باب ستون
مادي ترقي ۽
ڪلچر جي ارتقا
”انهن ڳالهين جي باوجود اهڙن اوزارن کي حاصل ڪرڻو آهي جن
کانسواءِ پوک ڪري، وڻ لڳائي، جانورن کي قبضي ۾ ڪري
نٿو سگهجي. جيئن ڪوڏر، ڏول، هر، رسيون ۽ انهن
کانسواءِ ٻيا اوزار. انهن ڳالهين جي باوجود شين جي
مٽاسٽا ۽ ٻيا معاملا جيڪي ڪن ڪمن لاءِ ضروري آهن،
سکجن..... الله تعاليٰ پنهنجن بندن تي وڏو احسان
ڪيو آهي جو هن پنهنجي عظيم ڪتاب ۾ انهن ڪمن جي
سڀني شاخن جو الهام ڪيو آهي.“[1]
شاه ولي الله
جنهن امر ڏانهن شاه ولي الله اشارو ڪيو آهي ان ۾ ٻين ڳالهين سان
گڏ اوزار بنائڻ جي فن ۽ جانورن کي قبضي هيٺ آڻي
توانائي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت کي مذهب جو هڪ لازمي
ڪم سڏيو آهي ۽ اهڙي طرح مذهب جي رشتي کي زندگي ۽
ان جي سمورين سرگرمين سان وابسته رکڻ جي تلقين ڪئي
آهي، جيئن مسلمان پنهنجي دين ۽مذهب کي صحيح معنيٰ
۾ اڳتي وڌائي سگهن. اهو ئي اهو عمل آهي، جنهن کان
اسان منهن موڙي مذهب کي صرف ۽ محض نام نهاد
روحانيت جي اهڙي زندان ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي. جنهن
جون ديوارون ڊگهيون ۽ مضبوط بنيل آهن. جنهن جي
چئني طرف ضعيف اعتقاد، ترڪِ دنيا ۽ وسوسن جا
سگهارا پهريدار تلوارون کنيون پهرو ڏئي رهيا آهن،
ائين ٿو لڳي ته ڳالهه بيهجي وئي آهي ۽ زندگي پاڻ
کي تبديل ڪرڻ جو عمل بند ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي هڪ
طرف عقيدو آهي، جنهن جي اسان صرف جذبي جي سطح تي
حفاظت ڪرڻ ٿا گهرون ۽ ٻي طرف زندگي جون حقيقتون
آهن، جيڪي اسان جي اندر ۾ شڪ جي عمل کي پيدا ڪري
رهيون آهن. عقيدي ۽ شڪ جي ساڳي وقت پيدا ٿيڻ ڪري
هڪ اڻ پوري، ٻه رخي ذهنيت اسان جي معاشري ۾ پيدا
ٿي وئي آهي، جنهن نه صرف گهري تضاد کي جنم ڏنو
آهي، پر فرد کي بحران جي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي.
تهذيبي سطح تي جنهن تصورِ حقيقت جي جنهن شڪل کي
اسان قبول ڪري ورتو آهي، جنهن صداقت جا اسان قائل
ٿي چڪا آهيون، ۽ جيڪا عادت ۽ مزاج بنجي ڄار وانگر
اسان جي جذبن تي ڇانئجي وئي آهي، انهيءَ کي اسان
آسانيءَ سان ڇڏي نٿا سگهون. آخر ماڻهو پنهنجن ذهني
فريبن کان ڪڏهن ٻاهر نڪرڻ گهرندا آهن. ان حال ۾،
هر نئون خيال، هر نئين شي، نه صرف شڪ ۽ شبـﮧ جي
نگاهن سان ڏٺي ويندي آهي پر معاشرو ان جي گهٽائي
ڪرڻ جي عمل ۾ لڳي ويندو آهي ۽ ان جي وجود کي مڃڻ
کان ئي انڪار ڪري ڇڏيندو آهي. انساني معاشري جو
اهو عمل معاشري جي توازن کي ايترو خراب ڪري ڇڏيندو
آهي جو هر قدر، هر شي، سمورا رشتا هيٺ مٿي ٿي
ڇڙوڇڙ ٿي ويندا آهن. جذبات جي انڌي وهڪري جي ذريعي
ئي زندگي جا سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا آهن. ان جو
هڪ مثال هي آهي ته جڏهن سر سيد احمد خان مسلمانن
کي انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ طرف متوجه ڪرڻ چاهيو ۽
سهارنپور ۾ انگريزي مدرسي جو بنياد رکڻ چاهيو ته
ماڻهو ڏنڊا کڻي هن جي پٺيان پئجي ويا ۽ سرسيد کي
ڀڄي علي ڳڙهه ۾ پناهه وٺڻي پئي، اڄ ان عمل جي ٻي
انتها اسان تي مسلط آهي. انگريزي زبان جي افاديت
ان درجي تائين تسليم ٿي چڪي آهي جو اسان ان کي
ڪنهن به قيمت تي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهيون. سياستدان
چون ٿا ته انگريزي زبان کي ڇڏڻ جي معنيٰ هيءَ
ٿيندي ته اسان سموري دنيا سان پنهنجو ناتو ٽوڙي
ڇڏيون. پر ان جي ڪري اسان جو پنهنجي معاشري سان
ڪيترو ناتو باقي وڃي رهيو آهي، ان ڏانهن ڪنهن جو
به ڌيان نه ويو آهي. عقيدي ۽ شڪ جي ان تضاد اسان ۾
هڪ اهڙو حشر برپا رکيو آهي، جو خود ايمان خطري ۾
پئجي ويو آهي.
مادي ترقي جو اهو پهلو، جنهن ڏانهن شاهه ولي الله اشارو ڪيو
آهي، دراصل انساني زندگي جي بقا، معاشرتي زندگي جي
نشوو نما ۽ تهذيبي ترقي لاءِ بنيادي حيثيت ٿو رکي.
ان کانسواءِ انساني معاشرو حيواني سطح کان بلند ٿي
نٿو سگهي. حيواني سطح کان بلند ٿيڻ جو هڪ طريقو هي
آهي ته انساني توانائي جي نون طريقن کي قبضي ۾ آڻي
پنهنجي ڪم لاءِ ۽ ضرورت مطابهق اوزار حاصل ڪري.
اهڙي ريت هڪ طرف اوزارن ذريعي ڪارڪردگي ۾ اضافو
ٿيندو ۽ انهيءَ نسبت سان ڪلچر ترقي ڪندو. ڪلچر جي
ترقيءَ لاءِ اها ڳالهه بنيادي حيثيت رکي ٿي ته
پهريان انساني معاشري کي حيواني سطح کان بلند ڪرڻ
لاءِ توانائي کي مسخر ڪري اوزارن ذريعي ڪم ۾ آڻڻ ۽
ڦهلائڻ جي ضرورت آهي. ان کان سواءِ هڪ قدم اڳتي
وڌائي نٿو سگهجي. ”توانائي“ ان قوت جو نالو آهي،
جنهن کي انسان قدرت جي عنصرن مان حاصل ڪري ڪم ۾
آڻي پنهنجي ڪارڪردگي جي قوت ۾ اضافو ڪري ٿو ۽
زندگي جي ڪمن کي آساني سان پوري ڪرڻ جي قابل ٿئي
ٿو. جنهن معاشري ۾ توانائي جو استعمال جيتريقدر
زياده هوندو اوتري قدر اهو معاشرو ترقي يافته
هوندو ۽ ان جو تهذيبي ۽ معاشرتي نظام ان مطابق
هوندو. توانائي جو اثر هڪ طرف انساني ڪارڪردگي تي
پوي ٿو ۽ ٻي طرف معاشرتي ۽ تهذيبي نظام ڀي ان کان
متاثر ۽ تشڪيل ٿئي ٿو.
هي بيان ٿورو وضاحت طلب آهي. اچو تاريخ جي ان دور ۾ هلون جتي
انسان اسان کي پنهنجي معاشرتي زندگي جي بلڪل
ابتدائي منزلن ۾ نظر اچي ٿو. اسان ڏسون ٿا ته
انسان حيواني سطح تي زنده آهي. هن جي رهڻي ڪرڻي،
هن جي پيٽ پالڻ جو طريقو، جنسي بک جو پورائو، سڀ
عمل حيواني سطح تي ڏسڻ ۾ نٿا اچن. هن وٽ توانائي
حاصل ڪرڻ جو صرف هڪ ذريعو آهي ۽ اهو هن جا هٿ پير
۽ جسماني قوت آهي. هو پنهنجون ضرورتون پنهنجي عضون
جي مدد سان پوريون ٿو ڪري. هن وٽ اوزار ڪين آهن،
جيڪي هن جي توانائي ۾ اضافو ڪن، ڇاڪاڻ ته انساني
عضون جي توانائي ٻين تواناين جي مقابلي ۾ ڪمزور
آهي ان سبب ان دور جو ڪلچر ۽ معاشرت به بلڪل ڪمزور
آهي. آخر اهو ڪهڙو فرق آهي جيڪو ان دور ۽ اسان جي
دور ۾ پلي ٿو. انسان هن دور ۾ توانائي جي نون
ذريعن کي مسخر ڪري انهن کي اوزارن ذريعي پنهنجي ڪم
آڻي انساني قوت ۽ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ قديم
دور ۾ اهو عمل اسان کي نٿو ملي. اهو ئي فرق آهي
جيڪو ڪراچي، وزيرستان ۽ سلهٽ جي معاشرن ۾ ملي ٿو ۽
اهو ئي فرق آهي، جيڪو نيويارڪ ۽ ڪراچي جي معاشرن ۾
محسوس ٿئي ٿو. جتي انسان توانائي جي نوان ذريعن کي
تلاش ڪري پنهنجي ڪم آڻڻ جي لائق ٿيو آهي، اتي
معاشرتي زندگي تڪڙو اڳتي قدم وڌايو آهي ۽ ڪلچر
مجموعي طرح ترقي ڪئي آهي. اهو ئي اهو نڪتو آهي
جيڪو شاهه ولي الله لڌو هو. ڪوئي نظامِ حيات، ڪوئي
مذهب ان کان منهن ڦيري اڳتي وڌي نٿو سگهي. جيڪو
معاشرو توانائيءَ کي پنهنجي ڪم آڻڻ جي صلاحيت جو
جيترو اظهار ڪندو اهڙي رفتار سان ترقي طرف اڳتي
قدم وڌائي سگهندو.
انسان پنهنجن عضون سان توانائي حاصل ڪرڻ جي عمل جي مشڪل جو
اندازو لڳائي جڏهن صدين ۾ باهه، هوا ۽ پاڻي ذريعي
توانائي حاصل ڪرڻ ۽ ان کي ڪم ۾ لڳائڻ جو عمل ڳولي
لڌو ته اسان ڏسون ٿا ته معاشرتي ۽ تهذيبي زندگي به
ان رفتار سان ترقي ڪئي ۽ اهو فرق واضح طور اسان کي
انهن ٻنهي دورن جي نظامِ خيال، معاشرت ۽ ۽ نظامِ
معاش ۾ نظر اچي ٿو. پر ان فرق جي باوجود اسان اهو
ڏسون ٿا ته توانائي جا اهي ذريعا اهڙا نه هئا، جو
انسانن کي ترقي جي رستي تي گهڻو اڳتي وٺي وڃن.
باهه هجي پيمبري ڪيترن ڏينهن تائين سمورين انساني
ضرورتن کي پورونه ڪري سگهي. باهه انهيءَ دور ۾
کاڌي پچائڻ، جسم کي گرمي پهچائڻ ۽ جانورن کي
ڊيڄارڻ جي ڪم ته ايندي هئي پر انسان وسيع پيماني
تي پنهنجي معاشرتي زندگي ۾ ان کي ڪم آڻڻ جا طريقا
نه سکيا هئا. اهو برابر آهي ته ڪن معاشرن ۾ باهه
سرن پچائڻ، ٿانو تيار ڪرڻ ۽ ڌاتن کي رجائڻ جي ڪم
ايندي هئي، پر ائين نه ٿيو هو ته باهه کي انساني
جسم جي توانائي جي بدل طور بحيثيت هڪ توانائي جي
استعمال ڪيو ويو هجي. زياده کان زياده باهه جي
توانائي جو هي استعمال ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته ان سان وڏن
وڏن وڻن جي ٿڙن کي پورو ڪيو ٿو وڃي جيئن انهن پورن
ٿڙن مان ننڍيونننڍيون ٻيڙيونن بنايون وڃن. اهو ئي
اهو استعمال آهي، جتي باهه اسان کي جسماني عضوون
جي بدل طور استعمال ٿيندي نظر اچي ٿي. اهڙي طرح
پاڻيءَ جو استعمال ٻه هزار سال قبل مسيح اسان کي
صرف ايترو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انسان پاڻيءَ جي
توانائيءَ سان ڦيٿا هلائي ان مان ڪجهه ڪم ورتو آهي
يا وري دريا جي وهڪري ڏانهن ٻيڙين کي ڌڪي وڃڻ جو
ڪم ورتو آهي. ان کانسواءِ اناج جي پوک ۽ جانورن جي
پالڻ جي عمل ۾ به اسان کي توانائيءَ جي تسخير ۽
تصرف جو عمل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اسان ڏسون ٿا ته ڏاند،ل
ڳئون ۽ گهوڙي جهڙن جانورن کي قبضي هيٺ آڻي انسان
توانائي طور پنهنجي ڪم آندو آهي. جيئن جيئن اناج
اپائڻ، پوک ڪرڻ ۽ جانورن پالڻ جي ڪم ۾ مهارت وڌندي
وئي ائين ڪلچر به ترقي ڏانهن وک وڌائيندو ويو. آب
پاشي، پوک،ڀاڻ ۽ڪارائتن جانورن کي پالڻن ذريعي هڪ
طرف انساني توانائي ۾ اضافو ٿيو، ٻي طرف ان جي
محنت ۾ آساني ٿي ۽ ان سان گڏ لاڀ ۾ واڌارو ٿيو.
هاڻي سوچڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته ان انسان جي ذهن،
فڪر، معاشرت ۽طرزِ عمل تي، جيڪو پنهنجين غذائي
ضرورتن ۽ جانورن جي تلاش ۾ جهنگ جهر ڦرندو هو ۽
پنهنجين ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ گاهه ۽ ٻوٽن کي
ڳوليندو رهندو هو، جانورن جي پالڻ ۽ اناج اپائڻ جي
دريافت ڪهڙو اثر وڌو هوندو. توانائيءَ کي ان ريت
قبضي ڪري ڪم آڻڻ جو عمل انساني تهذيب جو هڪ عظيم
موڙ آهي.
اناج پوکڻ ۽ جانورن پالڻ کان سوين سال پوءِ ئي اسان ڏسون ٿا ته
مصر، ميسيپوٽيما، هندوستان ۽ چين ۾ ڪلچر هڪ نئين
انداز سان پنهنجا نقش اڀارڻ شروع ڪيا. ترقي جي
رفتار تڪڙي تيز ٿي وئي. هاڻي ڏاند هر هلائيندا
هئا، کوهن مان پاڻي ڪڍندا هئا ۽ بار ڍوئڻ جو ڪم
ڪندا هئا. پٿر جي دور جو انسان توانائي جي ان
ذريعي سان يڪدم معاشرتي ۽ تهذيبي سطح تي ڊوڙڻ لڳو.
ان عملن جي طرزِ فڪر کي متاثر ڪيو. نئين نظامِ
معاشرت کي جنم ڏنو ۽ هن جي فڪر جي بنيادي ڳالهين
کي بدلائي ڇڏيو. ”زرعي“ انقلاب سان گڏ انساني
معاشرو ۽ ان جو ڍانچو بدلجڻ لڳو. وڏا وڏا شهر وجود
۾ اچڻ لڳا. قبيلا هڪ ٻئي ۾ جذب ٿي قومن جي شڪل
اختيار ڪرڻ لڳا. وڏيون وڏيون سلطنتون قائم ٿيڻ
لڳيون. فنون لطيفـﮧ ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي. عظيم الشان
عمارتون جڙڻ لڳيون. دريائن تي پليون ٻڌجڻ لڳيون.
کائڻ پيئڻ جو نئون سليقو شروع ٿيو. ٿانون بنائڻ،
ڪپڙي اڻڻ ۽ مختلف ڌاتن مان ساز ۽ سامان ٺاهڻ ۾
نوان واڌارا ٿيا. بيمارين لاءِ دوائون تجويز ٿيون.
نجوم، هيئت رياضي لکڻ جا علم پيدا ٿيا. ادب ۽
اخلاق، عقيدن ۽ خيالن، معاشرت ۽ ڪلچر نئون رنگ
اختيار ڪيو. مطلب ته ڪلچر جي نئين ڍانچي، مادي ۽
ذهني، روحاني ۽ اخلاقي نظام جو نئون عمل شروع ڪيو.
بنيادي طرح اهو نتيجو هو توانائي جي نئين طريقي
دريافت ڪرڻ ۽ ان کي وسيع پيماني تي انساني تصرف ۾
آڻڻ جو هڪ هزار سال قبل مسيح تائين مصر، ميسو
پوٽيما، هندوستان ۽ چين جو ڪلچر ايترو عروج تي
پهتو جو اڳيو ڪو به ڪلچر ان جو مقابلو نٿي ڪري
سگهيو. مشرق ۾ تهذيب پنهنجي عروج تي هئي ۽ يورپ جو
ڪلچر ساڳي طرح حيواني سطح تي زنده هو.
زرعي نظام انسان جي هٿن ۾ توانائي جو هڪ اهڙو ذريعو ڏئي ڇڏيو جو
اهو غذا ۽ ٻين ضروري ۽ مفيد شيون زياده مقدار ۾
آساني سان پيدا ڪرڻ جي اهل ٿي ويو. هي نظام جهنگلن
۾ رهڻ ۽ شڪار تي زندگي گذارڻ واري نظام کان زياده
ترقي پسند نظام هو، جنهن انساني تقدير کي نئين
معنيٰ سان روشناس ڪرايو. انسان تواني جي هن نئين
ذريعي مان اهو ڪم ورتو جيڪو صرف انساني عضون سان
ٿي نه ٿي سگهيو. جيئن جيئن زرعي مهارت ترقي ڪئي
پوک ۽ جانورن پالڻ جا نوان نوان طريقا تلاش ڪيا
ويا غذا به زياده مقدار ۾ پيدا ٿيڻ لڳي ۽ غذا جي
فراوني سان گڏ آبادي جو وڌڻ پڻ لازمي هو. نتيجو هي
نڪتو جو معاشري جي آبادي جو هڪ حصو ساري معاشري
جون غذائي ضرورتون پوريون ڪرڻ جو اهل ٿي ويو ۽
آبادي جو هڪ حصو ان طرف کان بي نياز ٿي ٻين ڪمن ۾
لڳي ويو. معاشرو صلاحيتن ۽ پيشن جي اعتبار کان
طبقن ۾ ورهائجڻ لڳو. اهڙي ريت هڪ طرف معاشرتي ۽
تهذيبي ترقي جو رستو کلي ويو ۽ ٻي طرف تهذيبي ترقي
کي ڄڻ پَر لڳي ويا.
زرعي انقلاب کان اڳ قبائلي نظام ”رت ۽ رشتي“ جي جي لاڳاپن سان
قائم هو. پر آبادي جي وڌڻ سان گڏ جڏهن قبيلا هڪ
ٻئي ۾ ضم ٿيڻ لڳا ته ”رت ۽ رشتي“ جو نظام به ختم
ٿيڻ لڳو. زرعي انقلاب جي ڪري معاشرتي تنظيم جي عمل
وڌندڙ آبادي کي بحران جي انتشاري کان بچائي ورتو.
اهڙي ريت معاشي نظام ۾ به تبديلي آئي. قبائلي
معاشري ۾ دولت جي پيداوار استعمال ۽ مٽاسٽا جو
نظام شخصي رشتن تي قائم هو. هي نظام ان وقت تائين
ته ٺيڪ هو جڏهن آبادي گهٽ ۽ پيشن جو ورهاڱو نه
هو. رت جو رشتو سڀ کان اهم رشتو هو. پر جيئن ئي
معاشري ۾ مختلف طبقا پيدا ٿيا ته هڪ اهڙي معاشي
نظام جي ضرورت پيدا ٿي جنهن ذريعي هڪ طبقي جي
ڪارگذاري ۽ صلاحيت کي ٻي طبقي سان ملائي سگهجي. ان
ضرورت هيٺ ”ملڪيت“ جو تصور پيدا ٿيو ۽ ملڪيت جو
رشتو معاشرتي رشتي جو بنياد بنجي ويو. ملڪيت جي
رشتي رت جي رشتي جي جاءِ والاري.
زرعي انقلاب نه صرف اهو ڪيو پر جنگ جي نظام کي به متاثر ڪيو.
پهريان ڪنهن چراگاه يا سرسبز علائقي کي حاصل ڪرڻ
لاءِ هڪ قبيلو ٻئي قبيلي سان جنگ ڪندو هو. تير
ڪمان کان وٺصي جادو ٽوڻي تائين جنگ ۾ استعمال
ٿيندا هئا. هاڻي ملڪيت جي تصور جنگ کي قبيلي بجاءِ
علاقائي سلطنتن جي جنگ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. جنگ پيشو
بنجي وئي ۽ هڪ سلطنت جي ڍير ئي ٻي سلطنت وجود ۾
اچڻ لڳي. ان عمل ڪري سموري دولت هڪ طبقي جي هٿن ۾
ڪٺي ٿي وئي. قرض ڏيڻ وٺڻ روزگار جو هڪ ذريعو ٿي
پيو. غريب وڌيڪ غريب ۽ امير وڌيڪ امير ٿيندو ويو.
وياج، ڍل ڀاڙي جي شرح ايتري وڌي وئي جو غريب امير
جي پنجوڙ ۾ سوگهو ٿي ويو. اهڙي طرح هڪرو مختصرطبقو
ساري دولت ۽ قوت تي قابض ٿي ويو ۽ ٻيو دولت پيدا
ڪرڻ جو ذريعو بنيو رهيو. ملڪيت جي ان تصور تي
معاشري جو نئون نظامِ خيال وجود ۾ آيو. اهڙي طرح
اسين ڏسون ٿا ته توانائي جي تسخير ۽ ڪم آڻڻ زرعي
نظام جي شڪل ۾ ڪهڙي ريت معاشري جي خارجي ۽ داخلي
نظام کي تبديل ڪري، هڪ نئين نظام کي ان جي بدران
پيدا ڪيو ۽ توانائي جي تسخير ۽ ڪم آڻڻ جا اثر
انساني ترقي ۽ ڪلچر جي واڌاري لاءِ وڌيڪ مددگار
ثابت ٿيا.
ان انقلاب جا اثر صدين تائين مشرق ۾ پکڙندا رهيا. توانائي جا
جيڪي ذريعا مشرق ۾ دريافت ٿيا هئا، انهن جي
استعمال ۽ ڪم کي وسعت ملندي رهي ۽ مشرق ۾ هڪ اهڙو
معاشرو پيدا ٿي ويو، جيڪو فڪري سطح تي پنهنجي
تصورن جي بنيادن عقيدن جي نظام کي تشڪيل ڏئي رهيو
هو. دنيا جي سڀني مذهبن جي پيدائش به ان معاشرتي
ضرورت باعث ٿي. ان وقت مهذب دنيا صرف مشرق جو نالو
هو، ۽ سمورو فلسفو ۽ فڪر، سمورا علم ۽ کوجنائون
دنيا جي ان حصي لاءِ مخصوص رهيون بلڪل اهڙي طرح
جهڙي طرح اڄ اهي ڳالهيون مغرب سان مخصوص آهن.
هاڻي هتي هي سوال ڪري سگهجي ٿو ته آخر ڪهڙو سبب هو ته مشرق جو
اهو نظامِ خيال هڪ هنڌ پهچي روڪجي ويو. ۽ گراف مٿي
چڙهڻ بجاءِ صرف هڪ سطح تي ڦهلجڻ لڳو؟ توانائي جي
تسخير ۽ ڪم آڻڻ جنهن نظامِ خيال کي جنم ڏنو هو ۽
ان مان جيڪو معاشرتي ۽ تهذيبي نظام وجود ۾ آيو هو
سو وقت گذرڻ سان گڏ پاڻ ۾ مختلف ۽ متضاد عنصر جذب
ڪري ايترو قوي ٿي ويو جو اهو هڪ الڳ شخصيت بنجي
ويو هو جنهن کي معاشري عام طرح صداقت جي واحد شڪل
سمجهي قبول ڪري ورتو. ان ذهنيت نين انساني ضرورتن
کان اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ هاڻي ان ۾ ڪنهن قسم جي
تبديلي هڪ اهڙو فعل هو جو هر لحاظ کان سزا جي لائق
هو. فڪر ۽ عمل جي اهڙي روش ان حرڪت کي روڪي ڇڏيو،
جيڪا ترقي لاءِ ضروري هئي. هاڻي پراڻو نظامِ خيال
صرف جذبن ۽ احساسن جو حصو بنجي معاشري جي رڳن ۾ رت
مثل گردش ڪرڻ لڳو. مثلاً زرعي نظام جي اثر هيٺ
جيڪو معاشرتي نظام پيدا ٿيو ان معاشري کي ٻن طبقن
۾ ورهائي ڇڏيو. هڪ حڪمران طبقو ۽ٻيو محڪوم طبقو.
محڪوم دولت ٿي پيدا ڪئي ۽ حڪمران ان جو وڏو حصو
پنهنجي ڪم ٿي آندو. نتيجواهو نڪتو ته هوريان
هوريان محڪوم جي دلچسپي دولت جي پيدائش ڏانهن
گهٽجڻ لڳي. خود حڪمران طبقي دولت جي پيدائش ۾ ان
ڪري دلچسپي نٿي ورتي جو جيڪا ڪجهه دولت هن کي ملي
رهي هئي اها هن جي ضرورتن کان زياده هئي. ٻنهي
طبقن جون ضرورتون جيئن ته ”بروقت“ جون هيون، تنهن
ڪري ڪنهن به اهڙي رٿ تي عمل ڪرڻ کي جنهن ۾ وقت جي
گهرج هئي ۽ آمدني به گهٽ پئي ٿي مناسب نه ٿي
سمجهيو ويو. ان طبقي لاءِ دولت جو ڪارج صرف هي هو
ته ان کي خرچ ڪجي. محڪوم طبقي جي فلاح ۽ سڌاري سان
ان طبقي کي نه واسطو هو نه دلچسپي. نتيجو اهو
نڪتو ته ناانصافي ۽ عدم مساوات هڪ اهڙي طرز فڪر ۽
عمل کي پيدا ڪيو جنهن ذريعي حڪمران طبقو صرف
پنهنجي مفاد جي حفاظت ۾ مشغول ٿي ويو ۽ ٻيو بيدلي
سان صرف پنهنجي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽
پنهنجي بقا لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳو. ان عمل دلچسپي جي
انهيءَ گرمي کي سرد ڪري ڇڏيو جيڪا ترقي لاءِ ضروري
هئي.. انساني ضرورتن، نين تقاضائن ۽ معاشرتي حالتن
کان اک ٻوٽ عام طرح جاري رهي. هاڻي اهو نظامِ فڪر
صرف ان صورت ۾ تبديل ٿي سگهيو ٿي ته توانائي جا
نوان ذريعا دريافت ڪري انهن کي انساني معاشري جي
ڪم ۾ لڳايو وڃي جيئن دولت جي پيداوار ۾ اضافو ڪيو
وڃي، جنهن مان انصاف ۽ مساوات جنم وٺن ٿا. نون
مذهبن جو پيدا ٿيڻ به انهيءَ عدم توازن کي دور ڪرڻ
جو نتيجو هو. اسان اهو به ڏسون ٿا ته جتي جتي
توانائي جي تسخير ۽ ڪم جو عمل زنده رهيو آهي اتي
عظيم سلطنتون ۽ عظيم ڪلچر ۽ معاشرا پيدا ٿيندا
رهيا آهن. انهيءَ نموني ڪلچر اسريا ۽ جهريا- حرڪت
جو عمل ٿيو ۽ پوءِ هڪ هنڌ بيهجي ويو.
مشرق ۾ ماٺ واري ان عمل جي بار کان معاشرو ڪنجهيو پئي ته مغرب
توانائي جا نوان ذريعا دريافت ڪري پنهنجنجي ڪم
آندا. تيل، ڪوئلي ۽ گيس جي شڪل ۾ توانائي جو نئون
ذريعو هٿ آيو ته اسان ڏسون ٿا ته ان تسخير ۽ ڪارج
اتي معاشرتي ۽ تهذيبي ترقي کي پر لڳائي ڇڏيا.
آباديون تڪڙيون وڌڻ لڳيون. يورپ جي آبادي 1800ع
کان 1900ع تائين صرف هڪ سو سال ۾ اڻويهن ڪروڙن مان
وڌي چاليهه ڪروڙ ٿي وئي. ساڳيو حال جپان جو هو.
مشرق جو هي واحد ملڪ هو جتي توانائي جا نوان ذريعا
دريافت ڪري انهن کي ڪم آڻڻ جو عمل اڻويهين صدي ۾
شروع ٿي ويو هو. ان عمل جي ڪري مغربي معاشري جي
طبقاتي نظام ۾ تبديليون اچڻ لڳيون. حاڪم ۽ محڪوم
جو رشتو بدلجڻ لڳو. جاگيردارن ۽ زميندارن جي جاءِ
صنعتڪار ۽ بينڪر وٺڻ لڳا. مزدورن جو هڪ طبقو پيدا
ٿيڻ لڳو. هارين ۽ غلامن جي بغاوت جي بدران صنعتي
هڙتالون ٿيڻ لڳيون. حڪومت جي مرڪزيت ۾ اضافو ٿي
ويو. زرعي انقلاب هزارن سالن ۾ جيڪو معاشرتي نظام
پيدا ڪيو هو اهو توانائي حاصل ڪرڻ ۽ ان جي ڪم آڻڻ
سان نهايت تڪڙو بدلجڻ لڳو ۽ انسان جون ضرورتون ۽
ان جي طرزِ فڪر ۽ عمل نين راهن جي تلاش ۾ لڳي ويا.
”ٻارڻ جي انقلاب“ ڪلچر جي ڍانچي ۽ نظامِ اخلاق
کي متاثر ڪيو ۽ ڏيڍ سو سالن اندر يورپ جون قومون
دنيا جي اهڙين قومن تي، جن وٽ توانائي جا اهيئي
پراڻا ذريعا رائج هئا، غالب پوڻ لڳيون ۽هوريان
هوريان ڪلچر ۽ سلطنت جون واڳون انهن جي هٿ اچي
ويون.
اهو عمل ڏيڍ سو سالن تائين جاري رهيو پر پوءِ اسان ڏسون ٿا ته
ترقي جي رفتار سست ٿيڻ لڳي. هڪ طرف قيمت ۽ نفعي جي
تصور گهٽ قيمت تي زياده مال پيدا ڪرڻ جي خواهش
پيدا ڪئي ۽ ٻي طرف ائين ٿيو ته ڪي قومون پنهنجي
پيدا ڪيل سموري مال کي ڪم آڻي نٿي سگهيون. صنعتي
نظام سان گڏ درآمد ۽ برآمد جو نظام پيدا ٿيو. نين
منڊين جي تلاش شروع ٿي آخر نيون منڊيون به
ڪيستائين ملن ها. ان عمل سان نفعي جو تصور
مونجهاري ۾ پئجي ويو. ٻيون قومون به صنعتي ترقي ۾
هوريان هوريان اڳتي وڌي رهيون هيون نتيجو اهو نڪتو
ته اجاره داريون ختم ٿيڻ لڳيون. جڏهن ٻاهرين منڊين
۾ قومي صنعت جي گهرج نه هجي ته ظاهر آهي ته پيدوار
گهٽائڻي پوندي. ان سبب ڪري ڪيترين ملڪن جا ڪارخانا
بند ٿيڻ لڳا. بي روزگاري وڌڻ لڳي. صنعتي نظام مان
پيدا ٿيندڙ معاشرتي نظام مشيني نظام کي مفلوج ڪري
رهيو هو. هاڻي اهو نظام، جيڪو صنعتي ترقي سبب پيدا
ٿيو هو، پاڻ ايترو طاقتور ٿي ويو هو جو ان نظام کي
هيٺ مٿي ڪري رهيو، جنهن ان نظام کي مساوات جي روح
تي قائم رکيو هو. هاڻي اتي تجارت ۽ صنعت مان شخصي
ملڪيت جو تصور هوريان هوريان گهٽجڻ لڳو. صنعتي ۽
مالي ادارن جي آزاد ترقي جو تصور رد ٿيڻ لڳو ۽ عام
فلاح ۽ ڀلائيءَ جو تصور ان جي جاءِ وٺڻ لڳو ۽ ان
سان گڏ حڪومت جي طاقت ۾ روز بروز واڌارو به ٿيڻ
لڳو.
اڃا مغرب جو ڪلچر لڏي لمي رهيو هو ۽ اقتدار ۽ سلطنت هوريان
هوريان گهٽجي رهي هئي ته مغرب توانائي جي ذريعن
کي دريافت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اڃا تائين جوهري
توانائي جا اثر چڱي طرح پکڙيا نه آهن پر ان
توانائي جي دريافت ۽ ڪم ترقي جي عمل کي وري تيز
ڪري ڇڏيو آهي. دنيا جا فاصلا گهٽجي رهيا آهن.
انسان جيڪو اڄ تائين خلائن ڏانهن واجهائيندو رهندو
هو. چنڊ تائين پهچي چڪو آهي. جيڪڏهن مغرب ۾
توانائيءَ جا نوان ذريعا دريافت نه ڪيا وڃن ها ته
معاشرتي نظام مشرق وانگر هوريان هوريان پٺتي پئجي
وڃي ها ۽ عدم مساوات ۽ ناانصافي کي جنم ڏئي پاڻ هڪ
هنڌ بيهجي وڃي ها پوءِ ساڳيو عمل مغرب ۾ به ٿئي ها
جيڪو مشرق ۾ صديون پهريان ٿي چڪو هو.
|