻ |
تبديلي جي سمجهاڻي ۽ وضاحت:
وڏو دهل يعني ڌماڌم دُهل وڄائي اعلان ڪرڻ لاءِ پَڙو ڏبو آهي. |
|
مَٽَ (mata)
مَٽِ (mati) |
-- |
مٽِ=
پاڻي لاءِ مٽيءَ جو وڏو ٿانو |
تبديلي جي سمجهاڻي ۽ وضاحت:
معياري سنڌيءَ ۾ ’مَٽُ‘ اُچاربو آهي، پر لاڙي لهجي ۾ ’مَٽِ‘
چوندا آهن. |
|
-- |
پَن (ڪَل)
Pan (kal) |
پِڻڪِي، پاٽِي |
تبديلي جي سمجهاڻي ۽ وضاحت:
اَناج جي ماپڻ لاءِ هڪ ٿانوَ يا ماپو.
. |
|
|
|
|
|
|
سنڌو-تهذيب مان مليل مهرن تي اُڪريل شڪل |
ڊاڪٽر پرپولا جي پڙهڻي |
ڊاڪٽر فيئر سروس جي پڙهڻي |
موجوده سنڌيءَ ۾ رائج لفظ |
|
مِين (min) |
-- |
مِين=
مڇي، روشني، چَمڪو |
تبديلي سمجهاڻي ۽ وضاحت:
سنڌي لوڪ شاعريءَ ۾ سنڌي تهذيب ۾
’مِينَ‘ لفظ اڄ به رائج آهي، لاڙ ۾ عام چوڻي
آهي ته: ’مينَ ٿي وَسي‘ يعني روشني پيئي
چمڪي، هيءَ دولت جو ڏس ڏيندي آهي. سنڌ لوڪ
ادب ۾ به مِينَ جو لفظ ملي ٿو. پروفيسر
ڊاڪٽر سنديلي ٻه اهڙا بيت لکيا آهن جن ۾
مينَ لفظ مڇيءَ جي معنيٰ ڏيکاري ٿو. اهي بيت
هي آهن:
(I) دهَن مِين مُلاچئي، هَس چيتي جهرتي چينَ
(II) ڏُند موتي چَپَ مينر، اَهو عين عجيب جا. |
|
ڪوٽئِي
Kottai
ڪوٽَ
Kotta |
ڪو
ko
koh}mountain |
ڪوٽ=قلعو،
محلات، ڪو=جبل |
تبديلي جي سمجهاڻي ۽ وضاحت:
اڄ به اهو لفظ سنڌيءَ ۾ رائج آهي. |
|
اَٽا (Cross) |
چُڪَ (cukke) |
اَٽا ماٽا، منڌيِئڙو، چُڪَ |
تبديلي جي سمجهاڻي ۽ وضاحت:
سنڌيءَ ۾ اهي لفظ اڄ به استعمال ٿيندا آهن.
|
سنڌو-تهذيب مان مليل مهرن تي اُڪريل شڪل |
ڊاڪٽر پرپولا جي پڙهڻي |
ڊاڪٽر فيئر سروس جي پڙهڻي |
موجوده سنڌيءَ ۾ رائج لفظ |
|
ڪو (ko)=
جبل |
تُڪَ/تُگَ/(Tuka
tuga) |
ڪو/ڪوهه=جبل
دُڪو (وزن)
تَڪَ (وزن) |
تبديلي سمجهاڻي ۽ وضاحت:
سنڌيءَ ۾ ٻَئي لفظ اڄ به عام طور
استعمال ٿين ٿا. ڪو/ ڪوهه=
جبل، اڳي دُڪو وزن طور استعمال ٿيندو هو،
جنهن کي پوءِ تولو سڏيو ويو.تَڪَ يعني تور
به رائج آهي. |
|
چؤنڪ/ چوڪ
Co(n)ku)/cokku |
Margh-an
Marul-al
Shamin,
priest, name of a deity |
چوڪ چَنڊو |
تبديلي جي سمجهاڻي ۽ وضاحت:
موجوده سنڌيءَ ۾ چوڪ چنڊو يا چونڪَ چنڊو لفط
جي معنيٰ آهي، نڀاڳو/ بدنصيب، هي لفظن سڀاڳي
يا بدقسمت ماڻهوءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو
آهي. ڊاڪٽر پرپولا به اهائي ساڳي معنيٰ ڪڍي
آهي. |
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
سنڌو-تهذيب مان مليل مهرن تي اُڪريل شڪل |
ڊاڪٽر پرپولا جي پڙهڻي |
ڊاڪٽر فيئر سروس جي پڙهڻي |
موجوده سنڌيءَ ۾ رائج لفظ |
|
چيوَ
ceva |
Form of combcippu to shave-kiri comb-cikkam |
چور |
تبديلي سمجهاڻي ۽
وضاحت:
سنڌي سماج ۾ چور يا ڌاڙيل اڄ به پاڻ کي بهادر سمجهندا آهن. |
|
ٽانڊَوَ
tandava |
-- |
ڏانڊيو |
تبديلي جي سمجهاڻي ۽ وضاحت:
نچڻ، ٽپڻ/ٽپ ڏيڻ وارو ناچ جيڪو ڏانڊين سان
نچبو آهي، هن کي ڏانڊيو (ناچ جو قسم) سڏيندا
آهن. |
|
اُر
ur |
Oru/or |
اوڙَ
|
تبديلي جي سمجهاڻي ۽ وضاحت:
هر ڏيڻ، هر جي اوڙ، زمين کيڙڻ. |
|
ڊمارَ damara |
Pavai |
ڌَمال/ڌمارَ يعني ٻٽو دُهل
double drum
پَڙو ڏيڻ |
تبديلي جي سمجهاڻي ۽ وضاحت:
ديگ نما دُهل’جيڪو ڍڳي يا اُٺَ جي پُٺيءَ تي
کڻي شهزادن جي درٻار ۾ سندن آمد وقت وڄايو
ويندو هو. سنڌ ۾ لال شهباز قلندر، پير پٺي ۽
ڪن ٻين درگاهُن تي ڌمال وڄائڻ جو رواج اڄ به
جاري آهي.
|
سنڌو-تهذيب مان مليل مهرن تي اُڪريل شڪل |
ڊاڪٽر پرپولا جي پڙهڻي |
ڊاڪٽر فيئر سروس جي پڙهڻي |
موجوده سنڌيءَ ۾ رائج لفظ |
|
Okatu
Vakatu |
(oru/oru proto-Dravidian) |
وَڪَٽُ |
تبديلي سمجهاڻي ۽ وضاحت:
سنڌ ۾ اِٽي ڏڪر راند ۾ ڳَڻپَ لاءِ اِهي
انگ اڄ به ڪم آڻيندا آهن، وَڪَٽ جي معنيٰ
آهي، هِڪُ يا پهريون |
|
-- |
Mu(n)/mu, mun
Mu (n) is Proto- Dravidian |
مُونِ |
تبديلي جي سمجهاڻي ۽ وضاحت:
سنڌ ۾ اٽي ڏڪر راند ۾ ڳڻپ لاءِ اِهي انگ اڄ
به ڪم آڻيندا آهن. مونِ جي معنيٰ آهي ’ٽي‘ |
|
nal |
Nal |
نار |
تبديلي جي سمجهاڻي ۽ وضاحت:
سنڌي صوتيات موجب
]ر[ ۽
]ل[ متبادل آهن. نار جي معنيٰ آهي چار. |
|
- |
ettu/en |
اَٺَ/
|
|
|
|
|
|
|
|
|
تبديلي جي سمجهاڻي ۽ وضاحت:
سنڌي ۽ دراوڙي جا اهي لفظ
گهڻي ڀاڱي هڪ جهڙا آهن يعني’اَٺ ۽ اَٺون‘
ڊاڪٽر فيئر سروس پنهنجي ڪتاب ۾ ٻيا به ڪيترائي نعم البدل ڏنا
آهن، جيڪي هن سنڌو ماٿر مان هٿ آيل مهرن تي اُڪريل
شڪلين لاءِ دراوڙي ٻوليءَ/ ٻولين مان مقرر ڪيا
آهن. اُهي لفظ هي آهن.
فيئر سروس |
موجوده سنڌي |
فيئر سروس |
موجوده سنڌي |
pen
pan (ka)
cuc, cubba
karuve
tun (a)
mettu
karu
bane, ban
gundu (ka)
male
kon, kotu
takadi
sura (a) li
maluku
pata-pata
velan
ni (r) yan
فيئر سروس
spac (patu)
podu, poddu
pak-il
beli/bel
vil
nuru
tugu
gudde
tali
vil
mora-kal
|
ڀيڻ
پِڻڪي
چوُ چُو، ڪُڙک
ڪر/ ڪؤڙو
ٿُوڻي
مَٿي، ميڙُ، ماڙي
ڪارَ، ڪارو
پِڻڪي، پاٽي
گُنڊ (وَر)
مالها
ڪُنڊي
تَڪڻي/ تڪڻ
تورڻ جي ساهمي)
سورِ/ سُر
مَلوڪَ
بتيلو
واڻ/ٻاڻ=تير
نيان/نيائين
موجوده سنڌي
پاٽ، پوهپ
پرهه ڦٽي
ٻانڪڙو(دروازو)
ورُ، ٻيلي
واڙ
وَر (تير)
نورو
dukoدُڪو(ماپ
جو وزن)
گَڏ، ڍِگُ
تار
وِيرُ
مُور/مُلهه |
padu (y)
ur
pedu (y) il
dandi(y) an/= dand.
kora (tu) van/ karivan
parti, pu
atta
kutu
vil-ambu
mora
pani (rain)
agadi
bara (tu)
ar
{tari
pati
piri
فيئر سروس
vale/bale
adnan
kor
ve
mane
muryal
adan
-aya (tu)
aya (ka)
aiyal
- ay
payu
val
ni |
پَڌَرُ
ڏنڊو/ڏنڊي
ڳنوار
ڦُٽي، پَئو
اَڏَ
ڪوٺي
والنڀ، وَر (تير)
موڙي
پاڻي(مينهن)
آڳنڌ/اَڱڻ
واڙو/واڙ
اَر(تير جي نوڪ)
ٿالهي
پَتي (حصو)
ڦيرو، ڦيرُ
موجوده سنڌي
ويڙهه (زيور)
آڏَ/ اَڏَ
ڪُور ڪُور
واءُ
مَنههَ
مَهي
آڏَ/اَڏَ
آئي، آيَلَ(ماءُ)
پاءُ (حصووزن)
واڙ، ويرهو،
نِير.
|
(س) ڊاڪٽر آسڪو پرپولا ۽ سندس ساٿين، پنهنجين رپورٽن ۾ وضاحتي
نوٽ به لکيا آهن، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:
(i)
ص ص 8-9: سنڌو- ماٿر واري تهذيب ۾ علم هئيت ۽ علم
نجوم کي وڏي اهميت هوندي هئي. هن تهذيب وارا يعني
آڳاٽا دراوڙ (Proto-Dravidians)
تارن ۽ سيارن کي ديوتائن طور مڃي، انهن جي پوڄا
ڪندا هئا،
(ii)
ص 9: ’شِوِ‘ ديوتا، سنڌو- ماٿر جي تهذيب جي
ديوتائن مان هڪ هو، جيڪو آڳاٽن دراوڙن ۽ موجوده
هندو مت کي مڃيندڙن جو وڏي ۾ وڏو ديوتا هو. هي
ديوتا (شو) واضح طور ’غير-هند-يورپي تهذيب‘ جو
ديوتا آهي ۽ اسين هن ديوا (شو) کي لازمي طور سنڌو-
ماٿر جي تهذيب جي ديوتائن مان هڪ سمجهي سگهون ٿا.
(iii)
ص 10: ارنسٽ اربمئن (Ernst Arbman)،
تمام گهڻيءَ خبرداريءَ سان ويدڪ ادب جو جائزو ورتو
آهي ۽ آريائي توڙي اَڻَ- آريائي (يا قبل آريائي)
مذهبن جي وچ ۾ فرق نمايان ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.
هن ثابت ڪيو آهي ته ’رُدرا‘ (Rudra)
جيڪو عظيم هندو- ديوتا ’شِوَ‘ جو ’جوڙيوال‘ آهي،
ضرور اَڻَ- آريه قوم جو، وڏي ۾ وڏو ديوتا رهيو
هوندو ۽ ڪنهن مصلحت هيٺ ويدڪ ديوتا منڊليءَ ۾
هيٺاهين جڳهه حاصل ڪيائين.
(iv)
ص 12: ويدڪ ادب ۽ مهراڻ جي ماٿريءَ جو ’بُت
سازيءَ‘ وارو فن (قبل شِوِ) ڏيکارين ٿا ته سنڌو-
ماٿر جا ماڻهو، بديءَ جي راڪاسن (ڪام ديون) کي
پوڄيندا هئا.
|