باب پهريون
آزادي، تهذيبي مسئلا ۽ تضاد
دهلي جي چاندني چوڪ واري گهنٽا گهر 14- آگسٽ 1947ع تي جڏهن
يارهن وڄڻ جو اعلان ڪيو ته دنيا جي نقشي تي هڪ
نئون آزاد ملڪ اُڀريو- ان ملڪ جونالو پاڪستان هو-
پاڪستان، اسان جي آزادي جو آدرش اسان جي آرزوئن جو
ڪعبو- جتي برصغير جي هر خطي جا مسلمان هڪ ٻئي سان
گڏجي هڪ قوم جي حيثيت سان نئين زندگي جو آغاز ڪرڻ
وارا هئا. جتي هنن پنهنجين عظيم روايتن جي سهاري،
نين تهذيبي قوتن جي ثبوت ڏيڻ جو ارادو هو. پر
جڏهن آزادي آئي ته اها پنهنجي جهولي ۾ ٻه ڳالهيون
کڻي آئي- هڪ نفرت ٻيو تضاد- نفرت ساري برصغير کي
هندو مسلم فسادن جي باهه ۾ اڇلائي ڇڏيو تضاد جي
عفريت، جنهن تي اسان آزادي کان اڳ ڌيان نه ڏنو هو،
قسمين قسمين ٿڪائيندڙ مسئلن ۾ اسانکي ڦاسائي ڇڏيو.
آزادي کان پوءِ اسان سڀني محسوس ڪيو ته اسان وٽ ڪو
به تهذيبي سرمايو اهڙو نه آهي جنهن سان اسان ان
چئلينج کي قبول ڪري سگهون جيڪو آزادي پاڻ سان گڏ
کڻي آئي آهي. ”مروج“ مذهب جو اخلاقي ۽ تهذيبي
سرمايو بظاهر اسان جو ساٿ ڏيڻ جي باوجود پنهنجي
چمڪ وڃائي رهيو آهي. آزادي کان اڳ اسان جا سمورا
جذبا ”اجتماعي“ هئا. آزادي کان پوءِ اجتماعي جذبن
جو رنگ روپ جهڪو ٿيڻ لڳو ۽ معاشري جي هر سطح تي
اهو احساس شدت سان اڀرڻ لڳو ته آخر اهي ڪهڙا عنصر
آهن جن جي ذريعي اسان يڪجهتي ۽ حقيقي اتحاد حاصل
ڪري هڪ قوم ٿي سگهون ٿا- اسان جو تهذيبي سرمايو
ڪهڙو آهي؟ اسان جي فڪر ۽ خيال جا ڪهڙا رستا آهن؟
معاشري جي اڳيان واضح ۽ غير واضح طور هي سوال به
بار بار آيو ته هاڻي اهو ڪيڏانهن وڃي ۽ ڪهڙن قدرن
تي پنهنجي زندگي جي تعمير ڪري؟ تهذيبي اعتبار کان
پاڪستان هڪ خلا سان گڏ وجود ۾ آيو هو. 1947ع
تهذيبي اعتبار کان هڪ اهڙي صاف لڪير جي حيثيت رکي
ٿو جتان اسان کي پنهنجن مسئلن ۽ سوچن تي وري ويچار
ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. اسان ڪٿي آهيون؟ اسان
ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون؟ ڇا ڪجهه اهڙا قدر به آهن،
جن تي هلي اسان ٻيهر باعزت ۽ وقار واري طريقي سان
زندگي ۾ نواڻ جي صورت ڦوڪي سگهون ٿا؟ ڇا ”مغرب جي
پيروي“ جنهن جو مولانا حالي مشورو ڏنو هو، اسان
لاءِ زندگي جي نين قوتن جي واڌائي ٿي سگهي ٿي؟ ڇا
اسان پنهنجي مذهب جي موجوده تعليم پرستي واري
ذهنيت سان زندگي جي زلفن کي سنواري سگهون ٿا؟ ڇا
اسان جي زوال جو سبب صرف هي آهي ته اسان روزي ۽
نماز جي عبادت کي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇا مادي ترقي
روحاني ترقي لاءِ رنڊڪ آهي؟ ڇا روحاني ترقي لاءِ
ضروري آهي ته مادي ترقي کي زندگي ۾ ڪا اهميت نه
ڏني وڃي؟ ڇا ابدي قانون جي موجوده تشريح ۽ مروج
تاويل ناقابلِ تبديل آهن؟ اسان وٽ خيالن جا تخليقي
وهڪرا ڇو بند ٿي ويا آهن؟ سارو معاشرو اسلام جي
عظيم اصولن ۽ پاڪستان جي عظيم آدرشن هوندي به تنگ
نظري، تعصب، علائقيت ۽ تقليدانه ذهنيت جو شڪار ڇو
آهي؟ ڪٿي اسان جي موجوده روش ۽ اسان جو موجوده
نظامِ حيات فراريت جي هڪ شڪل ته نه آهي؟ اسان جو
ماضي ڪهڙو آهي ۽ ان جو اسان سان ڪهڙو ناتو آهي؟ ڇا
اسان ماضي جي تاريخي وهڪري جو منطقي نتيجو آهيون؟
جي آهيون ته ان جي نوعيت ڪهڙي آهي؟ مذهب، زبان،
ماديت ۽ معاشرتي اتحاد جي سطح تي اسان ڇا ڪري رهيا
آهيون؟ ڇا اسان جو پنهنجو ڪوئي ڪلچر آهي؟ اگر آهي
ته ان جي بنائڻ ۽ ان کي هڪڙي شڪل ڏيڻ لاءِ اسان ڇا
ڪيو آهي؟
هڪ طرف ته اهي سوال آهن جي واضح ۽ غير واضح طور مختلف شڪلين ۾
معاشري جي ذهن ۾ بار بار پيدا ٿي رهيا آهن ۽ ٻي
طرف معاشري جي وسيلن ۽ خواهشن جي وچ ۾ زبردست
بحراني تضاد اندر ئي اندر اڏوهي وانگر پيدا ٿي
رهيو آهي- اسان جا وسيلا زرعي معاشري جا وسيلا آهن
۽ اسان جون خواهشون صنعتي معاشري جون خواهشون آهن-
ان خيال کان پاڪستان هڪ بيچيني وارين خواهشن وارو
معاشرو آهي. وسيلن ۽ خواهشن جو اهو تصادم ۽ تضاد
زندگي جي هر سطح تي اسان جي تخليقي قوتن جي وهڪرن
کي خشڪ ڪري رهيو آهي. اسان جي زندگي جو نه ڪوئي
مقصد آهي ۽ نه ڪائي منزل. اسان جي سامهون تهذيبي
سطح تي قدرن ۽ اخلاق جو ڪو اهڙو نظام ڪين آهي،
جنهن تي اسان مثبت طريقي سان زندگي جو ڪو نئون
قلعو تعمير ڪري سگهون. ان سبب اسان جو معاشرو
منتشر آهي. هر ڪنهن شيءِ جي اهميت اڻ پوري آهي. سڀ
مروج قدر جهرندا ڍير ٿيندا ٿا وڃن. اسان خود
پنهنجين اکين سان ڏسي رهيا آهيون ته معنيٰ ۽ پراڻن
قدرن جا پراڻا ذريعا بي معنيٰ ٿي مرده ٿي رهيا
آهن. خيالن ۽ عقيدن جو اهو نظام جنهن تي اسان صدين
کان ويساهه رکندا ٿا اچون، هاڻي اسان کي بي معنيٰ
۽ پراڻيون ڳالهيون ڏسڻ ۾ ٿو اچي. ان تهذيبي خلا
سبب اسان هڪ طرف ته يورپ کان لباس، ادب ۽ فضيلت،
تعميرات، فنون لطيفـﮧ، مادي ترقي ۽ اخلاقي ضابطن
جي سطح تي شڪست کائي رهيا آهيون ۽ ٻي طرف اسانجي
ذهنن تي بدحالي ۽ هار جي ڌنڌ جا سنهڙا پردا پئجي
رهيا آهن ۽ اسان هوريان ان سرءُ سٽيل وڻ وانگر
ٿيندا ٿا وڃون جنهن جا سڀ پن ڇڻي ويا هجن ۽ اهو
ٻٽو ۽ اڪيلو بيٺو هجي.
ساري معاشري ۾ هاڻي ڪائي شي پنهنجي اصلي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ نٿي اچي.
جيڪي ڪجهه ڏسڻ ۾ ٿو اچي اهو اصل نه آهي ۽ جيڪا
شيءِ اصل آهي اها ڏسڻ ۾ نٿي اچي. اهو تضاد جو ٻيو
پاسو آهي. جڏهن زندگي اها شڪل اختيار ڪري ته
معاشري جو عام فرد ”ڏسڻ“ جو ڪم ئي بند ڪري ڇڏيندو
آهي ۽ اهڙي حالت ۾ ڪوئي هن جي اڳيان آئينو رکي ٿو
ته هو ڇرڪي اکيون بند ڪري ٿو ڇڏي ۽ رڙيون ڪري چوڻ
لڳي ٿو، ”خدا جو قسم! اها منهنجي شڪل نه آهي- اهو
سڀ ڪوڙ آهي- اهو مان نه آهيان.“ يا وري هو ڪوشش
ڪري ٿو ته ان آئيني کي ئي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏي، جنهن ۾
هنجي شڪل ڏسڻ ۾ چي ٿي. مون کي ياد آهي ته جڏهن
اسان جي محلي ۾ هندن جو وڏو ٽولو حملو ڪري آيو ۽
محلي وارا پنهنجن گهرن جي ڇتين تي چڙهي ان حملي
کان بچڻ جون رٿون رٿي رهيا هئا، هڪ ماڻهو پنهنجي
بستري تي ليٽي پيو ۽ سوڙ ويڙهي ائين سمجهڻ لڳو ته
هاڻي هو حملي کان محفوظ هو. حقيقت کان فرار جي
جيڪا شڪل اسان کي سوڙ ويڙهڻ واري عمل ۾ ڏسڻ ۾ اچي
ٿي ساڳي شڪل اسان کي پنهنجي معاشري ۾ مختلف صورتن
۾ نظر اچي ٿي. اهو دراصل ان تهذيبي خلا ۽ ان تضاد
جو فطري رد عمل آهي جنهن سان آزاديءَ کان پوءِ
اسان جو واسطو پيو آهي. ان سبب سارو معاشرو ۽ ان
جا فرد ”پاڻ“ ۾ ڦاٿا پيا آهن.
اوهان کي تهذيبي خلا ۽ تضاد جو نقشو ڏسڻو هجي ته ڪنهن سرڪاري
آفيس ۾ هليا وڃو. ڪنهن واپاري ۽ ڪارخانيدار سان
ملو- ڪنهن مزدور يا ڪلارڪ سان ڳالهايو- ڪنهن وڪيل،
پروفيسر، ڊاڪٽر، صحافي، اديب، طالب علم، مولوي يا
سياستدان جون ڳالهيون ٻڌو، توهان کي اندازو ٿي
ويندو ته هن جي ذهن ۾ نه ڪائي منزل آهي نه مقصد-
هو جيڪي ڪجهه چئي رهيو آهي خود ان جي ترديد به ڪري
رهيو آهي. هو تضاد جي خاڪ ڪندڙ باهه ۾ سڙي رهيو
آهي، جتي نه هن کي ڪو رستو ڏسڻ ۾ ٿو اچي نه ڀڄڻ جي
واه- هن جي حياتيءَ جو صرف هڪ مقصد آهي ته پاڻ کي
ڪيئن ”محفوظ“ رکي. واضح هجي ته ان خود حفاظتي واري
جذبي ۾ ٻين جي حفاظت وارو جذبو شامل نه آهي. تضاد
ڪري پيدا ٿيندڙ عدم تحفظ واري ان احساس هن لاءِ
سمورن اصولن ۽ قدرن کي بي معنيٰ ڪري ڇڏيو آهي. هن
۾ نه ته ڪم ڪرڻ واري گرمجوشِ آهي نه ئي پنهنجي ڪم
سان گهرو تعلق. هو ڪم ان ڪري نه ڪري رهيو ته اُهو
هن کي پيارو آهي يا هو ان ۾ واڌاري ڪرڻ جو ارادو
رکي ٿو پر هو اهو ڪم ان ڪري ڪري رهيو آهي جو ٻيو
ڪم هن کي مليو ئي ڪين آهي. هو فرد پنهنجي جاءِ تي
غير محفوظ، اطمينان کان خالي ۽ خاموش آهي. ان جو
اندازو هن ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هو چاهي
ٿو ته جنهن طرح هن جي زندگي گذري رهي آهي، جي اهڙي
طرح گذري وڃي ته بس. اهڙي عمل ”صلاحيت“ واري لفظ
کي بي معنيٰ بنائي ڇڏيو آهي ۽ تخليقي سرچشمن کي
سڪائي ڇڏيو آهي.
ان تضاد کي اوهان زندگي جي ڪنهن به سطح تي ڏسندا ته اوهان کي
اهو ئي عمل ڏسڻ ۾ ايندو. اچو ان تضاد کي تفريحي
سطح تي جاچيون۔ جاهل ماڻهو جنهن کي الف، ب به نٿي
اچي نهايت شوق سان انگريزي فلم ٿو ڏسي. ان جو سبب
اهو آهي ته هو پنهنجي زندگي جي انهن پهلوئن کي فلم
۾ ڏسي مسرت حاصل ٿو ڪري، جن کان هو حقيقي زندگي ۾
محروم آهي. هن وٽ نه رهڻ لاءِ گهر آهي نه آرام سان
کائڻ لاءِ کاڌو ۽ پهرڻ لاءِ ڪپڙو. هن جا ٻار سٺي
لباس ۽ سٺي تعليم کان محروم آهن. هو گندگي ۽ غلاظت
۾ زندگي بسر ٿو ڪري. جهڳي يا ڪکائين جهوپڙي ۾
ايتري گنجائش ڪٿي جو هو پنهنجي جنسي بک کي اطمينان
سان پورو ڪري سگهي. هو پنهنجن انهن سمورين خواهشن
کي انگريزي فلم ڏسي تسڪين حاصل ڪرڻ ٿو چاهي. هاڻي
اڳتي وڌو. جنهن کي ڏسو اهو معما حل ڪري رهيو آهي،
هي معاشرتي تضاد جو هڪ ٻيو مثال آهي. محنت
کانسواءِ دولت حاصل ڪرڻ جي شارٽ ڪٽ خواهش. ساري
قوم لاٽري ۽ انعام جي طلسم ۾ گرفتار آهي. جتي
نمائش لڳي ٿي اتي نمائش ته گهٽ ٿيندي آهي انعام ۽
لاٽري جي نمائش زور هوندي آهي. ڪارخانيدار اهڙي
ريت ڪوڙي ضرورت پيدا ڪري پنهنجو وڪرو وڌائيندا
آهن. هاڻي اوهان اصل وڪري ۽ ڪوڙي وڪري جو تضاد
ملاحظه ڪريو. مطلب هڪ ڊوڙ آهي، جنهن ۾ هڪ تضاد ٻي
تضاد کي جنم ڏئي زندگي کي زياده بي آرام ۽ زياده
بدحال بنائي رهيو آهي. عدم تحفظ جو احساس شدت سان
زور وٺي رهيو آهي. اهڙين حالتن ۾ ”پنهنجي حفاظت“
انسان جو فطري عمل آهي. هاڻي ساري زندگي جو محور
صرف هي آهي ته پنهنجي ”ذات“ جي حفاظت ڪهڙي ريت ڪئي
وڃي.
نفرت جو اهو عمل جيڪو هندو مسلم فسادن جي صورت ۾ اڀريو هو هاڻي
خود هڪ ٻي کي وڍي رهيو آهي. هاڻي اسان کي هڪ ٻي
کان نفرت آهي. پنهنجي قدرن ۽ پنهنجي ماضي کان نفرت
آهي. پنهنجين روايتن ۽ پنهنجي تاريخ کان نفرت آهي
۽ انهن سڀني سان نفرت ڪندي اکيون ٻوٽيون مغرب جي
روايتن، قدرن ۽ ڪلچر ڏانهن تيزي سان وڌي رهيا
آهيون. ان تضاد جو نتيجو آهي، پنهنجي حفاظت ۽ خود
غرضي جنهن سياست، معيشت، تجارت، صنعت، معاشرت،
زبان، اخلاق ۽ مذهب جي وڏي کان وڏي مسئلي کي قومي،
ملي يا انساني سطح کان هيٺ ڪرائي ذاتي سطح تي آڻي
بيهاريو آهي. هاڻي اوهان تهذيبي سطح تي ان نفرت ۽
تضاد جو هڪڙو ٻيو ڪرشمو ڏسو. هيءَ هڪ حقيقت آهي ته
پاڪستان يورپ ۽ امريڪا جو حصو نه آهي. اسان جي
تهذيب نه ته مغربي تهذيب آهي نه ئي ڪڏهن اصل شڪل ۾
صحيح ۽ سچي مغربي تهذيب ٿي سگهي ٿي. اها ڳالهه به
واضح آهي ته هر معاشري ۾ تهذيب ۽ ڪلچر جو سچو
نمائندو هميشه پڙهيل طبقو هوندو آهي پر حيرت جي
ڳالهه هيءَ آهي ته اسان وٽ معاملو ان جي ابتڙ آهي
اڻ پڙهيل طبقو اسان جي تهذيب جو نمائندو آهي. ان
طبقي جو پنهنجين روايتن، عقيدن ۽ قدرن سان اڃا
تائين پورو ناتو قائم آهي. اهو انهن کان نفرت نٿو
ڪري. ان کي انهن سڀني سان پنهنجي اولاد وانگر سچو
پيار آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو نه ته انهن ۾ ڪا
تبديلي آڻي سگهي ٿو ۽ نه انهن کي ڦهلائي سگهي ٿو
ته جيئن انهن جي اوسر به ٿيندي رهي ۽ اهي زماني جي
گهرجن کي پورا ڪندا رهن ۽ جذبن جي تسڪين سان گڏ
حقيقتن سان به اکيون ملائي سگهن. ان ۾ ان طبقي جو
قصور نه آهي. اهو ڪم ته هميشه تعليم يافته طبقي
سرانجام ڏنو آهي ۽ اهو ان لائق به آهي. اسان جو
تعليم يافته طبقو پنهنجن قدرن، پنهنجي مشترڪ تاريخ
۽ پنهنجين روايتن کان نفرت ڪري رهيو آهي، هو
پنهنجي تهذيب کي وسعت ڏيڻ بجاءِ ٻين جي تهذيب جي
نمائندگي ڪري رهيو آهي، هو پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي
ماضي سان ناتو ٽوڙي تهذيبي خلا، نفرت ۽ تضاد جي
سهاري قومي زندگي کي پنهنجين صلاحيتن کان محروم
ڪري رهيو آهي.
ٻين معاشرن ۾ جڏهن ٻيون معاشرتي، معاشي، اخلاقي يا ذهني
تبديليون آيون آهن ته انهن جو تعلق هميشه انهن جي
پنهنجي تاريخ سان ڳنڍيو رهيو آهي. پاڻ کي ان رشتي
سان پوري طرح وابسته رکي هنن پنهنجين روايتن کي
بلند ۽ وسيع ڪيو آهي. اتي جيڪو به ٻوٽو ٻاهران آڻي
لڳايو ويو آهي پنهنجي تاريخ ۽ روايتن جي سرزمين ۾
لڳايو ويو آهي ۽ اسين آهيون جو تڪڙو تڪڙو اهو
وساري رهيا آهيون نه اسان جو ماضي ڇا آهي ۽ اسان
جي ڪلچر ۽ روايتن جو ماضي ڪهڙو آهي؟ اسان وٽ
تبديلي آڻڻ وارو اهو ڪم پنهنجي تاريخي ورثي کان
بلڪل علحده ٿي ڪري ڪيو ٿو وڃي ۽ ائين معلوم ٿو ٿئي
ڄڻ پاڪستان جي تاريخ نفرت ۽ تضاد جي سهاري 14 آگسٽ
1947ع کان شروع ٿي آهي، جنهن جو تعلق پنهنجي
تهذيبي ورثي بجاءِ يا ته يورپ جي جديد تهذيب جي
طلسم سان آهي يا قديم آثارن جي انهن کوٽاين سان
جيڪي مسٽر وهيلر موهن جو دڙو، ٽيڪسيلا ۽ هڙاپا ۾ ۾
ڪيون آهن.
هاڻي سوال پيدا ٿو ٿئي ته آخر ائين ڇو آهي؟ ان ذهني روئي جو
نفسياتي عمل ان ريت ٿي رهيو آهي ته جڏهن اسان تضاد
۽ نفرت جي سهاري پنهنجي ماضي جي رشتن کي ڏسڻ گهرون
ٿا ته اسان جي ذهنن ۾ ماضي جا تهذيبي رشتا
جاگرافيائي حدن سان گڏ اڀرن ٿا. مثلاً تاج محل جو
تصور هندوستان جي جاگرافيائي حدن سان وابسته ٿي
اسان جي ذهن جي کڙڪين مان ليئا پائي ٿو. امير خسرو
۽ تان سين، اڪبر ۽ شاهجهان، غالب ۽ سر سيد
هندوستان جي جاگرافيائي حدن سان گڏ ذهن جي پردن تي
اڀرن ٿا. نفرت ۽ تضاد سبب اسان کي انهن سان اها
پنهنجائپ نٿي محسوس ٿي جيڪا شاهي مسجد لاهور،
جهانگير جي مقبري يا اقبال سان محسوس ٿئي ٿي. جڏهن
ذهنن تي نفرت ۽ تضاد جي اثر هيٺ جاگرافيائي حدون
ٿيڻ لڳن ته پنهنجي ماضي سان پنهنجو رشتو ٽوڙڻ جو
سبب سمجهه ۾ اچڻ لڳي ٿو. ان ذهني عمل جو نتيجو اهو
آهي ته ”هند مسلم ثقافت“ تاج محل جي خوبصورت بناوت
۽ قطب الدين ايبڪ جي دهلي جي سلطنت کان وٺي بهادر
شاه ظفر تائين تهذيبي تاريخ اسان لاءِ بي معنيٰ ٿي
وئي آهي ۽ سياسي جاگرافي جي تبديل سان اسان جي
ذهنن جي جاگرافي به اهڙي ريت بدلي آهي جو اسان جو
سمورو تهذيبي سرمايو ۽ ورثو واگها جي سرحد تي پهچي
بيهي رهيو آهي ۽ ان کي به ويزا ۽ پاسپورٽ جي ضرورت
پوڻ لڳي آهي. اتائي اسان جي قومي ٽريجڊي شروع ٿئي
ٿي. هاڻي ائين محسوس ٿو ٿئي ته اسان جو تاريخي
ورثو، اسان جو هيڏو سارو ماضي اسان سان تعلق نٿو
رکي. هتي جاگرافي تاريخ جي رستي ۾ روڪ بڻجي رهي
آهي، پر ڇا اسان ان تهذيبي ورثي کي جيڪو ”هند مسلم
ثقافت“ جيڪا هڪ هزار سالن جي رد ۽ قبول ڪرڻ ذريعي
اسان وٽ پهتي آهي، پنهنجي تهذيبي تاريخ مان خارج
ڪرڻ جي غلطي ڪري سگهون ٿا؟ ”جاگرافيائي حدن“ ۽
”احساسِ ملڪيت“ جي اثر هيٺ اسان انهن کي ترڪ ڪري
پنهنجي نئين تواريخ 1947ع کان شروع ڪرڻ جي جرئت
ڪري سگهون ٿا؟ هن وقت جاگرافي نفسياتي طور اسان جي
ذهن جي وسعتن کي تضاد ۽ نفرت جي سوڙهه ۾ قيد ڪري
رهي آهي ۽ اسان کي ذهني مفلس بنائي تهذيبي خلاتي
فخر ڪرڻ جي ترغيب ڏئي رهي آهي. ان نفسياتي عمل
ذهني طرح اسان کي اهڙي مونجهاي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو
آهي جو اسان جو سمورو معاشرو ڪنهن منزل کان سواءِ
صرف ۽ محض عدم تحفظ، ذهني سڃائي، نفرت ۽ تعصب ۽
تضاد جي احساس ۾ گرفتار آهي.
اهو تضاد، جنهن جو ذڪر مون هينئر ڪيو آهي. دراصل اسا جو آدرش
کان پاسو ڪرڻ جو نتيجو آهي. ”هند مسلم ثقافت“
مختلف اثرن ۽ عملن جي رد ۽ قبول ڪرڻ جو نتيجو آهي.
جنهن ۾ عربي، ايراني، ترڪي ۽ هندستان جي مختلف
علائقن جا اثر خنده پيشانيءَ سان هڪ ٻئي سان ملي
صدين جي عمل ذريعي، هڪ نئين تهذيبي وحدت جي شڪل ۾
پيدا ٿيا هئا. هي ڪلچر جيڪو برصغير پاڪ ۽ هند جي
سرزمين تي سنوارجي ۽ سينگارجي اڀريو سياسي معنيٰ ۾
قومي ڪلچر نه هو پر اهو نتيجو هو ملي نصب العين جو
جنهن هزار سال تائين رد ۽ قبول جي سلسلي کي جاري
رکي پنهنجي انفراديت جي منهن مهانڊي کي قائم رکيو
هو ۽ پنهنجي وجود کي مختلف قسمن جي اثرن هيٺ پاڻ
کي وسيع ۽ گهرو ڪري ٺپيو ۽ ٺاهيو هو. 1947ع کان
پوءِ اسان نه صرف جاگرافيائي اعتبار کان بلڪ نصب
العين جي نقطئه نظر کان به قوميت جي هڪ محدود تصور
جي پوڄا ڪري رهيا آهيون. قوميت جي ان محدود تصور
جي اوال ايڪي ۽ وحدت جي آدرش جو بنياد لوڏي ڇڏيو
آهي، جنهن تي اسان هن نئين آزاد ملڪ جي عظيم الشان
عمارت قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ جنهن جو نالو
وڏي چاه، تقدس ۽ ولولي سان ”پاڪستان“ رکيو هو. اهو
ئي آدرش هو، جيڪو شاه ولي الله کان وٺي اقبال
تائين اسان کي هن برصغير جي مسلمانن جي روح ۾
ڇوليون هڻندو ڏسڻ ۾ ٿو اچي. قوميت جي ان محدود ۽
ملت جي ابتڙ تصور سبب اسان جي تاريخ 1947ع کان
شروع ٿئي ٿي ۽ موهن جو دڙو، هڙاپا، گنڌارا تهذيبن
جي پنج هزار سال قدامت جي هوندي به اسان جي تواريخ
جي عمر صرف پنجويهه سال ٿئي ٿي. ان خيال کان اسان
پنهنجي فڪر ۽ پنهنجي عمل سان ماضي جي رشتن کي نين
جاگرافيائي حدن سان گڏوگڏ نه صرف ڪٽي ڇڏيو آهي،
بلڪه حيرت آهي ته اڄ ان تي فخر ڀي ڪري رهيا آهيون.
اهڙي حال ۾ پنهنجي عظيم ماضي کان علحده ٿي اسان
ذهني ۽ تهذيبي اعتبار کان ڇا ٿا ڪري سگهون؟ هي ڪو
اهڙو سوال نه آهي، جنهن جو جواب سولائي سان نه ڏئي
سگهجي. اسان اهو وساري ويٺا آهيون ته ملي احساس
جون تاريخي حدون ته ٿين ٿيون، ليڪن جاگرافيائي
حدون نه ٿينديون آهن ۽ اسان وٽ 1947ع کان پوءِ ان
ذهني عمل جي ڪري جاگرافيائي حدون ڪافي واضح آهن پر
تاريخي حدون بلڪل اوندهه ۾ آهن ۽ اسان ڪڏهن موهن
جي دڙي ۾ پنهنجو ماضي تلاش ڪري رهيا آهيون، ڪڏهن
ٽيڪسلا ۽ گنڌارا جي دڙن ۾ ان کي کوٽي رهيا آهيون ۽
ڪڏهن پنهنجي علاقائي تهذيب تي، ملي ۽ قومي تصور
کان بي نياز ٿي، فخر ڪري رهيا آهيون، اسان اهو
وساري ويٺا آهيون ته اجتماعي ماضي کانسواءِ نه
ڪائي قوم قوم بڻجي ٿي، نه ڪو ئي ملڪ ملڪ بڻجي ٿو.
پاڪستان جي تحريڪ به ملي احساس جو نتيجو هئي يعني جاگرافيائي
حدن اندر رهندي به غير جاگرافيائي- جنهن ۾ ملي
احساس ذريعي وڌڻ ويجهڻ جو زبردست حوصلو موجود هو
پاڪستان جو آدرش ۽ ان جي موجوده جاگرافي دراصل ملي
آدرش کي حاصل ڪرڻ جو هڪ ذريعو هئي. اسان جي تنگ
نظري ڏسو ته جڏهن اهو حاصل ٿيو ته اسان ذريعي کي
منزل بنائي ان تي قناعت ڪئي ۽ اهو ئي اهو تضاد
آهي، جنهن معاشرتي، اخلاقي ۽ تهذيبي بساط کي اونڌو
ڪري ڇڏيو، جنهن جو نتيجو اها خلا آهي، جيڪا اسان
کي هر روز هڪ ٻئي کان پري ڪري رهي آهي ۽ يڪجهتي ۽
وحدت جا چٽ هر روز ميٽبا پيا وڃن. ائين پيو لڳي ڄڻ
اسان جو پنهنجي ماضي ۽ تاريخ تان اعتماد کڄي ويو
آهي. اسان، ان سان، نفرت جو اظهار ڪري، ڀڄڻ ٿا
گهرون. ڇا پنهنجي ماضي ۽ تاريخ کان فرار ذريعي
زندگي جا مثبت قدر تلاش ڪري سگهجن ٿا؟ ڇا ماضيءَ
کان سواءِ اسان لاءِ ڪلچر جو ڪو مفهوم باقي رهي ٿو
۽ ڪلچر کان سواءِ معاشي، مادي، معاشرتي ۽ تهذيبي
سطح تي ڪجهه ڪري سگهجي ٿو.
پاڪستان جي تخليق جو سبب اهو هو ته پنهنجي ”ملي شخصيت، قومي
انفراديت کي آزادي سان برقرار رکي وحدت سان پنهنجي
وجود کي قائم رکجي جيئن هڪ اهڙي معاشري کي جنم ڏنو
وڃي، جنهن ۾ اسان جي روايت ۽ ماضي به موجود هجي ۽
جديد دور جون تقاضائون پڻ.“ پاڪستاني قوم ۽ ان جو
زنده ڪلچر انهيءَ تصور جي ڪک مان پيدا ٿيڻو هو
جيڪڏهن اهڙو معاشرو صرف ان احساس مان پيدا ٿي وڃي
ها جنهن ذريعي اسان پاڪستان کي قائم ڪيو هو ته ڪا
ڳالهه نه هئي پر اسان ڏسون ٿا ته ٽن چئن سالن اندر
اندر اسان جي جوش ۽ جذبي جي باهه سرد ٿيڻ لڳي ۽
اسان پنهنجي آدرش کان پري ٿيڻ لڳاسين- اڄ ايتري
عرصي گذرڻ جي باوجود اسان وحدت، ايڪي، ۽ مشترڪ فڪر
۽ عمل جهڙن بنيادي عنصرن کان پهريان کان وڌيڪ
محروم آهيون. ان جو سبب تهذيبي خلا مان پيدا ٿيندڙ
احساس آهي، جنهن زندگي جي هر سطح تي تضاد کي جنم
ڏنو آهي ۽ مذهب جي اثر کي زائل ڪري ان کي بي عمل
بنائڻ وارو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. عملي طرح زندگي
جي بنيادي رشتن سان مذهب جو ڪو به تعلق باقي نه
رهيو آهي ۽ ان ذريعي زنده ڪلچر جو پيدا ٿيڻ هڪ
اجائي ڪوشش جو درجو ٿو رکي. هتي ان ڳالهه کي هڪ
مثال سان سمجهو. مڪي جي فتح کان پوءِ اسلام جي
پيغمبر ائين نه ڪيو ته هو ذريعي کي منزل سمجهي
اطمينان سان ويهي رهيو پر هن مسلمانن جي زندگي جي
نموني ۽ سوچڻ جي نموني کي به بدلڻ جي ڪوشش ڪئي،
جيئن هڪ اهڙو معاشرو وجود ۾ اچي جنهن ۾ نه صرف فڪر
۽ عمل جي وحدت هجي بلڪ مذهب ۽ معاشرو هڪ ٻي سان
ملي هڪ وحدت اختيار ڪن. اهو ئي ان معاشري جي ڪلچر
هو، جنهن ۾ دين ۽ دنيا علحده علحده خانن ۾ ورهايل
نه هئا پر مذهب ۽ زندگي جا سمورا ڪم هڪ ٿي ويا
هئا. ”زنده ڪلچر“ جي معنيٰ به اها آهي. ان ڳالهه
کي هڪ ٻي مثال سان سمجهو. روس ۾ ڪميونزم پکڙي ته
اتي ائين نه ٿيو ته ماڻهن کي ڪميونسٽ بنائي زندگي
جي باقي ڪمن ۾ آزاد ڇڏيو ويو پر ان فلسفي جي
بنيادن تي هڪ اهڙي معاشري کي تشڪيل ڏيڻ جي هر طرح
ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ ان فسلفي کي وڌڻ ويجهڻ جو
پورو موقعو ملي ۽ معاشرتي سطح تي ڪميونزم ۽ زندگي
جا جملي ڪم وحدت جي شڪل اختيار ڪن. اهائي وحدت ان
معاشري جو ڪلچر آهي.
هن بحث کان پوءِ اوهان به مون سان ان نتيجي تي پهچندا ته اهو
سمجهڻ ته، مغربي پاڪستان جي مختلف علائقن اندر ۽
پوءِ مشرقي ۽ مغربي پاڪستان جي وچ ۾ اتحاد صرف
مسلمان هئڻ جي ناتي خود بخود قائم رهندو، ڪيڏي وڏي
غلطي آهي. وحدت صرف ۽ محض ڪلچر جي سطح تي حاصل ٿي
سگهي ٿي ۽ ڪلچر ۾، جنهن جي وضاحت مان ايندڙ صفحن ۾
ڪندس مذهب، عقيدا، رسم ۽ رواج معاشرت، مادي وسيلا
۽ زندگي جون ضرورتون سڀئي شامل آهن. ڪلچر ۽ ان جي
مسئلن کان غفلت ڪرڻ جو نتيجو اهو آهي ته پاڪستان
جي جاگرافيائي حدن مقرر ٿيڻ کان ايترا سال پوءِ ڀي
اسان کي اهو معلوم نه آهي ته ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟
سارو معاشرو انتشار، مونجهارن ۽ تضاد جو شڪار آهي.
تهذيبي سطح تي هر طرف کان پٺتي هٽائڻ وارا حملا ٿي
رهيا آهيا آهن ۽ اسان انهن کان بي خبر آهيون.
تهذيبي سطح تي اسان جي غفلت ۽ لاپرواهي جي وضاحت
هن طرح ڪري سگهجي ٿي ته جيڪڏهن اسان جي ملڪ جي
جاگرافيائي حدن تي ڪو دشمن حملو ڪري ۽ هڪ وال زمين
تي به قبضو ڪري وٺي ته اسان کي جهٽ پٽ خبر پئجي
وڃي ٿي ته اسان جي سرحدن تي حملو ٿي ويو آهي ۽
اسان دشمن کان پنهنجي زمين واپس وٺڻ لاءِ پنهنجي
سموري سگهه استعمال ڪندا سي پر جڏهن اهو حملو اسان
جي تهذيبي سرحدن تي ٿيندو آهي ته اسان کي پتو به
نه پوندو آهي نه ئي اسان کي ڪنهن شي جي کسجي وڃڻ
جو احساس ٿيندو آهي. جيڪڏهن اسان کي پنهنجي ڪلچر
جي جاگرافي جو اڻ لکو احساس به هجي ته اسان هر
ٻاهرين حملي ۽ اندرين فساد جو اهڙي طرح احساس ٿئي
جهڙي طرح ملڪ جي جاگرافيائي حدن تي ڪنهن دشمن جي
حملي جو ٿيندو آهي ۽ اها اهڙي ڳالهه آهي جنهن تي
جيترو افسوس ڪجي اوترو گهٽ آهي. مثال طور فرانس جي
معاشري کي وٺو. فرانس تهذيبي سطح تي هڪ متحده
معاشرو آهي. ان جو نتيجو اهو آهي ته ان ملڪ جي هر
ادنيٰ ۽ ۽ اعليٰ شهري کي شعوري ۽ غير شعوري طرح ان
ڳالهه جو اندازو آهي ته انهن جو ڪلچر ڪهڙو آهي. ٻي
وڏي لڙائي کان پوءِ جڏهن فرانس ۾ هڪ اهڙو طبقو
پيدا ٿيو، جيڪو فرانس جي شراب بجاءِ وهسڪي پيئڻ
پسند ڪندو هو، ته هوٽل جي بيري کي به اها ڳالهه نه
وڻندي هئي، ان معمولي ڳالهه مان اندازو لڳائڻ
گهرجي ته هڪڙي خسيس ڳالهه ڀي تهذيبي سطح تي معاشري
جي ادنيٰ فرد کي محسوس ڪرڻ تي مجبور ٿي ڪري ته هن
جي ڪلچر جي جاگرافيائي حدن تي حملو ٿي ويو آهي.
اسان جو معاملو ان جي برعڪس آهي اسان کي پتو به
ڪين آهي ته اسان جون تهذيبي حدون ڪهڙيون آهن. اسان
جو ماضي ۽ ان جو ورثو ڪهڙو آهي ۽ اسان ڪهڙن عنصرن
جي مدد سان پنهنجي ڪلچر کي تشڪيل ڏئي سگهون ٿا،
جيئن هڪ طرف موجوده انتشار، بحران، تضاد ۽ نفرت تي
قبضو ڪري سگهجي ۽ ٻئي طرف زندگي ۾ ”نئين معنيٰ“
پيدا ڪري سگهجي. |