سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: پاڪستان ڪلچر

باب: 2

صفحو :4

باب ٻيو

ڪلچر ڇا آهي

اڄ هر شخص جي زبان تي هر هر هي سوال اچي رهيو آهي ته ڪلچر ڇا آهي؟ هي بي چيني پاڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته اسان جو معاشرو تهذيبي سطح تي صحتمند نه آهي. ڪنهن صحتمند معاشري ۾ ان ڳالهه جي ضرورت ئي نه پوندي آهي ته ڪلچر جي تشريح ڪئي وڃي. ان جون حدون مقرر ڪيون وڃن ۽ ان ڳالهه تي غور ڪيو وڃي ته زندگي جي سنوارڻ ۾ ڪلچر جو ڪهڙو عمل ۽ دخل آهي. اهڙي معاشري ۾ زندگي حصن ۾ ورهايل نه هوندي آهي پر هر شي جا رشتا مربوط هوندا آهن ۽ سارو معاشرو هڪ سبز درخت وانگر وڌندو ويجهندو رهندو آهي. هر ٽاري وڌندي رهندي آهي ۽ زندگي هر طرف پکڙبي ۽ اسرندي رهندي آهي. ان حالت ۾ اهڙي ريت ڪلچر جي موضوع تي سوچڻ يا ڳالهائڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي اها شي ته خود اسان وٽ هوندي آهي. ان جو سڀڪجهه اسان جي تصوف ۾ هوندو آهي. پر جڏهن اهي مربوط رشتا وکرڻ لڳندا آهن ۽ اخلاق ۽ فڪر جي مروج قدرن ۾ زماني جو ساٿ ڏيڻ جي قوت باقي نه رهندي آهي ۽ انهن ۾ ارتقا جي صلاحيت ڪنهن سبب جي ڪري بند ٿي ويندي آهي ته تضاد ۽ نفرت جا عنصر ساري معاشري کي نئين نئين بحران جو شڪار بنائي ڇڏيندا آهن، اهو بحرانن روز بروز وڌندو معاشري جي سالميت کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ لڳندو. اها ئي اها منزل آهي جتي معاشري جا ذهين فرد وري تهذيبي مسئلن ڏانهن متوجهه ٿيندا آهن جيئن معاشري ۾ قدرن ۽ فڪر کي نئين ترتيب، تاويل ۽ تشڪيل جي ذريعي تهذيبي رشتن کي مربوط ڪري سگهجي ۽ زندگي ۾ نئين معنيٰ پيدا ڪري فرد ۽ معاشري ۾ نين قوتن کي جنم ڏئي سگهجي. اسان جو معاشرو اڄ اهڙي دور مان گذري رهيو آهي.

”ڪلچر“ جو لفظ مختلف موقعن تي ايترين مختلف معنائن سان استعمال ٿيندو رهيو آهي ۽ ان لفظ سان هر معاشري جا ايترا بنيادي اهم مسئلا وابسته آهن جو ان لفظ جي معنيٰ ئي مبهم ٿي وئي آهي، ان حال ۾ اوهان مون کان اها توقع رکندا هوندا ته ڪلچر لفظ جي مان جامع تعريف، مختصر ۽ مخصوص لفظن ۾ ڪندس جو اوهان کي جهٽ پٽ سمجهه ۾ اچي ويندو ته ڪلچر ڇا آهي؟ مون کي اوهان جي خواهش جو پورو پورو احترام آهي ان سان گڏ ان ڳالهه جو به احساس آهي ته اوهان جي خواهش بلڪل اهڙي آهي جيئن اوهان ڪنهن لغت ۾ ”گربـﮧ“ جي معنيٰ ”ٻلي“ ۽ ”سگ“ جي معنيٰ ”ڪتو“ ڏسي مطمئن ٿي ويندا آهيو ۽ انهن معنائن سان ان شي جي تصوير، جيڪا اوهان پهريان ڏسي چڪا آهيو، يڪدم اوهان جي اڳيان اچي ويندي آهي، پر ڪلچر جي معاملي ۾ مشڪل اها آهي ته ڪلچر زندگي جي سڀ کان اهم ۽ بنيادي ڳالهه آهي. ان کي اوهان خوشبو وانگر سنگهي سگهو ٿا، هوا وانگر محسوس ڪري سگهو ٿا پر جسم وارين شين وانگر ان جي ڪا به تصوير بنائي نٿي سگهجي. جيڪڏهن ان جي ڪا جامع تعريف موجود هجي ها ته منهنجي لاءِ سڀ کان فائدي وارو ۽ سولو طريقو اهو ٿئي ها ته مان مختلف لغتن مان ان لفظ جي معنيٰ اوهان اڳيان پيش ڪريان ها ۽ دل ۾ ائين سمجهان ها ته مون اوهان جي ڄاڻڻ واري جذبي کي پوري طرح مطمئن ڪري ڇڏيو آهي پر مون کي يقين آهي ته دنيا جون سموريون نعتمون ان ريت اوهان کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهن. ان لفظ جي سمجهاڻي کان اڳ هيءَ ڳالهه بي وقت نه ٿيندي ته 1952ع ۾ علم الانسان جي ٻين امريڪي ماهرن گڏجي علم الانسان جي ادب جو مطالعو ڪيو ۽ اٽڪل ڇهه سو ڪتابن جو اڀياس ڪيائون. هنن هي رپورٽ پيش ڪئي ته انهن مان اڌ کان وڌيڪ ڪتابن ۾ ڪلچر جو لفظ ئي استعمال نه ڪيو ويو آهي ۽ باقي ڪتابن ۾ ڪلچر جي ڪا صاف تعريف نه ڏني وئي آهي.[1] ان ڳالهه جي حوالي مان منهنجو مقصد صرف اهو ٻڌائڻ آهي ته اڄ تائين ڪلچر جي ڪائي جامع ۽ صاف تعريف نه ڪئي وئي آهي، جنهن کان اوهان مطمئن ٿي سگهو جيئن لغت ۾ ”گربـﮧ“ جي معنيٰ ”ٻلي“ ۽ ”سگ“ جي معنيٰ ”ڪتو“ ڏسڻ سان ٿيندا آهيو. ان حال ۾ جنهن ريت ۽ جنهن نموني مان ان لفظ جي تشريح ڪندس ان کي پرکڻ جو هڪ طريقو ته هي ٿي سگهي ٿو ته اوهان پاڻ سوچيو ته ان کانسواءِ ٻي ڪهڙي تشريح ٿي سگهي ٿي پوءِ جيڪي ڪجهه اوهان سوچيو ان جي ڀيٽ منهنجي تشريح سان ڪري ڏسو ته ان ۾ ڪٿي ۽ ڪيترو واڌارو ڪري سگهجي ٿو.

ڪلچر جي سلسلي ۾ اسان وٽ هن وقت تائين ٻه لفظ استعمال ٿيندا رهيا آهن، انهن مان هڪ لفظ تهذيب ۽ ٻيو لفظ ”ثقافت“ آهي. تهذيب جو لفظ صدين کان نه صرف اسان جي زبان پر عربي ۽ فارسي ۾ استعمال ٿيندو آهي. عربي زبان ۾ ”تهذيب“ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي وڻ کي ڇانڊڻ، ڪٽڻ ۽ ان ۾ سڌارو آڻڻ. فارسي زبان ۾ ان جي معنيٰ آهي آراستن ۽ پيراستن (سنوارڻ ۽ سينگارڻ)، پاڪ و درست اصلاح نمودن (صحيح ۽ سهڻو سڌارو آڻڻ) اهو لفظ مجازي معنيٰ ۾ شايئستگي جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي، جنهن ۾ خوش اخلاقي، اٿڻي ويهڻي، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ ڪردار جي شائستگي به شامل آهي. جيڪڏهن انهن معنائن تي ويچار ڪيو وڃي ته اسان ان نتيجي تي پهچنداسين ته ”تهذيب“ لفظ انهن شين سان واسطو رکي ٿو، جن جو لاڳاپو اسان جي ”ظاهر“ سان آهي. انسان جهڙي ريت پنهنجي رهڻي ڪرڻي ۽ اخلاق جو اظهار ڪري ٿو اها سندس تهذيب آهي ۽ هڪ اهڙو ماڻهو جو اهڙي رهڻي ڪرڻي يا اهڙي اخلاق جو اظهار ڪري ٿو، جيڪو معاشري ۾ پسند نٿو ڪيو وڃي ان کي بد تهذيبي ۽ بداخلاقي ڪوٺيو وڃي ٿو. اردو زبان ۾ اهو لفظ ساڳي عربي ۽ فارسي واري معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي.

ٻيو لفظ ”ثقافت“ آهي ”السان العرب“ ۾ ان جي معنيٰ هيءَ ٻڌائي وئي آهي ته علمن، فنن ۽ مختلف ادبن تي عبور ۽ مهارت. ڪنهن ڳالهه کي جلدي سمجهڻ ۽ ان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ- سڌو ڪرڻ. ڄڻ هي لفظ ان ڳالهين سان واسطو رکي ٿو، جن جو لاڳاپو اسان جي ”ذهن“ سان آهي.

جيئن مون هينئر چيو آهي ته ڪلچر هيٺ انساني سرگرمين جا سمورا بنيادي ادارا مثلاً مذهب، سياست، معيشت، آرٽ، سائنس، تعليم زبان وغيره اچي وڃن ٿا. هاڻي انهن لفظن جي صداقت ۽ معنيٰ تي ويچار ڪريو ته اهي، (مذهب، سياست، معيشت، آرٽ ۽ زبان وغيره) اسان کي ڇا چئي رهيا آهن. اهي ادارا اسان جي انهن روين ۽ اسان جي ان طرز عمل جو اظهار ڪري رهيا آهن جن جي ذريعي اسان عمل ڪندا آهيون مثلاً انسان خدا جي عبادت ڪندو آهي، سياسي قوت حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندو آهي، شين جي خريد و فروخت ڪندو آهي، تصويرون ۽ مجسما بنائيندو آهي، اوزار ايجاد ڪندو آهي، علم حاصل ڪندو آهي، زبان ذريعي پنهنجي احساسن ۽ خيالن کي بيان ڪندو آهي، شادي ۽ غمي جي موقعي تي رسم ۽ رواج جي پابندي ڪندو آهي، اهي سڀ سرگرميون ڇا آهن؟ انهن سرگرمين ذريعي دراصل هن جي طرزِ عمل جو اظهار ٿي رهيو آهي، ان جي معنيٰ اها ٿي ته ڪلچر جي ذريعي انسان پنهنجي طرزِ عمل جو اظهار ڪندو آهي.

پر زندگي ۾ ان قسم جي طرزِ عمل جو اظهار ئي سڀ ڪجهه نه آهي ان کانسواءِ به ڪي ڳالهيون آهن، جن کي اسان صرف طرزِ عمل هيٺ نٿا آڻي سگهون. سمجهڻ لاءِ مذهب کي وٺو، مذهب ۾ هڪ طرف عقيدا شامل آهن ۽ ان سان گڏ مذهبي تجربا ۽ مذهبي رسمون ڀي. سائنس ۾ علم ڀي شامل آهي ۽ ان سان گڏ اهي سرگرميون ڀي جيڪي ان کي حاصل ڪرڻ جو وسيلو ٿين ٿيون. اهي اُهي ڳالهيون آهن، جيڪي اسان جي طرزِ عمل سان نه پر جيڪي اسان جي طرزِ احساس ۽ طرزِ فڪر سان واسطو رکن ٿيون. انهن جو لاڳاپو ذهن جي انهن داخلي سرگرمين سان آهي، جن کي اسان خود پاڻ ۾ ڏسون ٿا ۽ پوءِ سمجهڻ لڳون ٿا ته اهي ڳالهيون ٻين ۾ به پڪ سان هونديون. ان ڪري طرزِ عمل ۾ انهن ڳالهن کي به شامل ڪرڻو پوندو.

ان کانسواءِ ٿانوَ، اوزار ۽ عمارتن جهڙين شين کي به شامل ڪرڻو پوندو جن کي انسان پنهنجين ضرورتن لاءِ بنايو آهي ۽ جن مان هن جي طرزِ عمل جو به اظهار ٿئي ٿو.

طرزِ عمل جي اظهار ۾ هڪ خصوصيت جو هجڻ ضرور آهي اها خصوصيت اهڙي آهي جو ان کانسواءِ طرزِ عمل کي انفرادي ته چئي سگهجي ٿو پر ڪلچر هيٺ نٿو آڻي سگهجي. ڪلچر هيٺ آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته ان طرزِ عمل جو اظهار معاشري جي مختلف ماڻهن، طبقن ۽ فردن ۾ باقاعدي هڪ ريت ٿيندو هجي مثلاً مان جڏهن گهر کان ٻاهر ويندو آهيان ته مان پنهنجو سڄو پير پهريان کڻندو آهيان، اهو منهنجو انفرادي معاملو آهي پر جي معاشري جا فرد عام طرح گهر کان ٻاهر نڪرڻ وقت، سٺي سڳڻ طور سڄو پير پهريان کڻڻ لڳن ته ان عمل سان فردن جي عمل ۾ هڪجهڙائي پيدا ٿي ويندي ۽ اهو عمل ڪلچر هيٺ شمار ڪيو ويندو. پارسي صبح جو سويل، جڏهن رستا سڃا هوندا آهن، پنهنجي گهرن جي ٻاهران چانئٺ لڳ چوني سان گلڪاري ڪندا آهن، اهو طرزِ عمل پارسين ۾ برابر هوندو آهي ان ڪري ان کي پارسين جي ڪلچر جو هڪ حصو ڪوٺيو ويندو آهي.

هت هاڻي هي چئي سگهجي ٿو ته اسان کي جڏهن ڪو گار ڏيندو آهي ته اسان کي ڪاوڙ ايندي آهي، جڏهن بک لڳندي آهي تڏهن کاڌو کائيندا آهيون، ڇاڪاڻ ته انهن ڳالهين ۾ به هڪجهڙائي ملي ٿي، تنهن ڪري انهن کي به ڪلچر چوڻو پوندو پر اهو عمل دنيا جي هر انسان ۾ چاهي اُهو مهذب هجي يا غير مهذب هڪجهڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ ان جو تعلق اسان جي جبلتن ۽ حس سان آهي ان ڪري ان کي ڪلچر هيٺ نٿو آڻي سگهجي. ان جي ابتڙ کاڌي رڌڻ ۽ کائڻ جا طريقا ڪلچر جو هڪ حصو آهن. انهن ۾ معاشري جي طرزِ عمل جو اظهار ٿئي ٿو، جو ان معاشري لاءِ مخصوص آهي. لوڻ هيٺ اڇلائڻ گناهه آهي قيامت ڏينهن پنبڻين سان کڻڻو پوندو. ڪوريئڙي کي مارڻ گناهه آهي. ماني جو ٽڪرو هيٺ ڪٿي ڪريو پيو هوندو آهي. ته ان کي کڻي اهڙي هنڌ رکبو آهي، جيئن لتن هيٺان نه اچي. ٻنهي وقتن جي ملڻ سان بتيون روشن ڪرڻ گهرجن. اهو طرزِ عمل پوري طرح اسان جي معاشري ۾ ملي ٿو، ان ڪري اهو اسان جي ڪلچر جو حصو آهي. شادي وهانوَ جون رسمون- آئيني ۾ منهن ڏسڻ، ميندي لڳائڻ، ستاواڙو ۽ وليمو اسان جي معاشري ۾ مخصوص آهن ان ڪري اُهي اسان جي ڪلچر جو حصو آهي.

انهن سڀني ڳالهين جي مد نظر هاڻي ڪلچر جي تعريف ڪري سگهجي ٿي ته ڪلچر ان ذهني، مادي، خارجي طرزِ عمل جو نالو آهي جو باضابطي معاشري جي ماڻهن ۾ هڪ جهڙو ملندو هجي. طرزِ عمل جو اهو ضابطو ڪنهن معاشري جي ڪلچر کي ظاهر ڪري ٿو ۽ اها ئي ڳالهه آهي، جيڪا هڪ معاشري کي ٻئي معاشري کان جدا ڪري ٿي ۽ اسان ٿوري ئي ڄاڻ کان پوءِ جپاني، چيني، فرانسي ۽ انگريزي ڪلچر ۾ فرق ڪرڻ لڳون ٿا. طرزِ عمل جو اهو ضابطو قومي سطح تي جنهن معاشري ۾ جيترو زياده هوندو تهذيبي اعتبار کان اهو معاشرو اوترو متحد هوندو.

ڪلچر معاشري جي مجموعي طرزِ عمل مان ظاهر ٿئي ٿو ۽ طرز عمل معاشري جي انهن بنيادي ادارن مان نروار ٿيندي آهي، جن کي اسان مذهب، معيشت فن ۽ هنر، سياست، زبان ۽ سائنس وغيره جي نالي سان ڪوٺيون ٿا. هي بنيادي تهذيبي ادارا معاشري جي فڪر ۽ ان فڪر مان پيدا ٿيل قدرن ۽ معيار جو نتيجو آهن، جيڪي مجموعي حيثيت سان معاشري جي طرز عمل جوڙين ٿا. انهن مان ڪيترا تصور، معيار ۽ قدر اهڙا آهن، جيڪي اسان کي وڏن کان ورثي ۾ مليا آهن. ڪيترا اهڙا آهن جيڪي اسان کي ٻين قومن جي ميل ميلاپ مان حاصل ٿيا آهن. ڪيترا آهن جيڪي آس پاس جي طبعي حالتن ۽ آب هوا جي ڪري پيدا ٿيا آهن ۽ ڪجهه اهڙا آهن جيڪي تاريخ جي وهڪري ۾ ترقي يا تنزل جي حالت ۾ پيدا ٿي ويا آهن. اهي ئي اُهي عمل آهن، جن جي سمجهڻ سان ڪنهن قوم جي ڪلچر جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪلچر زنده آهي ان ۾ خيال جي اوسر جاري آهي. نين ضرورتن ۽ تقاضائن هيٺ تهذيبي ادارا بدلجي رهيا آهن. مرده عنصر خارج ٿي رهيا آهن ۽ نوان عنصر شامل ٿي رهيا آهن. معاشرو گذريل واقعن مان پنهنجي روح جي ڳولا ۾ مشغول آهي. پنهنجي ماضي جي تاريخ جي لاڳاپي سان قطعي طور ”ها“ يا ”نه“ ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو ته اهڙي حال ۾ فرد جي طرز عمل به متحرڪ ۽ زنده هوندي. جيڪڏهن ڪلچر مرده آهي، ان ۾ خيال جي اوسر بند ٿي وئي آهي، ڪلچر جو روپ ۽ معاشري جي طرز عمل صرف هڪ رسم، هڪ عادت بنجي وئي آهي، جنهن ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي گناه ڪبير جي برابر آهي ته فرد جي طرز عمل به مرده ۽ بي ست هوندي،  جهڙو ڪلچر هوندو فرد به اهڙو ٿيندو ويندو. مثلاً ٻار جڏهن ڪنهن معاشري ۾ پيدا ٿيندو آهي ته پنهنجي آس پاس ڪيترين شين کي ڏسندو آهي، ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌندو آهي، هو اهو به ڏسندو آهي ته هو ڇا ڪري رهيا آهن، ڪهڙين شين کي پسند يا ناپسند ڪري رهيا آهن. ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي عمل سان هن ۾ رد ۽ قبول جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. اهي شيون ۽ اُهي سمورا اثر هوريان هوريان هن جي ذهن جي تربيت ۾ حصو وٺن ٿا، اهڙي ريت اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ، ڪپڙي لٽي پهرڻ جا سڀ طريقا- خير ۽ شر، مذهب ۽ سونهن جا سمورا تصور ۽ اخلاق جا معيار هن کي متاثر ڪن ٿا ۽ هو انهن کي قبول ڪري، هڪ اهڙي طرز عمل پيدا ڪري ٿو وٺي، جيڪا معاشري جي عام طرز عمل سان هڪ جهڙا ٿي رکي. هن جو ذهن خيال جي انهي نطام کي قبول ڪري ٿو وٺي جنهن ۾ هو وڏو ٿيو آهي. خيال جو هي اهو نظام آهي جو هن جي ڄمڻ و  قت معاشري ۾ موجود هو. ٻن معاشرن جو فرق به دراصلڪ ان تهذيبي ماحول جي فرق جو نتيجو آهي. اهڙي حال ۾ فرد جو عمل، هن جو احساس، هن جو فڪر پنهنجي ڪلچر جي روايت کان الڳ ٿي ڪجهه نٿو ڪري سگهي. اهو تهذيبي نظام جنهن ۾ فرد وڏو ٿيو آهي، خود هن اندر نظر اچي ٿو، مختلف رسم الخط به ان تهذيبي ماحول ۽ تاريخ جو نتيجو آهن، تهذيبي ماحول کان الڳ ٿي جهڙي طرح فرد ”بي معنيٰ“ ٿي ٿو وڃي اهڙي طرح معاشرو ڀي ”بي معنيٰ“ ۽ بحران جي ڪن ۾ ڦاسي ٿو پوي. ان ڪري ڪلچر جي زوال جي معنيٰ هي آهي ته فرد پنهنجي روح جي تلاش بند ڪري ڇڏي آهي. پنهنجي تاريخ ذريعي پاڻ کي دريافت ڪرڻ جو عمل وساري ڇڏيو آهي ۽ تبديل جي تصور کي بي معنيٰ سمجهي مرده طرز عمل جي حفاظت ۾ لڳي ويو آهي. ان سطح تي اخلاقي نظام بي اثر ٿي ٿو وڃي ۽ قدر ۽ معيار ڀتر ۽ ٺڪر بڻجي معاشري جي روح کي بيچين ڪندا رهن ٿا.

ان نقطئه نظر کان تاريخ جي ورقن تي نظر وجهو ته ڪٿي پاڻي جي مٿاڇري تي ٺاپر ۽ خاموش آهي ۽ ڪٿي خيالن جون تند ۽ تيز ڇوليون اُڀري رهيون آهن. ڪٿي سمنڊ ڪناري کان ڪوه پري ٿي ويو آهي، ڪٿي ائين محسوس ٿيندو ته  خيالن ۽ فڪر جون جاندار لهرون انساني ذهن کي فتح ڪري هن جي فڪر ۽ عمل جي طرز ۾ تبديلي آڻي رهيون آهن ۽ ڪٿي هي ڏسڻ ۾ ايندو ته جاندار لهرن جو زنده پاڻي مرده ٿي سمنڊ جي گهرائي ۾ هوريان هوريان واپس وري رهيو آهي. زوال جي ان عمل جي تاويل ۽ تشريح نه ته قضا ۽ قدر جي مرضي ڪوٺي سگهجي ٿي نه ان کي صرف تقدير سان منسوب ڪري سگهجي ٿو. ان زوال جا سبب ته خود ان تحريڪ جي تاريخ وهڪري ۾ ڏسڻ ۾ ايندا. هر ڪلچر جي زوال ۾ هي ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي ته جڏهن ڪلچر ۾ خيال جي اوسر بند ٿي وئي ۽ خيال جو بنيادي نظام ۽ ان جي حقيقت جو تصور، جنهن جي بنياد تي ڪلچر هئو وقت سان گڏ هلڻ يا وقت کي پاڻ سان وٺي هلڻ جي صلاحيت وڃائي ٿو وهي ته ڪلچر صرف هڪ معمول ٿي ٿو پوي. جنهن کي نه ته بدلائي سگهجي ٿو نه ئي ڇڏي سگهجي ٿو. اهڙي حالت ۾ معاشري ۾ چوطرف زندگي جي هر شعبي ۾ ۽ هر سطح تي بت ئي بت نظر ايندا جن کي هر ادنيٰ ۽ اعليٰ پوڄا ڪندو هوندو. ان جي معنيٰ اها آهي ته بنيادي طرح ڪلچر جي زوال جا ٻه سبب آهن.

پهريون هي ته معاشري ۾ خيال جي اوسر جو بند ٿي وڃڻ ٻيو ڪلچر جي نظام جو صرف معمول يا عادت ٿي ظاهري رسمن ۽ رواجن جو پابند ٿي بي جان ٿي وڃڻ. ان منزل تي پهچي ڪلچر مان تحرڪ جي قوت زائل ٿي وڃي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ ايندڙ نسل پنهنجي آس پاس ۽ پنهنجي فڪر ۽ خيال جو جائزو وٺڻ بند ڪري ٿو ڇڏي. هر نسل کي پنهنجي اسلاف يعني بزرگن جي فڪر ۽ خيال جو جائزو وٺڻ جي ضرورت ان ڪري پوندي آهي ته هو ان خيال ۽ فڪر جي تقاضائن کي نئين سر پنهنجي ضرورت ۽ وقت جي تقاضائن مطابق ترتيب ڏئي سگهي، جيئن هڪ طرف خيال جي اوسر جاري رهي ۽ ٻي طرف خيال وقت جو ساٿ ڏئي معاشري جي روح کي زنده ۽ متحرڪ رکي سگهي. ان ضرورت جو سبب بلڪل واضح آهي- خيال ۽ فڪر جو اهو نظام، جهڙي ريت اسلاف قبول ڪيو هو، وقت سان گڏ ڪمزور، نامڪمل ۽ غير واضح ٿيندو ٿو وڃي ۽ جڏهن اهو نظام ورثي ۾ ايندڙ نسلن کي ملي ٿو ته ان ۾ اهڙي ريت مسئلن کي حل ڪرڻ جي قوت باقي نه ٿي رهي جهڙي پهريان هئي، جيستائين ان کي نئين سر ترتيب نه ڏنو وڃي. خيالن جو اهو نظام پنهنجي موجوده شڪل ۾ نين مشڪلن ۽ تضاد کي جنم ڏيڻ لڳي ٿو. اهو نظامِ خيال جيڪو ايندڙ نسلن تائين پهچي ٿو اصل ۾ اسلاف جي ان ”زاوين“ جو نتيجو هو جن سان هنن پاڻ زندگي کي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو هو. ان ڪري تاريخ ۽ وقت جي بدلجڻ سان گڏ زاوين کي به بدلڻ جي سخت ضرورت محسوس ٿئي ٿي.


[1] Culture, A critical review of concepts and definition- Peabody.

Museum paper. Vol. XI. VII No. 1. 1952-P-36

A. I Kroeber and clyde Klucholm:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org