ا
ڻويهين صدي جي اصطلاح مطابق قوم بنجڻ جي عمل لاءِ ضروري آهي ته
ان جي هڪ جاگرافي هجي. هڪ ساڳيو مذهب هجي. هڪ
سياسي نظام، هڪ تاريخ ۽ روايتون ۽ انهن سان گڏ هڪ
مشترڪ زبان هجي. ان نقطهءِ نظر کان ٿورو دير لاءِ
پاڪستان هڪ عجيب ۽ غريب ملڪ ڏسڻ ۾ٿو اچي، هتي قوم
جو تصور مٿين اصطلاح جي ڪسوٽي تي پورو نه آهي.
مثلاً هتان جي جاگرافي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ ملڪ
جون علاقائي زبانون جدا جدا آهن ۽ قومي زبانون ٻه
آهن. ان اعتبار کان پاڪستان کي اڳيان رکندي اسان
کي اڻويهين صديءَ واري قوم جي تصور جي معنيٰ ۾
ترميم جي ضرورت پوي ٿي. اهي ماڻهو جي برصغير جي
مسلمانن جي تاريخ ۽ مزاج کان واقف نه آهن. ٿوري
وقت لاءِ حيرت ۾ ضرور پون ٿا پر جنهن خواهش، جنهن
جذباتي ۽ تاريخي عمل هن ملڪ کي جنم ڏنو آهي، اُهي
اڄ به ايترو قوي ۽ شديد آهي جيترو 1947ع کان
پهريان هو. فرق صرف ايترو آهي، ته پنهنجي مسئلي کي
قومي نقطهءِ نظر سان حل نه ڪرڻ سبب ۽ خيال ۽ فڪر
جي نظام جي منتشتر ٿيڻ سبب ”قوتِ حيات“ مرجهائجي
وئي آهي ۽ ان افسردگيءَ مسئلن کي منجهائي اسان ۾
هڪ اهڙي تنگ نظري پيدا ڪئي آهي، جيڪا اڄ هڪ ٻئي کي
ڪٽڻ جو ڪم ڪري رهي آهي ۽ عدم مساوات ۽ بي انصافي
جو سهارو وٺي اسان جي ۽ تاريخ جي ميسارڻ ۾ رڌل
آهي. پوءِ ماڻهو اهو به وساري ويهن ٿا ته هن دور ۾
جڏهن مفاصلا گهٽجي رهيا آهن ۽ دنيا هڪ ٻئي جي
ويجهو ٿيندي پئي وڃي، ۽ دنيا جي ڪنهن به ڏوراهين
علائقي ۾ ٿيندڙ واقعو هر ٻئي علائقي تي اثر انداز
ٿئي ٿو، جاگرافي جو قديم تصور به ان سان گڏ بدلجي
رهيو آهي. اڄ کان اڳ اهڙي قسم جو ملڪي جاگرافي جو
تصور به ذهن ۾ نٿي اچي سگهيو جتي ملڪ ٻن حصن ۾
ورهايل هجي ۽ هڪ حصو ٻئي حصي کان ٻارهن سو ميل پري
هجي. هاڻي جڏهن دنيا بين الاقوامي طرزِ حڪومت
ڏانهن تڪڙي وک وڌائي رهي آهي. پاڪستان جو هي نئون
ملڪ هڪ نئين تجربي جو درجو رکي ٿو. جهڙي ريت بين
الاقوامي طرزِ حڪومت لاءِ انسان کي قديم طرزِ
حڪومت جي تصور تي نظرثاني ڪرڻي پوندي اهڙي طرح
پاڪستان جي جاگرافي کي ڏسندي اڻويهين صدي جي قديم
قومي تصور تي به نظر ثاني ڪرڻي پوندي. هاڻي مفاصلن
جي گهٽجڻ سان خيال جي مهم ڦهلائي سگهجي ٿي ان
اعتبار کان پاڪستان دنيا جو پهريون ملڪ آهي، جتي
بين الاقوامي طرزِ حڪومت جو پهريون تجربو ڪيو ويو
آهي.
قومي يڪجهتي جو مسئلو علاقائي تهذيبي ۽ لساني اختلافن سبب سوچڻ
جي دعوت ڏئي ٿو اتي اهو مسئلو به ته ٻن ٽن سالن ۾
ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو هندستان مان هجرت ڪري هميشه لاءِ
هن ملڪ ۾ وسڻ لاءِ هليا آيا آهن اسان کي قومي سطح
تي نئين طرح سوچڻ لاءِ مائل ڪري رهيو آهي. جيئن
مون هن کان پهريان چيو آهي ته انهن کي مهاجر جي
نالي سان سڏيو وڃي ٿو. مهاجر جو لفظ هڪ مذهبي
اصطلاح جو درجو رکي ٿو. جڏهن حضرت جن مڪي کان
مديني هجرت ڪئي ته کين ۽ سندن ساٿين کي مهاجر
ڪوٺيو ويو. مهاجر لفظ ۾ هيءَ معنيٰ سمايل آهي ته
هجرت وارا ڀڳا ڪين هئا پر اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ، ان
جي واڌاري ۽ تبليغ لاءِ هڪ علائقي مان ٻي علائقي
۾ آيا هئا. اچڻ وارا ماڻهو هڪ اعليٰ مقصد سان هن
سرزمين ۾ داخل ٿيا هئا ۽ اهي ماڻهو هئا، جن
پاڪستان حاصل ڪرڻ ۽ آزادي جي جدوجهد ۾ شريڪ ٿي هڪ
نصب العين، هڪ مقصد، هڪ آدرش لاءِ قربانيون ڏنيون
هيون. هنن پاڪستان حاصل ۽ آزادي جي جدوجهد وقت اهو
نه سوچيو هو ته هو اقليتن وارن صوبن جا باشندا آهن
۽ پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ اڪثريت وارا ماڻهو
هنن سان معاشي، تهذيبي، سياسي ۽ سماجي سطح تي ڪهڙو
سلوڪ ڪندا. حريفن جي ڊيڄاريندڙ ڳالهين جيڪي اقليت
وارن صوبن ۾ رهندڙ مسلمانن اڳيان هنن بيان ڪيون
هيون ته، ”هندستان ٻن ملڪن ۾ ورهائجي ويندو، جن
مان هڪ ۾ مسلمانن جي گهڻائي هوندي ٻي ۾ هندن جي. ۽
اهي علائقا جن کي اٽڪل هڪ هزار سالن کان هن پنهنجو
وطن سمجهيو آهي ۽ اهي علائقا جن ۾ اسلامي تهذيب ۽
تمدن جا مشهور مرڪز تعمير ڪيا ويا آهن. اتي هو
هندو گهڻائي وارن صوبن ۾ وڌيڪ ڪمزور هوندا. هنن
ماڻهن جي هڪڙي ڏينهن صبح جو جڏهن اک کلندي ته هو
ڏسندا ته راتو رات هو اجنبي ۽ پرديسي ٿي ويا آهن.
هو صنعتي، معاشي ۽ تهذيبي لحاظ کان پٺتي پيل هوندا
۽ پنهنجي حڪومت جي رحم ۽ ڪرم تي هوندا جيڪا هندو
راڄ ٿي چڪي هوندي.“[1]
هنن تي ٿورو به اثر نه ڪيو. جيڪڏهن اهي ڳالهيون
هنن تي اثر ڪن ها ته پاڪستان جو قائم ٿيڻ هڪ
ناممڪن ڳالهه هئي.
پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ هجرت ڪري اچڻ وارن جي نفسيات هيءَ
هئي جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي گهر ايندو آهي ۽ انهن
سڀني ڳالهين ۽ انهيءَ مخصوص برتاءُ جي اميد رکندو
آهي، جيڪا گهر جي تصور سان وابسطه هوندي آهي.
پاڪستان هنن لاءِ پنهنجي قديم وطن کان وڌيڪ مقدس
هو. ان ڪري هو جڏهن آيا ته ائين ئي آيا جيئن ڪو
پنهنجي گهر ايندو آهي. ايتري گهڻن ماڻهن جو ايتري
ٿوري وقت ۾ هجرت ڪرڻ تاريخ ۾ هڪ حيرت انگيز واقعو
آهي. آمريڪا ۾ 1950ع تائين چار ڪروڙ ماڻهو ٻاهريان
اچي آباد ٿيا آهن پر لڏ پلاڻ جو اهو سلسلو 1800ع
کان شروع ٿئي ٿو. ڏيڍ سو سالن ۾ امريڪا جهڙي وسيع
ذرائع رکندڙ وڏي ايراضي واري ملڪ ڏانهن ڏسو ۽ ٻي
طرف صرف ٻن سالن ۾ ڏيڍ ڪروڙ مسلمانن جي هجرت کي
ڏسو. ان عمل معاشري جي سامهون، پيچيده معاشي،
معاشرتي، نفسياتي مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. هنن
ماڻهن کي قديم وسندڙ ماڻهن ۾ جذب ڪرڻ جو واحد
طريقو هي هو ته ان کي قومي مسئلو سمجهي، قومي سطح
تي سلجهايو وڃي ها ۽ ان کي ڪريل سياست کان پري
رکيو وڃي ها. جڏهن ڪي ماڻهو هجرت ڪندا آهن ته اهي
هجرت ڪنهن آدرش سان ڪندا آهن ۽ انهن ۾ اها خواهش
ضرور هوندي آهي ته هو پنهنجا ذهني، روحاني، مادي ۽
معاشي مسئلا هتي پهچي حل ڪندا. ان آدرش جي سهاري
آبادڪاري ۽ تهذيب جا مسئلا آسانيءَ سان حل ٿي
ويندا آهن. اهڙي حال ۾ جيڪڏهن اختيار وارن ماڻهن
جو رويو هي ٿي وڃي ته ٻاهران ايندڙ غاصب آهن ۽
انهن کي هن زمين مان لاڀ حاصل ڪرڻ جو حق ڪونهي ته
هجرت ڪندڙ ماڻهو مايوسين جو شڪار ٿي هڪ ناسور ٿي
پون ٿا ۽ يڪجهتي جو اهو عمل ۽ جذب ٿيڻ جو اهو رويو
جيڪو نئين سماج کي جنم ڏئي ٿو هڪ ڏورانهين ڳالهه
ٿي پوي ٿو. جيڪڏهن دروازو بند ڪري ويهي رهجي ته
پوءِ هن معاشرتي نظام ۾ تبديلي جو امڪان ڪٿان ۽
ڪئين پيدا ٿي سگهي ٿو؟
هاڻي يا ته ائين هجي ها ته پاڪستان ۾ مجموعي طرح پهريان ئي ڪو
اهڙو قومي ڪلچر موجود هجي ها جنهن ۾ ٻاهرين ايندڙ
ماڻهو جذب ٿي وڃن ها يا ٻاهران ايندڙ ماڻهن جو
ڪلچر ايترو قوي ۽ جاندار هجا ها جو هتان جا قديم
ماڻهو ان کي قبول ڪن ها. پر صورت حال هيءَ هئي ته
نه ته هتان جو ڪلچر ايترو قوي هو جو جذب ۽ قبول جو
عمل ان تهذيبي سطح تي ٿي سگهيو ٿي ۽ ٻاهريان ايندڙ
ماڻهن جو ڪلچر به، پنهنجي زمين کان ڇڄي وڃڻ سبب،
اهڙو نه رهيو هو جو مقامي ماڻهو ان کي قبول ڪن ها.
البت انهن ٻنهي جي اشتراڪ سان هڪ نئون تهذيبي
ڍانچو ضرور تيار ٿي سگهيو ٿي، جنهن کي اسان قومي
ڪلچر جو نالو ڏئي سگهون ها. مگر آزادي کان پوءِ ان
عمل ٻيو رخ اختيار ڪيو. هجرت ڪرڻ وارا ماڻهو هڪ
عظيم آدرش سان هن پاڪ سرزمين ۾ داخل ٿيا هئا. هنن
جامع قدرن جي حفاظت ۽ پنهنجي حياتي کي نئين معنيٰ
ڏئي هتي جي زندگي ۾ نئين صورت ڦوڪڻ جو ارادو رکيو
ٿي. اهي قدر هنن کي پنهنجي ملڪيت، پنهنجي وطن کان
وڌيڪ پيارا هئا. پاڪستان جي تصور جي معنيٰ به اها
هئي.
ان نفسياتي عمل ۾ قديم ۽ نوان ماڻهو هڪ جيترا شريڪ هئا. نه صرف
اهو پر هنن ۾ جذب ۽ قبول لاءِ آمادگي جو جذبو به
شدت سان موجود هو. هن آدرش جي سطح تي ملي هڪ ٿي
وڃڻ چاهيو ٿي. آزادي کانپوءِ ٻنهي طرف جي ماڻهن
جوهر طبقو پگهريل لوه مثل هو. جنهن کي ڪنهن به شڪل
۾ آسانيءَ سان پيٽي سگهجي ها. ليڪن بي انصافين
يڪجهتي جي ان عمل کي ايترو ڪمزور، ايترو بي معنيٰ
بنائي ڇڏيو جو هر طبقو، هر علائقو ۽ هر فرد صرف ۽
فقط پنهنجي وجود جي حفاظت ۾ لڳي ويو. تهذيبي خود
حفاظتي جو جذبو ان سبب تيز ٿي ويو. بي انصافي جو
ڪمال آهي ته اها هر فرد، هر طبقي، هر علائقي،
زندگي جي هر سطح تي خود حفاظتي جو شديد احساس پيدا
ڪري ٿي ڇڏي ۽ اها قومي سطح تي هڪ ٿي وڃڻ بجاءِ
پنهنجي وجود کي زنده ۽ باقي رکڻ، ان کي وڌائڻ ۽
ٻين تي مسلط ڪرڻ جي طلسم ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿي. ان
حالت ۾ بي انصافيون انصاف ۽ عدم مساوات مساوات ٿي
وڃي ٿي ۽ معاشرو انصاف ۽ مساوات جي شعور کان عاري
ٿي وڃي ٿو. قومي قدر ۽ قومي آدرش اونڌي منهن ڪري
پون ٿا ۽ سارو نظام خراب ٿي وڃي ٿو. بي انصافين جي
ان عمل سبب اسان ڏسون ٿا ته سنڌيءَ کي سنڌي هجڻ
بنگاليءَ کي بنگالي هجڻ، بلوچي کي بلوچي هجڻ،
پٺاڻ کي پٺاڻ هجڻ ۽ پنجابي کي پنجابي هجڻ جو ايترو
شديد احساس پيدا ٿي ويو آهي، جو ڪو به اهڙو باقي
نه رهيو آهي، جنهن کي پاڪستاني هجڻ تي فخر هجي.
سڀني علائقن پنهنجا تهذيبي پاڪٽ علحده بنايا آهن.
ٻاهران ايندڙن به ساڳي ڳالهه ڪئي. بي انصافين جو
بار هنن ماڻهن تي ايترو پيو جو هنن کي اهو احساس
ٿيو ته هي اهو آدرش ته نه هو، جنهن لاءِ هنن
پاڪستان جي قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي هئي. ان آدرش
جي ٽٽڻ سان هنن ماڻهن لاءِ زندگي ۾ ڪا به معنيٰ نه
رهي ۽ هو به ملڪ جي ٻين علاقائي ماڻهن وانگر جذب ۽
قبول بجاءِ پنهنجي دامن سان ٽمٽمائيندڙ ڏئي جي
حفاظت ڪرڻ لڳا. مقامي ماڻهن جي رسم ۽ رواج ۽ ڪلچر
ڏانهن هنن جو رويو همدردي وارو نه رهيو، ان سان گڏ
نفرت جو عمل ڪم ڪرڻ لڳو ۽ اثر قبول ڪرڻ جو جذبو
جيڪو يڪجهتي ڏانهن وٺي ويندو آهي مرده ٿيڻ لڳو.
ملي سطح قومي سطح کان هيٺ ڪري علاقائي سطح تي وڃي
پهتي، مذهب جيڪو مشترڪ قدر جو درجو رکندو هو،
معاشري جي تنگ نظري جي اڳيان بي اثر ٿي ويو. ٿورن
ئي سالن ۾ هتان جي قديم آبادي ۽ ٻاهران آيل هڪ ٻئي
سان ائين ملڻ لڳا، جيئن ڌارين سان ملبو آهي. شادي
غمي، معاشرتي ڏيڻ وٺڻ، اعتبار ۽ اعتماد جي جذبات
بجاءِ شڪ ۽ لڪل نفرت ذهنن ۾ زهر ڀرڻ لڳا. جيڪڏهن
سڀ ماڻهو هڪ ٻئي سان ائين ملندا رهن ها جيئن
انهيءَ جذبي سان ملندا هئا، جنهن جي ذريعي هنن ملي
ڪري عظيم ملڪ کي قائم ڪيو هو ۽ جيڪڏهن هنن کي
انصاف ۽ مساوات جو سهارو ملي ها ته انهن ماڻهن جي
اشتراڪ سان هڪ جاندار سماج قائم ٿيڻ لڳي ها. پر
ٿيو ائين ته منزل تائين پهچي اسان مختلف طرفن
ڏانهن هڪ ٻئي کان ڊڄي ڀڄڻ لڳاسين.
سياستدانن پنهنجي اقتدار کي قائم رکڻ لاءِ علاقائي جذبن کي وڌيڪ
ڀڙڪايو ۽ اهڙا قانون، قاعدا، ضابطا بنايا جي ماڻهن
کي هڪ ٻئي سان ملائڻ بجاءِ هڪ ٻئي کان ڌار ڪرڻ
لڳا. ان صورتحال، جيئن مون پهريان عرض ڪيو آهي،
قومي سطح تي يڪجهتي جي عمل ۾ ٺاپر آڻي ڇڏي ۽ ٻئي
طرف ملڪ جي ماڻهن جي مختلف حصن کي الڳ الڳ پنهنجي
حفاظت ۾ لڳائي ڇڏيو. هر آبادي ٻي آبادي کي، هر
علائقو ٻي علائقي کي شڪ جي نگاه سان ڏسڻ لڳو. اهو
عمل اڄ به ائين ٿي رهيو آهي. ان جي نتيجن جو
اندازو صرف هيتري ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته
قومي مسئلن سان فرد جو اهو چاه ۽ اهو خلوص نه آهي،
جيڪو پهاڙن کي به مات ڪندو آهي. اسلام جي نالي تي
هي قائم ٿيندڙ ملڪ اڄ افراتفري ۽ تنگ نظري جي زخمن
کان چور آهي. مهاجرن جي هن مسئلي کي صرف رواداري،
وڏي حوصلي ۽ قومي انداز سان حل ڪيو وڃي ها، ان کي
حل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته هي ڏٺو وڃي ته هجرت ڪندڙ
ماڻهن جو ڪهڙو رويو آهي ۽ آدرش ڇا آهي؟ قديم ماڻهن
جو انهن ماڻهن سان رويو ڪهڙو آهي. جيڪڏهن اهو رويو
سٺو آهي ته ڇو جيڪڏهن ناهي ته ڇو؟ هتي اچي هجرت
ڪندڙ ماڻهن کي پنهنجين خواهشن کي پورو ڪرڻ جو موقع
ڪيترو مليو آهي؟ قديم باشندا ۽ مهاجر هڪ ٻئي سان
ڪهڙي سطح تي اچي پاڻ ۾ ملن ٿا؟ ڇا ان ميلاپ ۾
اخوت، محبت ۽ رواداري جو جذبو آهي؟
ان نقطئه نظر کان جيڪڏهن ان مسئلي کي ڏٺو وڃي ته هي ڳالهه
سامهون ٿي اچي ته هجرت ڪندڙ ماڻهو جيڪي تحريڪ
پاڪستان ۾ پيش پيش هئا بنيادي طرح هن ملڪ لاءِ
شديد محبت جو جذبو رکن ٿا. هن ملڪ کي عظيم بنائڻ
هنن جو آدرش آهي. هو انهي جذبي سان هن ملڪ جي حدن
۾ داخل ٿيا هئا. ان جذبي سبب هنن ۾ پنهنجائپ جو
جذبو موجود هو. پر ان سان گڏ ٻاهران ايندڙ ماڻهن
کي تهذيبي سطح تي احساسِ برتري جو جذبو به هو، هو
ان لهر ۾ اهو وساري ويٺا هئا ته احساسِ برتري جو
اهو احساس نئين ماحول ۽ نئين ملڪ جي قديم ماڻهن ۾
هڪ منفي عمل جو درجو رکي ٿو. ڪو به قديم ماڻهو
ٻاهران ايندڙ ماڻهن کي خواه اهي تهذيبي سطح تي
ڪيترو به بلند ڇو نه هجن، احساس برتري جي سطح تي
قبول نٿو ڪري سگهي. ردِ عمل ۾ نفرت جو جذبو هنن ۾
پيدا ٿيو. مهاجرن جو قصور هي هو ته هنن قديم آبادي
جي ڪلچر ۽ ان جي مسئلن کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي ۽
احساس برتري جي جذبي هنن کي ايترو انڌو ڪري ڇڏيو
جو احترام جو جذبو غائب ٿي ويو. ان سبب ڪري قديم
ماڻهن جلد ئي نون ايندڙ ماڻهن جو استقبال ڪرڻ بند
ڪري ڇڏيو. ايندڙ ماڻهو هي وساري ويٺا ته هجرت جي
معنيٰ تبديلي آهي ۽ اها به ته هجرت سان گڏ تهذيبي
ادارا به هجرت نه ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪندا به آهن
ته شڪسته حالت ۾ ان ڪري انهن ادارن کي نئين ماحول
۽ نين تقاضائن تحت بدلجڻ جي ضرورت هوندي آهي. هجرت
ڪرڻ وارا ماڻهو پنهنجي پٺتي ڇڏي آيل سوسائٽي کي
ٻيهر قائم ڪرڻ جو به خيال نٿا ڪري سگهن. انهن سڀني
ڳالهن گڏجي، بي انصافين ۽ خود حفاظتي جي پاڇي ۾،
يڪجهتي جي عمل کي وڌيڪ ڏکيو ڪري ڇڏيو. هت ضرورت ان
ڳالهه جي هئي ته برسرِ اقتدار طبقو ان مسئلي کي
قومي سطح تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها ۽ قومي يڪجهتي
جي مسئلي کي هر مسئلي کان زياده اهميت ڏئي ها. پر
ٿيو ائين ته قومي مسئلو صرف علاقائي سطح تي ڏسجڻ
لڳو ۽ ان جو نتيجو هي نڪتو ته قومي سطح غائب ٿي
وئي ۽ سارومسئلو الڳ الڳ علائقن جو رهجي ويو جيڪي
هڪ ٻئي کان منهن ڦيريون ويٺا هئا. امن جي حالت ۾
قومي سطح تي يڪجهتي جو رشتو معاشي مساوات جورشتو
آهي. جيستائين هر آبادي کي، سواءِ ڪنهن علاقائي
فرق جي، معاشي مساوات ۽ هڪ جهڙن موقعن حاصل ٿيڻ جو
احساس پيدا نه ٿيندو، ان وقت تائين سمورن مسئلن
وانگر هي مسئلوبه ائين منجهيو رهندو. اسان وٽ هن
وقت ماڻهن جي اميدن جي پائمال ٿيڻ جو عمل تيز آهي
۽ اهو اهڙو خطرناڪ لاڙو آهي، جنهن تي جيتري به
ڳڻتي جو اظهار ڪجي گهٽ آهي.
اچو پنهنجي هن نئين ملڪ جي ان مسئلي کي اسرائيل جي حالتن ۽
واقعات سان ڀيٽي ڏسون. اسرائيل ۾ به آبادي جو اهو
مسئلو هو. اتي به قديم آبادي ۽ ٻاهران آيل ماڻهن
جي جهيڙي جو اهو ئي رنگ ڍنگ هو. ان ملڪ جي آباديءَ
۾ به تڪڙو واڌارو ٿيو هو ۽ ان ملڪ جو بنياد به
مذهب تي پيو هو. پر اسان جي ملڪ ۾ ايندڙ ماڻهو
تاريخ ۽ روايتن جي اعتبار کان اسرائيل ۾ اچي وسندڙ
ماڻهن جي مقابلي ۾ قديم ماڻهن سان وڌيڪ هڪجهڙائي ۽
ويجهڙائي رکندا هئا ۽ هنن پاڪستان جي تحريڪ ۾ پاڻ
بهرو ورتو هو. اسرائيل ۾ ٻاهران آيل ماڻهو روايت،
ڪلچر ۽ تاريخ جي اعتبار کان هڪ ٻئي کان مختلف هئا.
انهن ۾ روس، جرمني، پولينڊ، آسٽريا جا يهودي به
شامل هئا ۽ بلقان، يمن، عراق، ايران، مصر، ترڪي ۽
افريقا جا يهودي به هئا. پر ان اختلاف جي باوجود
اتي يڪجهتي آسانيءَ سان پيدا ٿي سگهي. اتي آدرش کي
هر سطح تي محفوظ رکيو ويو. نئين آبادي جي مسئلي کي
قومي سطح تي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سڀني کي هڪ
جهڙا موقعا ۽ مساوات حاصل هئي. اتي اميدن کي ٽٽڻ
نه ڏنو ويو. برسرِ اقتدار طبقي مشترڪ قدرن ۽ قديم
تاريخ کي نئين معنيٰ ۾ يڪجهتي لاءِ هٿيو ڪري
استعمال ڪيو. ۽ نيڪ نيتي ۽ خلوص سان آدرش جي
احترام کي هر ڪوڙي جذبي کان مٿي رکيو. جنهن آدرش
سان ملڪ قائم ڪيو ويو هو ان کي پوري ڪرڻ جي پوري
پوري ڪوشش ڪئي وئي. عبراني زبان کي جيڪا اردو جي
ڀيٽ ۾ جديد ضرورتن جي اعتبار کان تمام پٺتي هئي،
قومي زبان بنايو ويو. مذهب کي معاشري ۾ بنيادي
جاءِ ڏني وئي ۽ صديون پراڻي خواب جي تعبير کي ان
ننڍڙي ملڪ ۾ پوري ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وئي.
پاڪستان ۾ اهو عمل اسرائيل جي بلڪل ابتڙ ٿيو. هتي
جا ماڻهو پنهنجن پنهنجن دائرن ۾ ورهائجڻ لڳا.
معاشي مساوات ۽ هڪ جهڙن موقعن کي قانون جي زور سان
روڪيو ويو. آدرش هٿن ۾ اچي ڏاڍو پري هليو ويو.
زبان جو مسئلو، مذهب جو مسئلو آدرش کان جدا ٿي دم
ڏيڻ لڳو. اميدن ۾ مايوسي ۽ عدم مساوات عدم تحفظ جي
احساس کي ايترو شديد ڪري ڇڏيو جو فرد صرف پنهنجي
حفاظت ۾ لڳي ويو؟ عظيم آدرش جي جاءِ ”پيسي“ جي
آدرش اچي والاري. ان عمل جتي يڪجهتي جي جذبي کي
ماري ڇڏيو اتي معاشرو تهذيبي سطح تي پنهنجي راهه ۽
رستو به وڃائي ويٺو. اهڙي حال ۾ هي مسئلو ۽ ان جو
حل ڏکيو ڏسڻ ۾ ٿو اچي پر قومي سطح تي ان کي ڏسڻ،
انصاف ۽ رواداري سان سمجهڻ ڪري هاڻي به اهو مسئلو
۽ ٻيا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. اصل مسئلو طرزِ عمل جو
آهي ته توهان ڪنهن مسئلي لاءِ ڪهڙي طرزِ عمل
اختيار ڪريو ٿا. ڇا اوهان ان کي تنگ نظري سان ڏسو
ٿا. يا تنگ نظري کان مٿي ٿي قومي نقطئه نظر سان
ڏسو ٿا طرزِ عمل ئي بنيادي طرح هن مسئلي جو حل
آهي. جيڪڏهن قومي يڪجهتي جي مسئلي طرف اهلِ فڪر ۽
اهلِ اقتدار يڪدم توجه نه ڏنو ۽ ان کي فراخ دلي ۽
وسيع النظري سان سلجهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته ان جا
نتيجا اهڙا نڪرندا جن جي تصور کان ئي جان ڏڪي ٿي
وڃي.
مون هتي قومي يڪجهتي جي تعلق سان معاشري جي مختلف مسئلن ۽
ڳالهين جو جائزو وٺي هڪ صاف ۽ واضح تصوير پيش ڪئي
آهي. جيئن ان تصوير کي ڏسي فڪر جي سطح تي اسان ان
مسئلي جو شعور حاصل ڪري سگهون.
|