سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: پاڪستان ڪلچر

باب: 5

صفحو :11

 

باب پنجون

مذهب ۽ ڪلچر

(1)

پوين بابن ۾ اسان قومي يڪجهتي ۽ ڪلچر جي مسئلن جي مختلف پهلوئن  جو جائزو ورتو آهي. هن باب ۾ قومي ڪلچر جي تعلق سان ان بنيادي مسئلي جو جائزو وٺنداسين.  جنهن تي هن نئين ملڪ جو بنياد رکيو ويو هو ۽ ڏسنداسين ته جديد دور ۾ مذهب جي اڳيان ڪهڙا مسئلا آهن ۽ انهن مسئلن ڏانهن اسان جو ڪهڙو رويو آهي؟ ڇا مذهب جي اسان کي اڄ به ضرورت آهي ۽ آهي ته ڪهڙي قسم جي؟ ڇا مذهب زندگيءَ جي نين تقاضائن جي منجهيل ڳنڍين کي سلجهائڻ جي هاڻي به اهليت رکي ٿو؟ ڇا اسان کي پنهنجي مذهب جو جائزو سموري زندگي جي تعلق سان وٺڻ کپي يا ان کي هڪ علحده خاني ۾ رکي عبادتن جي رسمن ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جو ذريعو بنائڻ ڪافي آهي؟ ڇا مذهب اسان جي معاشرتي، سياسي ۽ معاشي ترقي ۾ رنڊڪ پيدا ڪري رهيو آهي يا اسان کي اڳتي وڌائڻ ۾ هڪ ڪم واري قوت جو درجو رکي ٿو؟ ڇا روحانيت ۽ ماديت ٻه الڳ الڳ ڳالهيون آهن ڇا انهن جو اتصال ”توحيد“ جي هڪ نئين مفهوم سان روشناس ڪرائي سگهي ٿو؟ ابدي ۽ اٽل حياتي جي قانون جو مطلب ڇا آهي؟ ڇا مذهب جون مروج تاويلون ۽ انهن جو تصورِ حقيقت سائنسي اندازِ فڪر جو دشمن آهي؟ هڪ طرف مغربي سائنس جا علم آهن، جن اسان کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ ٻي طرف، مذهب ۽ ان جون تاويلون آهن. ڇا مغربي ۽ اسلامي مابعد الطبيعات ۾ لاڳاپو ممڪن آهي؟ گذريل سو سالن ۾ مذهب ڪهڙن راهن تان لنگهيو آهي ۽ هاڻي اسان ڪهڙي هنڌ بيٺا آهيون؟ اهي ۽ اهڙي قسم جي ٻين سوالن جي ذريعي اسان کي پنهنجن مسئلن جي جائزي وٺڻ ۽ سمجهڻ ۾ سولائي ٿيندي.

اهڙي حال ۾ ٻه ڳالهيون اسان جي اڳيان اچن ٿيون. هڪ ڳالهه هيءَ آهي ته هڪ اهڙي دور ۾ جڏهن انسان چنڊ تي پهچي ويو آهي، حيرت ۾ وجهندڙ ايجادن ۽ انڪشافن دنيا جي اڳيان ترقي جو هڪ نئون شعور پيدا ڪيو آهي، سائنس مفاصلن کي گهٽائي بيحد قريب ڪري ڇڏيو آهي ۽ قدرت جي هيبتناڪ طلسم کي ٽوڙي مات ڏئي ڇڏي آهي، ڇا مذهب کي نئين معاشري جي تهذيبي معاملن ۾ هاڻي به شامل ڪرڻ گهرجي؟ ان زماني ۾ ته مذهب ٺيڪ هو جڏهن انسان مادي اعتبار کان ڪمزور هو ۽ نخشب جو چنڊ هڪ معجزي جو درجو رکندو هو، هاڻي جڏهن انسان چنڊ تي لهي نون ستارن جي سفر جون تياريون ڪري رهيو آهي ۽ قدرت ۽ ڪائنات جو رعب ۽ جلال به گهٽجي ويو آهي آخر مذهب جي ڪهڙي ضرورت باقي رهجي وئي آهي؟ اڄ جي مهذب دنيا جو اهو مقبول ذهني رويو آهي، جنهن کي پنهنجو بنائڻ ۾ مشرفق جون اُهي سموريون قومون مشغول آهن، جيڪي ويجهو مغرب جي غلاميءَ مان آزاد ٿيون آهن ۽ پاڻ کي مغربي اصطلاح مطابق ”مهذب ۽ ترقي يافته“ ڪوٺائڻ ۾ فخر سمجهن ٿيون. اسان کي پنهنجي تاريخ کان ڪراهت ٿي ٿئي ۽ پنهنجي تهذيب کي اسلاف جي جهالت ڪوٺي رهيا آهيون، پنهنجن قدرن ۽ روايتن کي حقارت جي نظر سان ڏسي رهيا آهيون. اسين نفرت ۽ حقارت جو اظهار ته ڪري رهيا آهيون پر اسان اهو نٿا ڄاڻون ته اسان کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي ۽ اسان جي منزل ڪهڙي آهي؟ غفلت ۽ سرد روئي سبب اسان مغرب طرف ته تڪڙا  وڌي رهيا آهيون ليڪن ان تبديليءَ ۾ اسان جي فڪر ۽ اسان جي شعور جو هٿ نه آهي. ڪنهن ٻي تهذيب کي سوچي سمجهي قبول ڪرڻ هڪ ڳالهه آهي ۽ ان کي هوريان، جيئن هوءَ اچي رهي آهي قبول ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي. اسان وٽ صرف اها ڳالهه آهي.

ٻيو رويو هي آهي ته هميشه وانگر مذهب جي اڄ به ايتري ضرورت آهي جيتري پهريان هئي اسان جي زندگي جي سمورن  مسئلن جو حل هي آهي ته مذهب سان پوري شدت سان وابسته رهون. مذهب اڄ به هڪ زنده عمل آهي ۽ مذهب جون اُهي تاويلون ۽ توضيحون، جيڪي اسان جي اسلاف ڪيون هيون سواءِ ڪنهن ڦير ڦار جي اسان لاءِ اڄ به اوتريون مفيد ۽ ڪارآمد آهن انهن ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي يا ابدي اصولن جي نئين تاويل تحريف جو درجو رکي ٿي. مذهب ماديت جو دشمن ۽ روحانيت جو نالو آهي. ان کي اسان کي ان ئي شڪل ۾ قبول ڪرڻ گهرجي جنهن شڪل ۾ اسلاف کان اسان وٽ پهتو آهي. اهي ٻئي رويا ٻن ڇيڙن تي بيٺا آهن ۽ حقيقت جو صرف هڪ روپ ڏسي رهيا آهن. پهرين وٽ صرف هي آدرش آهي ته جيڪي ڪجهه مغرب ۾ ٿي رهيو آهي اهو هنن وٽ به ٿيڻ گهرجي. ان ڪري مذهب، عقيدن ۽ خيالن تي ڪو به اثر نه پوندو ۽ ٻئي جي سامهون هي آدرش آهي ته مذهب جي موجوده شڪل کي جيئن آهي تيئن برقرار رکڻ گهرجي. زندگي ۾ وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو اهو ئي رستو آهي. اسان جو سڄو معاشرو انهن ٻن گروهن ۾ ورهايو پيو آهي.

هن ساري بحث مان هي نتيجو نڪتو ته ٻه متضاد قوتون پاڻ ۾ وڙهي رهيون آهن. هڪ طرف اها قوت جيڪا مذهب کي جديد مغربي فڪر جي روشني ۾ ڏسي ان جي، ان مطابق تاويل ڪري رهي آهي ۽  اهو ثابت ڪرڻ ٿي گهري ته مغربي نظام دراصل قرآني تعليم جو منطقي ۽ ارتقائي نتيجو آهي. سائنس جو تعلق انساني عقل سان آهي ۽ عقل خدا طرفان عطا ٿيل  ڏات آهي. الله تعاليٰ مخلوقات  ۾ سڀ کان پهريان عقل کي پيدا ڪيو هو ان ڪري  اهڙي اهم ۽ ڪم واري شي کي انساني تصرف ۾ نه آڻڻ جي معنيٰ آهي ته اسان زندگي ۾ اکيون ٻوٽي هٿوراڙيون ڏئي هلڻ جا قائل آهيون. ٻي طرف اها قوت آهي، جيڪا مذهب جي عقيدي کي هر حال ۾ پنهنجي موجوده شڪل ۾ قائم رکڻ ٿي چاهي ۽ ان کان بيپرواهه آهي ته انساني تقاضائون ۽ ضرورتون پوريون ٿين ٿيون يا نه. هنن وٽ موجوده شڪل ئي دراصل حقيقي شڪل آهي. هنن کي ان ڳالهه تي اطمينان آهي ته هنن ماديت ۽ الحاد جي واچوڙن ۾ مذهب جي ڏئي کي روشن رکيو آهي. ان قوت جو دائرهءِ عمل، زندگي کان لاتعلق ٿي، صرف عقيدي جي حفاظت تائين محدود آهي. صدين کان ان حفاظت واري عمل جو نتيجو مٽي جو ڏيو، ڪکن واري جهوپڙي، محلي جي ڪنهن بيٺل گهر مان ٻن وقتن جي ماني، زياده کان زياده ڪنهن مسجد جي پيش امامي ۽ سفر ڪرڻ لاءِ  بيل گاڏي. هلو ان ۾ به ڪا خرابي نه هجي ها جيڪڏهن اسان اهڙي ريت پنهنجي عقيدي جي حفاظت ڪري سگهون ها. ۽ هن بدلجندڙ زماني جي دشمني کان محفوظ رهي سگهون ها پر هت هي ڳالهه وساري وئي آهي ته زندگي جي روان دوان وهڪرن سان لاڳاپا ٽوڙي ڪا به شي زنده رهي نٿي سگهي. اهڙي ريت اسان مذهب جي عقيدن کي صرف رسمي عبادت جو هڪ ذريعو ته ضرور بنائي ڇڏيو آهي ليڪن حق جي ڳولا سان ان جو تعلق قائم نه  رکيو آهي ۽ ذريعي  کي منزل بنائي ان جي حفاظت ڪرڻ لڳا آهيون. نتيجو هي نڪتو آهي ته مذهب زندگي جي هڪ ڪارائتي قوت جي حيثيت سان معاشري تي اثر انداز نه ٿو ٿئي ۽ زندگي جي رفتار هڪ منزل تي پهچي بيهجي وئي آهي. مذهب جي ان پهلو کي ”روحانيت“ جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ماديت  کي ان جو ضد ڪوٺي ان کان ڌڪار ڪئي وئي آهي.

مذهب جي حفاظت جو اهو تصور دراصل فڪر جي ان ڳالهه سان واسطو رکي ٿو جتي مذهب جي ابدي اصولن ۽ انهن ابدي اصولن جي تاويلن ۾ ڪو به فرق نه ڪيو ويو آهي. هتي تاويل به ابدي اصول بنجي وئي آهي. مذهب جي خيال کان ابدي اصول جي معنيٰ اهو خدا جو حڪم آهي، جيڪو قرآن پاڪ ۾ درج آهي ۽ جنهن ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي ڪفر آهي. پر انهن خدا جي حڪمن جي جهڙي ريت اسان جي عالمن تاويل ۽ توضيح ڪئي آهي اها ڪنهن به اعتبار کان ابدي اصول يا خدا جو حڪم نه آهي. انهن ٻنهي ۾ فرق ڪرڻ نهايت ضروري آهي. دراصل تاويل خدا جي لفظن جي اها سمجهاڻي آهي، جيڪا  هنن پنهنجي ضرورت ۽ فهم مطابق پنهنجي دور ۾ ڪئي هئي. جڏهن اسان اهو چئون ٿا ته ڪو به قانون حيات اٽل يا غير مبدل نه آهي ته ان جي معنيٰ به اها آهي. ائمـﮧ جي سمجهاڻي خدا جو  قانون هرگز نه آهي پر خدا جي حڪمن جي اها تاويل آهي جيڪا انهن انسانيت جي رهنمائيءَ لاءِ ان دور ۾ ڪئي هئي ۽ جنهن کان اڳتي وڃڻ جي نه ته هنن کي ضرورت هئي نه ئي تاريخي حڪايتون هنن کي ان کان اڳتي وٺي وڃي سگهيون ٿي. ان ڳالهه کان ڪو به سمجهدار انڪار نٿو ڪري سگهي ته زماني جي تبديلي سان جڏهن ڪنهن صداقت يا عالمگير اصول جو معلوم رخ پاڻ مان حرڪت وارو عمل وڃائي وهي ته زندگي جي نئين صور ڦوڪڻ لاءِ ضروري آهي ته زماني جي ضرورتن ۽ تقاضائن کي سامهون رکي مروج معنيٰ تي نظر ثاني ڪئي وڃي ۽ صداقت جو نئون رخ تلاش ڪيو وڃي. نئين فڪر ۽ اجتهاد  جي اها معنيٰ آهي. ٻي حالت ۾ اهو مذهب ۽ ان جا عالمگير ۽ ابدي اصول معاشري جي تهذيبي  قوت کان خارج ٿي وڃي ٻاهر ڪرندا. هيءَ ڳالهه چوندي مون کي ڏک ٿو ٿئي ته اسلام اندر تهذيبي ۽ معاشرتي سطح تي هن وقت اهو ئي عمل ٿي رهيو آهي.

اسلام جيئن اسان جو ايمان آهي، هڪ مڪمل دين آهي.  ان جا بنيادي اصول عالمگير ۽ ابدي آهن. انهن ۾ تبديلي ڪنهن به دور ۾ ممڪن نه آهي. اهڙا اصول، جن جي خاصيت اها هجي، انهن ۾ هن هڪ خاصيت جو هجڻ ضروري آهي ته انهن اصولن ۾ زندگي جا سمورا تجربا ۽ تجربن جا تهه ۽ هر قسم جي صداقتن جي سمورن رخن جو اهڙو روح موجود هجي جو زمانو ڪهڙي طرف به هليو وڃي. انهن ابدي اصولن ۾ نئين معنيٰ ساڳي نموني ڏسڻ ۾ اچي ۽ هر دور جو انسان انهن ۾ صداقت جي نئين سرهاڻ حاصل ڪري سگهي.  اهي اصول اهڙا هجن جيڪي هر دور ۽ هر منزل تي تبديل ٿيندڙ انسانيت جو ساٿ ڏئي سگهن. ان جي معنيٰ هيءَ ٿي ته هر دور جا مفڪر انهن اصولن کي پنهنجي زماني جي ماحول گردوپيش جي تعلق سان ڏسي سگهن.  نه صرف ڏسن پر صداقت جي نون رخن کي زماني جي ضرورت مطابق پيش به ڪن. جڏهن زمانو ڪنهن ٻي طرف منهن موڙيندو ته ابدي اصولن ۾ ٻيون نيون معنائون نظر اينديون. اهڙي ريت ابدي اصول ته پنهنجي جاءِ تي جيئن جو تيئن قائم هوندا پر گڏوگڏ هر دور ۽ زماني مطابق انهن ۾ صداقت جي هڪ وڌيڪ رخ جو اضافو ٿيندو رهندو. ان جو نالو اجتهاد آهي.

هر زماني ۾ اجتهاد جي ضرورت ان سبب ڪري پوندي آهي ته اهي ابدي اصول جيڪي زندگي کي معنيٰ جي روشني سان بدلائي ڇڏيندا آهن، زماني جي مزاج ۾ اهڙن عنصرن کي به پيدا ڪندا آهن جو اُهي انهن قوتن جو سهارو وٺي، پنهنجي هڪ جدا شخصيت بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن ۽ زندگي جو فڪر ۽ عمل انهن کان روشني حاصل ڪندو آهي. هاڻي ان حال ۾ جيڪڏهن ان شخصيت کي اهڙي ساڳي طرح رهڻ ڏنو وڃي ۽ وقت سان گڏ ان ۾ نون عنصرن جو اضافو نه ڪيو وڃي ته وقت ان شخصيت کي ڇڏي اڳتي وڌي ٿو وڃي ۽ اها قوت معاشري جي مربوط رشتن کي ٽوڙڻ جو عمل شروع ڪندي آهي. معاشري جون ضرورتون ڪنهن ٻي ڳالهه جون طالب هونديون آهن ۽ ضرورتون انهن کان ڪنهن ٻي ڳالهه جو مطالبو ڪنديون آهن. اهڙي ريت فرد جي شخصيت ۾ ثنويت جو تضاد پيدا ٿو ٿئي ۽ زندگي جي ترقي کي روڪڻ جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو. اهڙي حال ۾ ضرورت هن ڳالهه جي هوندي آهي ته انهن اصولن جي نئين تاويل ٿيندي رهي جيئن اها معنيٰ انسان جي زندگي ۾ مربوط رشتن کي قائم رکڻ ۾ مدد ڏئي سگهي. پاڪستان ۽ اسلامي دنيا ۾ مذهب جي هر سطح تي انهيءَ ڪم جي بند ٿي وڃڻ سبب هڪ اهڙو انتشار پيدا ٿي ويو آهي، جنهن جو نقصان اسان سڀ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي سهي رهيا آهيون. صرف پنهنجي اسلاف جي ڪارنامن تي فخر ڪرڻ سان ترقي جي رفتار برقرار نٿي رکي سگهجي ۽ گذريل سو سالن کان برصغير پاڪ ۽ هند جا مسلمان صرف اهو ڪم ڪري رهيا آهن.

جيڪڏهن ڪنهن دور جو انسان ابدي ۽ عالمگير اصولن جي تاويل اهڙي ريت ڪري سگهي ها جو صداقت جا سڀ پهلو ان مان ڏسڻ ۾ اچن ها پوءِ ڪنهن قسم جي وڌيڪ توجيـﮧ جي ضرورت نه پوي ها پر ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ انسان جي قوت کان ٻاهر آهي ان ڪري تاويل جو اهو سلسلو هميشه جاري رهڻ گهرجي. شروع شروع ۾ انساني ذهن نئين تاويل کي قبول نٿو ڪري ڇاڪاڻ ته مروج تاويل هن جي فطرت ۾ سمائجي وئي آهي ۽ نئين تاويل هن کي نه صرف عجيب ٿي لڳي پر هو ان جي شدت سان مخالفت ٿو ڪري. پراڻي نسل ۽ نئين نسل جي قدرن ۾ اهو فرق هوندو آهي. پوڙهيون ان سبب نئين نسل جون ڳالهيون ٻڌي ڪنن تي هٿ رکنديون آهن ۽ چونديون آهن ته، ”قيامت ڄاڻ اچڻ واري آهي.“ جيڪڏهن انسان ۽ معاشري ۾ تبديل نه اچي ته نئين تاويل جي ضرورت ئي نه پوي. ڇاڪاڻ ته ائين انه آهي تنهن ڪري عالمگير ابدي اصولن جي تاويل جي به ضرورت پوندي رهندي. خيال جي نئين تاويل مروج روائتي نظام ۾ جڏهن داخل ٿيڻ گهرندي آهي ته ان جي حيثِت پليٽ فارم تي بيٺل ان مسافر جهڙي هوندي آهي، جيڪو ريل جي بيهندي ئي دٻي ۾ داخل ٿيڻ لڳندو آهي، دٻي ۾ ويٺل مسافر هن کي روڪيندا آهن ۽ واڪا ڪري چوندا آهن ته دٻي ۾ پير رکڻ جيتري به جاءِ ڪانهي پر جڏهن مسافر دٻي ۾ داخل ٿي ويندو آهي ته دٻي ۾ ويهڻ جي ترتيب ۾ اهڙي تبديلي ايندي آهي جو ان ۾ نئين ايندڙ مسافر لاءِ جاءِ پيدا ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ  اهو نئون مسافر پراڻن مسافرن سان گڏجي ايندڙ پليٽ فارم تان چڙهندڙ مسافرن سان ساڳيو رويو اختيار ڪندو آهي. ڪجهه مسافر رستي ۾ لهي ويندا آهن، ڪجهه مسافر وائکا ٿي ويهندا آهن. ريل هلندي رهندي آهي ۽ اچڻ ۽ وڃڻ جو اُهو عمل جاري هوندو آهي. نئين فڪر ۽ نئين معنيٰ جي مخالفت ريل ۾ پهريان ويٺل مسافرن جي مخالفت مثل آهي، جيڪي اهو نٿا چاهين ته ڪو ٻيو نئون مسافر دٻي ۾ داخل ٿئي. پر جيڪڏهن ڪو مسافر دٻي ۾ داخل ٿي ٿو وڃي ته ان ۾ ۽ ٻين مسافرن ۾، سواءِ شخصيت جي، زياده فرق نٿو رهي. اهو عمل انسان جي فطرت جي عين مطابق آهي. انهيءَ فطرت جي ڪري اسان مروج خيال ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي پسند نٿا ڪريون ۽ ان کي پنهنجو ايمان ڪري ٿا سمجهون. فڪر وارن لاءِ اهو ضروري آهي ته هو معاشري کي تهذيبي سطح تي تقليد ۽ جمود جو شڪار ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ، حياتي ۽ ڪائنات جي سمورن مسئلن جو هردم پنهنجي ليکي جائزو وٺندا رهن جيئن خيال جي ارتقا جو عمل جاري رهي ۽ معاشرو حياتي جي قوت کان هميشه واقف رهي. اهو ئي اهو ڪم آهي جيڪو امام غزالي پنهنجي دور ۾ ڪيو ۽ اهو ئي اهو ڪم آهي، جيڪو شاه ولي الله مغل تهذيب جي ڪرندڙ ديوارن جي ڍير تي ويهي پورو ڪيو. اهو ئي اهو ڪم آهي، جنهن جي پاڪستان ڪلچر کي ضرورت آهي.

اسان وٽ هڪ پاسي عقيدي جي حفاظت جو ڪم ڪندڙ ننڍن وڏن فرقن ۾ ورهائجي تماشو بنايون بيٺا آهن ۽ ٻي طرف مذهب زندگي جي حقيقتن سان منهان منهن ٿيڻ کان معذور آهي. نام نهاد روحانيت جا علمبردار ان ڳالهه جو وک وک تي اظهار ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن اسان ماديت ڏانهن وڌياسين ته اسان جو به اهو حشر ٿيندو، جيڪو مغربي قومن جو ٿيو آهي جن الحاد ۽ بيديني کي اختيار ڪري ساري دنيا کي موت جي دروازي تي آڻي بيهاريو آهي. ان حال ۾ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اسان ماديت کان منهن ڦيري، روحانيت کي سيني سان لڳائي پنهنجي زندگي جي سمورن مسئلن کي حل ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇا روحانيت جي موجوده شڪل اسان ۾ خير جو اضافو ڪيو آهي؟  جڏهن اسين پنهنجي معاشري ۾ ان روحانيت جي ڪار فرمائين کي جاچيون ٿا ته اهي اسان کي هڪ اهڙو منفي فعل نظر اچن ٿيون، جيڪو خود زندگي کي رد ڪرڻ ۾ مصروف آهي. اسان روحانيت کي ماديت، سائنس ۽ عقل پرستي جو ضد سمجهي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته انهن ڳالهين اسان جي روحانيت کي خراب ڪيو آهي. ڄڻ اهڙي ريت اسان اهو تسليم ڪيو آهي ته روحانيت هڪ اهڙي ڪمزور شي آهي جيڪا سائنس ۽ عقل جي اڳيان پنهنجا پير پختا جهلي نٿي سگهي. دراصل اسان جي موجوده روحانيت ان فلسفي جي ڄميل شڪل آهي، جنهن کي امام غزال قوائي عقليـﮧ جو ازالو ڪري الاهي معرفت جو نالو ڏنو هو ۽ جنهن کي اسان لغوي معنيٰ ۾ قبول ڪري، ان جي روح کان هٽي، پنهنجي زندگي جي فڪر ۽ عمل جي مرڪز بنائي ڇڏيو آهي.

تصوف، جيڪو روحانيت جو مرڪز آهي، الوهيت جي جن بلندين تائين پهتو هو ۽ ان جنهن عظيم الشان خيال جي نظام کي قائم ڪيو هو ان جو انجام اهو ٿيو ته اهو به دنيا کي ترڪ ڪرڻ جي مسلڪ تي پهچي بيجان ٿي ويو. ”هيچ آفت نه رسد گوشـﮧءِ تنهائي را“ عملي طرح ان جو نظريو بنجي ويو ۽ اسان  ڏسون ٿا ته صوفين جا دڪان سينگارجڻ لڳا ۽ روحانيت ذريعي سنڍ عورتن کي ٻار پيدا ٿيڻ لڳا ۽ قاتلن جون ڦاسيون معاف ٿيڻ لڳيون. ضعيف اعتقادن اصل مذهب جي جاءِ والاري. توڪل جي معنيٰ اها ڪڍي وئي ته جو ڪجهه آهي بس اهو ٺيڪ آهي. ان کي بدلڻ جي ڪوشش فضول آهي ۽ اهڙي ڪوشش هوس پيدا ڪري ٿي ۽ هوس ڪفر آهي. مقدر ۾ جيڪي لکيل آهي اهو اوس پورو ٿيندو. الله تعاليٰ جي اها صفت ته هو سبب الاسباب آهي توڪل ۽ تقدير جي ان تصور جي اڳيان بي معنيٰ ٿي وئي. دين ۽ دنيا جو توازن وارو رشتو ٽٽي پيو. هاڻي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته ڇا روحانيت جي اها طرزِ عمل مثبت طرزِ عمل هئي؟ ڇا روحانيت جي ان روش فڪر ۽ عمل جا دروازا بند نه ڪيا؟ ان جو جواب لاءِ اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته اسان جو  ”مڪمل“ دين بذاتِ خود دنيا ۽ ماديت جي باري ۾ ڇا ٿو چوي.

قرآن ۾ آهي:  ” توهان جو دنيا ۾ جيڪو حصو آهي ان کي نه وساريو.“                     القصص

آن حضرت جن فرمايو: ”توهان ماڻهو پنهنجن دنيا ئي ڪمن کي زياده بهتر ٿا ڄاڻو.“ حديث شريف

امام غزالي چيو:       ”ڪنهن شخص ائين ڪين چيو آهي ته دنيا ئي علم پنهنجي سر مغفرت جو ذريعو آهن ان جي برعڪس شرعي علم پنهنجن نتيجن ۽ مقصدن کان قطع نظر، پاڻ ۾ مغفرت ۽ تقرب جو ذريعو سمجها ويندا آهن.“

 

                                احياالعلوم ص 343 جلد ٽيون

اقبال چيو:     قرآن حڪيم مطابق علم جا ٻه ٻيا ذريعا به آهن يعني فطرت جا مظهر ۽ تاريخ- ۽ اسلام جي روح کان چڱي طرح واقف ٿيڻ لاءِ انهن ٻنهي مان ڪم وٺڻ ضروري آهي.“

                                تشڪيل جديد ترجمو ص 12

هڪ مولانا چيو:       اسان وٽ سائنس ۽ مذهب جي وچ ۾ ٽڪر جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. اها ته مغرب وارن جي ڳالهه آهي جن جو مذهب سائنس وارن جو ضد آهي.

چراغ راه- جماعت اسلامي

انهن حوالن سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه ضرور اڳيان اچي ٿي ته اسلام صرف روحانيت جي سهاري زندگي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي ۽ ڪٿي به مروج روحاني معنيٰ ۾ دنيا کي ترڪ يا رد ڪرڻ جو سبق نه ڏنو آهي پر هڪ اهڙي اعتدال جو سبق ڏنو آهي، جنهن کانسواءِ زندگي جي معنيٰ نامڪمل ٿي پوي ٿي. جڏهن صورتحال اها آهي ته پوءِ روحانيت جي مروج مفهوم جو ڪهڙو مقصد باقي ٿو رهي ۽ اسان ان کي عيسائيت وانگر هڪ علحده خاني ۾ ڪيئن رکي ٿا سگهون؟ توحيد جي معنيٰ به اها آهي يعني دين ۽ دنيا ۾ فڪر ۽ عمل جي مڪمل وحدت. ان جو نالو زنده اسلام آهي ۽ ان جي تلاش ۽ جستجو ۾ برصغير جي مسلمانن پنهنجي لاءِ هڪ الڳ ملڪ جو مطالبو  ڪيو هو جيئن وحدت جي ان مفهوم کي زندگي ۾ سموئي تجربو ڪري سگهن.  ان وحدت ۾ دنيا کي دنيا جو تابع رکيو ويو هو ليڪن ڇا تابع ٿيڻ جي معنيٰ هيءَ آهي ته دنيا کي ماديت جي لفظ سان بيان ڪري نظامِ خيال مان خارج ڪيو وڃي ۽ ساري معاشري کي عقلي قوتن جي ازالي ڪرڻ ۾ لڳايو وڃي. هي زندگيءَ ڏانهن صاف منفي رويو آهي ۽ ان ۾ ايتري مجهوليت آهي جو ان اسان جي مساري معاشري کي طرح طرح جي نفسياتي مرضن ۾ مبتلا ڪري اسلام جي حقيقي روح کي اسان کان پري ڪري ڇڏيو آهي.

اڄ جو اسان ان مسئلي تي غور ڪري رهيا آهيون ته اسلام جي رسي کي مضبوط جهلي ڪهڙي ريت ترقي ڪري سگهون ٿا ته ان جي معنيٰ اها آهي ته اسان ۾ ڪجهه اهڙيون بنيادي تبديليون ٿيون ۽ ٿي رهيون آهن، جيڪي اسان کان ڪجهه بنيادي فيصلن جي گهر ڪن ٿيون ۽ اهي بنيادي فيصلا دراصل سطحي فيصلا نه آهن ته اسين ٽيپ ٽاپ ڪري پنهنجي نظام خيال جي مرمت ڪريون ۽ ٻه چار نوان ڪمرا بنائي پنهنجين ضرورتن کي پورو ڪريون پر ان جو تعلق سڌي طرح حقيقت جي ان تصور سان آهي، جنهن جي شڪل تي اسان پيدا ٿيا آهيون. جڏهن اسين چئون ٿا ته اسين اهو ڪجهه آهيون، جيڪو اسان جي ڪلچر اسان کي بنايو آهي ته ان جي معنيٰ به اها آهي ته اسان ان ڪلچر جي تصورِ حقيقت ۽ نظامِ خيال جي شڪل تي پيدا ٿيا آهيون. جيڪڏهن اسان کي پاڻ کي بدلڻ جي ضرورت آهي- ۽ تشڪيل جي معنيٰ ئي اها آهي ته ڪنهن ڪلچر جي تصورِ حقيقت جي روح کي  سڃاتو وڃي ان جي معنيٰ به اها ٿيندي ته اسان کي پنهنجي نظامِ خيال تي نئين سر غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيئن نين ضرورتن کي خيال ۾ رکي ان ۾ نيون معنائون تلاش ڪري سگهجن جيڪي معاشري جي سمورين روحاني ۽ مادي تقاضائن کي پورو ڪري سگهن. هي ڳالهه ڪا نئين ڳالهه نه آهي. جيڪڏهن چئجي ته هر ڪلچر ۽ ان جي نظام جو پنهنجو تصورِ حقيقت الڳ الڳ آهي.  جنهن سبب هڪ ڪلچر ٻئي ڪلچر کان علحده ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو تصورِ حقيقت ان ڪلچر جو مابعدالطبيعات آهي. اچو ته ڏسون ته اسان جو مابعدالطبيعات ڇا آهي ۽ اسان جي عالمن پنهنجي ۽ وقت جي ضرورت جي تاويل ڪري اسان کي ڪهڙي قسم جو تصور حقيقت ڏنو آهي.

اسان جي مابعدالطبيعات جو بنياد قرآن آهي. قرآن مطابق مسلمان اهو آهي جيڪو غيب تي ايمان رکي ٿو. مرڻ کانپوءِ حياتيءَ تي ايمان رکي ٿو. خدا کي ”عقل اول“ قبول ڪري ٿو ۽ ان تي ايمان رکي ٿو ته حقيقت صرف اها ئي آهي باقي سندس ظهور آهن.  متڪلمين جي زبان ۾ جو اهو سمجهي ٿو ته مادو مخلوق آهي. عالم به قديم نه پر حادث آهي ۽ خدا جو  وجود اهڙو آهي جو جيڪو هو چاهي سو ڪري، هن عالم کان هو جدا آهي ان هوندي به ان جي حڪمراني هتي سڀ هنڌ آهي. اجزائي لاتنجزيٰ کي خدا ئي پيدا ڪيو آهي ۽ اهو ئي ان کي فنا ڪري سگهي ٿو. هي سڀ موجودات ان جو ڪم آهي. خدا موت کي پيدا ڪري ٿو ۽ خدا ئي سڪون کي. قانونن جو سبب قدرت ۾ موجود نه آهي پر خود خدا جي ذات سبب آهي.

ان مابعد الطبيعات جو اثر مسلمانن جي فڪر ۽ عمل تي اوستائين توازن سان رهيو جيستائين انهن جي مفڪرن دين ۽ دنيا جي توازن کي برقرار رکيو ۽ ان توازن  کي رواحانيت جو نالو ڏنو. پر جڏهن مابعد الطبيعات هڪ اهڙي تصورِ حقيقت کي اڀاريو، جنهن جو صرف عقلي قوتن جي ازالي تي زور هو ۽ جنهن ۾ تصورِ حقيقت کي هيءَ شڪل ڏني وئي.

”ته اسان جا عقل جيڪي روحانيت ۽ الاهيات جي سمجهڻ کان قاصر هوندا آهن ته ان جو سبب هي  آهي ته انسان سڀني پيدا ڪيل جسمن کان مٿاهين مرتبي وارو آهي ۽ جملي عنصر انسان جي تخليق تي پهچي ختم ٿين ٿا.  حجاب ۽ مادي ڳالهيون عقل جهڙي روشن جو هر لاءِ پردو ٿي وڃن ٿيون.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org