گذريل پنجويهن سالن کان اسان اونده ۾ هٿ پير هڻي رهيا آهيون.
مذهب جو زندگي سان سنئون سڌو گهرو مرڪزي تعلق نه
هئڻ سبب مذهبي قدر بي معنيٰ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اسان ان
ڪري مذهب جي سطح تي جزئيات ۾ وڃي اختلافن جي ڀوت
کي شڪست ڏني آهي ۽ اڄ اسان ذهني طرح انهن غير
ضروري مسئلن ۾ ڦاسي ويا آهيون، جنهن جومثال بلڪل
اهڙو آهي ته جڏهن مسلمان قسطنطنيـﺔ ۾ داخل ٿيا ته
اتان جي گرجا ۾ عيسائي عالم ان ڳالهه تي بحث ڪري
رهيا هئا ته حضرت عيسيٰ لاءِ جيڪا ماني آئي هئي
اها ڪهڙي قسم جي هئي. مذهب جي سطح تي اختلافن جي
نوعيت ڪجهه اهڙي قسم جي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي
هئي ته پاڪستان حاصل ڪرڻ کانپوءِ مذهب کي زندگي جي
وسيع پس منظر ۾ رکي ڏٺو وڃي ها. ان کي زندگي جي
جديد تقاضائن، قومي خواهشن ۽ ضرورتن جي نقطئهِ نظر
کان سمجهو وڃي ها ۽ منجهيل مسئلن کي سلجهائي ذهن
کي صاف ڪيو وڃي ها ۽ ان ۾ سوچ ۽ ويچار جو نئون روح
ڦوڪيو وڃي ها. مفڪرن کي ان تي ڪم ڪرڻ گهربو هو،
جيئن مذهب رسمي عبادت کانسواءِ به هڪ زنده حقيقت
بڻجي اسانجي زندگي جي مسئلن کي حل ڪري ها ۽ هڪ
اهڙي طرزِ حيات، طرزِ فڪر ۽ عمل وجود ۾ اچي ها،
جيڪو اسلامي تصورِ حقيقت سان پوري طرح وابسطه به
هجي ها ۽ زندگي ۾ هڪ نئين قوت به پيدا ڪري ها.
جوش، جذبي ۽چاه جي گرمي تخليقي قوتن کي اظهار جي
نين راهن تلاش ڪرڻ لاءِ همتائي ها. اسان جو مذهب
عيسائيت کان ضرور مختلف آهي پر عملي طور اسان وٽ
به دين دنيا جدا ٿي ويا آهن ۽ ذهني طرح اسان جي
موجوده طرزِ عمل عيسائي طرزِ عمل جهڙي آهي ان ان
طرزِ عمل سان اسان سياست ۾ چنگيزي کي چوٽ چاڙهيو
آهي ۽ مڪمل دين کي نامڪمل ڪرڻ جو عمل ڪيو آهي.
اجتهاد جو دروازو بند آهي. نئين فڪر کان اسان
خوفزده آهيون، مذهب جي موجوده شڪل کي اسان اٽل
سمجهي تواريخي وهڪري کان پري ڪري ڇڏيو آهي. اسان
جا ذهن هر سطح ۽ هر مسئلي ۾ منجهيل آهن ۽ اسان
زندگي جي چوواٽي تي بيهي ايندڙ ۽ ويندڙ کي حيرت
سان نهاري رهيا آهيون. مذهب کي زندگي جي انڪار ۾
لڳائي هڪ طرف اسان ان جي روح کي مرده ڪري ڇڏيو آهي
ٻي طرف زندگي جودريا مسلسل وهندو رهي ٿو ۽ اسان
هوريان بدلجي رهيا آهيون ۽ جهڙو تڪڙو اسان اڻ ڄاڻ
ٿي بدلجي رهيا آهيون جو ڏسندي ئي ڏسندي اسان ايترو
پري هليا وينداسين جو اسان کي هر شي اسلاف جي
جهالت جو يادگار ڏسڻ ۾ ايندي.
هن وقت تائين مان ابدي اصول، روحانيت مابعد الطبيعات ۽ اهڙي قسم
جي ٻين مسئلن تي اظهار خيال ڪري چڪو آهيان، اچو ته
هاڻي ڏسون ته مذهب جو ڪلچر سان ڪهڙو تعلق آهي؟
جڏهن مان مذهب ۽ ڪلچر جي ڳالهه ڪريان ٿو ته منهنجو
مطلب آهي ته مان مذهب کي سموري زندگي جي تعلق سان
ڏسان ٿو ۽ ڪلچر لفظ مان زندگي جون سموريون
سرگرميون، خواه اهي ذهني هجن يا مادي، خارجي هجن
يا داخلي، سمجهي رهيون آهيان. مذهب جو ڪم اهو آهي
ته اهو انسان ۾ خير ۽ شر جو امتياز باقي رکي.
انسان کي خير سان زندگي گهارڻ جو حوصلو ڏي. هن جي
تخليقي قوتن کي زندگي جي رنگا رنگ سرگرمين ۾ اظهار
جو رستو ڏيکاري ۽ هن ۾ قوت ۽ جوش کي بيدار رکي
جيئن انسان توازن سان ڪائنات کي پاڻ ۾ جذب ڪري
سگهي. مذهب جو ڪم زندگي سان رشتي کي وڌائڻو آهي نه
ڪه ٽوڙڻو. انهيءَ معنيٰ سان اسلام مڪمل دين آهي.
اهو ئي اسلام جو روح آهي ۽ اهو ئي ان جو نظريو
آهي.
مذهب ۽ ان جا اصول ۽ عقيدا، ۽ ان جو فڪر ۽ عمل جو نظام دراصل هڪ
نصب العين ۽ هڪ آدرش جو درجو رکي ٿو، جنهن کي اسان
کي حاصل ڪرڻو آهي، جيئن اسان زندگي کي خير جي
عنصرن سان زياده بهتر نموني گذاري سگهون. ان ڪري
مذهبي اصولن ۽ عقيدن جي اسان جي زندگي ۾ بنيادي
اهميت آهي. جڏهن ڪوئي معاشرو انهن عقيدن ۽ اصولن،
ان فڪر ۽ عمل جي نظام کي حياتيءَ جو زنده قانون
بنائي پنهنجي زندگي کي ان مطابق تشڪيل ڏئي ٿو ۽
پنهنجن احساسن کي انهيءَ رنگ ۾ رنگي ٿو ته ان عمل
سان هو هڪ ممتاز ڪلچر کي جنم ڏئي ٿو، جنهن کي اسان
ان نظامِ حيات جو ڪلچر ڪوٺي سگهون ٿا. جڏهن فڪر ۽
عمل جي نظام، اصولن ۽ عقيدن تي معاشرو عمل ڪري ٿو
ته ڪلچر جا بنيادي ۽ تهذيبي ادارا وجود ۾ اچن ٿا.
ان عمل سان جيڪي شڪليون ٺهن ۽ ڊهن ٿيون جهڙي ريت
ماڻهوءَ جي طرزِ فڪر ۽ عمل متعين ٿئي ٿي، جن
مشغولين کي هو وڌائي ٿو، جن دلچسپين ۾ هو حصو وٺي
ٿو، پنهنجي عقيدن جي جنهن نموني وضاحت ڪري ٿو،
جنهن انداز سان هو پنهنجي مذهبي تجربن جو اظهار
ڪري ٿو ۽ جنهن نموني هو مذهب کي ڏسي ۽ سمجهي ٿو
اهي سڀ ڳالهيون هن جي مذهب جو حصو ٿي وڃن ٿيون ۽
انهن جي عملي اهميت، اهائي هوندي آهي، جيڪا عقيدن
۽ اصولن جي هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته عقيدن ۽ اصولن جي
اهائي عملي شڪل آهي، جيڪا ان نظامِ خيال جو ڪلچر
آهي، جيڪو انهن تي عمل ڪرڻ سان وجود ۾ آيو آهي.
ساڳي طرح ڪلچر جي سطح تي نه صرف اهي سڀ شڪليون
مذهب جو حصو آهن، پر انهن جي تواريخ ۽ روايتون به
اهڙي طرح مذهب جو حصو آهن. نه صرف اهو پر انهن
روايتن جا غير خالص عنصر به، جيڪي تعمير دوران خود
بخود وجود ۾ اچي ويا آهن، ان مذهب جي ڪلچر جو ئي
حصو آهن، اهو ناممڪن آهي ته ڪو خيال جو نظام
پنهنجي نصب العين جي شڪل تي هوبهو قائم ٿي وڃي.
فڪري ۽ عملي شڪل ۾ فرق باقي رهندو. انسان جي
اها ڪوشش هوندي ته هو نصب العين تائين پهچي وڃي ۽
ان جي عملي شڪل نصب العين جي صورت تي پيدا ٿيڻ جي
باوجود ان کان هڪ درجو هيٺ ضرور رهندي. ان صورتحال
جي پيش نظر اسان اهو چئي سگهون ٿا ته قوالي، خطاطي
۽ نقاشي اسان جي مذهب جو ايترو ئي ناگريز حصو آهي
جيترو اذان، مسجد، محراب ۽ منبر اسان جي ڪلچر جو
حصو آهن. اها ئي اُها سطح آهي، جتي مذهب زندگي جي
ميدان ۾ پير پائي اسان جي زندگي جي زنده مسئلن سان
اکيون ملائي سگهي ٿو.
زنده مذهب لاءِ ضروري آهي ته اهو ايترو مشڪل ۽ اوکو نه ٿي پوي
جو ان جا پوءِ لڳ ڪنهن عرصي تائين ان تي عمل نه
ڪري سگهن. حضرت جن جو دستور هو ته جيڪي ڳالهيون
سندس اُمت لاءِ سوليون هونديون هيون انهن سان پيار
ڪندا هئا. ان جي معنيٰ اها هرگز نه آهي ته هر ڪنهن
ڳالهه کي سواءِ ڇنڊ ڇاڻ جي مذهب ۾ داخل ڪيو وڃي.
اهو ڪم ته نظامِ خيال خود بخود ڪري رهيو آهي. اهو
ئي سبب آهي جو برصغير ۾ حقو ۽ پان ڪلچر جو جزو
بنجي ويا آهن پر شراب ۽ خنزير اڄ به حرام آهن. مان
جو ڪجهه چوڻ ٿو چاهيان اهو هي آهي ته مذهب جي
عقيدن ۽فڪر جو، جن کي اوهان نصب العين جو نالو ڏئي
سگهو ٿا، جڏهن زندگي ۾ عملاً ڏسڻ ۽ استعمال ڪرڻ جو
عمل شروع ٿئي ٿو ۽ ان عمل سان جيڪو معاشرتي،
تهذيبي، معاشي ۽ سياسي نظام وجود ۾ اچي ٿو ان جون
سموريون شڪليون هڪ ايڪي طور ان ڪلچر جو ناگريز حصو
ٿي پون ٿيون. هاڻي هڪ طرف اسلام جا عقيدا ۽ ان جو
نظامِ خيال آهي. عقيدن ۽ نظامِ خيال جي ان فلسفي
تي جهڙي ريت مسلمانن عمل ڪيو ۽ ان ڪري جيڪي شڪليون
پيدا ٿيون ۽ بنيون، ان جون خالص ۽ غير خالص
سموريون شڪليون مسلمانن جي ڪلچر جو حصو آهن. اهڙي
طرح اسلام هڪ آدرش، هڪ نصب العين آهي ۽ مسلمانن جو
ڪلچر، جيڪو ان نصب العين مطابق پيدا ٿيو آهي. خود
مسلمانن جو مذهب آهي، جيڪو ايترو ئي حقيقي آهي،
جيترا عقيدا ۽ فڪر. نصب العين جي ساري نظام تي عمل
ڪرڻ سان ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون به ڪلچر ۾ شامل ٿي
وينديون آهن، جيڪي دراصل آدرش نه آهن پر انهن جي
اهميت به معاشرتي ۽ تهذيب زندگي ۾ آدرش وانگر
هوندي آهي. ان ڪري ان جي شڪلين کي به مذهب جي ڪلچر
۾ شامل رکڻو پوندو.
مذهب ڪلچر جي سطح تي اچڻ کانسواءِ ڪتابي علم آهي. اخلاق جي
فلسفي جو آدرش آهي ۽ بس. اهو ڪڏهن نه ٿيو آهي ته
زندگيءَ ۾ ان تي عمل ڪرڻ کان پوءِ مذهب جي آدرشي
نظام جي آدرشي شڪل باقي رهي هجي. زندگي سان مڪمل
رشتو ناتو رکڻ لاءِ مذهب جي اها تهذيبي شڪل اصلي ۽
حقيقي شڪل آهي. ان حال ۾ اهو ضروري آهي ته آزاد
عالمن ۽ ذهين مفڪرن جي هڪ يا هڪ کان زياده جماعتون
هجن، جيڪي مذهب جي اصلي، آدرشي شڪل، نون مسئلن ۽
جديد تقاضائن جي روشني ۾، معاشري جي اڳيان ور ور
ڪري پيش ڪنديون رهن، جيئن آدرش جي نقطئه نظر کان
مذهب جون خالص تاويلون هميشه معاشري جي اڳيان
موجود رهن. پاڪستان ۾ مذهب کي ان سطح تي آڻي سموري
زندگي سان ان جو رشتو وري جوڙي سگهجي ٿو نه ته
هوريان هوريان تعليم جي پکڙجڻ ۽ جديد صنعتي ترقي
سان گڏ مذهب، جيئن اڄڪلهه ان جي شڪل بنجي رهي آهي،
صرف ”ذاتي سڪون“ حاصل ڪرڻ جو ذريعوٿي پوندو ۽
زندگي جي رنگارنگ سرگرمين سان ان جو تعلق باقي نه
رهندو.
(3)
مذهب کي ڪلچر جي سطح کان الڳ ڪري فنونِ لطيفه کي به اسان
پنهنجي مذهب جي سرگرمين کان خارج ڪري ڇڏيو آهي.
ليڪن ان جي باوجود مسلمان شعر چون ٿا. موسيقي ۾
ڪمال حاصل ڪن ٿا ۽ مصوري ۾ نالو پيدا ڪن ٿا. هڪ
طرف مذهب انهن کي لهو و لعب ۽ نقصان ڏيندڙ چئي ٿو
۽ ٻئي طرف اسان جي معاشري جا لاتعداد ماڻهو انهن
سرگرمين ۾ مصروف آهن. ان مذهبي ۽ تهذيبي تضاد اسان
جي لاشعور جي لڪل گهرن ۾ هڪ اهڙو چور آڻي ويهاريو
آهي جيڪو اندر ئي اندر اسان جي تخليقي قوتن کي
ڊاهي رهيو آهي. تخليق جو عمل آزاد فضا ۾ اسرندو
آهي ۽ شعور جي تضاد ۾ ڪمزور ٿي ان درجي تي نه
رسندو آهي، جنهن جي پهچڻ جو اهو اهل آهي. جيڪڏهن
اسان ان ڪيفيت جو تجزيو ڪريون ته پتو پوي ته اهو
چور دراصل ان خوف آڻي ويهاريو آهي، جنهن جو تعلق
مذهب جي ان تاويل سان آهي، جنهن جي نزديڪ فنونِ
لطيفـﮧ جون سموريون سرگرميون يا ته حرام آهن يا
لهو و لعب جو درجو رکن ٿيون. ان خوف جي باوجود
گذريل چوڏهن سو سالن کان اهي سرگرميون مسلمانن ۾
ساڳي طرح جاري ۽ مقبول رهيون آهن پر ان خوف تخليقي
جذبن کي ڪمزور به ڪيو آهي ۽ انهن جي حوصلي شڪني به
ڪئي آهي.
ان حال ۾ پاڪستاني ڪلچر جي تشڪيل جي مسئلي تي غور ڪرڻ وارن لاءِ
ضروري آهي ته ٻين مسئلن وانگر هن مسئلي کي به صاف
ڪن جيئن تضاد جو هي ڀوت اسان جي ذهن مان نڪري وڃي
۽ اسان ٻيهر تازي هوا ۾ ساهه کڻي تخليق جي شمع کي
مذهبي شعور سان گڏ روشن رکون. جيڪا ڳالهه ايتري
ڊگهي عرصي کان اسان جي ڪلچر جو حصو رهي آهي اها اڄ
اسان جي حقيقي ۽ زنده مذهب جو ناگريز حصو آهي.
جيڪڏهن اهي سرگرميون اڄ تائين ترڪ ٿي نه سگهيون
آهن ته ڇا انهن کي قبول نه ڪيو وڃي؟ اهو چورن جهڙو
رويو خود اسان جي ذهن، اسان جي تخليقي عمل لاءِ
زهر آهي. ڇا فنونِ لطيفـﮧ ۽ احساسِ جمال اهڙيون
ڳالهيون آهن، جن کي ڪلچر مان خارج ڪري اعليٰ ڪلچر
کي باقي رکي سگهجي ٿو؟ جيڪڏهن ان جو جواب انڪاري
آهي ته پوءِ اسلام جي نالي ۾ ان روئي جي ڪهڙي
توجيـﮧ ڪري سگهجي ٿي؟ جيڪڏهن اسلام مڪمل دين آهي
ته ان ۾ اها ڳالهه سمايل آهي ته اسلام جو ڪو ئي
اصول انساني فطرت جي خلاف ٿي نه ٿو سگهي. ان جي
معنيٰ اها به ٿي ته خدا جي حڪم ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه
ٿي نه ٿي سگهي، جيڪا انسان جي مثبت فطرت کي دٻائڻ
جي ڪوشش ڪندي هجي. انساني فطرت موجب اسان شعر چوڻ
بند نه ٿا ڪري سگهون. اسان راڳ ناچ ترڪ نٿا ڪري
سگهون. مصوري ۽ موسيقي کان لطف اندوز ٿيڻ ڦٽو ڪري
نٿا سگهون. ناچ سان اسان جي دل جي مکڙي ضروري
ٽڙندي. سهڻي تصوير ڏسي اسان ضرور متاثر ٿينداسين.
اهو آدم ۽ حوا جي ضمير ۾ شامل آهي ۽ انساني فطرت
جي بنيادي طرز عمل آهي. اسلام عيش پسندي، لهو و
لعب، فحش ۽ بڇڙن ڪمن کان ته ضرور منع ڪئي آهي پر
احساسِ جمال جي لطافتن ۽ نزاڪتن تي پهرو نه وهاريو
آهي. احساسِ جمال جي لطافتن ۾ ايتري نزاڪت ۽ ايترو
ته اثر آهي جو اسلام جهڙو عالمگير مذهب ان جي منع
ڪرڻ جو عمل، نٿو ڪري سگهي. عملي، آدمي پنهنجي مزاج
جي ۽ پنهنجي شخصيت جي تعمير ۽ تقاضائن باعث لطافت
۽ جذبي جي احساس ئي نٿو ڪري سگهي. ان ڪري جو اُهي
تجربا ڪجهه اهڙي قسم جا هوندا آهن جو عملي ماڻهوءَ
کي اهي بلڪل تجربا ئي معلوم نه ٿيندا آهن. ان ڪري
هو انساني جبلت ۽ فطرت جي سطح، تي انهن جي اهميت ۽
افاديت کي سمجهڻ کان معذور هوندو آهي ۽ ڇاڪاڻ ته
عملي ماڻهوءَ جي هٿ ۾ اقتدار جي واڳ هوندي آهي ان
سبب هو انهن کي لهو و لعب ۽ مڪروه فعل سمجهندو
آهي. انساني فطرت کي جڏهن حالتن جي تقاضائن هيٺ
دٻايو ويندو آهي ته اها پنهنجي اظهار لاءِ ٻيا
رستا تلاش ڪندي آهي. مثلاً اسلام بت تراشي ۽
تصويرن چٽڻ جي منع ڪئي. ان جو مطلب اهو هو ته اُهي
ماڻهو، جن جي ضمير ۾، صدين کان بت سازي ۽ بت پرستي
سمايل هئي، وري قديم مذهب تي واپس اچي بي راه نه
ٿي وڃن. ان سبب انهن کي ممنوع ڪيو ويو، هتي انساني
فطرت هڪ نئون رستو تلاش ڪري ورتو ۽ مسلمانن
جاميٽري جي طرز تي نقش و نگار، ولين ٻوٽن ۽ خطاطي
کي ايتري ترقي وٺرائي جو انهن کي مصوري جو بدل
بنائي ڇڏيو. اها ڳالهه چئي مان اهو چوڻ ٿو گهران
ته انساني فطرت کي ڪجهه عرصي تائين ته دٻائي سگهجي
ٿو مگر هميشه هميشه لاءِ ان کي نيست نٿو ڪري
سگهجي. ان ڪري اڄ موسيقي مصوري وغيره به اسان جي
مذهب جو اوتروئي ناگريز جزو آهي، جيترو محراب ۽
مينار اسان جي ڪلچر جو جزو آهن.
جڏهين ڪوئي نظامِ خيال پکڙندو ۽ وڌندو آهي ته ان تي علم ڪندڙن
جي اڳيان ان وقت صرف سادو ۽ واضح مقصد هوندو آهي.
ٻيون سرگرميون هنن کي غير اهم ۽ بي معنيٰ ڏسڻ ۾
اينديون آهن. اسان ڏسون ٿا ته حضرت جن ۽ ان
کانپوءِ خلفائي راشدين جي زماني ۾ ان وقت جي
مسلمانن جي سامهون صرف ۽ محض اهو مقصد هو ته اسلام
جي پيغام کي ڪهڙي ريت ساري دنيا ۾ پکڙيو وڃي. ان
وقت نه احساسِ جمال جي لطافتن جو موقعو هو نه فني
نزاڪتن تي غور ڪرڻ جو. اهو نظام خيال جو پهريون
دور هو. ايتري قدر جو مسلمانن وٽ ٻني ٻاري ڪرڻ جو
به وقت نه هو. اهو ڪم به غير مسلمانن جي سپرد هو.
ابن خلدون پنهنجي مقدمي ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪندي
لکي ٿو ته:
”فرمانرواءِ سلطنت ملڪ جي ڪمن کي هلائڻ لاءِ تلوار ۽ قلم ٻنهي
جو محتاج آهي مگر ان وقت جڏهن سلطنت وارا حڪومت جو
بنياد وجهي رهيا هجن قلم کي زياده تلوار جي ضرورت
هوندي آهي.“[1]
نظامِ خيال جي پکڙجڻ واري دور ۾ اهو عمل ممڪن هو. احساسِ جمال
جو دور ان وقت ايندو آهي، جڏهن سلطنت وارا حڪومت
جو بنياد وجهي ان کي مستحڪم ڪرڻ ۾ لڳل هوندا آهن ۽
معاشرو پرامن طريقي سان زندگي گهاري رهيو هوندو
آهي. ان ڪري اسان ڏسون ٿا ته حضرت عمر جي زماني ۾
جڏهن عرب عجم ۾ داخل ٿيا ۽ فتحن جو سلسلو شروع ٿيو
۽ اتي ڪجهه عرصو گذري ويو ته ان خيال کان ته ڪٿي
هو عجم جون رسمون اختيار ڪري ان اهم ڪم کي وساري
نه ويهن جنهن ڪم لاءِ هو اوڏانهن موڪليا ويا هئا
هن حڪم جاري ڪيو ته:
”آزار بنديد و چادر پوشيد و فعل پوشيد و بگزاريد موزهارا و
بگزاريد شلوارها را و لازم داريد لباس پدر خود
اسماعيل را و خود را دور داريد از تنعم و هيئتِ
عجم و لازم گيريد نشستن در آفتاب- هر آئينه آفتاب
حمام عرب است و برسم قوم معد باشيد و درشت لباس
باشيد و سخت گزران باشيد و کهنـﮧ پوشي خوکنيد و
تناول کنيد شتران را........“
هي حڪم ان ڳالهه جو اظهار ڪري ٿو ته ڪئي نوان مسلمان پنهنجن
فرضن کان غافل ٿي عجمي عيش ۽ عشرت ۾ مبتلا ٿي نه
وڃن. ۽ ان دور ۾ اها اهڙي خرابي ٿئي ها جو اسلام
جي بنيادن کي ڌوڏي ڇڏي ها. پر جڏهن اسلام پکڙجي
ويو. ان جو غلب ۽ تسلط قائم ٿي ويو ته سو سالن جي
اندر انساني فطرت پنهنجو ڪم شروع ڪيو. ابن خلدون
حيرت سان ان ڳالهه جو اظهار ڪري ٿو ۽ لکي ٿو ته،
”هيءَ حيرت جي ڳالهه آهي ته شرعي علمن ۽ عقلي
علمن، سڀني ۾ عجمي عربن کان گوءِ کڻي ويا.“ جيئن
مون هاڻي چيو آهي ته هر آدرش جي ابتدائي دور ۾ ذهن
جو اهو ئي رويو هوندو آهي پر، ان رويي کي هميشه
لاءِ هڪ ابدي اصول جي شڪل ڏيڻ انساني فطرت کي
چيڀاٽڻ برابر آهي. ۽ اسان ڏسون ٿا ته اها موسيقي،
اها شاعري ۽ مصوري جيڪا اسلام جي ابتدائي دور ۾
لهو و لعب جو درجو رکندي هئي وري معاشري ۾ واپس
اچڻ لڳي. صوفي بزرگ موسيقي ذريعي معرفت الاهي حاصل
ڪرڻ لڳا. شاعري جزوِ پيغمبري بنجي وئي. مصوري، بت
پرستي جي جذبات کان علحده رهي، انساني احساسن ۽
جذبن جو اظهار ڪرڻ لڳي. اسلام جي نظامِ خيال جي
روح جو متن اهو آهي ته زندگي جي هر قدر ۾ هڪ توازن
رکيو وڃي. هر اهو قدر جيڪو اعتدال جي حد کان وڌي
وڃي لهو و لعب ٿي پوندو. ڪنهن به قدر جو اعتدال
جي حد کان وڌي وڃڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته قدرن
۽ فڪر جي نظامِ ضعيب ٿئي ويو آهي ۽ ان ۾ توازن
پيدا ڪرڻ لاءِ نئين سر غور ڪرڻ ۽ جائزي وٺڻ جي
ضرورت آهي، جيستائين معاشرو جونظام خيال صحت مند
رهي ٿو ته هر قدر ۽ هر سرگرمي ٻئي قدر ۽ سرگرمي کي
توازن سان نه صرف متاثر ڪندي رهي ٿي پر ان کي
سموري نظام سان مربوط رکي ٿي پر جيئن معاشري جو
نظام خيال صحت وڃائي ويهي ٿو ته مخصوص تخليقي
سرگرميون هر قدر تي غالب پئجي اخلاقي نظام جي گرفت
کان آزاد ٿي اقتدار جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ وٺن ٿيون.
مغلن جي زوال واري دور ۾ اسان ڏسون ٿا ته طبلچي
وزير ۽ صوبن جا حڪمران بنايا ويا ۽ اوڌ جي شاهن وٽ
اهي ماڻهو مرڪزي اهميت اختيار ڪري ويا. ان ۾ خرابي
موسيقي، مصوري شاعري يا اهڙي قسم جي ٻين تخليقي
سرگرمين ۾ نه هئي پر بيمار نظامِ خيال ان جو
ذميوار هو، جنهن پاڻ کي وقت سان گڏ بدلجڻ واري عمل
کان محروم ڪري ڇڏيو هو. ان نقطئه نظر کان جيڪڏهن
اسان جي مفڪر تخليقي سرگرمين جو جائزو وٺندا ته
هنن کي ان ۾ معنيٰ جو هڪ سمنڊ نظر ايندو.
هر فن انساني معاشري جي اجتماعي زندگي ۽ انفرادي تجربن جي
ترجماني ڪندو آهي. ”جڏهن ڪو ئي ڪلچر صحتمند هوندو
آهي ته وڏن شاعرن وٽ پنهنجن وطن وارن لاءِ تعليم
جي هر سطح تي چوڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور هوندو
آهي.“ پر جڏهن ڪلچر صحت مند نه هجي ته هر تخليقي
سرگرمي بي معنيٰ ٿي ويندي ۽ شايد ان سطح تي اسان
ان کي لهو و لعب جي زمري ۾ آڻي سگهون ٿا.ل جيڪڏهن
ڪنهن قوم جو ادب بيمار آهي، جيڪڏهن ان جو تخليقي
سرگرميون مرده آهن ته اها ڳالهه پنهنجي ليکي
تشويشناڪ آهي. ان مان دراصل ان ڳالهه جو پتو پوي
ٿو ته قوم جو ضمير سمهي پيو آهي. ان جو نظام خيال
بيمار آهي ۽ ان جي تصورِ حقيقت جي نئين سر جائزي
وٺڻ جي ضرورت آهي. پاڪستاني ادب ۽ ٻين فنون لطيفـﮧ
جي جائزي وٺڻ کانپوءِ اسان اڄ ان نتيجي تي پهتا
آهيون.
شاعرن لاءِ قرآن چوي ٿو ته، ”شاعرن جي پيروي اهي ماڻهو ڪن ٿا،
جيڪي گمراهه آهن. ڇا توهان نه ڏٺو آهي ته هو بي
مقصد هيڏانهن هوڏانهن گهمندا ڦرندا آهن. هي اُهي
ماڻهو آهن جيڪي چون ٿا اهو ڪن نٿا.“ ان جو وڌيڪ
تفصيل ڏسڻو هجي ته علامه ابن جوزي جي مشهور معروف
ڪتاب ”تلبيس ابليس“ ملاحظه ڪريو.
”شاعرن تي ابليس هي تبليس وڌي ته پاڻ تي مغرور ٿي ويا ۽
سمجهيائون ته خدا هنن کي اهڙي دانائي عطا ڪئي آهي،
جنهن کان ٻيا ماڻهو محروم آهن. تنهن ڪري توهان
ڏسندا آهيو ته شاعر ڇا لاءِ هر وقت جهنگل ۾
سرگردان ڦرندا آهن. ڪوڙ ڳالهائڻ، بهتان لڳائڻ، هجو
ڪرڻ، آبرو ريزي ڪرڻ ۽ پنهنجي بڇڙاين ۽ بدڪارين جو
اقرار ڪندا رهندا آهن. انهن بابت گهٽ ۾ گهٽ هيءَ
ڳالهه آهي ته شاعر جي ڪنهن ماڻهوءَ جي مدح ڪري ٿو
ته ان ماڻهوءَ کي اهو خوف هوندو آهي ته ائين نه
ٿئي ته هي ناراض ٿي منهنجي هجو ڪري تنهن ڪري لاچار
ٿي هن کي ڪجهه ڏئي خوش ڪري ڇڏيندو آهي. گهڻا شاعر
ڏسندءِ ته پاڻ کي اديب ٿا سمجهن ۽ ريشم جو لباس
پهري حد کان وڌيڪ ڪوڙ ٿا هڻن ۽ چون ٿا ته اسان
شراب جي جشن ۾ گلن جهڙي جسم واري ساقي جي هٿان مي
نوشي ڪندا رهندا آهيون....... الله تعاليٰ جي حضور
۾ صرف عبارت آرائي ڪنهن ڪم نه ايندي. شاعرن جي
عموماً اها خصلت آهي ته پن ڪندا رهندا آهن. آسمان
جي گردش ۽ تقدير جي مذمت ڪندا رهندا آهن ۽ ڪفر جا
ڪلما چوندا رهندا آهن.“[2]
قرآن جن ٽن ڳالهين ڏانهن اشارو ڪيوآهي، ان مان هڪ هي آهي ته
شاعرن جي پيروي گمراهي ۾ وجهي ٿي، ٻيو ته هو بي
مقصد آهن ٽيون هو بي عمل آهن. هي ڳالهه دلچسپي کان
خالي نه آهي ته اها صورت ان وقت نازل ٿي هئي، جڏهن
دشمنن حضور جن کي شاعر چوڻ شروع ڪيو هو ۽ ان وقت
جي معاشري جي سامهون شاعرن جو نمونو عهدِ جاهليت
وارن شاعرن وارو هو. انهن حالتن ۾ ضروري هو ته
قرآن ان جي وضاحت ۽ شاعري ۽ قرآن جي آيتن ۾ امتياز
پيدا ڪري. ان زماني ۾ معاشرتي حالتون ابتر هيون.
شاعر رهنمابنجي ويا هئا. انهن زندگي جي سمورن قدرن
۾ اهميت حاصل ڪري ورتي هئي. انتهائي زوال پذير
معاشري ۾ انهن جي اهميت ۽ حيثيت هر شخص کان زياده
هئي. جنهن جي هجو ڪندا هئا اهو معاشري جي نظرن ۾
ڪري پوندو هو. مدح ڪندا هئا ته ذليل معزز ٿي ويندو
هو. اعتدال کان وڌي وڃڻ جو هي عمل ان ڳالهه جي
علامت هو ته معاشرو صحتمند نه رهيو هو نظامِ خيال
۾ مختلف ڳالهين کي مربوط رکڻ جي قوت باقي نه رهي
هئي ۽ اهو هڪ هنڌ بيهي انساني خواهشن ۽ تقاضائن کي
پوري ڪرڻ جي اهليت وڃائي ويٺو هو. ان بيٺل معاشري
مان نئون نظام حيات رونما ٿيو، جنهن ان منتشر
معاشري کي يڪجهتي جي نئين رشتي سان قابو ڪري انهن
۾ زنده رهڻ ۽ زندگي گذارڻ جو نئون شعور پيدا ڪيو.
اهڙي حال ۾ ظاهر آهي اسلام انهن قدرن کي ڪيئن فروغ
ڏئي ٿي سگهيو جن جي اهو نفي ڪري رهيو هو. عهد
جاهليت جي ان زوال پذير نظام جي بت کي (جنهن ۾
شاعرن رهنما جو رتبو حاصل ڪري ورتو هو ۽ جنهن ۾
شاعري زندگي جي سڀ کان اهم سرگرمي ٿي وئي هئي) ان
سطح تي پرزا پرزا ڪري سگهيو ٿي. ضروري هو ته اهو
شاعري ۽ نظامِ خيال ۾ فرق قائم ڪري. اهو عمل ان
دور ۾ اسلام پورو ڪيو. هونئن به تخليق چاهي اُها
ڪهڙي به درجي ۽ نوعيت جي هجي، انسان جي اندر ۾ عمل
جي صلاحيت کي گهٽائي ڇڏيندي آهي، جيستائين جسم کي
حرڪت نه ڏني ويندي ان وقت تائين فڪري ۽ تخليقي عمل
چڱي طرح ٿي نه سگهندو. اهو تخليقي طلسم جو فطري
اثر آهي ته فن انسان کي بي عمل بنائي ٿو ڇڏي. پوءِ
رهنمائي جي دعويٰ اديب ۽ شاعر نه ڪڏهن ڪئي آهي نه
انهن جو رتبو آهي. مگر اسان جي بيماري معاشري ۾
اهي ئي ماڻهو رهنما ٿي ويندا آهن.
اسلام هڪ مقصد کي سامهون رکيو. اهو مقصد اجتماعي مقصد هو ۽
سموري زندگي ۽ ان جي سمورين سرگرمين کي انهن حالتن
۾ ان جو تابع بنائڻ ضروري هو. عرياني، بداخلاقي ۽
فحاشي جيڪي ان دور جي شاعري جو مزاج آهن، اسلام
لاءِ ڪيئن قابل قبول ٿي سگهيون ٿي، قرآن جيڪي ڪجهه
چيو اهودرست هو. حالتن جي تقاضا به اها هئي. آدرشي
نظام جي مزاج جي به تقاصا اها هئي پر ان ڳالهه جي
باوجود جو قرآن شاعرن جي ڪردار تي روشني وڌي آهي
پر شاعري جي ڪٿي به مذمت نه ڪئي آهي. ٻي صورت ۾
اهو عمل خود قرآن جي مزاج جي ابتڙ هو. شاعري به
اسان جي مذهب جو اهڙو ناگريز جزو آهي جيترو اذان
اسان جي ڪلچر جو جزو آهي. اهي ماڻهو جيڪي شاعري ۽
ٻين فنون لطيفه کي مذهب مان خارج سمجهن ٿا اهي
مذهب جي تهذيبي عمل کان بي خبر آهن ۽ دراصل شاعري
۽ احساسِ جمال کي صرف ۽ محض ”تبليغ“ جي تابع رکڻ
ٿا چاهن. انهن وٽ انساني احساسن ۽ تجربن، جذبن ۽
لطافتن جو ڪو به قدر ڪونهي. انهن تبليغي ماڻهن،
جڏهن حافظ شيرازي جي شاعري کي مقبوليت حاصل ٿي ان
جي علامتن ۽ رمزن- شاعر ۽سسس مينا، ساقي ۽شراب ۽
معشوق چارده ساله کي مذهب جون علامتون بنائي قبول
ڪيو. هنن وٽ شاعري ۽ ٻيا لطيف فن ان شڪل ۾ قابل
قبول ٿي سگهن ٿا. مبلغ کي فنڪار جي اشاريت پسندي
ناپسند آهي. هن جي سامهون صرف مقصد اهو آهي ته
ڪهڙي ريت براه راست اظهار ۽ جوشِ خطابت سان پنهنجي
مقصد کي اڳتي وڌائي ٿو سگهجي. ساڳيو عمل اشتراڪي
نظام ۾ ادب سان ٿي رهيو آهي ۽ اتي ادب کي مڪمل طرح
واضح مقصد جي تابع بنائڻ جي ڪوشش ٿي رهيي آهي اهو
عمل اسان جا مذهبي مبلغ پنهنجي ادب ۽ لطيف فنن سان
ڪرڻ ٿا گهرن. ادب ۾ مقصد ته ٿي سگهي ٿو پر سٺي ادب
۾ ان مقصد جي نوعيت هرگز اها نه هوندي جنهن کي
تبليغي ادب ۾ ڏسي مبلغ جوش ۾ اچي ٿو ۽ جنهن کي
عملي آدمي مقصدي تحريرن ۾ ڏسي خوشيءَ ۾ ڪپڙن ۾ نٿو
ماپي. اُتي معاملو صرف مقصد جو هوندو آهي. انساني
جذبا ۽ انهن جو شعور، انساني تجربا ۽ انهن جواظهار
ڪا معنيٰ نٿا رکن. جيڪڏهن انهيءَ نقطئه نظر کان
لطيف فنن کي ڏٺو وڃي ته انساني سرگرميون بي معنيٰ
ٿي وينديونن ۽ تخليقي قوت بي ڪار ٿي پوندي. جامع
مسجد جي صرف اها ڳالهه ته اتي نماز پڙهي وڃي، قابل
اطمينان سمجهي وڃي ته ان جي حسن ۽ دلڪشيءَ جون
باقي سموريون ڳالهيون بي معنيٰ ٿي پون ٿيون. تاج
محل جي وسعت ۽ ان جي تعمير جو فن ان مقصد جي اڳيان
بي سبب ڏسڻ ۾ اچڻ لڳندو. منهنجو خيال آهي ته ٿورو
به عقل رکڻ وارو ڪو به انسان ان ڳالهه سان مطمئن
نه ٿيندو. ان حال ۾ لطيف فنن ۽ ٻين تهذيبي سرگرمين
ڏانهن اسان جي ان روئي جو، جنهن دلين ۾ چور ويهاري
ڇڏيو آهي ۽ خوف جو ڪلف ذهنن تي هڻي ڇڏيو آهي، جو
ڪهڙو جواز باقي بچي ٿو، جن کي اسان مذهب مان خارج
ڪري لهو و لعب ۽ بڇڙو ڪم فيصل ڏنو آهي. ضرورت ان
ڳالهه جي آهي ته اسان جا مفڪر ان مسئلي تي به
پنهنجن دماغن تان ڌنڌ کي دور ڪري ۽ قوم جي تخليقي
صلاحيتن کي سڪي ٺوٺ ٿيڻ کان بچائين- رومي جي ”جانِ
جهان“ جي معنيٰ به اها آهي.
بر بند لب از گفتن تا گفت بري باري
از جان و جهان بگزر تا جان جهان ببيني
(مولانا رومي)
|