باب ڇهون
مذهب ۽ ڪلچر
(2)
اڳين باب ۾ مذهب جي تعلق سان انهن بنيادي مسئلن تي بحث ڪيو ويو
آهي، جيڪي اسان جي نسل کي درپيش آهن. هاڻي اسان هن
باب ۾ ڏسنداسين ته گذريل سو سالن ۾ مذهبي سطح تي
اسان ڇا ڪيو ۽ اسان جو فڪر ڪهڙن رستن کي لتاڙيندو
ڪٿي پهتو آهي. اها ڳالهه ان ڪري ضروري آهي جيئن
پنهنجن ذهنن کي صاف ڪري پاڪستان ڪلچر جي تشڪيل جي
سلسلي ۾ اسان بنيادي فيصلا ڪري سگهون.
مولوي مملوڪ علي جا ٻه شاگرد هئا، هڪ سرسيد احمد خان ۽ ٻيو
مولانا محمد قاسم ٿانوي. ٻنهي برصغير جي مسلمانن
کي زوال جي کڏ مان ڪڍڻ لاءِ ٻن علحده ادارن جو
بنياد وڌو. دارالعلوم ديوبند مولانا قاسم جو
يادگار آهي. مسلم يونيورسٽي علي ڳڙه سرسيد جو.
دارالعلوم ديوبند ۽ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙه جي
تاريخ دراصل برصغير جي مسلمانن جي جديد تاريخ جو
روح آهي. برصغير جي مسلمانن مذهبي، معاشرتي،
تهذيبي، تعليمي ۽ سياسي حيثيت سان جيڪي ڪجهه حاصل
ڪيو يا وڃايو اهو سڀ ڪجهه انهن ٻنهي ادارن جي فيض
سبب آهي. اهي ٻئي ادارا وڻ جي ٻن پاڙن جي حيثيت
رکن ٿا. باقي ان جون شاخون آهن. ديوبند جو بنياد
ان تي رکيل آهي ته مسلمانن جي ترقي جي واحد صورت
هي آهي ته اُهي اسلام جي تعليم تي مضبوطي سان قائم
رهن. خدا ۽ رسول جي حڪمن جي پيروي ڪن. پنهنجي دين
۽ معاشرت جي حفاظت ڪن. هندن سان گڏ رهڻ سهڻ ڪري
هنن جي زندگي ۾ جيڪي غير اسلامي عنصر شامل ٿي ويا
آهن. انهن کي ڪڍي ڦٽو ڪن ۽ خالص اسلامي عنصرن
ڏانهن موٽي اچن. اهي خالص اسلامي عنصر ڪهڙا آهن؟
ان جي وضاحت هيءَ ڪئي وئي آهي ته اسلام جا اُهي
بنيادي اصول جن جو تعلق ڪتاب ۽ سنت سان آهي انهن
تي عمل ڪيو وڃي، جيئن مسلمانن ۾ وري مذهبي جوش ۽
جذبو پيدا ٿي سگهي ۽ هو دين ۽ دنيا جي اعتبار کان
اهڙي ترقي ڪري سگهن جهڙي خلفائي راشدين جي زماني ۾
اسلام ڪئي هئي، اسان ڏسون ٿا ته ان ساري تحريڪ جو
مقصد انهن ڳالهين جي تجديد آهي، جيڪي اسان کي
خلفائي راشدين وٽ نظر اچن ٿيون. ان جو نتيجو اهو
ٿيو ته هنن هر ان ڳالهه کي جيڪا اسلام جي خالص
روايت سان وابسته نه هئي، خارج ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.
انگريزي تعليم حرام ڪوٺي وئي. انگريزي شيون ۽ خيال
شڪي نگاهن سان ڏٺا ويا. درس نظامي کي تعليم جو
نظام مقرر ڪيو ويو. ان تحريڪ جو نتيجو اهو ٿيو جو
مسلمان جديد زماني جي ضرورتن کان پري رهجي ويا. هر
تعليم جو طريقو انساني طرز فڪر ۽ عمل کي متاثر ڪري
ٿو. جيڪڏهن ڪنهن تعليم جي طريقي جي اثرن کي ڏسڻو
هجي ته انهن ماڻهن ۾ ڏسو جيڪي ان جي اثر هيٺ وڏا
ٿيا آهن. ديوبند تحريڪ ان نقطئه نظر کان عام طرح
اهڙا ماڻهو پيدا ڪيا، جن جي اندازِ فڪر ۾ اها
ڳالهه نه هئي جنهن سان اسلام جي ڪم کي نون زاوين
کان اڳتي وڌايو وڃي ۽ ان کي جديد ضرورتن مطابق ڏٺو
۽ سمجهيو وڃي ها. انهن ۾ گهڻا ئي اهڙن ماڻهن جي
هئي، جيڪي ڪنهن محلي جي مسجد جا پيش امام ٿي سگهيا
ٿي. ان تعليم جي طريقي ۾ بنيادي خرابي اها هئي ته
ان ۾ مذهب جي عقيدن کي هڪ جامد ۽ ساڪت شي سمجهيو
ٿي ويو ۽ انهن ۾ ارتقا ۽ تبديلي جو تصور ئي پيدا
ٿي نه ٿي سگهيو- ڪنهن دور ۾ رهندي ان دور کان
اکيون بند ڪري ڇڏڻ- هيءَ تحريڪ ان معنيٰ ۾ مفيد
هئي ته ان اسلام جي غير اسلامي تصورن کي (جيڪي هڪ
هزار سال جي رهائش ۽ نون مسلمانن سبب معاشري ۾
پيدا ٿي ويا هئا) خارج ڪرڻ ۾ مفيد ڪم ڪيو پر ان
کان سواءِ ذهني طرح ڪوئي اهڙو فڪري انقلاب پيدا نه
ڪيو هو، جنهن جي ڪري مسلمانن ۾ فڪر جي نون زاوين،
حيات ۽ ڪائنات جي نون مسئلن تي ويچار ڪرڻ جي
صلاحيت پيدا ٿي سگهي ها. هنن مسلمانن جي زوال جي
سببن کي ائين ته بيان ڪيو ته اسان ڪتاب ۽ سنت تي
عمل ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي ان ڪري اسان گمراه ۽ رسوا
آهيون پر ان ڳالهه تي غور ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه
ڪئي ته آخر اسان قرآن ۽ سنت تي عمل ڪرڻ ڇو
ڇڏيو آهي؟ ان سوال جو جواب اصل بنيادي ڳالهه آهي.
ان تحريڪ جو اثر فروعي هو. تعليم يافته مسلمانن تي
ان تحريڪ جو ايترو به اثر نه پئجي سگهيو، جيترو
ندوه جي تعليم جي طريقي وڌو هو. ان تحريڪ مسلمانن
۾ اسلامجي اهميت کي ته اُجاگر ڪيو پر فڪر جي سطح
تي ڪو ئي مفيد ڪم سرانجام نه ڏئي سگهي. اها برصغير
جي اسلامي تحريڪ ۽ تجديد اسلام جي هڪ انتها پسند
تحريڪ هئي.
ٻي تحريڪ سر سيد جي مرهون منت آهي. هو به مسلمانن جي زوال جو
سبب اسلام کان پري وڃڻ ٻڌائي ٿو مگر هو ان منزل تي
گهڻي ڏور رستي تان پهچي ٿو. هن ڏٺو ته مسلمان
انگريزين جا غلام ٿي چڪا آهن ۽ اهو به ڏٺو ته
انگريز انهن وحشي قومن کان گهڻو مختلف آهن، جيڪي
تواريخ جي قديم دورن ۾ مهذب قومن کي تباهه ڪنديون
رهيون آهن. تنهن ڪري هنن جي غلبي جا سبب ۽ نتيجا
به وحشي قومن جي غلبي کان علحده آهن. هن ڀيٽي غور
ڪيو ته مسلمانن جي عروج ۽ انگريزن جي اقتدار ۾
ڪنهن حد تائين هڪ جهڙائي آهي هو ان ڀيٽ جي مدد سان
ان نتيجي تي پهتو ته مسلمان جي عروج جو سبب اسلام
هو ۽ اسلام قومن جي عروج ۽ زوال جي ازلي ۽ ابدي
قانون ۽ اصولن جو مجموعو آهي. انگريزن جي ترقي به
دراصل انهن قانونن ۽ اصولن تي هلڻ سبب ٿي آهي.
مسلمانن جي زوال جا سبب انهيءَ منطق مطابق پيدا
ٿيا آهن. سرسيد انهن سڀني جو نچوڙ هي ڪڍيو ته هاڻي
مسلمانن جي ترقي جي صورت صرف هڪ ئي آهي ۽ اها هيءَ
ته انگريزن کان وري علم ۽ حڪمت حاصل ڪن، جيڪي ڪنهن
زماني ۾ مغربي قومن مسلمانن کان حاصل ڪيا هئا، ان
نقطئه نظر جي توهان ديو بند تحريڪ جي نقطئه نظر
سان ڀيٽ ڪريو ته توهان کي اندازو ٿيندو ته اهي ٻئي
خيال هڪ ٻي جي ابتڙ آهن. جڏهن سرسيد اهو چوي ٿو ته
اسلام ئي مسلمانن جي ڏک سک جي دوا آهي ته هن جو
مقصد مروجه اسلام نه آهي، پر اهو اسلام، جنهن کي
هن نقطئه نظر کان، مغربي قومن عربن کان حاصل ڪيو ۽
پوءِ ترقي وٺرائي ايترو بلند ڪيو جو خود مسلمان ان
کي سڃاڻڻ کان قاصر رهجي ويا. سرسيد پنهنجي تحريڪ
کي ٻن بنيادن تي قائم ڪيو. هڪ جو تعلق خيال ۽
نظرين سان هو ۽ ٻئي جو عملي ضرورتن سان. پوئي مان
هن جو تعليمي منصوبو ۽ معاشرتي اصلاح جو پروگرام
نروار ٿيو ۽ پهرين مان قرآن جو ”تفسير جديد“ وجود
۾ آيو. پهريان نظرياتي پهلو کي ڏسو.
سرسيد جي تفسير جو سڀ کان پهريون اصول عقل آهي. ان عقل مان
فائدي جو اصول پيدا ٿو ٿئي. سرسيد وٽ اسلام جو هر
عقيدو عقل مطابق آهي. ذات باري جي اقرار کان وٺي
حشر و نشر تائين هو، سڀني مسئلن کي انهيءَ عقل جي
تارازي ۾ توري ٿو. هن جو چوڻ آهي ته مذهب جي جيڪا
ڳالهه عقل مطابق نه هجي اها رد ڪرڻ جي لائق آهي.
ان ڪري هو عقيدن سان واسطو رکندڙ هر ڳالهه جي عقلي
تاويل ٿو ڪري. خدا هن وٽ علت اوليٰ آهي. ملائڪ،
انسان ۽ ڪائنات هن جون اُهي باطني قوتون آهن، جن
کي خدا انسان جو طابع بنايو آهي. ان جي برعڪس
شيطان اُها قوت آهي جيڪا انسان جي تابع نه آهي،
جنهن کي تابع بنائڻ انسان جو پهريون فرض آهي.
مغربي فڪر ۾ اهي نظريه مارٽن لوٿر جي زير اثر داخل
ٿيا. عقل ۽ فائدي جا اصول بيڪن ڏنا.
عقيدن کانپوءِ اهي اصول اخلاق ۽ ادب سان لاڳو ٿين ٿا، جن جي
مجموعي مان معاشرت پيدا ٿئي ٿو. بهترين اخلاق اُهو
آهي، جيڪو عقل مطابق هجي ۽ جنهن مان نه صرف عمل
ڪندڙ کي فائدو رسي پر ٻين ماڻهن کي به فائدو پهچي.
معاشري جون اُهي رسمون ۽ رواج جيڪي ان ڪسوٽي تي
پورا نه آهن بيڪار آهن ۽ بي عقلي ۽ جهالت سبب پيدا
ٿيا آهن، انهيءَ ڪري انهن کي ترت ترڪ ڪرڻ گهرجي.
مولانا حالي ان نظرئي کي ادب سان لاڳو ڪيو ۽ ادب ۽
شاعري بابت اهو نظريو بيان ڪيو ته انهن مان
انفرادي ۽ اجتماعي طرح انسانن کي فائدو پهچڻ
گهرجي. بهترين ادب به اهو آهي، جيڪو عقل مطابق هجي
۽ مفيد هجي. سرسيد عقل ۽ فائدي جي ان اصول کي
اسلام جي تاريخ تي ڦهلايو ۽ قرآن، حديث ۽ ٻين
مذهبي علمن مان پنهنجي خيالن جي تائيد ۾ قول ۽ فڪر
تلاش ڪري هڪ نئين علم ڪلام جو بنياد رکيو.
هاڻي سر سيد جي علمي تحريڪ کي ڏسو. ان ۾ بنيادي طرح ٻه ڳالهيون
شامل هيون. هڪ تعليمي منصوبو ۽ معاشرتي اصلاح جو
پروگرام. جيئن مون هن کان پهريان چيو آهي ته سرسيد
جي اڳيان مسلمانن جي ترقي جو واحد ذريعو هي هو ته
هو انگريزن جي آندل علم ۽ فن کي سکن ۽ ان ڳالهه جي
تلقين هن ان ڪري ڪئي ٿي ته اهي اُهي علم ۽ فن آهن،
جيڪي پهريان مغربي قومن مسلمانن کان سکيا هئا.
اسان انهن کي وساري ڇڏيو ۽ خرافات ۾ مبتلا ٿي
وياسين. انگريزن انهن مان فائدو ورتو ۽ انهن کي
ترقي ڏئي پاڻ ترقي حاصل ڪري ويا. ان سان گڏ سر سيد
احمد کي ان ڳالهه جو احساس هو ته مسلمان انگريزن
کان بدنظن آهن ۽ انگريز به مسلمانن کي پنهنجو دوست
نٿا سمجهن بلڪه انهن کي باغي تصور ڪن ٿا. سر سيد
احمد نهايت همت سان انگريزين ۽ مسلمانن جي وچ ۾
بدظني ۽ نفرت جي ان ويڇي کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن ”رسالـﮧ اسباب بغاوت هند“ لکي اهو ثابت ڪيو ته
غدر جو هنگامو انگريزن جي پنهنجي بيوقوفي جو نتيجو
هو ۽ ڪجهه شور پسند ماڻهن جي سزا سڄي قوم کي نه
ملڻ گهرجي. ٻي طرف هن مسلمانن کي هن ڳالهه جو قائل
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انگريز هڪ نهايت امن پرور قوم
آهي ۽ سڀني انسانن کي جمهوري نظام ذريعي مادي حق
ڏيڻ جي خواهان آهي. ان ڪري اسان کي اهڙي اعليٰ صرف
قوم جي زير نگراني ترقي جي راهه طي ڪرڻ ۾ تاخير نه
ڪرڻ گهرجي.
ترقي جو پهريون ڏاڪو انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ هو. انگريزي تعليم
حاصل ڪرڻ جا ٻه فائدا هئا. هڪ هي ته انگريزي تعليم
حاصل ڪيل مسلمان سرڪاري نوڪريون حاصل ڪري سگهندا ۽
ٻيو ته انگريزي تعليم حاصل ڪيل مسلمان سائنس سکي
سگهندا. سر سيد چيو ته علي ڳڙه مدرسي جي قائم ڪرڻ
جو مطلب هي آهي ته، ”هڪ هٿ ۾ قرآن، ٻئي ۾ سائنس ۽
مٿي تي لا الله جو تاج“.
معاشرتي اصلاح جو ڪم عقل ۽ فائدي جي اصول تي شروع ڪيو ويو. شادي
جون رسمون فضول آهن. انهن مان ڪو به فائدو نه آهي.
ڏڻ ملهاڻ اجايا آهن. عيد تي سيون نه بنائڻ گهرجن.
شب برات جو حلوو غير اسلامي ڳالهه آهي. صرف اهو نه
پر سرسيد اهو به ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسلام جن
ظاهري عملن جي تعليم ڏئي ٿو اهي سڀ بي عقلي ۽
فائدي وارا آهن، ايتريقدر جو عبادتون به. وضو سان
جسم جي صفائي رهي ٿي. روزي سبب ماڻهوءَ جي صحت
سالم رهي ٿي. نماز جي ڪري تنظيم پيدا ٿئي ٿي ۽ هڪ
ٻي سان ميل ميلاب وڌي ٿو.
معاشرتي اصلاح جو سڀ کان خطرناڪ پهلو هيءُ هو ته سر سيد کي
انگريزن جي رهڻي ڪرڻي جا سمورا طريقا عقلي ۽ فائدي
وارا ٿي لڳا ۽ اُهي هن کي مسلمانن جي رهڻي ڪرڻي جي
مقابلي ۾ زياده بهتر ڏسڻ ۾ ٿي آيا. هن انهيءَ
ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نه صرف انگريزي علم، فن ۽
انگريزي سائنس پر انگريزن جي اٿڻي ويهڻي به اسلامي
آهي. ڪوٽ پتلون پائڻ، ڇري ۽ ڪانٽي سان کائڻ اسلامي
ڪوٺيا ويا. گردن مروڙيل پکي جو کائڻ اسلامي اعتبار
کان جائز ٿيو. سرسيد جي سياست کي صرف هڪ جملي ۾
بيان ڪري ٿو سگهجي، ”ملڪئه معظمـﮧ جي جمهوريت
نواز ۽ امن پسند حڪومت جي جهنڊي هيٺ ترقي جي رستي
تي هلڻ جي آزادي.“
سرسيد جي ساٿيڻ ۾ مختلف خيالن جا ماڻهو هئا. ڪجهه ماڻهو هن جي
مذهبي عقيدن جي خلاف هئا، مگر معاشرتي اصلاح جي
موافق هئا. ڪجهه تعليمي منصوبي جا حامي هئا مگر
باقي ڳالهين کي قبول نه ڪندا هئا. ڪجهه چوندا هئا
ته دنوي علم ته جديد سيکاريا وڃن مگر ديني علم
قديم ئي رهڻ گهرجن. مولانا شبلي به انهيءَ خيال
واري گروه ۾ شامل هو. پهريان هو سرسيد سان انهيءَ
خيال سبب شريڪ ٿيو پر ڪجهه ڏينهن ۾ انهيءَ نتيجي
تي پهتو ته انگريزي تعليمي مان اُهي نتيجا نه نڪري
رهيا آهن، جن جي قوم کي اميد هئي. ان ڪري سرسيد جي
تحريڪ کان ڇڄي پاڻ هڪ تحريڪ جو باني بنيو ۽ ندوه
جو بنياد وڌائين.
شبلي ڪٽر قسم جو مسلمان هو مگر جديد حالتن جي پيش نظر هندو مسلم
اتحاد ۽ قومي تحريڪ جو گهڻو قائل هو. هن وٽ
انگريزن کان نجات حاصل ڪرڻ جو واحد طريقو هي هو ته
قومي تحريڪ کي ترقي ڏني وڃي ۽ مسلمان ان کان پري
نه رهن. ان سبب هو مسلم ليگ جي خلاف هو. پر
مسلمانن ۽ هندن جو پائدار امن ان وقت تائين ممڪن
نه هو جيستائين ٻنهي قومن کي بنيادي طور هڪ ٻئي جي
ويجهو نه آندو وڃي ۽ مذهب ۽ ملت جي شديد فرق ۽
امتياز ۾ ويجهڙائي نه پيدا ڪئي وڃي. اهو ڪم شبلي
جي معنوي فرزند مولانا ابوالڪلام آزاد سر انجام
ڏنو.
مولانا ابوالڪلام آزاد به سرسيد وانگر اسلام کي نئين نموني
سمجهڻ سمجهائڻ جو طريقو اختيار ڪيو. هن جي خيالن
جي بنياد جو خلاصو هي آهي ته دنيا جا سمورا مذهب
سچا آهن ۽ انهن جي بنيادي تعليم هڪ آهي. اهي سڀ
انسانن کي خير جي تعليم ڏين ٿا ۽ شر کان پري رهڻ
جي تلقين ڪن ٿا. خير ۽ شر جا اصول سڀني مذهبن ۾
ساڳيا آهن. تنهن ڪري انهن سڀني ساڳين ڳالهين جي
بنياد تي اسان هڪ اهڙي سچي مذهب کي ڳولي سگهون ٿا،
جيڪو موجوده حالتن مطابق به هجي ۽ جنهن کي اسان
عقل ۽ دليل جي روشني ۾ اختيار ڪري ترقي به ڪري
سگهون. مولانا آزاد وٽ اهو سچو مذهب اسلام آهي،
ڇاڪاڻ اسلام عقل مطابق آهي ۽ اسلام جا اصول سڀني
انسانن لاءِ فائدي وارا آهن. اسلام کي هڪ سچو مذهب
۽ جديد ضرورت مطابق ثابت ڪرڻ لاءِ مولانا اسلام جي
ڀيٽ ٻين مذهبن سان ڪئي ۽ ٻڌايو ته ٻيا مذهب سچا ۽
بنيادي طرح هڪ هئڻ جي باوجود مقامي ۽ وقتي آهن.
گهڻو حصو انهن جو اهڙن احڪامن وارو آهي، جيڪو ڪنهن
خاص قوم سان خاص موافقت رکي ٿو مثلاً عيسائيت صرف
بني اسرائيل لاءِ آهي. ويدانت صرف مٿين ذات وارن
هندن لاءِ آهي. هن اهو به ثابت ڪيو عيسائيت ۽
ويدانت وغيره جا اصول بدلجندڙ زماني جو ساٿ نٿا
ڏئي سگهن. ان جي ابتڙ اسلام جو خطاب سمورن انسانن
سان آهي ۽ ان جا اصول ابدي حيثيت ٿا رکن. ڄڻ اسلام
سڀني مذهبن جو مجموعو به آهي ۽ انهن جي اوڻاين کي
دور ڪندڙ به. ان دعويٰ کي ثابت ڪرڻ لاءِ هن اسلام
جا اصل اصول مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ٻڌايو ته
اسلامي تعليم جا ٻه رخ آهن، مڪاني اعتبار کان به
زماني جي اعتبار کان به. مڪاني اعتبار کان صرف اها
تعليم آهي، جيڪا عربن لاءِ هئي ۽ ٻي اها تعليم
جيڪا سڄي دنيا جي انسالن لاءِ هئي. زماني جي
اعتبار کان هڪ ته اهي احڪام هئا، جيڪي عهد رسالت
لاءِ هئا ۽ ٻيا اُهي احڪام جيڪي ابد تائين هئا.
انهن بنيادي ڳالهين کان سواءِ مولانا ان سچي مذهب
جي سياست پي متعين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها سياست
به موجوده حالتن جي عين مطابق آهي. پهريون اصول هي
آهي ته جابر حاڪم جي خلاف جهاد باللسان ۽ جهاد
بالعمل. ٻيو اصول هي آهي جابر حاڪم خلاف محڪومن جو
اتحاد پوءِ ڇو نه هو جزوي ڳالهين ۾ هڪ ٻئي سان
خيال ۽ عمل جواختلاف رکندا هجن. پهرين اصول هيٺ هو
اسلامي تعليم ۾ حق گوئي، بيباڪي، سچ جي ڪلمي جو
اعلان، شجاعت وغيره کي بيان ڪري ٿو ۽ حسين کي
اسلام جو نمونو ڪوٺي ٿو. ٻي اصول هيٺ هو هندومسلم
اتحاد تي زور ڏئي ٿو. هن وٽ اسلام هڪ جمهوري مذهب
آهي، جيڪو مظلوم انسانن جي حمايت لاءِ آيو آهي. ان
جي تاريخ آدم کان شروع ٿئي ٿي ۽ رسول ڪريم تي مڪمل
ٿئي ٿي. هو نمرود، فرعون ۽ شداد وغيره کي ڪفر ۽
طاغوت جو مظهر ۽ حضرت ابراهيم، موسيٰ وغيره کي
اسلام ۽ ايمان جو مظهر سڏي ٿو. اهڙي طرح اهو نتيجو
ڪڍي ٿو ته انگريزن جي طاغوتي حڪومت جي خلاف مظلوم
انسانن جي جدوجهد، جنهن ۾ مسمان ۽ هندو ٻئي شامل
آهن، اسلامي جهاد جي حيثيت رکي ٿي.
پين اسلامزم جو باني جمال الدين افغاني هندوستان ۾ ٻه سال قيام
ڪري چڪو هو. ابوالڪلام آزاد جي خيالن تي ان جو اثر
به نمايان آهي، جمال الدين افغاني اسلام جو لازمي
شرط غلبي ۽ اقتدار (استحلات ني الارض) کي ڪوٺي ٿو.
هن جو منطق هي آهي ته مسلمان اسلام تي عمل ڪري
دنيا جا حاڪم بنجي ويا. پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته
اهي ئي مسلمان انهن ئي احڪامن تي عمل ڪن ۽ حڪومت ۽
اقتدار هنن جي هٿن ۾ نه هجي. علامه مشرقي پنهنجي
نظرئي جي ابتدا انهيءَ خيال سان ڪئي ۽ پوءِ اسلام
جي سمورن عقيدن ۽ عبادتن جي تشريح انهيءَ نقطئه
نظر سان ڪئي. هو اسلام کي آمريت جي صورت قرار ٿو
ڏئي. علامه نماز، روزو، حج سڀني کي فوجي تربيت
سمجهي ٿو ۽ امير جي اطاعت کي اسلام جو بنيادي اصول
چوي ٿو.
هاڻي سر سيد کان وٺي علامه مشرقي تائين اسلام کي ڏسو ته اهي
تاويلون هڪ ئي درخت جون مختلف شاخون آهن. علامه
اقبال انهن شاخن مان رنگين گل ڇني انهن جو هڪ
گلدستو تيار ڪيو ۽ ان جي ڪلام مان اسلام جي انهن
رنگا رنگ تشريحن جي تاريخي حد بندي ٿي وڃي ٿي. داغ
جي رنگِ غزل واري شاعري ڇڏي جڏهن هو نظم واي شاعري
ڏانهن آيو ته هن تي قومي خيالن جو غلبو هو. ”نيا
شواله“ جا بنيادي قدر اهي ئي آهن، جيڪي ابوالڪلام
جي ”سچن مذهبن“ جا آهن. ان کانپوءِ هو اسلام ڏانهن
وڌڻ لڳو هن جي فڪر جي پهرين شڪل سادي سودي آهي.
”مسلمان ڪلهه تائين بادشاهي ڪري رهيا هئا، اڄ غلام
آهن، افسوس ان جو ڪو به حل ڪونهي.“ حالي وانگر ۽
ان جي اثر هيٺ اقبال به خوب روئي رئاري ٿو. ان
کانپوءِ هو سر سيد وانگر ان نتيجي تي پهچي ٿو ته
تلوار جو زمانو ويو ۽ مسلمان طاقت جي ذريعي مغربي
قومن جو مقابلو نٿا ڪري سگهن. ان ڪري هاڻي مسلمانن
جي ترقي جي ڪا صورت آهي ته اها علمي ۽ فڪري ميدانن
۾ آهي. هتي اقبال اهو وساري ويٺو آهي ته علمي ۽
فڪري ترقي ڪلچر ۽ ان جي تصورِ حقيقت کان جدا ڪا شي
نه آهي. جيستائين انهن ميدانن ۾ سبقت نه حاصل ڪبي
علمي ۽ فڪري منزلون به ماڻي نه سگهبيون. اقبال
علمي ۽ فڪري مسئلن کي ڪلچر کان جدا ڪري سمجهڻ جي
ڪوشش ڪئي ۽ اها هن جي بنيادي غلطي هئي جڏهن هو چوي
ٿو.
هو چڱا گو قوم کي شانِ جلالي ڪا ظهور
هي مگر باقي ابهي شانِ جمالي ڪا ظهور
ته اهو اهائي فڪري غلطي ٿو ڪري.
”شڪوه“ جو بنيادي خيال به اهو آهي ته مسلمان اسلام تي هلڻ جي
باوجود حڪومت کان ڇو محروم ٿي ويا ۽ انگريز غير
مسلم هئڻ باوجود حاڪم ڪيئن بڻجي ويا.
رحمتين هين تيري اغيار ڪي ڪاشانون پر
برق گرتي هي تو بيچاري مسلمانون پر
”جواب شڪوه“ ۾ هو سر سيد وانگر ان نتيجي تي پهچي ٿو وڃي ته
انگريزن جي ترقي جو سبب هي آهي ته هو اسلامي اصولن
تي عمل ڪري رهيا آهن ۽ مسلمانن جي زوال جو سبب هي
آهي ته هن اسلامي اصولن کي ڇڏي ڏنو آهي.
ع مسلم آئين هو ڪافر تو ملي حور و قصور ”خضرِ راه“ ۾ هن جي فڪري
ڪشمڪش وڌيڪ تفصيل سان موجود آهي. ڏسڻ وٽان ڳالهه
هيءَ آهي ته هو روس جي انقلاب کي ڏاڍي دلچسپي سان
ڏسي رهيو آهي.
اي ڪه تجهه ڪو ڪها گيا سرمايه دار حليه گر
شاخِ اهو پر رهي صديون تلڪ تيري برات
ديو استبداد جمهوري قبا مين پائي ڪوب
تو سمجهتا هي ڪه آزادي ڪي هي نيلم پري.
جمال الدين افغاني جي اثر ڪري پين اسلامزم به هن جي گلدستئه فڪر
۾ موجود آهي.
ايڪ هو مسلم حرم ڪي پاسباني ڪي لئي
نيل ڪي ساهل سي ليڪر تابه خاڪي ڪا شغر
اتان اقبال وٽ وطن پرستي جي مخالفت جي لهر پيدا ٿئي ٿي. سوال
اهو آهي ته انگريزن جي غلامي ۽ هندن جي گهڻائي جي
غلبي کان تحفظ ڪيئن ٿئي. جمهوريت کي قبول ڪيو وڃي
ته هندن جي گهڻائي هر حال ۾ غالب رهندي، ان ڪري
علامه مشرقي وانگر جمهوريت کان پاسو ۽ آمريت جي
حمايت. عزيز احمد لکيو آهي ته ”قوت پرستي اقبال جي
هڪ شخصي ڪمزوري هئي.“ پر مان سمجهان ٿو ته ان جو
تعلق اقبال جي شخصيت سان نه آهي. هي خالص نظرياتي
ڳالهه آهي جيڪا حالتن سان گڏ پيدا ٿي ۽ وڌي. اسان
ڏسون ٿا ته اسرارِ خودي ۾ اقبال قوت ۽ زندگي جي
پيغمبر نطشي جي وڌيڪ قريب ٿي وڃي ٿو. اقبال وٽ
اسلام جو روح ”خودي“ آهي. انفرادي خودي ۽ اجتماعي
خودي- جنهن فرد جي خودي جيتري مستحڪم هوندي ايتري
قدر هو ٻين ماڻهن کان بلند هوندو. ساڳي طرح جنهن
قوم جي خودي سڀ کان بلند هوندي اها قوم سڀني تي
غالب هوندي. ان ڪري اقبال اسلامي عقيدن، اخلاق ۽
عبادتن جي تشريح ان زاويي کان ڪئي آهي. دراصل اهو
هڪ جديد مابعد الطبيعات جو آغاز آهي. اقبال وٽ
ڪائنات هڪ جوهر فرده مان پيدا ٿي آهي ۽ اهو جوهر
فرده خدا آهي. اهو جوهر هر موجود شي جو اصل آهي.
جنهن شيءِ ۾ جوهر جيترو قوي هوندو اوترو ئي اها شي
ٻين شين تي غلبو رکي ٿي مثلاً هماليه پهاڙ جي خودي
نهايت مضبوط آهي ان ڪري جو اهو سڀني کان مضبوط آهي
۽ صدين کان قائم ۽ دائم آهي ان ڪري اقبال مسلمانن
کي به پهاڙ وانگر بنائن ٿو گهري. سر سيد ۽ علامه
مشرقي وانگر هاڻي هو نماز، روزي، حج وغيره جي
تشريح پنهنجي زاويي سان ڪري ٿو. هن وٽ اهي سڀ
عبادتون خودي کي مضبوط بنائڻ جو ذريعو آهن. هي
جديد مابعد الطبيعات مبهم ضرور آهي پر آهي دراصل
هي به خالص عقلي ڳالهه! سر سيد جي ”علتِ اوليٰ“
وانگر ”جوهر فرده“ به هڪ اهڙي شي آهي، جنهن کي
منطق سان ثابت ڪري سگهجي ٿو. سر سيد جي زماني ۾
فائدي جو مطلب هو هر اهو ڪم، جنهن سان مسلمانن جي
مالي حالت سڌري سگهي. اقبال وٽ افاده جو مطلب آهي
هر اهو ڪم جنهن سان مسلمان ٻين تي غلبو حاصل ڪري
سگهن. اقبال جو نظريئه فن به اتان پيدا ٿو ٿئي. |