مقدمو
(نئون ايڊيشن)
”پاڪستاني ڪلچر“ جو پهريون ايڊيشن 1946ع جي آخر ۾ شايع ٿيو ۽
سال اندر ختم ٿي ويو. ٻيو ”نقش“ 1966ع ۾ شايع ٿيو
۽ انهيءَ سال ختم ٿي ويو. ملڪي ۽ غير ملڪي اخبارن
۽ رسالن مفصل تبصرا شايع ڪيا ۽ ان کي حاضر وقت جي
هڪ اهم فڪر انگيز تصنيف تسليم ڪيو. هن ڪتاب جي
اشاعت کان وٺي قومي ڪلچر جي تشڪيل جو مسئلو هڪ
مستقل دلچسپي جوموضوع بنجي ويو ۽ عام طور رسالن،
اخبارن، مذاڪرن ۽ مباحثن ۾ ان تي اظهار ٿيڻ لڳو،
ان حوصله افزائي تي مان نهايت شڪر گذار آهيان.
هڪ زمانو هو، ۽هي ڪائي گهڻي پراڻي ڳالهه نه آهي، جو دانشور ۽
سياستدان جو گهرو ساٿ هو. دانشور يا سياست دان يا
ته هڪ ئي ذات ۾ جمع ٿي ويندا هئا يا وري سياست دان
پنهنجي هنگامه خيز زندگي مان ڪجهه وقت ”پڙهڻ“ ۽
”سوچڻ“ لاءِ به ڪڍي وٺندو هو. پر هاڻي صورت حال
مختلف آهي. اڄ جو ”دانشور“ نواب صاحب جو مصاحب ٿي
ويو آهي ۽ سياست دان جون سرگرميون جوڙ ٽوڙ، سازش ۽
هر صورت ۾ قوت ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ تائين محدود رهجي
ويون آهن. اهو سبب آهي ۽ جو نظرين، اصولن، قدرن،
فڪر ۽ خيال بصيرت ۽ دور انديشي جو عمل دخل سياست ۾
باقي نه رهيو آهي. سياست هاڻي هيءَ وڃي رهي آهي ته
جو چيو وڃي اهو ڪيو نه وڃي ۽ جو ڪيو وڃي اهو چيو
نه وڃي. ان سان گڏ ”لفظن“ ۽ ”عمل“ جو رشتو ٽٽي ويو
آهي ۽ بيانن ۽ تقريرن جا سٺي ۾ سٺا لفظ به هاڻي
اسان کي متاثر نٿا ڪن.
صاحبو! جڏهن لفظ پنهنجي ”معنيٰ“ وڃائي وهن ٿا ته زندگي به ”بي
معنيٰ“ ۽ ”بي مقصد“ ٿي وڃي ٿي.
هاڻي رهيو هي سوال ته هن بحران جو ذميدار ڪير آهي؟ دانشور؟
سياست دان؟ ان جو جواب؟ ان جو جواب ته اوهان ڏيو،
مون کي ته صرف هي چوڻو آهي ته جيڪڏهن اسان جا
سياستدان پنهنجن دانشورن ۽ مفڪرن جون تحريرون
پڙهندا رهن ها ته شايد ان بحران کي سلجهائي سگهن
ها جنهن اسان کي ”ٻه اڌ“ ۽ ”اڌ مئو“ ڪري ڇڏيو آهي
۽ اڄ اسان اهڙي لاهي تي بيٺا آهيون جو ٿوري ئي
لغزش به اسان کي ڪٿي جو به نه رکندي.
مون پنهنجي پياري ملڪ جي سياستدانن کي تمام وڏي يا ناقابلِ عمل
فرمائش نه ڪئي آهي. صرف اهو ئي چيو آهي ته توهان
به هن ننڍڙي ڪتاب کي پڙهو ۽ ڏسو ته هي توهان کي ڇا
چوي ٿو؟- اها ڳالهه ڪڏهن به پنهنجي وات سان نه
چوان ها جيڪڏهن مون کي اهو احساس نه هجي ها ته
ٻوڙن جي ڳوٺ ۾ ائين ئي وڏي واڪ ڳالهائڻو پوندو
آهي.
مون ”پاڪستاني ڪلچر“ جي هن ايڊيشن لاءِ احمد مرزا جميل صاحب،
مينيجنگ ڊائريڪٽر، اليٽ پبلشرس لميٽيڊ جو بيحد
ممنون آهيان، جنهن هن ڪتاب جي اشاعت ۾ گهري دلچسپي
وٺي ڇپائي جي هنر جي اعليٰ جوهر ڏيکاريا آهن. هي
اردو زبان جو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو مونو آفسٽ تي
شايع ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر جميل جالبي
لاهور 12 جون 1972ع
مقدمو
(پهريون ايڊيشن)
اجائي فخر ۽ اجائي انڪسار ٻنهي کان هٽي مون کي صرف هي چوڻو آهي
ته هي ڪتاب لکي مون پنهنجي ان ”پيڙا“ جو اظهار ڪيو
آهي، جنهن گذريل پنجن ڇهن سالن کان مون کي بي چين
بنائي ڇڏيو هو. جيڪڏهن مان ان ”پيڙا“ کي توهان
تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهيان ته ممڪن آهي
ته هن ڪتاب کي پڙهي توهان به مون وانگر بي چين ٿي
وڃو. تخليق جا سمورا وهڪرا انهيءَ بي چينيءَ مان
ڦٽي نڪرن ٿا. آلڊس هسڪلي ته ان بي چيني کي ايتري
اهميت ڏي ٿو جو ان کي سٺي ادب جي بنيادي صفت سڏي
ٿو- ”سٺي ادب جو ڪم هي آهي ته اهو اسان کي بي چين
ڪري ڇڏي“- بهرحال مون تي جا گذري آهي مون اکر به
اکر ان جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي- مون کي ايترو ياد
آهي ته مون هن ڪتاب لکڻ کان اڳ ۽ لکڻ وقت – گهڻو
ڏک ڏٺو آهي- هڪ ته موضوع اهڙو جو نه ان جي روايت
منهنجي اڳيان هئي ۽ نه ئي اظهار جا ڪالب منهنجي
رهنمائي ڪري رهيا هئا. مون کي رستو به بنائڻو هو ۽
سڙڪ به تيار ڪرڻي هئي. جڏهن سڙڪ بڻجي وڃي ۽ رستو
مقرر ٿي وڃي ته قافلا تڪڙا تڪڙا لنگهندا ويندا
آهن. ان اعتبار کان هن موضوع تي اردو ۾ هي پهريون
مستقل ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي لکڻ ۾ مون کي ساڍن ٽن
سالن جو عرصو لڳي ويو آهي. منهنجي بي سرو ساماني
کان سواءِ ممڪن آهي ان جو سبب هي هجي ته مون کي
مسئلن جي اهڙي گهاٽي جهنگ مان لنگهڻو هو جتي وک وک
تي ڌٻڻ هئي ۽ رستو به ڏکيو هو. جيڪڏهن هن موضوع تي
لکڻ جي پهريان ڪا روايت هجي ها ته شايد ايتري
ڏکيائي نه ٿئي ها. ڏيئي مان ڏيئو ٻرندو آهي ۽ رستي
مان رستو نڪرندو آهي. ممڪن آهي مون رستي بنائڻ ۾
غلطيون ڪيون هجن پر منهنجين انهن غلطين ۾ سوچ جو
پهلو ضرور ملندو. گناهي هم اگر باشد ثواب است. مون
جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ جيڪي ڪجهه محسوس ڪيو ان کي ٿورن
کان ٿورن لفظن ۾ توهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي
اٿم. هڪ اهڙي دور ۾ جڏهن فرد ڏسڻ جو ڪم ئي بند ڪري
ڇڏيو هجي هن کي آئينو ڏيکارڻ جو ڪم ئي اهم ڪم
هوندو آهي. هي موضوع منهنجي لاءِ پنهنجي بقا جو
مسئلو آهي. ان ڪري جيڪي ڪجهه مون چيو آهي، پوري
ايمانداري، جرئت ۽ ذميداري سان چيو آهي. ان ۾
منهنجي هي خواهش ضرور آهي ته توهان به هن ڪتاب کي
خلوص ۽ ذميداري سان پڙهو ۽ ذاتي اختلافن کان هٽي
ان موضوع تي پنهنجي ليکي غور ڪريو جيئن ان غور ۽
فڪر ۽ هن بي چيني واري زندگي ۾ مثبت قدرن جو هڪ
اهڙو نظامِ خيال پيدا ٿي سگهي جيڪو اسان جي جديد
ذهني مادي، معاشرتي ۽ تهذيبي تقاضائن کي پورو ڪري
سگهي. قومي ڪلچر جي تشڪيل اسان جو سڀ کان اهم
مسئلو آهي ۽ اهو ئي هن ڪتاب جو موضوع آهي. جيڪڏهن
هن ڪتاب کي پڙهي توهان سوچڻ طرف مائل ٿيا ته مان
سمجهندس ته منهنجي محنت اجائي نه وئي.
مون جتي جتي لفظ ”تهذيبي“ استعمال ڪيو آهي ان کي انگريزي لفظ
ڪلچرل جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي ۽ لفظ ڪلچر جي
اها معنيٰ آهي، جنهن جي وضاحت مون ٻي باب ۾ ڪئي
آهي.
هونئن ته مان هن ڪتاب لکڻ ۾ ڪيترن ڪتابن مان فائدو حاصل ڪيو آهي
پر خاص طرح سائنس آف ڪلچر اينڊ هسٽري جي چوٿين ۽
پنجين باب مان پنجين باب کي سينگاريو آهي. مان
انهن منصفن جو دل سان شڪر گذار آهيان. بي شڪري
ٿيندي جيڪڏهن مان سليم احمد ۽ شميم احمد جو شڪريو
ادا نه ڪريان جن هن ڪتاب جي مسودي کي ڌيان سان
پڙهي مشورا ڏنا. اهي ٻئي منهنجي لاءِ محبت ئي محبت
آهن. مان اقبال جعفر، سراج الحق ۽ مولانا اعجاز
الحق قدوسي جو به شڪر گذار آهيان جن سان تبادلِ
خيال ڪري مون اڪثر پنهنجي ذهن کي صاف ڪيو.
ڊاڪٽر جميل جالبي
ڪراچي 12 اپريل 1946ع
مترجم جا ٻه اکر
ڊاڪٽر جميل جالبي پاڪستان جي اديبن ۾ هڪ ممتاز حيثيت رکي ٿو، هن
ڪيترا علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب لکيا اهن،
جن کي هر هنڌ مقبوليت حاصل ٿي آهي. ”پاڪستاني
ڪلچر“ سندس اهو ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن قومي ڪلچر جي
تشڪيل جي مسئلي تي دل کولي مدلل ۽ مفصل اظهار خيال
ڪيو آهي. هي پنهنجي قسم جو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو
هن 1946ع ۾ لکيو هو. هن ڪتاب جا انگريزي ۽ اردو ۾
ڪيترا ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن.
ڊاڪٽر جميل جالبي پاڪستاني ڪلچر جي مسئلي کي ڇيڙي
خاردار راه ۾ قدم رکيو آهي، اوڀر پاڪستان جي
علحدگي ۽ ان کانپوءِ ملڪي سياسي حالتن جي ڪري
قوميتن جي جذبي وڌيڪ زور ورتو آهي، تنهنڪري هن سان
ڪن ڳالهين ۾ اختلاف ٿي سگهي ٿو، مگر جنهن نموني هن
منجهيل مسئلي جي پيچيدگين ۽ ناهموارين جو تجزيو
ڪيو آهي، اهو سندس علميت ۽ سنجيدگيءَ جو اظهار ڪري
ٿو.
هن ڪتاب پرهڻ سان اهو محسوس ٿئي ٿو ته هن جي دل ۾ پاڪستاني
باشندن ۾ يڪجهتي ڏسڻ جي خواهش بي چين آهي ۽ هو
انهن کي ترقي جي راه تي گامزن ڏسڻ چاهي ٿو.
منهنجي خواهش هئي ته مان سندس ڪنهن علمي ۽ ادبي ڪتاب جو سنڌيءَ
۾ ترجمو ڪريان، مگر سندس هن ڪتاب سان وڌيڪ پيار
آهي ۽ هن هي ڪتاب ترجمي لاءِ منهنجي حوالي ڪيو.
جيئن ته هي ڪتاب پنهنجي نوعيت جو آهي، تنهنڪري
ترجمي وقت ڪتاب ۾ ڪم آيل ٻولي جو خيال رکيو ويو
آهي، جيئن ڪتاب وارا خيال آسانيءَ سان سمجهي
سگهجن.
ڊاڪٽر اياز قادري
فرجام سخن گوئي غالب به تو گويم
خون جگر است ازرگ گفتار کشيدن
غالب |