(2)
پاڪستان جي تاريخ جي نوعيت به هڪ دلچسپ مطالعو آهي. هڪ طرف اها
جاگرافيائي تاريخ آهي، جنهن ڪري موهن جي دڙي جي
پنج هزار سال پراڻي تهذيب ۽ ٻڌمت جا آثار هڙاپا،
ٽيڪسلا ۽ گنڌارا تهذيبون جاگرافيائي اعتبار کان هن
ملڪ جي تاريخ ۾ شامل ٿي وڃن ٿا ۽ ٻي طرف اها تاريخ
آهي جنهن جي روايتن جورشتو برصغير ۾ مسلمانن جي هڪ
هزار سال حڪومت جي تاريخ ۽ ڪلچر ۾ ملي ٿو ۽ جنهن ۾
انگريزن جي ٻن سو سالن جي اقتدار جي تاريخ به شامل
آهي. تاريخ جي ان نوعيت اسان ۾ متضاد نفسيات پيدا
ڪئي آهي. مسلمانن جي هڪ هزار سال تاريخ جا سمورا
تهذيبي مرڪز ۽ نشان هندوستان ۾ آهن. جتي اسان جي
نفسيات اسان کي نفرت جي جذبي سان گڏ اهو ويساهه
ڏنو آهي ته اهي مرڪز ۽ نشان ڇاڪاڻ ته اسان جي
ملڪيت نه آهن. ان ڪري انهن سان روحاني رشتن جي
سمورن لاڳاپن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي. ڄڻ ان ريت
اسان احساس ملڪيت سان گڏجي پنهنجي ورثي جي تهذيبي
تصور ۽ رشتن کي وڍڻ جو عمل شروع ڪيو آهي. ان هيٺ
صرف ۽ محض نفرت جي نفسيات ڪم ڪري رهي آهي. ان ورثي
سان لاڳاپا ۽ رشتا ختم ڪرڻ سان احساسِ ملڪيت جي
تصور سان گڏ، اسان جي نظر انهن آثارن تي پوي ٿي،
جيڪي اسان جي ملڪ جي جاگرافيائي حدن اندر موجود
آهن. ان سان گڏ انسان کي هڪ ٻي ضرورت انهن ڏانهن
ڌيان ڇڪايو آهي. 16 آگسٽ 1947ع کانپوءِ هڪ اهم
مسئلو هي هو ته هن نئين ملڪ جو تعارف ٻاهرين دنيا
سان ڪهڙي ريت ڪرايو وڃي. ڇاڪاڻ ته مد مقابل حريف
هندوستان هو، جنهن جو ڪلچر صديون پراڻو ۽ جنهن جي
فلسفي، تهذيب، معاشرت ۽ مذهب کان دنيا جا ملڪ اڳ
ئي واقف هئا. ان ڪري اها ڪوشش ڪئي وئي ته پنهنجي
ملڪ جي تهذيبي قدامت ۽ تاريخي ورثي کي قديم زماني
سان ملائي دنيا کي هي ڏيکاريو وڃي ته پاڪستان ظاهر
۾ 1947ع ۾ وجود ۾ آيو آهي، پر هي ملڪ دنيا جي عظيم
ترين تهذيبن جو مرڪز رهيو آهي. موهن جو دڙو،
هڙاپا، ٽيڪسلا، مشرقي پاڪستان ۾ ٻڌمت جا تهذيبي
آثار مينا ماتي وغيره اسان جي گذريل عظمت جا نشان
آهن. اهڙي ريت تاج محل، دهلي جي جامع مسجد، مسجد
قوة الاسلام جا مينار وغيره (جيڪي مسلم ڪلچر جون
زنده نشانيون آهن) جي مقابلي ۾ اسان انهن تهذيبن
جي آثارن کي پيش ڪيو ۽ اهو سمجهيوسين ته انهن
تهذيبن جي نالي ۽ قدامت کي ڇاڪاڻ ته دنيا جون
قومون اڳ ئي واقف آهن، تنهن ڪري پاڪستان جي قدامت
۽ عظمت، جو انهن کي ازخود اندازو ٿي سگهندو.
ان جو نتيجو اهو نڪتو ته پاڪستاني قوم جا تهذيبي رشتا ٻڌمت جي
مرڪزن سان ڳنڍجڻ لڳا ۽ ان ڳالهه جي دعويٰ ڪئي وئي
ته 530- 558 ق م سنڌ جي وادي ايران جي بادشاه
ذوالقرنين کي ڏن ڏيندي هئي ۽ جڏهن دارا سمنڊ رستي
فوج موڪلي هئي ته ان سنڌ جي وادي وارو علائقو
پنهنجي تسلط هيٺ آڻي ڇڏيو هو. چوٿين صدي قبل مسيح
۾ سڪندر سنڌ جي وادي تي حملو ڪيو ۽ مغربي پنجاب ۽
سنڌ جي ساري علائقي کي فتح ڪري ورتو، ان ڳالهه کي
وڏي واڪ تسليم ڪيو ويو ته ان حملي جو اثر هتان جي
تهذيب تي ايترو گهرو پيو جو اهو اڄ به اسان جي
مزاج ۾ شامل آهي. ان سلسلي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو
ويو ته گنڌارا ۽ موهن جي دڙي جون تهذيبون جيتوڻيڪ
اسان جي موجوده تهذيب کان علحده آهن پر اهي هندو
تهذيب کان به مختلف آهن ۽ انهن عظيم تهذيبن جو
ڍانچو اسان کي ورثي ۾ مليو آهي. قدامت جي محاذ تي
هندوستان سان مقابلي ڪرڻ جو هي هڪ سياسي طريقو هو،
ليڪن هيءَ اُها پهرين غلطي هئي جنهن ”هند مسلم
ثقافت“ سان اسان جي رشتي کي ڪمزور ڪرڻ شروع ڪيو ۽
برصغير جي ورهاڱي سان گڏ اسان پنهنجي ذهني ۽
روحاني ورثن، تهذيبي ۽ تاريخي روايتن کي به ورهائي
ڇڏيو ۽ پاڻ کي اهو سمجهائڻ لڳاسين ته اسان جا
تاريخي ورثا ۽ روايت جا جيڪي نشان هندوستان ۾ رهجي
ويا. اُهي هندوستان جي روايت ۽ تاريخ جو حصو آهن ۽
جيڪي جاگرافيائي حدن جي حساب سان اسان کي مليا آهن
اُهي اسان جي روايت، ورثي ۽ تاريخ جو حصو آهن.
”هند مسلم ثقافت“ سان تهذيبي رشتن ٽوڙڻ جي ذهني
روئي جو نتيجو هي ٿيو ته اسان رڻ پٽ ۾ اڪيلا رهجي
وياسين هڪ اهڙي مسافر وانگر جو ساڙيندڙ اُس ۾
پنهنجو رستو وڃائي ويٺو هجي ۽ اڏامندڙ واري هن کي
اهڙي طرح وڪوڙي ڇڏيو هجي، جو هن کي پنهنجي سڄي ۽
کٻي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ايندو هجي. هن جو ساهه گهٽجي
رهيو هجي ۽ جسم گرم واري سان سخت سڙندو هجي.
ان سلسلي ۾ اسان روحاني تجربي جي اهميت کي بلڪل نظرانداز ڪري
ڇڏيو آهي ۽ وساري ڇڏيو آهي ته جاگرافيائي حدن اندر
رهندي به هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي اها معنيٰ هرگز
نه آهي، جيڪا حد کان ٻاهر رهندي به اسان جي لاءِ
ڪعبي جي معنيٰ آهي. ڪعبو اسان جو روحاني تجربو آهي
ان جي ابتڙ موهن جو دڙو ۽ هڙاپا اسان جي روحاني
تجربي سان ڪو به واسطو نه ٿا رکن. ساڳي سرن ۽ چوني
سان مندر ۽ مسجد جي تعمير ٿيندي آهي، مندر اسان جي
روحاني تجربي جو حصو نه آهي. ليڪن مسجد اسان جي
روحاني تجربي جو حصو آهي. جيڪا شي اسان جي جذبن کي
نه اُڀاري ۽ اسان جي روايتن سان ان جو واسطونه هجي
اسان جو روحاني تجربو ڪيئن ٿي سگهندي؟ ايتري قدر
جو جيڪو مصر جي فرعونن جي تهذيب سان نئين مصر يا
جاهليت جي زماني واري تهذيب سان عرب تهذيب جو تعلق
آهي اهو تعلق به اسان جو موهن جي دڙي، هڙپا، مينا
ماتي ۽ گنڌارا جي تهذيبن سان نه آهي. آخر ويچار
جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته صرف ٿانون، چٽڪاري ۽ اهڙي
قسم جي ٻين ڳالهين ۾ اسان پنهنجن روحاني رشتن کي
ڪيئن تلاش ڪري ٿا سگهون؟ اهي جيڪڏهن شامل به آهن
ته اسان جي ڪلچر ۾ صرف خارجي طرح. دراصل بنيادي
مسئلو روحاني تجربي، تاريخ ۽ روايتن جو مسئلو آهي
اهو ئي اصل معيار آهي.
اسان پاڪستان جا سڀ رهاڪو ”هند مسلم ثقافت“ جا وارث ۽ جانشين
آهيون جيڪا برصغير ۾ مسلمانن جي هڪ هزار سال حڪومت
واري دور ۾ هتان جي فضا، مزاج، آب هوا ۽ ميلاپ جي
اثر هيٺ وڌي آهي. جنهن ۾ عربن جو مذهبي جوش ۽ آدرش
به شامل آهي ۽ افغان، ايرانين، ترڪن ۽ مغلن جو
مزاج ۽ روح به. نه صرف اهو پر جنهن جي روح برصغير
پاڪ ۽ هند جي روح کي پنهنجي مزاج ۾ سمائي تهذيب جو
هڪ اهرو نمونو پيدا ڪيو هو جو اڄ برصغير جي زنده
تهذيب جو بنياد آهي. جنهن ۾ اُهي عنصر به شامل آهن
جن کي اسين علحده رکي ڏسي رهيا آهيون ۽ اُهي عنصر
به جيڪي ان ميل ميلاپ ربط ضبط جو منتقي نتيجو آهن.
اسان جو ڪجهه آهيون انهيءَ تهذيب جو نتيجو آهيون،
جنهن جو صحتمند عمل هڪ هزار سالن تائين جاري رهيو
۽ جنهن کي اسان پنهنجي تخليقي قوتن سان سيراب ڪندا
رهيا آهيون، جنهن جون نشانيون هڪ طرف برصغير پاڪ ۽
هند ۾ هر طرف پکڙيون پيون آهن ۽ ٻي پاسي وات مان
لفظن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيون ٿين. اڄ به اسان جو لباس،
رهڻي ڪرڻي، اسان جو کاڌو، معاشري جا اسان جا آداب،
اسان جا روزمره جا اوزار، اسان جون ريتون رسمون،
اسان جي موسيقي، اسان جي شاعري، ۽ اسان جو مزاج ان
ئي تهذيب جي پيڙه تي قائم آهي. اهو ئي اِهو تهذيبي
ورثو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جا سمورا ماڻهو مشترڪ
طرح مزاجاً ۽ عملاً شريڪ آهن. قومي يڪجهتي ۽ ملڪ
جي سلامتي جي سطح به اها آهي. هڪ جدا ملڪ جو شعور
به ان مزاج جي انفراديت کي زنده ۽ قائم رکڻ جو
شعوري عمل هو. اسان جو قومي فرض آهي ته ان ورثي جو
شعور ايندڙ نسلن تائين پهچائيندا رهون.
ان منفرد ڪلچر سبب مسلمان قوم هندو معاشري ۾ هڪ هزار سالن تائين
کير ۽ کنڊ رهڻ جي باوجود ضم نه ٿي سگهي، هندو مذهب
۾ متضاد عقيدن کي جذب ڪري هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي
ايتري زبردست صلاحيت موجود آهي، جو هندوستان ۾داخل
ٿيندڙ ڪا به قوم پنهنجي انفراديت کي برقرار رکي نه
سگهي. ڪشن فاتح ٿي آيا ۽ اتر اولهه هندوستان کي
فتح ڪري ورتائون پر ٿورين صدين ۾ هنن جي پنهنجي
انفراديت هندوستان جي تهذيب ۾ جذب ٿي وئي. هنس،
گوجر، جاٽ ۽ راجپوتن سان به ائين ٿيو پر مسلمانن
پنهنجي قومي آدرش سبب نه صرف پنهنجي انفراديت کي
برقرار رکيو پر هڪ اهڙي ڪلچر کي جنم ڏنو جيڪو اڄ
برصغير جي ڪلچر جي بنياد جو درجو ٿو رکي. هند مسلم
ثقافت ئي اسان جي يڪجهتي، روحاني اتحاد ۽ قومي
تصور جو سرچشمو آهي. ان مان اردو زبان پيدا ٿي، ان
مان اسان جي موسيقي وجود ۾ آئي، ان جون عمارتون ان
جي روح جو مظهر آهن، جنهن جي نقاشي ۽ زخطاطي جا
نمونا اسان جي روح جو اظهار ڪن ٿا، جنهن ۾ اسان جي
جمال جي احساس ۽ تخليقي قوتن نوان نوان خوبصورت گل
ٽيڙيا. ان تهذيبي مزاج سبب هن ملڪ جو هر هڪ رهاڪو
ذهني طرح يڪجهتي جي خواهش رکي ٿو. اهو ئي اهو
تهذيبي ورثو آهي، جنهن جي سبب اردو سنڌي، پشتو،
پنجابي ايتري قدر جو مسلم بنگالي وغيره زبانن ۾
گهڻو ڪجهه خزانو مشترڪ آهي. ان ورثي جون سموريون
خوبيون ۽ ڪمزوريون اسان کي ورثي ۾ مليون آهن. اسان
جيڪڏهن پاڻ کي هڪ ڄاتل سڃاتل قوم بنائي سگهون ٿا
ته صرف ان ورثي سبب ئي- اسان ڇا هئاسين؟ اسان ڇا
آهيون ۽ اسان ڪيڏانهن وڃڻ چاهيون ٿا؟ انهن بنيادي
سوالن جا جواب به ان تهذيبي ورثي ۽ ماضي جي تاريخ
جي شعور سان ڏئي سگهون ٿا. اها ئي اُها سطح آهي،
جنهن تي اسان کان ٻارنهن سو ميل پري رهڻ وارو
بنگالي، علائقائي سطح کان بلند ٿي، قومي سطح تي
يڪجهتي جي رشتي ۾ هڪ ٿي سگهي ٿو. هيءَ ڳالهه ذهن
نشين هجي ته نئين جاگرافي ماضي جي تاريخ کي بدلائي
نه ٿي سگهي پر ماضي جي تاريخ جو شعور ڪنهن قوم جي
جاگرافي ضرور بدلائي سگهي ٿو.
ماضي جو تاريخي ورثو اها قوت آهي، جيڪو احساس ۽ شعور کي نون
امڪانن سان روشناس ڪرائيندو ٿو رهي. ماضي جي شعور
جي معنيٰ هيءَ آهي ته ملڪ جي ساري تهذيب، قوم ۽
ملت جي سموري تاريخ ۽ پوءِ انهن تهذيبن جي تاريخ
جن ان ڪلچر کي متاثر ڪيو آهي، هڪ ايڪي جي شڪل ۾
اسان جي ذهن ۾ موجود آهن ۽ اُهي نه صرف اسان جي
شعور ۾ زنده آهن پر هڪ نظام ۾ پوتل پڻ آهن. ڪنهن
قوم جي ڪمزور تاريخ يا پنهنجي عظيم تاريخ جو ڪمزور
شعور تخليقي صلاحيتن، خيال ۽ قدرن جي ساري نظام کي
ٽيڙي پکيڙي ٿو ڇڏي. اڄ اهو عمل اسان جي معاشري ۾
ڏسڻ ۾ ٿو اچي. ”هند مسلم ثقافت“ کان پري هٽڻ واري
روش اسان جي قومي سطح تي ڌوڏي علاقائي قوميتن کي
قوي ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ذهني عمل انساني سطح کي
نهايت پست ڪري ڇڏيو آهي. تنگ نظري ۽ قبائلي ساڙ
اسان جي زندگي جي ”رهنما قوت“ ٿيندي پئي وڃي جيڪا
هوريان هوريان قومي يڪجهتي کي ڏکيو بنائي رهي آهي.
ان عمل علائقي قوميت جي مسئلي کي ايترو منجهايو
آهي. جو قومي سطح جو تصور ئي باقي نه رهيو آهي.
جاگرافي کي تاريخ سمجهي جيڪڏهن اسان ”هند مسلم
ثقافت“ جي ان تهذيبي ورثي کي پنهنجي ڪلچر مان خارج
ڪيون ته پوءِ اسان وٽ باقي ڇا ٿو وڃي رهي؟ ڇا اها
غلطي اسان جي ملڪ جي سالميت ۽ قومي يڪجهتي جي تصور
کي ٽڪر ٽڪر نه ڪري ڇڏيندي؟
(3)
يڪجهتي ۽ عمل ۽ فڪر جو اشتراڪ قومي ڪلچر جي اوسر لاءِ بنيادي
حيثيت ٿو رکي. جيستائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ هي
عمل فرد جي شخصيت جو جزو نه ٿو بنجي قومي ڪلچر جي
پيدائش ممڪن نه آهي. اسان جو مسئلو هي آهي ته ڪجهه
اهڙا علائقا هڪ قوم جي يقين هئڻ سبب هڪ ٻئي جي
ويجهو اچي ويا آهن، جن ۾ تهذيبي بنياد موجود آهن،
جن بنيادن تي انهن علائقن مجموعي طرح مذهبي سطح تي
قومي بنجڻ واري جذبي جي باوجود پهريان چڱي طرح نه
سوچيو هو. قومي يڪجهتي ۽ فڪر ۽ عمل جي اشتراڪ جو
مسئلو اهڙو مسئلو نه آهي، جنهن کي ٻين ڳالهين کان
علحده ڪري ڏسي سگهجي. ان لاءِ سموري تاريخ، ملڪي
جاگرافي جي نوعيت، سمورن سياسي،سماجي، معاشي ۽
تهذيبي عنصرن کي سامهون رکي اهو ڏسڻو پوندو ته
انهن ۾ ڪهڙو رشتو آهي ۽ انهن سڀني ۾ وڌيڪ لاڳاپو
ڪهڙي طرح پيدا ڪري سگهجي ٿو، جيئن انهن سڀني
عنصرن مان هڪ تهذيبي وحدت پيدا ٿي سگهي. تهذيبي
وحدت دراصل هر قسم جي ٻين وحدتن جي روح جو نالو
آهي.
يڪجهتي جو مطلب هي آهي ته اسان جي ملڪ جي مختلف علائقن جي رهڻ
وارا، پنهنجي جدا تهذيبي عنصرن جي باوجود، ذهني،
روحاني ۽ مادي طرح هڪ ٻئي سان اهڙا ملي ويا هجن جو
اُهي هڪ ٻئي کانسواءِ رهڻ جو تصور ذهن ۾ نه آڻي
سگهندا هجن انهن جا اختلاف اتفاق پيدا ڪرڻ لاءِ
هجن، اُهي هر سطح تي هڪ ٻئي جا محتاج هجن ۽ هڪ ٻئي
جي ضرورت محسوس ڪندا هجن. هڪ جي قوت ٻئي جي قوت ٿي
پئي هجي ۽ پنهنجن سمورن مسئلن جو حل ان فڪر ۽ عمل
جي اشتراڪ ۾ ڳولڻ جا عادي ٿي ويا هجن. ان يڪجهتي
کانسواءِنه ملڪ ملڪ ڪوٺائي سگهي ٿو ۽ نه قوم قوم.
صرف علائقن جي ڪمزور اتحاد کي ملڪ جو نالو نٿو ڏئي
سگهجي، قومي يڪجهتي لاءِ بنيادن کان زياده گهرن
لاڳاپن ۽ هڪ مشترڪ تاريخ جو هئڻ ضروري آهي.
پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ اهي ٻئي عنصر موجود
آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن کي پنهنجي فڪر
۾ نمايان جاءِ ڏني وڃي جيئن مسئلا علاقائي قوميت
جي تنگ سطح کان بلند ٿي قومي نگاه کان ڏٺا وڃن پر
هاڻي سوال هي پيدا ٿو ٿئي ته جڏهن اهي گهرا لاڳاپا
۽ مشترڪ تاريخ موجود آهي ته پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو
ايترن سالن گذرڻ کانپوءِ اسان قومي يڪجهتي جهڙي
بنيادي ڳالهه طرف ايترو نه وڌي سگهيا آهيون، جيترو
اسان کي وڌڻ کپندو هو.
پاڪستان ۽ پاڪستاني قوميت جو بنياد مذهب تي رکيل هو ۽ اسان
پاڪستان تحريڪ جي ابتدائي دور ۾ ئي ان ڳالهه جو
اعلان ڪيو هو ته هندستان جي مسلمانن جي تاريخ ۽
مذهب ڇاڪاڻ ته هڪ آهي ان ڪري مسلمان هندن کان هڪ
علحده قوم آهن ۽ مسلمانن جا مسئلا ۽ انهن جي زندگي
جو نمونو هندو قوم کان جدا آهي. اها ڳالهه سر سيد
احمد خان کان وٺي اقبال ۽ محمد علي جناح تائين
سڀني نهايت زور شور سان چئي. ان ڪري اسان کي هڪ
اهڙو ملڪ بنائڻو هو جتي اسين پنهنجا قومي، ديني،
تهذيبي ۽ معاشي قدر پنهنجي مرضي ۽ ضرورت مطابق
بنائي سگهون. انهيءَ اندازِ فڪر تي پاڪستاني قوميت
قائم هئي. ان فڪر ۾ مذهب کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي
هئي، ڪلچر ۽ علائقائي ڳالهين کي ڪا ئي اهميت ئي نه
ڏني وئي هئي پر جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو تڏهن
هوريان هوريان مذهب جي عملي ۽ فڪري گرفت ڪمزور ٿيڻ
لڳي. تهذيبي ڳالهين جو تضاد پيدا ٿيڻ لڳو ۽ معاشي
۽ تهذيبي عنصر جيڪي ڪنهن ڪلچر ۾ بنيادي اهميت رکن
ٿا شعور جي سطح تي اڀري آيا. نه صرف آيا پر هڪ
نظريو ٿي اسان جي عمل ۽ فڪر کي متاثر ڪرڻ لڳا.
اسان ڏسون ٿا ته پاڪستان جا مختلف علائقا، هڪ مذهب
هئڻ جي باوجود، قومي يڪجهتي جي رشتي ۾ سمائجي نه
سگهيا، جنهن لاءِ هن ملڪ کي بنايو ويو هو. ڇا ان
جي معنيٰ اها آهي ته مذهب ۾ قومي يڪجهتي پيدا ڪرڻ
جي قوت نه هئي يا وري ان جي معنيٰ هيءَ آهي ته
اسان علاقائي ڪلچرن ۽ معاشي قوتن جي اثرن کي مذهب
کان جدا ڪري ڇڏيو هو. جيڪڏهن انساني زندگي جون
سموريون ضرورتون، فطرت ۽ تقاضائون مذهب جي دائري ۾
اچي وڃن ٿا ته پوءِ ان ڳالهه جو ڪهڙو سبب هو جو
اسان علاقائي ڪلچرن ۽ معاشي قوتن جي اهميت کي نظر
انداز ڪري ڇڏيو هو. هيءَ اها ڳالهه هئي جيڪا اسان
کي پاڪستان جي نظرئي جي مخالفن کان سکڻ کپندي هئي.
زنده قوم نه صرف پنهنجن دوستن پر پنهنجن حريفن ۽
مخالفن کان به سکندي آهي. جڏهن حريفن اهو چيو هو
ته ”هتي (پاڪستان) جا رهاڪو مذهب کانسواءِ هر لحاظ
کان هڪ ٻئي کان مختلف آهن. اهو چوڻ عوام کي وڏو
ڌوڪو ڏيڻ آهي ته صرف مذهب جي هيڪڙائي ٻن اهڙن
علائقن کي هڪ ڪري سگهي ٿي، جيڪي جاگرافيائي،،
لساني، معاشي ۽ معاشرتي اعتبار کان هڪ ٻئي کان
بلڪل علحده هجن.“ ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اسلام هڪ
اهڙي معاشري جي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو نسلي،
معاشي ۽ سياسي حدن کان مٿي هجي. ليڪن تاريخ شاهد
آهي شروع جا چاليهه سال يا وڌ ۾ وڌ پهرين صدي کي
ڇڏي اسلام ڪڏهن سڀني مسلمان ملڪن کي صرف مذهب جي
بنياد تي متحد نه ڪري سگهيو آهي.[1]
ته اڄ وانگر به ان وقت سوچڻ جي ضرورت هئي ته انهن
قوتن کي به مذهب ۾ شامل سمجهي انهن ڏانهن به پورو
پورو ڌيان ڏيڻ گهرجي. ليڪن اهو صرف جذبي جو دور هو
۽ ”اجتماعي“ جذبي جي نفسيات تضاد کي وقتي طرح
دٻائي فڪر جي روشني کي اونداهو ڪري ڇڏيو هو.
اچو انهيءَ نقطئه نگاه کان پنهنجي اشتراڪ ۽ اختلاف جي قدرن کي
تلاش ڪريون. اسان ۾ جيڪا ڳالهه مشترڪ آهي اها هيءَ
آهي ته اسان جو مذهب مشترڪ آهي. مذهب جي تهذيبي
اثر اسان جي فڪر ۽ عمل ۾ ڪنهن حد تائين اشتراڪ
پيدا ڪيو آهي. اسان جي اجتماعي تاريخ هڪ آهي ان ۾
اسان ۾ هڪ ٻئي سان ويجهائپ جو احساس پيدا ڪري ڇڏيو
آهي. اسان ۾ جتي اختلاف آهي اهو هي ته علاقائي
ڪلچر هڪ ٻئي کان مختلف آهن ۽ انهن کي وڌيڪ طاقتور
بنائڻ جو جذبو شديد ٿي ويو آهي. هر علائقي جي زبان
جدا آهي ۽ هر علائقي جا ماڻهو هڪ ٻئي جي زبان کي
پنهنجي زبان جو دشمن ٿا سمجهن. معاشي بي انصافين ۽
عدم مساوات سبب اسان جو هڪ ٻئي تان ڀروسو لهي ويو
آهي. ڀروسي نه رهڻ سبب علائقن ۾ هڪ ٻئي کي شڪ شبـﮧ
جي نظر سان ڏسڻ جو جذبو وڌي ويوآهي. حيرت اها آهي
ته مذهب، جنهن کي اسان پنهنجي زندگي، فڪر ۽عمل ۾
بنيادي اهميت ڏيندا آهيون، ان جواثر اسان جي روز
مره جي ڪمن تي پوڻ بند ٿي ويو آهي. مذهب جي اخوت ۽
مساوات واري تعليم بي اثر آهي. اهو عمل برسرِ
اقتدار طبقي جي ماڻهن ۾ عام ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ
گهرو آهي. فڪر ۽ عمل جي سموري وسعت انهيءَ نقطي تي
سميٽجي وئي آهي. اهو فڪر ۽ عمل هر سطح تي مساوات ۽
انصاف کي مجروح ڪري رهيو آهي. ڪڏهن اهو معاشي
مسئلي جي تارازي ٿي ٿو پوي ۽ ڪڏهن لساني اختلاف جي
شڪل اختيار ڪري ٿو وٺي. علاقائي وفاداريون ۽
علاقائي زبانون قومي سطح کي تعمير ٿيڻ کان اڳ ئي
ڊاهي ٿيون ڇڏن. رواداري، فراخدلي ۽ انصاف جي جاءِ
تنگ نظري، تعصب ۽ خود غرضي ورتي آهي. هر ماڻهو عدم
تحفظ جي احساس جوشڪار آهي. جنهن کي موقعو ملندو
آهي، اهوانصاف، مساوات ۽ قومي تقاضائن کي ڇڏي هر
روز اصول بدلائي پنهنجي علائقي جي تحفظ ۾ لڳي ٿو
وڃي. مشترڪ مقصد، مشترڪ معيار
(NOM)
۽ مشترڪ اندازِ نظر ان سبب غائب آهي.
قومي يڪجهتي، فڪر ۽ عمل جي اشتراڪ جي معنيٰ آهي ته قوم ۾ سڀني
علائقن جي ذات ۽ شخصيت جا سمورا پهلو موجود هجن.
ننڍا عنصر هڪ جهڙي اهميت سان وڏن عنصرن سان شامل
هجن. وڏو ننڍي کانسواءِ نامڪمل ۽ ننڍو وڏي
کانسواءِ اڻ پورو، يڪجهتي انهن سڀني عنصرن جي
داخلي وحدت جو نالو آهي، جنهن ۾ سڀ وهڪرا اچي ملن
ٿا ۽ هڪ وڏو دريا بنجي پوي ٿو ۽ جڏهن اهو دريا
انهن وهڪرن کي پاڻ ۾ سموئي ٿو ته رڻ پٽن ۾ گل و
گلزار پيدا ٿي ٿا وڃن. بٺ زمين سائي ٿي وڃي ٿي ۽
زندگيءَ جي هر سطح تي هڪ نئين توانائي جو احساس
ٿيڻ ٿو لڳي. اهو وڏو دريا قوم آهي ۽ اهي وهڪرا
جيڪي ان ۾ اچي ملن ٿا سي علائقا آهن. دريا انهن
وهڪرن کانسواءِ ڪجهه به نه آهي ۽ وهڪرا دريا
کانسواءِ رستي جي واري ۾ جذب ٿي ختم ٿي ٿا وڃن.
اسان جي موجوده فڪر ۽ علم جي خاصيت هيءَ آهي ته ان
۾ وهڪرا ته ڇوها وهن ٿا پر دريا خشڪ لڳو پيو آهي.
تضاد، تنگ نظري ۽ علاقائي قوميتن جا فاتح قافلا ان
جي سيني تي گهوڙا ڊوڙائي رهيا آهن. اسان جو اصل
قومي مسئلو هي آهي ته ڪهڙي ريت انهن وهڪرن کي دريا
سان ملايو وڃي، جيئن وهڪرن جو پاڻي خشڪ تاساري
زمين ۾ جذب ٿي نه وڃي. ان مسئلي جو تعلق سڌو سنئون
اُن اندازِ نظر سان آهي، جيڪو اسان جي زندگي ۽
اسان جي فڪر جي سموري قدرن کي نئين سر جاچڻ ۽ غور
ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو. جنهن ۾ معاشي ۽ مادي، لساني ۽
مذهبي سڀ مسئلا شامل آهن- اچو اڳتي هلون.
|