سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: پاڪستان ڪلچر

باب: 21

صفحو :21

 

باب ڏهون

نئين شعور جو مسئلو

(1)

اڳين صفحن ۾ جن خيالن جو اظهار ڪيو ويو آهي ان سڀني کي ڪٺو ڪري ڏسو ته هڪ شڪل اڀرندي ڏسڻ ۾ ايندي ۽ هڪ آواز ايندو ٻڌڻ ۾ ايندو. اها شڪل اسان جو دور جي شڪل آهي ۽ اهو آواز اسان جي دور جو آواز آهي. انهن صفحن جي مطالعي مان ان ڳالهه جو به اندازو ٿئي ٿو ته اسان وٽ خيال جو ڪوئي زنده نظام باقي نه رهيو آهي ۽ هاڻي اسان صرف ”مغربي“ ٿي وڃڻ جي خواهش جي سهاري اکيون ٻوٽيون ڊوڙندا ٿي وڃون. ان ڊوڙ ۾ نه منزل جو پتو آهي نه طرف جو. هن وقت اسان جي ڊوڙ ان جهنگلي هرڻ جهڙي آهي جيڪو شڪاري ڪتن جي ڊپ کان ڏاڍو تيز ڊوڙڻ لڳندو آهي پر ڪجهه دير کانپوءِ هڪ هنڌ بيهي ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳندو آهي ۽ ائين سمجهڻ لڳندو آهي ته هو ڏاڍو تيز ڊوڙي رهيو آهي ۽ ان وچ ۾ شڪاري ڪتا اچي ان جي مٿان ڪڙڪندا آهن. ڊوڙڻ جي ان عمل ۾ سوچ جو عمل بلڪل نه آهي. نتيجو هي آهي ته اسان يا ته خطرناڪ بي تعلقي جو شڪار آهيون يا وري گهري قنوطيت جا. هن وقت اسان برف جي نادين جي پل بنائي زندگي جو رستو طي ڪري رهيا آهيون. اسان کي زندگي ۾ زندگي جي ڪائي معنيٰ ڏسڻ ۾ نٿي اچي. زندگي ان وقت تائين يقيناً بي معنيٰ آهي جيستائين ”خيال“ ان ۾ معنيٰ پيدا نه ڪري رهيو هجي. خيال جو اهو عمل زنده رهڻ، اڳتي وڌڻ ۽ ڪجهه ڪرڻ جو حوصلو پيدا ڪري ٿو ۽ اهو ئي عمل فرد ۾ سوچڻ ۽ معاشري ۾ جذب ٿيڻ جي عمل کي زنده رکي ٿو. ان حال ۾ فرد صرف پنهنجي لاءِ زنده نٿو رهي پر ٻين لاءِ، سڀ لاءِ زنده رهي ٿو. هي صورتحال پنهنجي ليکي نهايت تشويشناڪ آهي پر ان صورتحال جو شعور دراصل ”خيال“ جو اهو ٻج آهي  جيڪو اُسري اسان جي وجود ۾ معنيٰ پيدا ڪرڻ ۽ اسان جي مقدر کي بدلڻ جي قوت رکي ٿو.

هن ڌرتي تي رهندڙ سڀ قومون هن وقت گهٽ وڌ مغرب  جي نظامِ خيال جي اثر هيٺ آهن. اسان ۾ به، ٻين اسرندڙ قومن وانگر اها خواهش بيدار آهي. اسان جي اها خواهش هاڻي گهٽ ۾ گهٽ پراڻي ٿي چڪي آهي. اها خواهش سو سال پراڻي ٿي چڪي آهي. اها خواهش جيڪڏهن ڪنهن زنده نظامِ خيال جي تابع هجي ها ته ڳڻتي جي ڪا ڳالهه نه هئي. زنده قومون حالتن ۽ زماني مطابق پنهنجي نظامِ خيال تي نظرثاني ڪري رفته رفته بدلبيون وينديون آهن. پر اسان وٽ اهو هيئن ٿي رهيو آهي  ته اسان محض اکيون ٻوٽي مغرب جي خيال جي نظام پٺيان ڊوڙي رهيا آهيون ۽ ان ڳالهه  کي وساري ويٺا آهيون ته مغرب ٽن سو سالن جي پنڌ ڪري جتي پهتو آهي اتي اهڙن ٿڪائيندڙ مسئلن ۾ وڪوڙجي ويو آهي جن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ان جو روح بيچين آهي، ان رستي تي هلڻ لاءِ ضروري هو ته اسان مغرب جي نظامِ خيال جي موجوده صورتحال کان سبق وٺون ها ۽ تاريخ جي شعور مان هڪ اهڙي راهه ڪڍون ها جو ان صورتحال کان پاڻ کي محفوظ ڪري ڇڏيون ها. ان ڳالهه کي وضاحت جي ضرورت نه آهي ته مغرب جي انڌي تقليد سان اسان ڪٿي به رسي نه سگهنداسي.

مغرب جي ترقي ۽ نظامِ خيال جو بنيادي مظهر مشين آهي. اسان به، مغرب وانگر، مشين کي پنهنجي زندگي ۾ داخل ڪري ترقي يافته ٿي وڃڻ چاهيون ٿا.  پر ڇا اها ڳالهه اسان کي سوچڻ جي دعوت نه ٿي ڏئي ته روح جي موت فرد جو موت آهي ۽ فرد جو موت مغربي تهذيب جي وڏي ۾ وڏي ڏک ڀري ڳالهه آهي. اچو ڏسون ته ان سلسلي ۾ خود مغرب جا مفڪر ڇا ٿا چون. مغربي ڪلچر جو تجزيو ڪري اسپنگلر ان نتيجي تي پهتو آهي ته مغرب جو ڪلچر جستجو ڪندڙ روح جو ڪلچر آهي. ان جستجو ڪندڙ روح جي ذريعي ان ڏسڻ ۾ نه ايندڙ چيزن جو انڪشاف ڪري قدرت حاصل ڪئي آهي. اها جستجو مغرب جي مزاج ۽ ان جي رت ۾ شامل آهي. اها ئي فائوسٽ جي شڪل آهي، جيڪو مغرب جي جستجو ڪندڙ جو عظيم سمبل آهي. ارڙهين صدي تائين مغرب جي مفڪرن کي اهو احساس هو  (۽ اهي سڀ مفڪر مذهب جي اثر هيٺ هئا) ته جيڪڏهن اهو جستجو ڪندڙ روح شيطان جي پنجي ۾ اچي ويو ته اهو ان کي هڪ پهاڙ تي وٺي وڃي ساري دنيا ۽ ان جي قوتن جو مالڪ بنائڻ جو واعدو ڪندو ۽ اهڙي طرح خدا جي قادر مطابق هئڻ جي سقت کي بگاڙي ڇڏيندو- ۽ ائين ٿيو. شيطان ان جستجو ڪندڙ روح کي پهاڙ تي وٺي ويو ۽ ان کي ساري دنيا جي سمورين قوتن جو مالڪ بنائڻ جو واعدو ڪري ان جي جذبي کي اڀاريو ته هو خدا کان ڌار ٿي خدا بنجي سگهي ٿو. پنهنجي قسمت جو مالڪ ۽ قدرت ۽ ڪائنات جو حاڪم. هاڻي اهو خود ڪارساز ٿي پيو آهي. ان طرزِ فڪر هڪ ننڍڙي عالم جي حيثيت ۾ مشين جو تصور پيدا ڪيو جيئن اُها انسان جي ارادن ۽ خواهشن جي تعميل ۽ تڪميل ڪري سگهي. طرزِ فڪر ۽ عمل جي ان بنياد تي مغرب جي جستجو ڪندڙ روح ايجادن ۽ انڪشافن جو اڻ کٽندڙ سلسلو شروع ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي هيٺ کان مٿي تائين سمورن معاشي بنيادن کي تبديل ڪري ڇڏيو. هاڻي ”قدرت“ خدمت پوري ڪرڻ بجاءِ فقط غلام بنجي پئي هئي هاڻي ان جو ڪم ”هارس پاور“ جي معيار سان ڪٿجڻ لڳو هو. مشين واقعي فرد جي قوت ۾ اضافو ڪري ڇڏيو هو. هاڻي ”ڪم“ هڪ عظيم لفظ بنجي اخلاقي فڪر جو هڪ جزو بنجي ويو هو. سمورا فڪر جا وهڪرا، سموريون قوتون، سموريون ڳالهيون ان جي تابع ٿي ويون هيون. نتيجو اهو نڪتو ته ان خدا ۽ اخلاقي روح کي تخت تان هيٺ لاهي پاڻ انهن جي جاءِ ورتي. هاڻي مشين خدا بنجي وئي هئي. هاڻي فائوسٽ جي شڪل تي پيدا ٿيندڙ انسان خود پنهنجي تخليق جو غلام بنجي چڪو هو. مشين زندگي جي ترتيب ۽ تنظيم کي هڪ اهڙي رستي تي وڌو جنهن تي نه آدمي بيهي سگهي ٿو نه موٽي سگهي ٿو. اتي پهچي ساري تهذيب، سمورو ڪلچر صرف خارجي ترقي تي فخر ڪرڻ لڳو ۽ ان سان گڏ مشين جي ڄار ۾ ڦاسي شديد ڪرب ڏيندڙ ڏک هيٺ چنگهڻ لڳو.

اڄ مشين خدا بنجي روح ۽ اخلاق جي تصور کان بي نياز، دولت جي سهاري رت جي راند ڪري رهي آهي ۽ سموريون انساني قوتون ان ڪم ۾ رڌل آهن. ان ڳالهه کي محسوس ڪندي مغرب جي هڪ جرمن مفڪر شوائٽرز[1] چيو ته اسان جي تهذيب جو تباهه ڪن پهلو اهو آهي ته اهو عدم توازن جو شڪار آهي. ان مادي اعتبار کان ان تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي پر ان ترقي جي ڪري اها غلامٿي وئي آهي ايتري قدر جو مغرب جو روح ۽اخلاقي شخصيت مرده ٿي وئي آهي. ان ڪري تهذيب جو اهو مقصد ته اها فرد کي زنده رکي ۽ ان کي ڪامل بنائڻ ۾ مدد ڏي ٿي پراڻي ڳالهه ٿي گم ٿي  ويو آهي. هاڻي مغرب جو انفرادي وجود ٻڍو ۽ ڪمزور ٿي ويو آهي ۽ شخصيت جي تعمير هڪ ڏکيو معاملو ٿي پيو آهي. اهو هي سوال پڇي ٿو ته ڇا هاڻي اسان روح جي ان نظرئي کي هميشه هميشه لاءِ خيرباد چونداسين جنهن جو مقصد فرد ۽ انسانيت کي ڪامل بنائڻ هو. جي اسين ائين نه ڪنداسين ۽ زندگي جي اثبات کي سطح تي قبول نه ڪنداسين ته اسان جي ڪرندڙ تهذيب هڪ ٻڏندڙ جهاز وانگر ڏسندي ڏسندي ٻڏي ويندي. ان عمل مان شوائٽزر مغربي تهذيب ۾ هڪ نئين تحريڪ جو خواهشمند آهي، جيئن دنيا جي اڳواڻي ساڳي طرح مغرب جي هٿن ۾ رهي. اڄ مغرب جو هر دانشور ان شڪوه شڪايت ۾ مشغول آهي. هڪ طرف ايذرا پائونڊ رڙيون ڪري رهيو آهي مغرب جي تهذيب بيمار آهي.[2] ۽ ٻي طرف اهو چيو ٿو وڃي ته هاڻي مغرب هڪ اهڙي انبوه جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي، جنهن جو روح اڪيلو آهي. جتي مقبوليت هر ڳالهه جو واحد معيار آهي. جتي هر شي ڪيپسول جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. جتي فرد غائب آهي ۽ ڪميٽي اچي ان جي جاءِ ڀري آهي. جتي آدمي مري چڪو آهي. انساني رشتا ڪمزور ٿي ٽٽي رهيا آهن ۽ تنظيمي آدمي حقيقي آدمي جي جاءِ ورتي آهي.- ”ائين معلوم ٿو ٿئي ته تقريباً ساري اينگلو سيڪسن قوم ۽ خاص طرح امريڪا ۾، فرد پنهنجي قوت کي گم ڪري ڇڏيو آهي. اهو هاڻي ماکيءَ جي مکين وانگر ۽ ڪولين وانگر سماجي جيت جڻيو ٿي پيو آهي.“[3] ابتذال جو هڪ سيلاب آهي جو وڌندو ٿو اچي[4] اڄ جو انسان عام طرح محسوس ڪري ٿو ته هن جي زندگي معنيٰ کان خالي ۽ سطحي ۽ بي لطف آهي. هو پنهنجي ماضي کان، پنهنجي ڪم کان، پنهنجي برادري کان ۽ غالباً خود پنهنجي ذات کان ڪٽجي ويو آهي. هاڻي هن کي وقت آهي جنهن کي هن کي ”مارڻو“ آهي نه ته ٻي صورت ۾ وقت هن کي ماري ڇڏيندو.[5]

ايتري ترقي کانپوءِ انسان اهو حاصل ڪيو ته هن جو روح رستو ڀلجي ويو آهي. هاڻي ڀٽڪي بد روح بنجي ساري انسانيت کي خوفزده ڪندو رهي ٿو. مغرب روحاني قدرن جي احساس کان خالي آهي. مگر اسان ۾ اڄ به روحاني قدرن جو احساس شدت سان باقي آهي. اهو اسان جي شخصيت ۽ مزاج جو حصو آهي. اهو هن دور ۾ اسان جي قوت به آهي ۽ اسان جي ڪمزوري به. ڪمزوري ان معنيٰ ۾ ته اسان ان کي بيٺل ۽ مرده بنائي زندگي جي وهڪري کان الڳ رکڻ جو عمل ڪيو آهي ۽ قوت ان ڪري جو مغرب جو حشر ڏسي ان جي سهاري اسان پنهن جي نظامِ خيال جي هڪ نئين درٻار سينگاري سگهون ٿا. هي منهنجو ايمان آهي ته انساني ترقي واسطي مادي ترقي بنيادي اهميت رکي ٿي. ڪوئي ڪلچر ان کانسواءِ زنده نٿو رهي سگهي. معاشرتي انصاف، دولت جي مساوي تقسيم، اجاره داري جو خاتمو، زندگي ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ هڪ جهڙا موقعا ۽ انساني مساوات هن دور جون اهي ترقي پسند قوتون آهن، جن جي دائري ۾ هن صدي جي تواريخ گردش ڪري رهي آهي. ڪوئي تواريخي عمل ان دائري کان ٻاهر ممڪن نه آهي. اسان وٽ صورتحال هيءَ آهي ته انهن مان ڪا به ڳالهه اسان جي ڪلچر ۾ زنده نموني موجود نه آهي. اسان جو اخلاقي انسان هڪ علحده شخصيت رکي ٿو ۽ حقيقي انسان هڪ علحده شخصيت رکي ٿو ۽ هر انسان ۾ اهي ٻه انسان هڪ ٻي کي پٺي ڏنيون ڌار ڌار ويٺا آهن ۽ ٻئي ڪمزور ۽ بي حال آهن. ان عمل اخلاقي شخصيت کي زنده رکڻ ڏکيو بنائي ڇڏيو آهي. آخر اخلاق ۽ حقيقت الڳ الڳ رهي ڪيئن زنده رهي سگهن ٿا؟

اسان  جو مسئلو هي آهي ته انهن ٻنهي کي هڪ جان ڪيئن بنائجي - اهو ڪم ملڪ جي سمورن دانشورن جو آهي جيڪي آزادي سان هن موضوع تي، مصلحت ۽ خوف کان مٿي ٿي، پنهنجن خيالن جو اظهار ڪن. جيئن هڪ طرف آزاد خيالي جي پڪي ۽ سنجيده روايت قائم ٿئي، سوچڻ جو رستو پيدا ٿئي ۽ خيال پنهنجون وصفون واضح ڪري. ان روايت نه هئڻ سبب اسان انفرادي ۽ اجتماعي طرح سسي فس[6]  وانگي بي معنيٰ جو شڪار آهيون، جنهن کي يوناني ڏند ڪٿائن مطابق ديوتائن هيءَ سزا ڏني هئي ته هو هڪ وڏي پهاڙي چٽان کي ڌڪيندو جبل جي دامن کان جبل جي چوٽي تائين پهچائي. پوءِ ان کي هيٺ ڦٽو ڪري ۽ پوءِ ان کي مٿي کڻي وڃي. آزادي کانپوءِ اسان به فڪر ۽ عمل جي سطح تي ائين ڪري رهيا آهيون پر سسي فس جڏهن ٿڪو ٽٽو آهستي آهستي چٽان کي هيٺ ڦٽو ڪري واپس اچي ٿو ته هو سوچي ٿو ۽ اها سوچ هن ۾ هڪ نئون شعور پيدا ڪري ٿي. ان سوچ ذريعي هو چٽان کان وڌيڪ بلند ٿي وڃي ٿو. اها سوچ اسان کي زياده سگهارو ۽پنهنجي مقدر کان بلند ڪري سگهي ٿي.

مون خيال ۽ مسئلن جي هن جهنگ ۾ اڪيلو سير ڪيو آهي ۽ هن سير جا اُهي اثر جيڪي منهنجي روح تي پيا آهن ۽ اهو روح جيڪو مون هن جهنگ ۾ ڏٺو آهي اوهان جي اڳيان پيش ڪيو اٿم. جيڪڏهن ان روح جي مطالعي سان اوهان ۾ قومي سطح تي فڪري مسئلن جي هن جهنگ جو شعور پيدا ٿي ويو ۽ اوهان سوچڻ طرف مائل ٿي ويا ته اسان ڏسنداسين ته سارو جهنگ ڪر مروڙي سجاڳ ٿي ويندو ۽ انهيءَ جهنگ مان اسان جو قومي روح پنهنجون وصفون اڀاريندو. قدرن جو زنده نظام ڦٽندو ۽ هڪ نئون نظامِ خيال روحاني قدرن ۽ مادي خوشحالي جي مثبت رشتي ۾ پوئجي اسان جي زندگي ۾ معنيٰ ۽ مقصد جي شمع روشن ڪندو. پاڪستان جي تخليق جو اهو مقصد هو ۽ انهيءَ آدرش کي سامهون رکي اسان هڪ نئين ملڪ جو بنياد رکيو هو. 1947ع کان پوءِ اسان جي هڪ هزار سالن جي تاريخ اسان جو انتهائي معنيٰ خيز، مشڪل ۽ آخري امتحان وٺي رهي آهي. ان امتحان جي نتيجي ۾ يا ته اسان وٽ نشاة الثانيه جو آغاز ٿيندو يا وري ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ ننڊ جو.


[1]  Civilization and Ethics  by Abert Schwitzer

[2] Guide to Kulchur by Ezra Pound.

[3] Rogers Fry Ref: “Massculr and Mid Cult” By Dwight Macdonald.

[4] Masscult and Mid cult

[5] Mass Cuttura- by Bernard Rozen berg P.7.

[6] The Myth of Sysuphus- By Albert Cawus P.96.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org