سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: پاڪستان ڪلچر

باب: 3

صفحو :6

 

باب ٽيون

قومي يڪجهتي جا مسئلا

(1)

هر قوم پنهنجي ڪلچر مان سڃاتي ويندي آهي. جيئن اسين جپانين، چينين، فرانس وارن ۽ انگريزن کي سندن الڳ ۽ ممتاز ڪلچر مان سڃاڻون ٿا اهڙي ريت اسان جي به اها خواهش هجي ها ته ”پاڪستانين“ کي به پنهنجي ممتاز ڪلچر مان سڃاتو وڃي. اهو سوال ته پاڪستاني ڪلچر ڇا آهي پاڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته اسان پنهنجي قومي ڪلچر جون اهي نمايان خصوصيتون، محرڪات ۽ عمل دريافت ڪرڻ ٿا چاهيون، جيڪي ٻين ملڪن جي رهواسين کان مختلف آهن. اهي ئي اُهي خصوصيتون ۽ عمل آهن، جيڪي اسان جي فڪر ۽ عمل جي طرز مقرر ڪن ٿا  ۽ انهن جي اثر هيٺ اسان جو ذهني ماحول هڪ صورت اختيار ڪري ٿو. ان خواهش جي معنيٰ هيءَ آهي ته اسان ڄاڻڻ گهرون ٿا ته اسان جون ممتاز ۽ مشترڪه قومي خصوصيتون ڪهڙيون آهن. اسان جو ذهني ماحول ۽ اسان جو فڪر ۽ عمل ڪهڙو آهي. انهيءَ ۾ نه صرف اسان جون عادتون، رسم ۽ رواج، لباس، کاڌو پيتو، پچائڻ جو طريقو ۽ اهڙي قسم جون ٻيون ڳالهيون شامل آهن، بلڪه اسان جون روايتون، تاريخ، اسان جون زبانون، اسان جو مذهب جاگرافي، اسان جا علم ۽ هنر به شامل آهن. ان نقطئه نظر کان جڏهن قومي سطح تي پاڪستاني ڪلچر کي تلاش ڪريون ٿا ته اسان کي روايتن ۽ تاريخ جي هڪ هئڻ سبب عمل ۽ فڪر جي مشترڪ هئڻ جو احساس ته ضرور ٿئي ٿو، ليڪن اهو احساس ايترو ته هلڪو آهي جو اسان ان کي قومي ڪلچر جونالو نٿا ڏئي سگهون، ڇاڪاڻ ته قومي سطح تي اسان ۾ خصوصيتون اهڙي ريت مشترڪ نه آهن، جهڙي طرح انگريزن، فرانس وارن، جپانين ۽ چينين ۾ ڏسڻ ۾اچن ٿيون. ان جي ابتڙ جڏهن اسان خصوصيتن کي علاقائي سطح تي تلاش ڪريون ٿا ته اسان کي ڪلچر جي قومي هڪجهڙائي، فڪر ۽ عمل جي اشتراڪ جو احساس ٿئي ٿو. اسان وٽ اها ئي اها سطح آهي، جتي ڪلچر جوشديد احساس آهي.

ان اعتبار کان جڏهن مان پاڪستاني ڪلچر جي وضاحت ڪرڻ ٿو چاهيان ته ان جي معنيٰ هيءَ ٿيندي ته مان مختلف علائقن جي ماڻهن جون عادتون، رسم ۽ رواج، فن ۽ هنر، انداز فڪر ۽ عمل ۽ تهذيبي ماحول کي بيان ڪريان ۽ انهن جي جدا جدا بيان تي مجموعي طور ”پاڪستاني ڪلچر“ جي ليبل هڻي ڇڏيان. مون کي پڪ آهي ته ان طرح نه اوهان کي اطمينان ٿيندونه مون کي. جڏهن مان پاڪستاني ڪلچر چوان ٿو ته منهنجو مطلب اهو آهي ته مان هڪ جاگرافيائي حدن ۾ رهندڙ ماڻهن جي ان روح کي ڳولي لهان جيڪو قومي سطح تي هڪ پنجابي، هڪ پٺاڻ، هڪ بلوچ، هڪ سنڌي ۽ هڪ مهاجر ۾ مشترڪ آهي، جنهن سبب انهن سڀني ۾ نه صرف فڪر ۽ عمل ۾ هڪ جهڙائيءَ ۽ اشتراڪ ملي ٿو، پر جنهن ۾ هر علائقي جي رهڻ وارو هڪ جيترو شريڪ آهي. ان نقطئه نظر کان پاڪستاني معاشري جو جائزو وٺو ۽ فيصلو ڪريو ته ان اعتبار کان ۽ ان سطح تي اسان اهڙي ڪلچر جو ڏس ڏئي سگهون ٿا، جنهن کي اسان فخر سان قومي ڪلچر چئي سگهون. جيڪڏهن ان جو جواب انڪاري آهي ته توهان ان ڳالهه سان شامل راءِ هوندا ته اسان وٽ قومي سطح تي ڪو ئي اهڙو ڪلچرموجود نه آهي اسان وٽ علاقائي ڪلچر ته موجود آهن پر هڪ اهرو قومي ڪلچر، جيڪو انهن سڀني علاقائي ڪلچرن کي هڪ گهري روحاني رشتي ۾ قابو ڪري، موجود نه آهي. اها ڳالهه ان ڪري به تشويشناڪ آهي ته قومي ڪلچر کانسواءِ نه اسان هڪ قوم ڪوٺائڻ جي لائق آهيون، نه اسان پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگي ۾ تخليقي قوتن جواظهار ڪري سگهون ٿا.

هاڻي اسان کي ان ڳالهه جو اعتراف ڪرڻ گهرجي ته 1947ع کان پهريان پاڪستاني ڪائي       قوم ڪا نه هئي اسان کي ان کي هڪ قوم بنائڻو آهي. 1947ع کان اڳ پاڪستان ڪوملڪ نه هو اسان کي ان کي هڪ ملڪ بنائڻو آهي. اهو ئي مسئلو سڀ کان اهم ۽ بنيادي آهي. ان حال ۾ اهو سوال ڪرڻ ته پاڪستاني ڪلچر ڪهڙو آهي اهڙي ڳالهه آهي، جنهن جي في الحال ڪا معنيٰ نه آهي. اسان جو مسئلو هي آهي ته قومي سطح تي پاڪستاني ڪلچر اڃا بي نام آهي، اسان کي ان کي نالو ڏيڻو آهي، قومي سطح تي پاڪستاني قوم موجود نه آهي، اسان کي ان کي ”علاقائي قوميت“ جي سطح کان بلند ڪري هڪ قوم بنائڻو آهي.

ان اعتراف کانپوءِ اسان کي سوچڻو آهي ته اهي ڪهڙيون ڳالهيون ڪهڙا روحاني ۽ مادي رشتا آهن، جن جو سهارو وٺي اسان هڪ قوم ٿي سگهون ٿا ۽ اهي ڪهڙا عنصر آهن جن کي پنهنجو ڪري اسان پنهنجي فڪر ۽عمل ذريعي هڪ قومي ڪلچر پيدا ڪري سگهون ٿا. هتي هيءَ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته ڪلچر ٻاهريان اثر ته قبول ڪري ٿو پر ان جي ڀلي ڀت وڌڻ ويجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جو تعلق پنهنجي تاريخ ۽ پنهجين روايتن سان گهرو ۽ سڌو سنئون هئڻ گهرجي ۽ ان ڌرتي سان جتي ان کي اسرڻو ۽ وڌڻو آهي. اسان جو نسل هن دور ۾ صرف اهو ڪم ڪري سگهي ٿو ته اهو پاڪستاني ڪلچر جي نشوونما جي سلسلي ۾ تجزيئي ذريعي خيال جو اهڙو آئينو پيش ڪري جومعاشرو ان ۾ پنهنجي صورت ڏسي سگهي، جيئن ان کي اهو خيال پيدا ٿي سگهي ته هو پنهنجي ظاهر ۽ باطن ۾ ڪهڙيون تبديليون آڻي جو هن کي صورت سٺي ۽ وڻندڙ لڳي. اسان کي تهذيبي ۽معاشرتي سطح تي، قومي نقطئه نظر کان، هڪ اهڙي تجزئي جي ضرورت آهي، جنهن ذريعي هر ڳالهه، هر عمل ۽ هر خيال کي الڳ الڳ ڪري ايمانداري ۽ جرئت سان پيش ڪرڻ گهرجي، جيئن ڪيمياگر مختلف جزن کي ملائي ڪيميا بنائي سگهي.

اهڙي حالت ۾ اسان جو طريقو هي ٿي سگهي ٿو ته ڪلچر جي انهن بنيادي ادارن کي ڏٺو وڃي جن ۾ اسانجي فڪر ۽ عمل اظهار جي راه  ڳولي لڌي آهي ۽ ان جي ذريعي انهن سمورن مسئلن جو هڪ هڪ ڪري جائزو ورتو وڃي جيڪي اسان جي قومي شخصيت کي درپيش آهن. نه صرف اهو بلڪ تاريخي ۽ روايتن جي مسئلن کي به صاف ڪيووڃي ته اسان پنهنجي زندگي ۾ ڪهڙو عمل ٿاڪريون ۽ ان جوبنياد خيال جي ڪهڙي نظام تي قائم آهي. قومي ڪلچر جوعلاقائي ڪلچر سان ڪهڙوناتو آهي ۽ زبان، مذهب، معاشي ۽مادي تقاضائون ترقي پذير خيال سان ملي قويم ڪلچر جي اسرڻ ۾ ڪهڙو رول ادا ڪن ٿا. قومي ڪلچر جي موجودگي ڪنهن قوم جي زنده وجود جوڏس ڏئي ٿي ۽ ان جي عدم موجودگي اهو ٻڌائي ٿي ته قوم موجود نه آهي. ان ڪري جڏهن مان چوان ٿو ته بنيادي ڳالهه ڪلچر آهي ته ان جي معنيٰ اها آهي ته مان قومي روح ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان جيئن انهن ڳالهين جو پتو ڪڍي سگهجي جن تي قومي يڪجهتي جو بنياد رکي سگهجي ٿو.

”انهن سڀني جانورن ۾ انسان مدني الطبع آهي. هو پاڻ جهڙن انسان جي دستگيري کانسواءِ زنده نٿو رکي سگهي، ڇاڪاڻ ته هو نه ته گاهه کائي سگهي ٿو، نه ڪچو ميوو کائي زندهه رهي سگهي ٿو ۽ نه ئي پشم سان پاڻ ۾ گرمي پيدا ڪري سگهي ٿو..... هن جو خيال خود هر شي بنائي ٿو ۽ اهتمام ڪري ٿو. هو تدبر منزل ۽ سياستِ مدن جي علمن کي رسمن ۽ رواجن مان ۽ انهن ماڻهن جي پيروي مان حاصل ٿو ڪري جن جي آسماني روشني سان الله تائيد ڪري ٿو.... تجربي ۽ غيبي امداد سان هو انهن علمن کي حاصل ڪري ٿو ۽ هو پاڻ غور ڪري قياس ۽ اندر جي روشني سان انهن کي معلوم ڪري ٿو.“[1]

ڪو ئي ماڻهو تنها ۽ اڪيلي زندگي نٿو گذاري سگهي. زندگي کل خوشي سان گذارڻ، دشمنن کان پاڻ کي محفوظ رکڻ ۽ پنهنجن ذهني ۽ مادي مسئلن کي سلجهائڻ لاءِ هن کي ٻين جي تعاون جي ضرورت پوي ٿي. لابارو ڪرڻو آهي ته ٻين جي ضرورت، شڪار ڪرڻو آهي ته ٻين جي ضرورت پوي ٿي. بني نوع انسان جي ابتدائي تاريخ کان وٺي اڄ تائين اسان ڏسون ٿا ته جهنگلي کان جهنگلي انسانن ۾ به هڪ ٻي سان گڏ رهڻ ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جو جذبو موجود آهي. هي اهو بنيادي جذبو آهي. جيڪو معاشرتي اتحاد پيدا ڪري، تهذيبي اتحاد کي جنم ڏئي ٿو. ان سلسلي ۾ صرف هڪ ڪٽنب جو گڏجي رهڻ ڪافي نه آهي، اسان کي شروع کان وٺي گهڻا ڪٽنب هڪ ٻي سان گڏ رهندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اسان اهو به ڏسون ٿا ته انساني ڪمن ڪارين ۾ هو هڪ ٻي جي مدد ڪندا رهيا آهن. جيڪي ماڻهو هاري ناري ٿيا تن ڳوٺ وسايا. جيڪي خانه بدوش ٿيا سي قافلن جي صورت ۾ هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ لڏپلاڻ ڪندا رهيا. ان عمل ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ ڏسڻ ۾ ئي اچي ته زنده رهڻ جي ضرورتن انسان جي اندر ۾ هڪ ٻي سان گڏ رهڻ، هي ٻي جي مدد ڪر۽ ٻين سان هم خيال ٿي پنهنجي طرزِ عمل کي ٻين جي قريب تر آڻڻ جي خواهش کي جنم ڏنو. هي خواهش انساني فڪر جو بنيادي عمل آهي، جنهن ۾ اتحاد جي خواهش به ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ خواهشن جو اتحاد به. گڏ رهڻ جي خواهش ۽ هڪ ٻئي جي سهڪار جي محتاجي کانسواءِ نه ته معاشرو ئي وجود ۾ اچي سگهي ٿو نه ئي زندگي جون سرگرميون پيدا ٿي سگهن ٿيون. معاشرتي زندگي جو هي بنيادي عمل آهي. سياسي ۽ معاشي اتحاد به ان عمل جي پيٽ مان پيدا ٿئي ٿو ۽ انهن سڀني جي ميلاپ سان تهذيبي عمل پنهنجا نقش چٽي ٿو. ان خواهش جي اثر هيٺ فڪر ۽ عمل جو اشتراڪ قائم ٿئي ٿو. اهڙي ريت هوريان هوريان ان معاشري جا فرد پنهنجي عمل ۾ ايتريقدر هڪ ٿي وڃن ٿا جو هو ڪلچر جي ڪنهن به سطح تي  هڪ ٻئي لاءِ ڌاريا نٿا رهن پر مزاج جي هڪ جهڙائي، عادتن، طور طريقي، لباس، کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ، رسم ۽ رواج، عقيدن ۽ زبان جي يڪسانيت سبب اُهي محسوس ڪرڻ لڳن ٿا ته هو صرف ان معاشري ۾ سڪون ۽ اطمينان سان زندگي گذاري سگهن ٿا. فڪر ۽ عمل جو اهو ئي اهو روحاني ناتو آهي، جيڪو مشترڪه روايتن جي بنيادن تي مشترڪ طرز زندگي پيدا ڪري ٿو، ۽ ان معاشري جو ڪلچر سڏجي ٿو. اهو ڪلچر ٻين معاشرن جي ڪلچرن کان مختلف ۽ علحده ٿئي ٿو. اهو ئي اهو تهذيبي فرق آهي جيڪو اسان کي ڪافرستان جي قبائلين ۽ سرحد جي ماڻهن ۾ نظر اچي ٿو ۽ اهو ئي اهو تهذيبي فرق آهي جو هڪ مذهب جي پوئلڳ هئڻ جي باوجود سنڌي، پنجابي يا بنگالي ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هي ڳالهه واضح هجي ته ڪنهن به معاشري ۾ ڪنهن هڪ مذهب جو رواج ڪلچر جي اوسر ۾ مرڪزي ڪردار ضرور ادا ڪري ٿو ليڪن گهڻو ڪجهه هوندي به سڀ ڪجهه نه هوندو آهي.

مقامي قبائلي يا علاقائي سطح تي معاشرتي اتحاد جو هي عمل ان وقت تائين ته ٺيڪ هو جڏهن جاگرافيائي مفاصلا حد کان وڌيڪ اهميت رکندا هئا پر سائنس جي ترقي ان سطح تي معاشرتي اتحاد ۽ ”خود ڪفالت“ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ڪا به آبادي، قبيلو يا علائقو پنهنجين ضرورتن کي ان سطح تي پورو نٿو ڪري سگهي. مفاصلن جي گهٽجڻ سان ضرورتون گهڻيون ٿيون آهن ۽ هڪ ٻئي جي محتاجي وڌي وئي آهي. هاڻي معاشرتي اتحاد هڪ ٻي سطح تي ٿئي ٿو ۽ اها سطح معاشرتي اتحاد جي قومي سطح آهي. اها ئي اها حقيقي سطح آهي، جتي معاشري جون سموريون ذهني ۽ مادي ضرورتون پوريون ٿين ٿيون، ۽ جتي هڪ معاشرو ۽ ان جا مختلف حصا وسيع تر سطح تي معاشرتي اتحاد جي رشتي ۾ ملي هڪ ڄاتل سڃاتل قوم جي شڪل اختيار ڪن ٿا. ڪلچر کي به ان سطح تي جاچيو ويندو آهي، فڪر ۽ عمل جي اشتراڪ، يڪجهتي ۽ سالميت به ان سطح تي ڏٺا ويندا آهن. جنهن معاشري ۾ ان سطح تي جيترو اتحاد ۽ جيتري هڪ جهڙائي هوندي ان حد تائين اهو معاشرو تهذيبي ۽مادي سطح تي ترقي يافته هوندو. يڪجهتي، فڪر ۽ عمل جو اتحاد جيڪو تاريخ جي ابتدائي دور ۾ مقامي آبادين ۾ نظر اچي ٿو يا پوءِ وارن دورن ۾ قبائلي معاشرن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اهو ئي عمل هاڻي تهذيبي ۽ معاشرتي اوسر لاءِ قومي سطح تي هوندو آهي. اها ئي اها سطح آهي، جتي اسان تهذيبي عنصرن کي ڏسي هڪ قوم کان ٻي قوم جو فرق ڄاڻي سگهون ٿا. ڪو به زنده معاشرو صرف علائقن تائين محدود نٿو رهي سگهي پر وسيع تر سطح تي قوم سان تعلق ٿو رکي. معاشرتي اتحاد ۽ ڪلچر جي مسئلي کي ان سطح تي ڏسڻ جي ضرورت آهي.

ان نقطئه نگاهه کان جيڪڏهن اسان پنهنجي معاشري تي نظر وجهون ته هي ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته اسان قومي سطح تي اڃا ان معاشرتي ۽ تهذيبي اتحاد کان محروم آهيون. اسان جي اندر ۾ هڪ قوم ٿيڻ جي خواهش ته ضرور موجود آهي، پر اسان جي ملڪ جا سمورا علائقا جدا جدا تهذيبي وحدتن جي شڪل ۾ زياده متحد آهن. ان تهذيبي ڌاريائپ سبب، اتحاد جي خواهش ۽ ساڳي مذهب هئڻ جي باوجود، اسان جي علائقائي تهذيبن کي نه ته هڪ ٻئي تي اعتماد آهي نه ئي هڪ ٻئي جي جذبن ۽ احساسن جو احترام. ان طرزِ عمل يڪجهتي جي مسئلي کي ڏکيو بنائي ڇڏيو آهي.

قومي يڪجهتي جي معنيٰ هي آهي ته مختلف علائقن جو فڪر ۽ عمل هڪ بلند سطح تي اهڙيءَ ريت پاڻ ۾ ملي ويا هجن جوهر علائقو، ان سطح تي نه صرف پنهنجي شڪل جي جهلڪ ڏسندو هجي پر مختلف عنصرن جي ان نئين ترتيب ۾ پاڻ ۾ زندگي گذارڻ جو هڪ نئون حوصلو ۽ نئين قوت محسوس ڪندو هجي. ان جو مثال بلڪل اهڙو آهي، جيئن ڪنهن گهر ۾ ڪو ٻار پيدا ٿئي ٿو ته ڏسندڙ ان جي خاندان جي ڳالهه ڪندا آهن ۽ چوندا آهن هن ڇوڪر جو نڪ هوبهو پيءُ جهڙو آهي. هن جون اکيون ماءُ جهڙيون، چپ ۽ چهرو ڏاڏي ۽ نرڙ مامي جهڙو آهي. ان هڪ ٻار ۾ مختلف مائٽن جا مهانڊا موجود هوندا آهن. جنهن مان ان جي اصل ۽ خاندان جو پتو پوندو آهي پر انهن مهانڊن هوندي به هن جي پنهنجي شڪل ۽ شخصيت هوندي آهي. ان سطح تي سڀني علائقن جو تهذيبي روح هڪ ٻي سان ملي هڪ اهڙو گلدستو بنجي پوندو آهي جنهن ۾سڀ رنگ ملي هڪ وحدت جو احساس پيدا ڪندا آهن. ان وحدت جو نالو قومي ڪلچر آهي. قومي ڪلچر علائقائي ڪلچر کي ۽ علائقائي ڪلچر قومي ڪلچر کي متاثر ڪندا آهن ۽ جذب ڪرڻ ۽ قبول ڪرڻ جو اهو سلسلو هڪ ٻئي کي نئين سگهه ڏئي، انهن جي رڳن ۾ نئون رت گردش ۾ آڻيندو آهي.

قومي سطح تي يڪجهتي جي اها خواهش ڪا پنهنجي سر اڪيلي ڳالهه نه آهي، پر ان جو لاڳاپو سنئون سڌو معاشري جي سمورن مادي، ذهني تاريخي ۽ روحاني مسئلن سان آهي. مثلاً سياسي شڪل ۾ دشمن جو خوف ان خواهش کي تيز ڪري ٿو ڇڏي. معاشرتي شڪل ۾ هڪ ٻئي جي محتاجي، عزت ۽ آرام سان رهڻ جي خواهش، ان کي مضبوط بنائي ٿي ڇڏي. تاريخي شڪل ۾ ان معاشري جو سمورو ماضي ۽ روايتن جو تسلسل ان خواهش جي رڳن ۾ تازگي پيدا ڪري ٿو. معاشري جي مادي وسيلن جي رڳن ۾ تازگي پيدا ڪري ٿو.  معاشري جي مادي وسيلن جي برابر ۽ ضرورت مطابق تقسيم ۽ صلاحيتن جي اڀرڻ ۽ زندگي ۾ ترقي ڪرڻ جا هڪ جهڙا موقعا ان عمل ۾ تيزي پيدا ڪن ٿا.  ان سطح تي ته معاملو نه ته ڪنهن علائقي جي گهڻي آدمشماري جو هوندو آهي نه قدرتي وسيلن جي گهڻائي جو بلڪ اصل مسئلو ان معاشري جي هر علائقي جي هر فرد جي بهتري جو هوندو آهي. دولت جي هڪ جهڙي تقسيم جو مفهوم به اهو آهي. انهن عنصرن جي عمل سان فرد ۾ حب الوطني جهڙا عنصر پاڻمرادو فڪر ۽ عمل جو حصو ٿي ويندا آهن. سارو ملڪ هڪ وحدت بنجي فرد جي تخليقي صلاحيتن واسطي هڪ روحاني تجربي جو درجو حاصل ڪندو آهي ۽ اهو روحاني تجربو مختلف شڪلن ۾ ظاهر ٿي هڪ اهڙي ڪلچر کي جنم ڏيندو آهي، جيڪو اثرن کي قبول ڪندي به، پنهنجي هڪ منفرد ۽ ممتاز شخصيت رکندو آهي.

پاڪستاني معاشري ۾ هي عمل ابتو ٿي رهيو آهي. اسان جي خواهش ۽ اسان جي عمل ۾ گهڻو تضاد آهي. معاشري جا مختلف عنصر يڪجهتي جي خواهش کي وڌڻ جي موقعن کان محروم ڪري رهيا آهن. قوم کان زياده علائقائي قوميت هڪ زنده حقيقت بنجي وئي آهي. علائقي پرستي جي ان خطرناڪ لاڙي قوم جي يڪجهتي جي ان خواهش کي ”بي يقيني“ ۽ ”عدم تحفظ جي احساس“ جي شڪل ڏئي زندگي جي هر مسئلي کي صرف ”ذات“ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. اسان کي پنهنجي ملڪ ۽پاڪستاني ٿيڻ تي فخر نه آهي. پنجابي کي پنجابي هئڻ ۽ بنگالي کي بنگالي هئڻ تي فخر آهي. اها ئي اها ڳالهه آهي، جنهن کي مان علاقائي قوميت چوان ٿو. اسان جو سڀ کان اهم مسئو اهو آهي ته اڃا تائين پاڪستان هڪ ملڪ نه آهي ان کي ملڪ بنائڻو آهي. پاڪستاني هڪ قوم نه آهي ان کي قوم بنائڻو آهي. ملڪ ۽ قوم بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي مشترڪ ۽ مسلسل تاريخ کي اڀاريو وڃي. ڪلچر جي تصور کي پيش ڪيو وڃي ۽ پنهنجي ماضي ۽ روايتن سان پنهنجي رشتي کي واضح ڪيو وڃي. مثلاً هندوستاني کي هندوستاني هئڻ تي فخر آهي. هن جي ذهن ۾ پنهنجي ملڪ جي مشترڪ ۽ مسلسل تاريخ موجود آهي. هن کي پنهنجين روايتن، پنهنجي ماضي جو چڱي طرح اندازو آهي. هن کي خبر آهي ته هن جو ڪلچر ڪهڙو آهي؟ هي ڪلچر هن جي ذهني ماحول ۽ هن جي فڪر ۽ عمل جو هڪ حصو آهي. ان ڪري جڏهن هن سان معاشرتي بي انصافي ٿئي ٿي ۽ هو رڙيون ڪري ٿو ته هن کي شڪايت فردن، طبقي، جماعت يا نظامِ خيال سان هوندي آهي پر ائين ڪڏهن به نه ٿيندو آهي ته هو ملڪ کان ئي نفرت ڪرڻ لڳي. اسان وٽ فردن، طبقي يا جماعت بجاءِ ساري شڪايت پاڪستان سان ٿي پيدا ٿئي ۽ ان جي معنيٰ هيءَ آهي ته اڄ تائين پاڪستان اسان جي روحاني تجربي جو هڪ حصو نه بنجي سگهيو آهي. قومي سطح تي فڪر ۽ عمل جي اشتراڪ جو تعلق به ان روحاني تجربي سان آهي.

ڪلچر ڪوئي جادو يا ٽوڻو نه آهي. هي ته مختلف عملن جو باهمي ربط ۽ عوامل داخلي وحدت جو منطقي نتيجو آهي. پنهنجي حال ۽ ماضي جي تاريخ جي نئين سمجهاڻي ۽ نئين رت شامل ڪرڻ جو مسئلو آهي. اهي ڪهڙيون مثبت صفتون آهن، جن کي ملائي هڪ نئين شڪل ڏيڻ ضروري آهي ۽ اهي ڪهڙا منفي عنصر آهن. جن کي خارج ڪرڻ جي ضرورت آهي. پر انهن کان پهريان جو اسان انهن مسئلن تي روشني وجهون ضروري آهي ته پنهنجي تاريخي ورثي ۽ پنهنجي ماضي جي روايتن جي مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي.


[1]  شاهه ولي الله- حجـﺔ الله البالغـﮧ- ص 167 (جلد اول) مطبوعه تجارت ڪتب- ڪراچي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org