باب چوٿون
قومي يڪجهتي جا مسئلا
(2)
پاڪستان ٻن حصن سان جڙيل آهي. هڪ حصو مشرقي پاڪستان ۽ ٻيو حصو
مغربي پاڪستان ڪوٺجي ٿو. ٻئي حصا هڪ ٻئي کان ٻارهن
سو ميل پري بيٺل آهن جيڪي صرف سامونڊي ۽ هوائي
رستي پاڻ ۾ مليل آهن. مشرقي ۽ مغربي حصن جو گڏيل
نالو پاڪستان آهي. ملڪ جي مشرقي حصي ۾ بنگالي رهن
ٿا، جيڪي بنگالي ٻولي ڳالهائين ٿا. پنهنجي طبعي
ماحول جي اثر هيٺ پنهنجو مخصوص لباس پهرين ٿا ۽
مخصوص عادتون ۽ ڪلچر رکن ٿا. هنن جي ڌار هڪ مقامي
تاريخ آهي جنهن ۾ هزارن سالن کان مختلف اثر پنهنجو
ٻج ڇٽيندا رهيا آهن. مذهب جي خيال کان اڪثريت
مسلمانن جي آهي ملڪ جي مغربي حصي ۾ چار تهذيبي حصا
آهن ۽ چار زبانون ڳالهائين ٿا. انهن چئني علائقن
جي ماڻهن تي پنهنجي طبعي ماحول جو اثر موجود آهي.
هن حصي جي تقريباً سموري آدمشماري مسلمانن جي آهي.
سرحد ۾ پشتو، پنجاب ۾ پنجابي، بلوچستان ۾ بلوچي ۽
سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائي ويندي آهي. ان کانسواءِ ملڪ جي
ٻنهي حصن ۾ هندوستان مان هجرت ڪري آيل به رهن ٿا.
ان آبادي جو هڪ حصو جيڪو تجارت ڪري ٿو ۽ ملڪ جي
واپار ۽ صنعت تي قابض آهي گجراتي ڳالهائيندو آهي ۽
باقي ماڻهو، اُهي چاهي هندوستان جي اُتر کان آيل
آهن چاهي ڏکڻ کان، وچ واري علائقي مان يا ڪنهن
ٻئي علائقي کان آيل آهن اردو ڳالهائين ٿا. پاڪستان
جون قومي زبانون ٻه آهن هڪ اردو ٻي بنگالي. سرڪاري
زبان انگريزي آهي. هي سڀ تفصيل ان ڪري ڪٺا ڪيا ويا
آهن جيئن اوهان جي ذهنن ۾ بنيادن ۽ هڪ جهڙاين جو
نقشو واضح ٿي سگهي ۽ يڪجهتي ۽ فڪر ۽ عمل جي اشتراڪ
جي مسئلي تي غور ڪري سگهجي.
تهذيبي حصن جي ان رنگا رنگي ۾ هي مسئلو هر شخص کي پريشان ڪرڻ
لاءِ ڪافي آهي ته آخر ان تضاد ۾ يڪجهتي ڪهڙي ريت
پيدا ڪري ٿي سگهجي پر جيڪڏهن انهن ڳالهين کي
سامهون رکي ڏٺو وڃي، جن جي ڪري پاڪستان قائم ٿيو
ته هي مسئلو ايترو پيچيده ۽ مشڪل نه آهي جيترو ڏسڻ
۾ اچي ٿو. وري قومون هڪ ڏينهن ۾ نه جڙنديون آهن.
ان لاءِ وڏي وقت جي ضرورت هوندي آهي. مختلف عنصرن
کي ويجهو اچي هڪ ٻئي سان ملي وڃڻ ۾ وقت لڳندو آهي.
ان لاءِ شعوري ڪوشش جي ضرورت آهي. پاڪستان جي
تحريڪ ان ڪوشش جي علامت هئي هر علائقو پنهنجي روح
کي وسيع تر روح ۾ جذب ڪرڻ لاءِ تيار هو. پهرين ٽن
سالن ۾ ان خواهش سبب، اسان کي پنهنجي قوميت جا
واضح نقش نظر اچن ٿا. ان جذبي سبب پاڪستاني قوميت
جي هڪ شخصيت موجود هئي. اسان جي چوطرف منجهيل
مسئلن جو حملو هو. هر قسم جا خطرا هئا ۽ انهن جو
مقابلو ڪرڻ وارا صرف اسان هئاسين. پر جيئن ئي اسان
پنهنجي قومي شخصيت تي اعتماد ڪرڻ ڇڏي ڏنو هوريان
هوريا سڀ عنصر هڪ ٻئي کان جدا ٿيندا ويا. مثلاً
آمريڪا سان اتحاد ڪري اسان پنهنجي ذات تي اعتماد
ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي حفاظت جي طرف کان مطمئن ٿي
وياسون. اهڙي ريت پاڪستاني شخصيت جي تعمير چڱي طرح
نه ٿي سگهي. هاڻي اسان جي نفسيات صرف ۽ محض هي
آهي ته اسان جا مسئلا ٻيا حل ڪن، ان جو لازمي
نتيجو هي نڪتو ته اسان قومي سطح تي خودغرض ۽ غير
ذميدار ٿي وياسين ۽ هر علائقو نواب صاحب جي پينشن
مان زياده کان زياده حصو حاصل ڪرڻ جو خواهش مند ٿي
ويو. جيڪڏهن اسين پنهنجي قومي شخصيت جي تعمير ڪرڻ
کان پوءِ ڪنهن ٻئي ملڪ کان مدد وٺون ها ته ان مان
ايتري خرابي نه پيدا ٿئي ها. انگلنڊ ۽ فرانس جهڙن
ملڪن به ٻي وڏي جنگ کانپوءِ آمريڪا کان مدد ورتي
هئي پر فرق هي هو ته انهن ملڪن جي هڪ قومي شخصيت
موجود هئي. آمريڪي امداد اسان جي قومي شخصيت کي
اهو وڏو نقصان پهچايو ته اسان ۾ هي احساس فوت ٿي
ويو ته قومي مسئلا گڏيل ڪوشش سان حل ٿي سگهن ٿا.
1942ع ۾ بنگال ۾ ڏڪر پيو ته ساري ملڪ ۾ ماتم مچي
ويو. هاڻي جيڪڏهن ساڳي مصيبت ٿي اچي ته اسان جون
اکيون آمريڪا جون اميدوار آهن. جڏهن اسان پنهنجن
مسئلن جي حل ڪرڻ جو هي ڪوڙو طريقو ڳولي لڌو ته آخر
اتحاد ۽ قومي يڪجهتي ڪيئن پيدا ٿي سگهي ٿي؟ هاڻي
مشرقي ۽ مغربي پاڪستان وارا اهو نٿا سمجهن ته اُهي
هڪ ٻئي جا محتجاج آهن، پر اُهي پاڻ کي علحده علحده
آمريڪا جا محتاج سمجهن ٿا، اهو احساس اسان جي شعور
جو حصو آهي. اها قوم جيڪا پنهنجن مسئلن کي حل ڪرڻ
نٿي چاهي، جنهن کي پنهنجي اهليت ۽ صلاحيت تي
اعتماد باقي نٿو رهي ۽ جنهن جي اندر ۾ ان سلسلي ۾
ذميداري جو احساس نه آهي آخر يڪجهتي جي رشتي ۾
ڪيئن ڳنڍجي سگهي ٿي؟
هڪ ٻي تي آڌار ۽ هڪ ٻي جي محتاجي جي ذريعي، ٻن علائقن ۾ هڪ ٻئي
جي ڳالهه سمجهڻ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي. هڪ ٻئي جا
مسئلا ۽ خوبيون سمجهڻ ۾ اينديون آهن. پاڪستان جي
وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ٻن ٽن سالن تائين اسان کي پٺاڻ
به سٺاڻ لڳندا هئا، بلوچي، پنجابي، سنڌي ۽ بنگالي
به. اسان پنهنجي فوج تي پٺاڻن ۽ پنجابين جي ڪري
فخر ڪندا هئاسين. فسادن جي زماني ۾ پنهنجي فوج جي
جرئت ۽ بهادري جون جيڪي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديون
هيون اهي اسان جي ان طرزِ عمل کي ظاهر ڪنديون
هيون، جنهن ۾ قومي سطح موجود هئي. ان تي پنجابي به
فخر ڪندا هئا سنڌي به. هاڻي هيءَ حالت آهي ته هرڪو
پنهنجي ليکي هڪ ٻئي تي کلي رهيو آهي.
آمريڪي امداد وٺي ۽ پنهنجي حفاظت جو ڪم اُن جي حوالي ڪري اسان
اتحاد ۽ يڪجهتي کي وڏو نقصان پهچايو آهي. ذلت ۽
رسوائي جي آزمائش مان ته اسان ضرور گذري رهيا
آهيون، ليڪن اصل آزمائش سان ته اسان جو ڪو به
واسطو نه آهي. ٻاهرين امداد اسان جي بيداري ۽
ايجاد جي قوت کي مرده ڪري ڇڏيو آهي. جنهن غلاميءَ
مان اسان 1947ع ۾ نجات حاصل ڪئي هئي هاڻي اها اسان
تي مسلط ٿي وئي آهي. هيءَ غلامي ان ڪري زياده
خطرناڪ آهي جو پهرين غلامي جو اسان کي احساس هو ۽
هن غلامي جو احساس به نه آهي. ظاهر آهي ان احساس
کانسواءِ اسان ان جو مقابلو به نٿا ڪريون. ان عمل
پنهنجن ڪارنامن تي فخر ڪرڻ واري جذبي کي به اسان
جي اندر ۾ مرده ڪري ڇڏيو آهي. ”وارسڪ ڊيم“ بنجي
تيار ٿيو ته اسان جي اندر ۾ ان ڪارنامي تي فخر ڪرڻ
وارو اهو جذبو پيدا نه ٿيو جيڪو ڪراچي ۾ معمولي
”ڪورنگي ڪالوني“ بنائڻ سبب پيدا ٿيو هو. ”ڳوٺ
سڌار“ جي سلسلي ۾ جيڪي ڪم ٿيا آهن انهن تي ڪنهن کي
به فخر محسوس نه ٿيو پر ان جي ابتڙ پنجاب جي هڪ
ڳوٺ جي ماڻهن منهنجي سامهون پنهنجي اکين جي چمڪ ۽
چهري جي اظهار سان ان ڪچي سرڪ تي فخر ڪيو جيڪا هنن
گڏجي ٻن مهينن ۾ تيار ڪئي هئي. اهي آهن دراصل اُهي
واقعا جن سان قوم ٺهندي آهي ۽ هڪ ڪچي سڙڪ ساري قوم
لاءِ فخر جو باعث ٿي پوندي آهي. قوم پنهنجي مسئلن
کي حل ڪرڻ جا طريقا پاڻ ڳولي ڪڍندي آهي، پر جي ان
۾ اهو حوصلو باقي آهي. ان عمل جي اثر هيٺ اسان جي
اندر جيڪا تبديلي اچي رهي آهي ته ساري قوم قوميت
کان پري ٿي نام نهاد بين الاقوامي ڪلچر ڏانهن وڌي
رهي آهي ۽ ان ڪوشش ۾ آهي ته هوءَ به جلد ئي ”مغرب“
جي مهذب قومن ۾ شامل ٿي وڃي. ان عمل ۾ اسان جي ٽيپ
ٽاپ جو جذبو زياده آهي مثلاً ٽوئسٽ ۽ راڪ ان رول
مغرب جي شڪل تي پيدا ٿيندڙ اسان جي نئين نسل جو
محبوب ناچ آهي. ان ۾ ڪو به عيب نه هجي ها جيڪڏهن
اهي ناچ اسانجي روح جي اظهار ڪن ها ۽ سرخي پائوڊر
وانگر اسان صرف انهن کي درآمد نه ڪيون ها پر پاڻ
مان ئي تخليق ڪيون هئا. اسان وٽ ترقي جي خواهش جو
عمل خود اعتمادي کان زياده پندڙ واري انداز جو
آهي. اصل ڳالهه ته تخليقي روح آهي جو سڀ ڪجهه پاڻ
ڪندو آهي ۽ رنگا رنگ انداز سان پنهنجي قومي روح جو
اظهار ڪندو آهي. ان مرده تخليقي روح سبب هاڻي
علاقائي روح ايتري قوت حاصل ڪري ورتي آهي جو جڏهن
اسان اونداهي رات ۾ آزادي جي شمع روشن ڪئي ۽ ان
شمع جي روشني آس پاس جي شين کي روشن ڪرڻ شروع ڪيو
ته اسان جي اکين جي روشني ويندي رهي. هاڻي اسان وٽ
علائقا پنهنجي علحده شخصيت بنائڻ ۾ مصروف آهن. ان
روش جتي تنگ نظري تعصب کي جنم ڏنو آهي اتي جذب ۽
قبول واري عمل کي به روڪي ڇڏيو آهي. ان جي معنيٰ
اها نه آهي ته علائقائي يونٽن ۽ انهن جي ڪلچر جي
اوسر قومي يڪجهتي جي دشمن آهي ان جو مطلب صرف هي
آهي ته علائقائي قوميت ”الڳ“ علائقائي شخصيت جي
اوسر اسان جي قومي مفاد ۽ فڪر ۽ عمل جي اشتراڪ جي
خلاف آهي. علاقائي يونٽن جي معاشي، تهذيبي ۽ سياسي
ترقي بذات خود قومي ترقي لاءِ ضروري آهي. ليڪن هتي
معاشرت ۽ تهذيب جون به سطحون گڏوگڏ رهڻ گهرجن. هڪ
سطح تي اهڙيون تبديليون هونديون آهن، جيڪي سموري
قوم جي مزاج سان ٺهڪي اينديون آهن ۽ ٻيون اُهي
تبديليون آهن جو ان علائقي سان مخصوص هونديون آهن.
انهن ٻنهي ۾ توازن قوم ۽ علائقي جي رشتي کي قائم
رکي سگهي ٿو.
صحتمند معاشري ۾ علائقا قومي ڪلچر جي نظام ۾ هڪ اهم جزي جو درجو
رکن ٿا. سمورن علائقن جو تهذيبي ماحول هڪ اهڙو
ڍانچو تيار ڪري ٿو، جيڪو مجموعي طرح قوم جي روح
جواظهار ڪري ٿو. ان ۾ نه ته علائقا ايترو ڪمزور ٿي
وڃن جو انهن جي شخصيت ئي باقي نه رهي نه ايترا
طاقتور جو قومي سطح تي انهن جون شخصيتون ئي پاڻ ۾
وڙهڻ لڳن. نه ايترو اتحاد جو مهانڊا ئي مٽجي وڃن
نه ايترو اختلاف جو هڪ ٻئي کان بي پرواهه ٿي وڃن.
پاڪستان ۾ علائقائي شخصيت ايتري اهميت حاصل ڪري
ورتي آهي جو هاڻي ماڻهو صلاحيتن جي ڪري ترقي نٿو
ڪري سگهي البت علائقن جي سهاري ترقي ڪري سگهي ٿو.
ان جو اثر عام ماڻهن تي هي پيو آهي جو هو ذهني
مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن. علاقائي شخصيت جي زور
قومي مسئلن جي سطح کي علائقائي مسئلن جي سطح تي
آڻي بيهاريو آهي. هاڻي ڪو به مسئلو اهڙو نه رهيو
آهي جيڪو صرف قومي سطح سان واسطو رکندو هجي.
مان هتي قومي يڪجهتي جو ميني فيسٽو نٿو پيش ڪريان. منهنجو مقصد
ته صرف هي آهي ته انهن بنيادي ڳالهين طرف اشارو
ڪريان جيڪي تهذيبي ڳالهين کي اڀارڻ ۾ مدد ڏينديون
آهن، قومي يڪجهتي لاءِ ضروري آهي ته سڀني علائقن
جي اڳيان اهڙا مشترڪ مقصد موجود هجن جن تي نه صرف
هو دل سان يقين رکندا هجن پر ان سطح تي هو
پنهنجيون علائقائي وفاداريون به وساري ڇڏن.
پاڪستاني معاشري ۾ قومي سطح تي اهڙا مقصد ۽ نصب
العين ڪين آهن، جن کي قومي سطح جو درجو ڏئي سگهجي.
يڪجهتي لاءِ ضروري آهي ته معاشري ۾ ”خصوصي رعايت“ کان نفرت ڪئي
وڃي، يعني ڪو به ماڻهو ڪنهن علائقي يا ڪنهن خاندان
سان تعلق رکڻ سبب اهڙي رعايت جو حقدار نه هجي جيڪو
صلاحيت ۽ انصاف جي اصول جي ابتڙ هجي. معاشري جي هر
فرد کي هڪ جهڙا موقعا حاصل هجن. هر فرد کي اطمينان
هجي ته ترقي، عزت ۽ شهرت جو دارو مدار صرف هن جي
ڪارنامي ۽ صلاحيت تي ئي منحصر آهي، جيئن معاشري جو
عام ماڻهو صرف صلاحيت جيئن معاشري جو عام ماڻهو
صرف صلاحيت جي بنياد تي وڌڻ جو پروگرام بنائي.
اسان وٽ هن وقت هيئن ٿي رهيو آهي ته صلاحيت ۽
ڪارناما بي معنيٰ ڳالهه آهن. سڀ ڪم صرف علائقائي
وفاداري، سفارش ۽ تعلقات تي ٿين ٿا. ان بي انصافي
عام ماڻهن جي نفسيات ۾ اهڙو مونجهارو پيدا ڪيو آهي
جو هنن جون صلاحيتون ضايع ٿي رهيون آهن. ان سان
گڏ اهو به ضروري آهي ته معاشري وٽ قومي سطح تي
اهڙا ادارا ۽ اهڙو نظامِ خيال موجود هجي جيڪو قوم
جي مشترڪ مقصدن ۾ نئين معنيٰ پيدا ڪندو رهي ۽ انهن
ادارن جي قيادت اهڙن ماڻهن جي هٿن ۾ هجي جيڪي
پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي وڌيا هجن جن ۾ اها
صلاحيت به هجي ته وقت مطابق انهن ادارن ۾ تبديليون
آڻيندا رهن. ڇا اسان پنهنجي معاشري ۽ زندگي ۾ ڪنهن
نئين معنيٰ پيدا ڪرڻ جي ڪنهن سطح تي دعويٰ ڪري
سگهون ٿا؟
اهو به ضروري آهي ته هن معاشري جو سياسي نظام مشترڪه مقصدن ۽
نصب العين سان گڏ مساوات ۽ انصاف جي روح جو اظهار
ڪندو هجي ۽ سياسي نظام کي هلائڻ وارا ايمانداري
سان گڏ مساوات ۽ انصاف جو حق ادا ڪندا هجن. نه صرف
اهو پر ذاتي مقصدن ۽ اقتدار جي خواهش واري جذبي
کان به نفرت ڪندا هجن. انهن جو تعلق سڌي طرح ۽
مجموعي طور هن ڌرتي جي عوام ۽ انهن جي مسئلن سان
هجي جيئن هو وک وک تي پنهنجي خيالن جو جائزو وٺندا
رهن ۽ قومي زندگي ۾ نئون روح پيدا ڪندا رهن. سياسي
نظام ملڪن کي متحد به ڪيو آهي ۽ منتشر به. اسان جي
معاشري ۾ قومي مقصد پاڻ کي اڳيان رکي صرف سهوليت
خاطر گهڙيا ويندا آهن. جيئن جيئن شخصي ضرورتون ۽
مفادن جون تقاضائون، بدلجن ٿيون اصول به بدلايا
وڃن ٿا. ان عمل جو نتيجو هي آهي ته زندگي جي
مشينري ضرورتمندن جي سهوليت خاطر ڏينهن رات هلي
رهي آهي ۽ يڪجهتي جي عمل کي تڪڙو تڪڙو سست ڪرڻ ۾
مشغول آهي.
يڪجهتي لاءِ ضرور آهي ته هر علائقي جا ماڻهو هڪ ٻئي جي مسئلن ۽
تهذيبي نظام ۾ دلچسپي رکندا هجن ۽ هڪ ٻئي جي جذبن
۽ خيالن جو احترام به ڪندا هجن. نه صرف احترام
ڪندا هجن پر انهن تي کلڻ به ڄاڻندا هجن ۽ جڏهن ٻين
تي کلندا هجن ته کلڻ مان لطف حاصل ڪرڻ جو حوصلو به
رکندا هجن. اها فراخدلي مشترڪ مقصدن ۽ نصب العين
سان گڏ عام ماڻهوءَ ۾ پيدا ٿيندي آهي. پاڪستاني
معاشري ۾ اهو عمل ٻي نموني سان ٿي رهيو آهي. اسان
احترام جي جذبي کانسواءِ هڪ ٻي تي کلون ٿا جنهن ۾
محبت ۽ ايڪي کان زياده حقارت جو جذبو شامل آهي. هڪ
معمولي مثال مان ان ڳالهه جو اندازو هن ريت ڪري
سگهجي ٿو ته ڪوئي بنگالي پنجابي جي اڳيان ويهي کل
نٿو ڪري سگهجي پر پنهنجي ماڻهن ۾ ويهي چٿرون ڪري
ٿو. يڪجهتي جو عمل جادوءَ جي ڌاڳي جو عمل نه آهي،
هي ته شعوري طرح مشترڪ مقصدن مان جنم وٺي ٿو.
اعتماد ۽ فراخدلي جي فضا ۾ وڌي ٿو. مساوات ۽ انصاف
جي ماحول ۾ اسري ٿو ۽ اهو عمل هن وقت اسان جي
معاشري ۾ ڪين آهي.
يڪجهتي لاءِ ضروري آهي ته هڪ علائقي جا ماڻهو ٻئي علائقي جي
ماڻهن سان عام زندگي جي ڪمن ڪارين ۾ عام سطح تي،
بي تڪلف لڳ لاڳاپا رکندا هجن. هو هڪ ٻئي جي رهڻي
ڪرڻي، رسمن رواجن، عادتن خيالن، ضرورتن ۽ حالتن
کان چڱي طرح واقف هجن ۽ انهن ۾ دلچسپي وٺندا هجن.
ان معاشري ۾ ”ذهني آزادي“ کي هڪ اهم ۽ محترم درجو
ڏنو ويندو هجي جيئن معاشري جو عام ماڻهو سوچڻ طرف
مائل ٿي سگهي. اهڙي سوچ مان ڪيترن مسئلن جو حل
پيدا ٿيندو. تخليقي قوتون اظهار جا رستا پيدا
ڪنديون ۽ ”خيال جي تاريخ“ ٺهڻ شروع ٿيندي. قدرن جو
نظام پنهنجي شڪل صورت کي ترتيب ڏيندو ۽ تعليم جي
قومي سطح نمايان ٿيندي. تهذيبي عمل ۾ اسان اڃان
تائين پنهنجي ڳوٺاڻي آباديءَ کي، جيڪا ملڪ جي نوي
في صد آبادي آهي، نظر انداز ڪيو آهي. جتي نه
روزگار جا ذريعا آهن نه ذهن جي اوسر ٿيڻ جا وسيلا.
ڳوٺن جي ماڻهن جو وڏو ڀاڱو ٽوٽائپ ۽ بيڪاري جو
شڪار آهي. حقيقت ۾ هيءَ ئي اها آبادي آهي، جنهن ۾
قومي نقطئه نظر سان تعليم آڻي زندگي جو نئون روح
ڦوڪي سگهجي ٿو.
انهن سڀني ڳالهين سان گڏ ”معاشي مساوات“ يڪجهتي جي سلسلي ۾
بنيادي قدر جو درجو رکي ٿي. سوچيو ته انسان جي
بنيادي ضرورت ڪهڙي آهي. ان جو جواب هي آهي ته هن
کي پيٽ ڀر ماني ملي ۽ مٿي لڪائڻ لاءِ جڳهه. باقي
زندگيءَ جون ٻيون سرگرميون ان کان پوءِ شروع ٿين
ٿيون. جيڪڏهن ڪنهن معاشري ۾ انسان جي هيءَ بنيادي
ضرورت پوري نه ٿي رهي آهي ته ان جي معنيٰ هيءَ آهي
ته سارو معاشرو ان مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجين
صلاحيتن جو جائزو ۽ ناجائز استعمال ڪندو رهندو.
انسان جي بنيادي ضرورت تي ڪنهن معاشري جو سمورو
ڌيان ڏيڻ جي معنيٰ هيءَ آهي ته عدم مساوات سمورن
قدرن ۽ اخلاق جي نظام کي صرف ۽ محض ڏاڍ ۽ استحصال
جو ذريعو بنائي رهي آهي، مذهب، سياست ۽ معيشت جهڙا
ادارا پنهنجي ساري قوت، عدم مساوات جي نظام کي
زنده ۽ برقرار رکڻ لاءِ صرف ڪري رهيا آهن. ان حالت
۾ ”تبديلي جو فلسفو“ قوم جو سڀ کان وڏو دشمن بنائي
پيش ڪيو ٿو وڃي. مذهبي تاويلون انساني ذهن کي لولي
ڏئي سمهارڻ جو ڪم ڪري رهيون آهن، جيئن ماڻهو
پنهنجي قسمت کي خدا جو حڪم سمجهي قبول ڪري، تاريخ
شاهد آهي ته ان عدم مساوات، جنهن جو لازمي نتيجو
معاشرتي عدم مساوات آهي، وڏين وڏين تهذيبن کي فنا
ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ عدم مساوات يوناني تهذيب کي
مٽائي روم جي تهذيب کي مساوات جو نعرو هڻندي اڳتي
وڌايو آهي. هندستان ۾ مسلمانن جا قدم مساوات جي
ڪري ئي جلد ئي پختا ٿي ويا.
اسان وٽ عدم مساوات پنهنجي انتهائي شڪل ۾ موجود آهي، ملڪ جي
ساري دولت اٽڪل ٻن سو خاندانن ۾ ورهائجي وڃي ٿي.
هر ماڻهوءَ ۾ عدم تحفظ جو احساس شديد ٿي ويو آهي،
هر ماڻهوءَ لاءِ ”سڀاڻي“ هڪ بي معنيٰ لفظ آهي ان
ڪري هو اڄ انهن موقعن مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪرڻ
ٿو چاهي جيڪي هن کي اڄ ”اتفاق“ سان حاصل آهن.
اوهان سنڌ، بلوچستان، پنجاب، سرحد جي ڳوٺن ۾ وڃو
عدم مساوات جو ڀوت زمينداري نظام جي شڪل ۾ اوهان
کي ڏسڻ ۾ ايندو جنهن مختلف طبقن کي مختلف
”انتهائن“ تي پهچايو آهي. صنعتي ترقي سان گڏ
سرمائيدارانه نظام هڪ ٻي انتها طرف گهلي رهيو آهي.
مذهب جا علمبردار- پير سائين زميندارانه نظام جي
پاڇي هيٺ مذهب کي جبر ۽ استحصال جو ذريعو بنائي
رهيا آهن. جبر ۽ استحصال جي ان عمل عام انساني ڪم
کي ڏاڍو مجروح ڪري ڇڏيو آهي. مثلاً هاري ۽ زميندار
جي دلچسپي زمين مان اناج اپائڻ سان ڏينهون ڏينهن
گهٽجي رهي آهي. هاري ان ڪري محنت نٿو ڪري جو سمورو
فصل زميندار کڻي ٿو وڃي. زمين تي هن کي مالڪاڻو حق
ڪونهي. زميندار وٽ ايتري زمين آهي جو ان جو ٿورو
حصو به آباد ڪيو وڃي ته هن جون ضرورتون پوريون ٿي
وڃن ٿيون ان ڪري پوک جا اهي ئي پراڻا طريقا رائج
آهن. انهن طريقن کي بدلائڻ جي معنيٰ ”نئون احساس“
هوندي. اهو نئون احساس هڪ عام انسان ۾ هڪ نئون
شعور پيدا ڪندو، جيڪو هن نظام جي قدرن لاءِ خطرناڪ
هوندو. ملڪ جون زمينون بيخيالي جو شڪار آهن. هڪ
پاسي اسان کي وڌيڪ اناج جي ضرورت آهي ٻي طرف هڪ
عدم مساوات انسان جي اندر دلچسپي ۽ ڪم جي عمل کي
ڪمزور ڪرڻ ۾ رڌل آهي. عام ماڻهوءَ جي حالت ڏک ڀري
آهي ۽ ان جو سبب اها معاشي عدم مساوات آهي، جيڪا
اسان جي معاشري ۾ هر سطح تي موجود آهي.
عدم مساوات جنهن مان ناانصافي جنم وٺي ٿي، بنيادي طرح ٻن ڳالهين
سبب آهي. هڪ زمين جي اجاره داري ٻيو دولت جي
اڻپوري تقسيم. اهي ٻئي پنهنجي انتهائي شڪل ۾ اسان
وٽ موجود آهن. مهاڻن اجاره داري جا ڄار چئني طرف
پکيڙي ڇڏيا آهن ۽ انهن جي رسي سوگهي پنهنجن هٿن ۾
جهلي آهي. عدم مساوات جي ان عمل عدل ۽ توازن (جيڪي
صحتمند ڪلچر جون بنيادي وصفون آهن) جي قدرن کي بي
معنيٰ بنائي ڇڏيو آهي. اقتدار ۽ قوت ڪجهه ماڻهن جي
هٿ اچي وئي آهي، جنهن جو نتيجو هي آهي ته نه صرف
زمين تي هنن جي اجاره داري قائم آهي پر ملڪ جي
دولت به هنن جي هٿن ۾ اچي وئي آهي. هاڻي اقتدار،
زمين، دولت سڀ هڪ هنڌ ڪٺا ٿي ويا آهن. جنهن وٽ
دولت آهي اهو اقتدار حاصل ڪرڻ ٿو چاهي. اهڙي ريت
اسان جي ملڪ ۾ صرف ٻه طبقا آهن. هڪ اهو جيڪو زمين
۽ ملڪي دولت تي قبضو ڪيو ويٺو آهي، ٻيو اهو جيڪو
صرف ”ڪرايه دار“ آهي. هڪ وڌيڪ دولتمند ۽ سکيو ٻيو
ڏکيو ۽ بکيو، هن عدم مساوات جو اثر هي آهي ته ملڪ
جي ماڻهن جو وڏو حصو پنهنجين ذهني صلاحيتن کي ڪم
آڻڻ جي حق کان محروم ٿي ويو آهي. ٻي طرف هي طبقو
پنهنجيون سموريون قوتون ۽ صلاحيتون پنهنجي اقتدار
کي قائم رکڻ تي خرچ ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجن ذاتي
غرضن ۽ مقصدن کي قومي غرض ۽ مقصد بنائي ماڻهن جي
اڳيان پيش ڪري رهيو آهي. مذهبي، معاشرتي، سياسي ۽
تهذيبي ادارا جيڪي ان طبقي جي قبضي ۾ آهن معاشري
کي ان حالت ۾ قائم رکڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پيا آهن،
جيئن اقتدار ۽ اجاره داري سندن هٿن مان نه هلي
وڃي. انهن سڀني ڳالهين جو اثر هي آهي ته زندگي
گذارڻ جي ڪشمڪش انتهائي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي.
مايوسي جو احساس عام آهي. محنت ڪندڙ طبقو جنهن ۾
نوڪرين وارا، مزدور، هاري سڀ شامل آهن تلخي،
نامرادي ۽ بحران جو شڪار آهن. عدم تحفظ جو احساس
شديد آهي جنهن معاشري جي حوصلن کي پست ۽ تخليقي
قوتن جي اظهار کي مرده بنائي ڇڏيو آهي. عدم تحفظ
جي احساس هڪ اهڙو مونجهارو، هڪ اهڙي افراتفري، خود
غرضي ۽ تنگ نظري پيدا ڪئي آهي، جو ڪتي جي نفسيات
معاشري جي نفسيات ٿي پئي آهي. |