ٻي گروه ۾، جيئن مون چيو آهي، سياست ۽ تدبر جا
اُهي ٺيڪيدار شامل آهن، جيڪي ملڪ جي تحفظ جو نالو
وٺي هر ان آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جيڪو انهن
جي اقتدار لاءِ ٿورو ڀي خطرو ٿي سگهي ٿو. ذهني
آزاديءَ جا هو ان ڪري دشمن آهن جو هو صرف ۽ محض
اقتدار چاهيندڙ آهن ۽ معاشري کي پنهنجي اقتدار جي
برڪتن سان مستفيض ڪرڻ لاءِ اهو ضروري سمجهن ٿا ته
صرف انهن جو آواز ئي معاشري تائين پهچي. ان سطح تي
اصول يا اصولي سطح تي مخالفت جو عمل به شخصي
مخالفت سمجهيو ٿو وڃي. اهڙي حال ۾ هر ان شخص کي
اقتدار حاصل ٿي سگهي ٿو، جيڪو انهن جي فڪر ۾ جذب
ٿي وڃي ۽ انهن جي ٻڌايل رستن تي هلي ۽ انهن جي
عينڪ سان ڏسڻ جو عمل کل خوشيءَ سان ڪري سگهي. ان
ڪري اسان ڏسون ٿا ته سموري معاشري ۾ انفرادي
صلاحيت جو تصور بي معنيٰ آهي. ڳورين شين ترو وڃي
ورتو آهي ۽ ڪک پن تري رهيا آهن. هنن لاءِ اقتدار
برقرار رکڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته معاشري ۾ بحران
قائم رهي. اهو بحران خواه نفسياتي سطفح تي قائم
رهي يا پوءِ اهو دشمن جو خوف ۽ غلامي جو ڊپ هجي.
ان سطح تي ملڪ ۽ قوم فرد کان هڪ الڳ چيز ٿي وڃن
ٿا. فرد جي اهميت باقي نه ٿي رهي پر اهو احساس
پيدا ٿئي ٿو ته فڪر ۽ احساس کان الڳ رهي ڀي حڪومت
قوم ۾ چڱاين جي عمل کي جاري رکي سگهي ٿي. ان حال ۾
ملڪ جو نالو بار بار استعمال ڪري دراصل حڪومت خود
پنهنجي حفاظت جو سامان مهيا ڪري ٿي ورنه فرد کي
نظر انداز ڪري نه ته ملڪ جي ڪائي معنيٰ رهي ٿي ۽
نه قوم جي. ان حال ۾ هر ان آواز کي دٻائڻ جيڪو
معاشري ۾ خيال جو اوسر کي اڳتي وڌائي ٿو دراصل هڪ
اهڙو عمل آهي، جنهن جي ڪائي مثبت معنيٰ نه آهي.
هيءَ ڳالهه نهايت دلچسپ آهي ته ٻار جي روئڻ ۽ رڙڻ
جو علاج اهو ڪيو وڃي ته هن کي منهن تي زور سان
چماٽ وهائي اکيون ڏيکاري هن کي ڊيڄاريو وڃي. ممڪن
آهي ته ائين ڪرڻ ڪري هو جهٽ پل لاءِ ماٺ ٿي وڃي پر
هن جي اها خاموشي هن جي درد ۽ تڪليف جو علاج نه
آهي جنهن ۾ هومبتلا آهي. پر خطرو اهو آهي ته
جيڪڏهن هن جي مرض جو علاج جلد نه ڪيو ويو ته ڪٿي
هو هميشه هميشه لاءِ ماٺ نه ٿي وڃي. ذهني آزادي کي
دٻائي فرد ۽معاشري جي تخليقي صلاحيتن کي ڊگهي عرصي
تائين ماٺ ڪري ڇڏڻ جو اهو اهرو عمل آهي جو خطرناڪ
بي تعلقي جي مرض جي شڪل ۾ خود ملڪ ۽ ان جي آزادي
لاءِ هڪ خطرو ٿي سگهي ٿو.
اسان وٽ ذهني آزادي جي سطح تي اڄ تائين صرف اهو ٿيو آهي ته جيڪو
برسرِ اقتدار آيو، تنهن ٻين جي آواز کي گهٽڻ لاءِ
نهن چوٽيءَ جو زور لڳايو، ڪڏهن حب الوطني جي خوف
سان رشتو بنايو ۽ ڪڏهن غداري جي الزام سان مخالفن
کي ڊيڄاريو ۽ ان سان گڏ پنهنجي نيڪ نيتي جو دهل
زور زور سان وڄايو. جڏهن مخالف کي اقتدار مليو ته
هن به ساڳيو عمل شروع ڪيو، جيڪو ان وقت تائين هن
تي استعمال ٿي رهيو هو. نتيجو اهو نڪتو ته ان صورت
حال سبب عوام جي راءِ ڪڏهن به بيدار ٿي نه سگهي
جيڪا ڀلي ۽ بري ۾ فرق سمجهي سگهي. هاڻي ته هي حال
ٿي ويو آهي ته سچيون خبرون به ڪوڙيون خبرون ٿيون
ڏسڻ ۾ اچن، جڏهن سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق نه رهي ته هر سچ
ڪوڙ ٿي پوندو آهي ۽ هر فرد پنهنجي ذات جي اوڙاهه ۾
ٽپي صرف پاڻ کي ڏسڻ ۽ سنڀالڻ لڳندو آهي. ذهني
آزادي ذريعي هڪ طرف برسرِ اقتدار قوتون عوام جي
راءِ ۽ پنهنجي اقتدار جي کسجي وڃڻ جي خوف کان نيڪ
نيت رهنديون آهن ۽ صرف قومي خدمتن جي بنيادن تي
پنهنجو بنياد رکنديون آهن ۽ ٻي طرف انهن ۾ ڪم ڪرڻ
جي چاه ۽ صداقتن جو احساس به باقي رهندو آهي جيڪي
ان وقت تائين هنن جي فڪر جي دائري کان ٻاهر هيا.
ذهني آزادي جي ذريعي اڀريل عوام جي راءِ اها قوت
آهي، جنهن جي سهاري معاشري جا سمورا مسئلا حل
ٿيندا رهندا آهن ۽ صحتمند توازن باقي رهندو آهي.
ذهني آزادي سان عوام جي راءِ بيدار ٿئي ٿي ۽ بيدار عوام جي راءِ
سان ذهني آزاديءَ کي تقويت ملي ٿي. مثلاً 1947ع
کان پهريان هندوستان ۾ انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ
لاءِ عوام جي راءِ بيدار ٿي وئي هئي. اها عوام جي
راءِ هڪ طرف ڳالهائڻ واري کي تقويت پهچائيندي هئي
ٻي طرف خوف ڳالهائيندڙ عوام جي راءِ کي تقويت
پهچائيندو هئو. جيل ۾ ويندو هو ته ان عوام جي راءِ
جي باعث هن کي پورو اطمينان هوندو هو. هن کي ان
ڳالهه جو احساس هوندو هو ته اهي تڪليفون هن جي
احترام ۽ عزت ۾ اضافو ڪنديون ۽ عوام جي راءِ هن کي
اها اهميت ڏيندي، جنهن جو هو مستحق آهي. پر اڄ
عوام جي راءِ بيدار نه هئڻ سبب نه ڪائي زنده تحريڪ
باقي آهي نه ئي فڪر ۽ خيال جي زنده سطح باقي آهي.
نتيجو هي آهي هت زماني ۾ انصاف تي سوچڻ ته پري ٿيو
ناانصافي جو احساس به زنده نه رهيو آهي. ذهني
آزادي معاشري جي زندگي ۽ خيال جي اوسر لاءِ بنيادي
ڳالهه آهي.
ان گروه ۾ اُهي ماڻهو به شامل آهن، جيڪي حڪومت جا ڪارندا ڪوٺائن
ٿا، جن جي فڪر ۽عمل جي طرز کي ڏسي اسان ”نوڪر
شاهي“ جو نالو ان ڪري ڏئي رهيا آهيون جو انهن جو
سارو ذهني ماحول غلامي جي وقت جي پيداوار آهي. هنن
جي فڪر ۽ عمل جي طرز مان هيءَ ڳالهه واضح آهي ته
حڪومت ۽ عوام ٻه الڳ الڳ شيون آهن ۽ ٻنهي جا مفاد
هڪ ٻي کان علحده آهن. اهي ماڻهو اڄ ان ذهنيت جا
علمبردار آهن، جيڪا غلاميءَ واري دور ۾ سٺن ۽ قومي
عنصرن کي اڀرڻ نه ڏيندي هئي، جيئن غلامي واري دور
کي هڪ ڊگهي عرصي تائين برقرار رکي سگهجي. هنن جي
طرزِ عمل، انصاف جو طريقو، زندگي جو اصول، ڪلچر،
ذهني ماحول ۽ طرزِ فڪر اها آهي جيڪا انگريزي حڪومت
کان هنن کي ورثي ۾ ملي آهي. اُهي اهڙيون سرون ۽
پٿر آهن جيڪي بيرو ڪريسي جي شڪل ۾ ذهني آزاديکي
دٻائي قومي ڪلچر جي تشڪيل جي رستي کي بند ڪري رهيا
آهن. آزادي کانپوءِ ان ڳالهه جي ضرورت هئي ته ان
ذهنيت کي بدلايو وڃي ۽ انهن ۾ قومي مسئلن ۽ عوامي
خواهشن جو شعور پيدا ڪيو وڃي. پر اڄ به گاڏي ساڳن
ڦيٿن تي هلي رهي آهي، جيڪي نه صرف پراڻا ٿي گسي
ويا آهن، پر جن ۾ هاڻي هلڻ جي سگهه به باقي نه رهي
آهي. انهن سڀني ڳالهين ملي ذهني آزادي جي مسئلي کي
نقصان رسايو آهي.
هڪ طرف اهي قوتون آهن، جيڪي ذهني آزادي کي ڇيڀاٽي ڪلچر جي تشڪيل
جي مسئلي کي ڏکيو بنائي رهيون آهن ۽ ٻي طرف اهي
قوتون جيڪي ان سلسلي ۾ آواز بلند ڪري سگهن ٿيون،
ڪمزور ٿي ويون آهن. آواز بلند ڪندڙ گروه مان ملڪ
جا دانشور، قومي پريس، تعليمي ادارا ۽ سياسي
جماعتون شامل آهن. ملڪ جي دانشورن ۾ شايد هڪ به
اهڙو نه آهي جيڪو صرف پنهنجي فڪر ۽ پنهنجي قلم سان
پنهنجو پيٽ پالي سگهندو هجي. پيٽ پالڻ لاءِ هن کي
يا ته ڪنهن تعليمي اداري سان وابسته ٿيڻو ٿو پوي
يا ڪنهن اخبار ۾ نوڪري ڪرڻي ٿي پوي يا وري سرڪاري
ملازم ٿي رهڻو ٿو پوي. اهي مختلف نوڪريون، جن مان
ملڪ جا دانشور پنهنجو پيٽ پالين ٿا، هنن کي انهن
جي پنهنجين ذميدارين کي پورو ڪرڻ نٿيون ڏين. مثلاً
اُهي تعليمي ادارا جن سان اسان جا دانشور وابسته
آهن يا ته سرمايه دارن جي اثر هيٺ آهن يا ته حڪومت
جا پنهنجا آهن. ان حال ۾ انهن کان فڪر جي ان سطح
جي اميد رکڻ جتي هو آزادي ۽ جرئت سان پنهنجي راءِ
۽ پنهنجي خيال جو اظهار ڪري سگهن هڪ اهڙو مطالبو
آهي، جنهن کي پنهنجي ان حالت ۾ هو پورو ڪرڻ کان
معذور آهن. سڄي دنيا ۾ تعليمي ادارا ذهني آزادي جو
مرڪز رهيا آهن، پر هتي معاشي مجبورين، نوڪري وڃڻ
جي ڊپ ۽ عام راءِ جي بيدار نه هئڻ ڪري هو پاڻ
ايترو ڪمزور ٿي ويا آهن جو تخليقي صلاحيتن جي
اظهار جو عمل ئي بند ٿي ويو آهي. هن وقت ملڪ جا
سمورا دانشور انهيءَ صورتحال ۾ ڦاٿل آهن. ساڳيو
حال پريس جو آهي. پريس به عام طرح سرمايه دارن جي
ملڪيت آهي. سرمايه دارن جا مفاد سڌي طرح حڪومت سان
وابسته آهن. ان ڪري اهي دانشور جيڪي ملڪ جي مختلف
اخبارن سان لاڳاپو رکن ٿا، ذهني آزادي جي ان روشني
کان محروم آهن، جنهن جي انهن کان اميد رکي سگهجي
ٿي پوءِ به ماڻهو اهي سموريون تڪليفون، بک ۽ ڏک
سهي به پر هن کي اهو احساس هجي ته معاشري ۾ هن جو
احترام وڌي ويندو پر هتي به صورتحال بلڪل مختلف
آهي. اسان وٽ دانشور جي اهميت نه آهي، جيڪا هڪ عام
ڪاسبي لوهار يا ڪنڀار جي آهي. ان حال ۾ سوچڻ جي
ڳالهه هيءَ آهي ته آخر ذهني آزادي جي روايت ڪيئن
اسرندي. دانشور عام طرح هيٺين وچولي طبقي سان تعلق
رکندا آهن. اسان وٽ اهو ئي طبقو تعداد ۾ مختصر،
ڪمزور ۽ بار هيٺ جهڪيل آهي. سارو معاشرو ٻن طبقن ۾
ورهايل آهي. يا امير آهن يا غريب. امير تعليم
يافته آهن ۽ غريب جاهل آهن. ذهني آزادي جي ضرورت
جو احساس صرف تعليم يافته وچولي طبقي کي ٿيندو
آهي. اهو ئي اهو طبقو آهي جيڪو سڀني کان ڪمزور
آهي. اڄ به ذهني آزادي جو چراغ جنهن حال به روشن
آهي اهو مشرقي پاڪستان، پنجاب ۾ هجرت ڪري آيل
ماڻهن جي وچولي طبقي جي ڪري روشن آهي. ڇاڪاڻ ته
ملڪ ۾ ڪا عوامي تحريڪ موجود نه آهي ان ڪري دانشورن
جي وچول طبقي جو عوام سان به ڪوئي سنئون سڌو تعلق
باقي نه رهيو آهي. 1947ع تائين ملڪ ۾ عوامي
تحريڪون زنده هيون. مشترڪ مقصد موجود هئا. قومي
سطح جو احساس هو جنهن هاري، مزدور، عوام خاص،
جاگيردار، سرمايه دار ۽ دانشورن کي ڪٺو ڪري ڇڏيو
هو پر آزادي کان پوءِ مشترڪ مقصد پراڻا ٿي ختم ٿي
ويا عوامي تحريڪون ڪمزور ٿي ويون ۽ هر طبقو هڪ ٻي
کان جدا ٿي صرف پنهنجن مفادن جي پٺيان لڳو رهيو ۽
اهي سڀ طبقا اهڙي طرح عمل ڪرڻ لڳا، جهڙي طرح آزادي
کان اڳ انگريزن جي دور ۾ ڪندا هئا.
ساڳيو حال سياسي جماعتن جو آهي. سياسي جماعتون عام طرح مفاد
پرستن جون ٽوليون ٿي ويون آهن، نه انهن وٽ ڪوئي
پروگرام آهي نه سڌي طرح عوام ۽ انهن جي خواهشن سان
تعلق آهي. هاڻي خدمت سياسي جماعتن جو معيار نه رهي
آهي ان ڪري ذهني آزادي جي نه انهن کي ضرورت آهي نه
انهيءَ جو مطالبو ڪن ٿيون. نئين قيادت ذهني آزادي
نه هئڻ سبب اڳتي نٿي وڌي. ڇا اها ڳالهه تشويشناڪ
نه آهي ته آخر موجوده ماڻهن کان پوءِ قيادت جو ڇا
ٿيندو ۽ حڪومت ڪهڙن ماڻهن جي هٿ ۾ ويندي؟
اهو ئي حال تعليمي ادارن جو آهي، هاڻي تعليمي ادارن ۾ تعليم هڪ
آدرش نه رهي آهي پر فقط هڪ عام پيشو بنجي وئي آهي.
پڙهائڻ وارو اهو سمجهي رهيو آهي ته هن کي پگهار
ملندي ۽ اهو سمجهي هو پڙهائي رهيو آهي ۽ خود پڙهڻ
وارو اهو سمجهي پڙهي رهيو آهي ته پڙهي ڪري سڀاڻي
هن کي به پگهار ملندي. استاد ۽ شاگرد ٻئي هڪ ئي
طرزِ عمل جا شڪار آهن. اڄ کان اڳ تعليم ايترو وڏو
آدرش هئي جو سرسيد ان جي سهاري هڪ تحريڪ هلائي
قومي هيرو ٿي سگهيو هو پر اڄ تعليم صرف نااهلن جو
پيشو ٿي پئي آهي. نتيجو هي آهي ته ان سطح تي به
ذهني آزادي پنهنجي موت پاڻ مري رهي آهي ۽ نون نسلن
جا ذهن قومي جذبي ۽ قومي مفاد جهڙي بنيادي صفتن
کان خالي آهن. امام غزالي مدرسن جو اصل استادن کي
ڪوٺيو هو، ”مدرسن جي ضرورتن ۾ هڪ اشد ضرورت هي آهي
ته استاد عالم ۽ فاضل هجي. ضرورتن ۾ اصل استاد آهي
باقي ان جون شاخون آهن. استاد سان ئي علم جي تر و
تازگي ۽ درس جي گرم بازاري ٿيندي آهي. جيڪڏهن
مدرسو استاد کان خالي هجي ته فائدي جو دروازو بند
ٿي ويندو آهي. پوءِ مدرسو ضروري ساز و سامان ڀريل
ڇو نه هجي.“[1]
اڄ اسان ذري گهٽ اهڙي صورتحال ۾ آهيون. تعليمي
ادارا ساز و سامان سان ڀريل آهن پر استاد ڏسڻ ۾
نٿا اچن. اهو ئي سبب آهي جو نه علم جي گرم بازاري
آهي ۽ نه نوان نسل نئين قوت ۽ نئون خيال کڻي اڳتي
اچي رهيا آهن. هاڻي ڏئي وٺي صرف هي رجحان وڌي رهيو
آهي ته جن وٽ اقتدار آهي اُهي دولت جا خواهشمند
آهن ۽ جن وٽ دولت آهي اُهي اقتدار جا خواهشمند
آهن. زندگي جي اثبات جو نظريو اقتدار ۽ سرمائي جي
ان جنگ جي حوالي ٿي ويو آهي. اڄ هر شخص پنهنجي
لاءِ زندگي گذاري رهيو آهي. اها ڳالهه اوهين به
ڄاڻو ٿا ته جڏهن انسان ٻين لاءِ زندگي گذاريندو
آهي ته خير جو عمل پيدا ٿيندو آهي ۽ جڏهن انسان
صرف پنهنجي لاءِ زندگي گذاريندو آهي ته شر جو عمل
پيدا ٿيندو آهي. خير جو عمل ذهني آزادي کي اڳتي
وڌائيندو آهي ۽ شر جو عمل ان کي دٻائيندو ۽ زندگي
کي محدود ڪندو آهي. جيستائين ذهني آزادي کي اسان
هڪ اهم ۽ بنيادي قدر طور زندگي جي هر سطح تي قبول
نه ڪنداسين قومي يڪجهتي ۽ قومي ڪلچر جو مسئلو رڃ
مثل ساڳي طرح موجود رهندو. پر- اسين به ڪيترا سادا
آهيون ته پنهنجن خوني هٿن کي ڪڇن ۾ لڪائي نجات جي
دعا گهري رهيا آهيون.
|