باب اٺون
مشترڪ ڪلچر، مشترڪ زبان
اڳين صفحن ۾ اسان انهن بنيادي ڳالهين جو جائزو ورتو آهي، جن جي
بنياد تي اسان نئين فڪر جي تخليق ۽ هڪ اهڙو ڪلچر
ٺاهي سگهون، جيڪو هڪ طرف جديد تقاضائن سان ٺهڪي
اچي ۽ ٻي طرف پنهنجين روايتن سان پوري طرح وابسته
هجي، جنهن کي اسان صحيح معنيٰ ۾ قومي ڪلچر جو نالو
ڏئي سگهون. هن باب ۾ اسان زبان جي تعلق سان
پاڪستاني ڪلچر جو جائزو وٺنداسين ۽ ڏسنداسين ته
زبان ان سلسلي ۾ ڪهڙو عمل ڪندي آهي ۽ اسان وٽ ڪهڙو
عمل ٿي رهيو آهي.
زبان هڪ اهڙو بنيادي ادارو آهي، جنهن کي انسان جي معاشرت پسند
طبيعت تخليق ڪيو آهي. زبان بنيادي طرح انسان جي
معاشرتي ضرورتن کي پوري ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي. زبان
نه هجي ته سمورو معاشرو گونگو ۽ ٻوڙو هجي. نه ڪو
ڪنهن سان ڳالهه ڪري نه ڪو ئي ڪنهن جي ڳالهه ٻڌي.
نه معاشرت پيدا ٿئي نه ڪلچر ترقي ڪري. دنيا جا
سمورا ڪم بيهجي وڃن ۽ زندگي گهارڻ اوکي ٿي پوي.
زبان ئي هڪ اهڙو وسيلو آهي، جنهن جي سهاري هڪ
انسان ٻي انسان جي تجربن، خيالن، احساسن ۽ جذبن ۾
شريڪ ٿئي ٿو ۽ ان عمل سان هن جي طرزِ فڪر و عمل ۾
هڪ جهڙائي پيدا ٿئي ٿي. طرزِ فڪر و عمل جي اها هڪ
جهڙائي ڪنهن معاشري ۾ تهذيبي معاشرتي يڪجهتي پيدا
ڪري هڪ مشترڪ ڪلچر کي جنم ڏئي ٿي.
زبان علامتن جو مجموعو آهي. انهن علامتن کي اسان لفظن جو نالو
ڏيون ٿا. هر لفظ جيڪو ڪنهن جي واتان نڪتو آهي، ان
ڪنهن کان سکيو آهي هو ان کي پهريان به ڪيترا ڀيرا
استعمال ڪري چڪو آهي. لفظن کي خيال جي علامت طور
اسان محض ان ڪري اختيار ڪيو آهي ته ٻيا ماڻهو به
ان کي استعمال ڪن ٿا. خيال ۽ تجربي جي اها ئي اها
روايت آهي جنهن ۾ ڪنهن زبان ڳالهائيندڙن جو سمورو
ماضي، انهن جي احساس ۽ جذبن جي سموري تاريخ ٻي نسل
کي ورثي ۾ ملي ٿي ۽ هر نسل ان زبان ۾ پنهنجي مزاج
۽ صلاحيتن جي گرمي شامل ڪري ٻي نسل کي ڏي ٿو. زبان
هڪ اهڙو مڪمل ۽ مشترڪ اظهار جو ذريعو آهي جوٻيو ڪو
ئي وسيلو ان جي برابر نه آهي. اهو ئي اهو فرق آهي
جيڪو انسان ۽ جانور ۾ تفاوت ڪري ٿو. جانورن جي
زبان ڪنهن نفسياتي ڪيفيت جو يڪدم اظهار آهي. ان
اظهار جو دارو مدار ڪنهن شعوري ارادي سان مخصوص
معنيٰ بيان ڪرڻ نه هوندي آهي پر انهن جي زبان
مخصوص حالت يا ردِ عمل جو درجو رکي ٿي. ان ڪري
انهن جو ردِ عمل صرف ۽ محض ڪنهن حالت جو يڪدم
اظهار هوندو آهي پر ان جي برخلاف انسان جي زبان ۾،
جيڪا لفظن ذريعي اظهار جو ذريعو اختيار ڪري ٿي،
معنيٰ هوندي آهي. واقعن جي رشتن کي ملائي سوچڻ جي
عمل جو اظهار هوندو آهي، ان ڪري لفظ ٻين ۾ اها
گرمي ۽ اهو اثر پيدا ڪري سگهن ٿا، جيڪو ڳالهائڻ
واري پنهنجن جذبن، خيالن يا احساسن ذريعي لفظن ۾
سمايو آهي. زبان جيئن ته معاشرت جو سڀ کان اهم ۽
اثرائتو ذريعو آهي. ان ڪري انساني ضرورتنن ۽ تجربن
۾ جيئن جيئن اضافو ٿيندو ٿو وڃي زبان به ان سان گڏ
ترقي ڪندي ٿي وڃي. ان حال ۾ جيڪڏهن ڪنهن معاشري وٽ
مشترڪ اظهار جو ڪو وسيلو نه آهي يا اهو وسيلو
ڪمزور آهي ته ان جي معنيٰ هيءَ آهي ته اتي خيالن
جي پيدائش ۽ رفتار جو سلسلو بند ٿي ويو آهي ۽ ان
معاشري جو ڪلچر ضعيف آهي ان جي معنيٰ اها ٿي ته ان
ڪلچر ۾ ڪا ئي اهڙي خرابي موجود آهي جيڪا اڏهي
وانگر خود انن جي وجود کي کائي رهي آهي.
زبان جيئن هڪ سماجي فعل آهي. ان ڪري معاشري جو سمورو ڪلچر زبان
۾ ئي پنهنجو تاڃي پيٽو اڻندو آهي. زبان جي ئي
ذريعي ان زبان جي ڳالهائيندڙن جي مزاج ۾ هڪ جهڙائي
اچي ٿي ۽ طرزِ فڪر و عمل ۾ اشتراڪ ۽ تهذيبي يڪجهتي
جو عمل پيدا ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته هڪ زبان جا
ڳالهائيندڙ ڪنهن ٻي زبان جي ڳالهائيندڙن جي ڀيٽ ۾
ڪلچر جي سطح تي وڌيڪ ويجها هوندا آهن. مشترڪ زبان
ذريعي معاشري ۾ پنهنجي اجتماعي ۽ قومي وجود جو
شعور پيدا ٿئي ٿو ۽ ان عمل جي ذريعي هڪ ٻئي ۾
ويجهڙائي ايتري وڌي ٿي. جو مان ۽ تون هڪ سطح تي
ڪٺا ٿي ويندا آهن. مشترڪ زبان کانسواءِ قومي سطح
تي اهو عمل ڪنهن ٻي نموني ممڪن نه آهي.
جيئن مون هينئر چيو آهي ته ڪلچر زبان ۾ ظاهر ٿئي ٿو ان ڪري زبان
ڪلچر جي اهم ترين علامت آهي، جهڙو ڪلچر هوندو اهڙي
زبان هوندي. جهڙي زبان هوندي اهڙو ڪلچر هوندو.
زنده زبان معاشرتي تقاضائن جي ڪري وجود ۾ ايندي
آهي ۽ خيال ۽ احساس جي اهڙي نظام کي جنم ڏيندي
آهي، جنهن جي ذريعي زبان جو تعلق معاشري جي مختلف
طبقن سان هڪ جهڙو ٿي ويندو آهي، جنهن ۾ پڙهيل، اڻ
پڙهيل، ادنيٰ اعليٰ، ننڍا وڏا، سڀ پنهنجي پنهنجي
صلاحيت ۽ ضرورت مطابق شريڪ ٿيندا آهن. زبان ان وقت
پکڙبي آهي، جڏهن اها سموري معاشري جي مختلف طبقن
جي خيالن جي جدا جدا ۽ گڏيل ترجماني ڪندي هجي.
يڪجهتي جو عمل به ان عمل مان پيدا ٿئي ٿو. مشترڪ
قومي ڪلچر جو بنياد هميشه مشترڪ زبان تي هوندو
آهي. جيستائين خيالن جو ٻيو ڪوئي اهڙو مشترڪ ذريعو
نه هجي، جنهن تي معاشري جو هر طبقو هڪ ٻي سان ملي
سگهي، قومي يڪجهتي ۽ قومي ڪلچر جي پيدائش ڪيئن
ممڪن ٿي سگهي ٿي؟
مشترڪ زبان جي سطح تي قومي معاشري جو هر طبقو ۽ هر علائقو
پنهنجن خيالن ۽ جذبن جي جهلڪ ڏسي ٿو. انهيءَ ذريعي
سان هن کي پنهنجن احساسن جو اظهار ملي ٿو ۽ انهيءَ
سطح تي هو ۽ پاڻ ۾ نون احساسن ۽ نون خيالن کي
تخليق ڪندو رهي ٿو. هاڻي يا ته ڪنهن ملڪ ۾ هڪ زبان
اهڙي طرح مروج ٿي وئي هجي جو قومي ضرورتن کي پوري
ڪرڻ ۾ ڪاميابيءَ سان ڪم ڪندي هجي يا پوءِ گهٽ ۾
گهٽ علاقائي زبانن سان گڏوگڏ هڪ اهڙي مشترڪ زبان
به موجود هجي جنهن کي هر طبقو هڪ ٻي سان لڳ لاڳاپو
وڌائڻ، پنهنجن خيالن ۽ تجربن جي اظهار ۽ سماجي
معاملن کي نبيرڻ لاءِ رضا خوشي سان استعمال ڪندو
هجي. ان عمل کان سواءِ قومي ڪلچر جي پيدا ٿيڻ جي
آس رکڻ چري جو خواب آهي. مثال طور سوئيزر لينڊ کي
وٺو- ان ننڍڙي ملڪ ۾ ٽي زبانون ڳالهائجن ٿيون. هڪ
جرمن، ٻي فرانسيسي ۽ ٽين پهاڙي. فرانسيسي ۽ پهاڙي
پنهنجن پنهنجن علائقن تائين محدود آهن پر جرمن
زبان ساري ملڪ ۾ سمجهي ۽ ڳالهائي ويندي آهي ۽ اها
ئي قومي سطح تي اظهار جو مشترڪ وسيلو آهي. هڪ ٻيو
مثال وٺو روس هڪ وڏو ملڪ آهي ان ۾ ڪيتريون زبانون
ڳالهائجن ٿيون پر انهن سان گڏ قومي سطح تي روسي
زبان اظهار جو مشترڪ وسيلو آهي. قومي معاملا ۽ ڪم
انهيءَ سطح تي طي ٿيندا آهن. هڪ علائقي جو ماڻهو
جڏهن ٻي لساني علائقي جي ماڻهو سان ملي ٿو ته روسي
زبان کي ئي اظهار جو وسيلو بنائي ٿو. قومي ڪلچر جي
تشڪيل جو مسئلو ايترو بنيادي مسئلو آهي ته
جيستائين ذهن مان ڌنڌ جو سنهڙو پردو هٽائي ڪجهه
بنيادي مسئلا طي ڪري خلوصِ دل، محبت ۽ محنت سان
انهن کي زندگي ۾ مروج ڪرڻ جو عمل نه ٿيندو
پاڪستاني معاشري جو هي عبوري دور ڊگهي کان ڊگهو
ٿيندو ويندو. اسان وٽ سمورا، مسئلا قومي سطح کان
هٽي صرف علاقائي سطح تي اچي ويا آهن ۽ تنگ نظر سان
قومي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش زندگي جي هر شعبي ۾
جاري آهي. ڇا اهڙي طرح اسان ڪنهن اهڙي منزل تي
پهچي سگهون ٿا، جنهن کي اسان ”قومي“ ڪوٺي سگهون؟
هن وقت تائين مون جيڪي ڪجهه چيو ان مان هڪ ڳالهه ظاهر آهي ته
قومي ڪلچر جي تشڪيل لاءِ ضروري آهي ته معاشري وٽ
هڪ اهڙي مشترڪ زبان هجي جنهن کي هر طبقو قومي سطح
تي پنهنجن ڪمن کي پوري ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو هجي
نه صرف اهو پر ان جي احساسن، تجربن ۽ خيالن جي
ترجماني به ان زبان ذريعي ٿيندي هجي. پاڪستان ان
معاملي ۾ به ٻين معاشرن کان مختلف آهي. هتي هر
علائقي کي پنهنجي زبان آهي. سنڌ ۾ سنڌي، پنجاب ۾
پنجابي، سرحد ۾ پشتو، بلوچستان ۾ بلوچي ۽ مشرقي
پاڪستان ۾ بنگالي ڳالهائي وڃي ٿي. انهن کان سواءِ
ٻيون به ڪيتريون زبانون رائج آهن. بنگالي زبان
ڳالهائيندڙ پنجابي ڳالهائيندڙن لاءِ، پشتو
ڳالهائيندڙ سنڌي ڳالهائيندڙن لاءِ اهڙي طرح هڪ
زبان ڳالهائيندڙ ٻي زبان ڳالهائيندڙن لاءِ اجنبي
آهن. اهي سموريون زبانون پنهجن پنهنجن علائقن
تائين محدود آهن ۽ انهن ۾ ڪا به هڪ زبان اهڙي نه
آهي جنهن کي قومي سطح تي لڳ لاڳاپن جو ذريعو بنائي
سگهجي. هاڻي سوال هي آهي ته زبانن جي ڪثرت جي وچ ۾
قومي ڪلچر ڪيئن اُسري؟ صرف ائين نه آهي ته قومي
سطح تي به ٻه زبانون آهن هڪ اردو ٻي بنگالي مزي جي
ڳالهه هيءَ آهي ته سرڪاري زبان جي حيثيت انگريزي
کي حاصل آهي. زبانن جي ان گلڪاري ۾ پاڪستاني ڪلچر
جي پيدائش جو مسئلو منجهندو وڃي.
سوال هي پيدا ٿو ٿئي ته قومي زبان سان علاقائي زبانن جو ڪهڙو
رشتو آهي ۽ ان رشتي جي ڪهڙي نوعيت آهي؟ نه صرف اهو
پر قومي زبانن جو مسئلو علائقائي زبانن جي تعلق
سان ڪهڙي ريت حل ڪيو وڃي، جيئن قومي ڪلچر جي تشڪيل
ٿي سگهي. ان مسئلي کي اڳيان رکندي غور ڪبو ته چار
علاقائي زبانون ۽ ٻه قومي زبانون سامهون اچن ٿيون.
انگريزي زبان جو تسلط ۽ اقتدار انهن کانسواءِ آهي.
هڪ ڳالهه واضح هجي ته زبان جو مسئلو به ٻين قومي ۽
تهذيبي مسئلن وانگر تنگ نظري، بخل ۽ ڪيني ذريعي حل
نٿو ڪري سگهجي. ان لاءِ وسيع النظر ۽ فراخدلي جي
ضرورت آهي. اهڙي وسيع النظر جنهن مان خلوص جي
خوشبو ايندي هجي ۽ پنهنجائپ جو شديد احساس پيدا
ٿيندو هجي. نه صرف اهو پر مسئلي کي حقيقت جي اصلي
صورت ۾ ڏسڻ جي شعور جو احساس به ٿيندو هجي. زبانن
جي ان رنگارنگي ۽ ڪثرت جي وچ ۾ ان مسئلي کي قومي
ڪلچر جي نقطئهِ نظر کان حل ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن
اهڙي قومي ڪلچر جي آس رکڻ اجائي آهي، جنهن کي اسان
پنهنجو الڳ، ممتاز ۽ زنده ڪلچر چئي سگهون ۽ جنهن
کان سواءِ هن ملڪ جي به ڪا معنيٰ آهي، قيام
پاڪستان کان وٺي اڄ تائين هي مسئلو صرف ۽ محض
جذباتي سياست جي سطح تي زنده رهيو آهي ۽ ان جو حل
صرف جذبات جي لهرن ۾ تلاش ڪيو ويو آهي يا وري ان
مسئلي تي ان انداز سان سوچيو ويو آهي، جنهن ۾
انگريزي زبان کي برقرار ۽ مسلط رکڻ جا امڪان روشن
رهي سگهن. ان طرزِ عمل سان جيڪو نقصان اسان کي
مجموعي طرح رسيو آهي ان جو نتيجو هي آهي ته اسان
اڃا تائين ان رستي تي به نه هلي سگهيا آهيون، جيڪو
قومي يڪجهتي ۽ قومي ڪلچر جي منزل ڏانهن وٺي وڃي
ٿو.
قومي نقطئهِ نظر ۽ قومي ڪلچر جي تشڪيل جي تعلق سان ان مسئلي تي
غور ڪري مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته علائقائي
زبانن کي وڌڻ ويجهڻ جو پورو موقعو ڏنو وڃي پر اهو
وڌڻ ويجهڻ ان معنيٰ ۾ نه هجي جو علائقا قومي ڪلچر
جي تصور کان بي نياز ٿي پنهنجي الڳ شخصيت بنائڻ جي
عمل ۾ مصروف ٿي وڃن. ان مسئلي جو حل هي آهي ته
مغربي پاڪستان جي مختلف لساني علائقن ۾ ماڻهو ٻه
زبانون پڙهن ۽ اهڙي طرح مشرقي پاڪستان جا ماڻهو به
ٻه زبانون پڙهن. هڪ پنهنجي علائقائي زبان ۽ هڪ
اردو. هي ڳالهه ٿوري وضاحت طلب آهي. مغربي پاڪستان
جي مخلتف علائقن جا ماڻهو هڪ پنهنجي علائقائي زبان
سکن ۽ ان سان گڏ هڪ قومي زبان اردو به. مشرقي
پاڪستان جا ماڻهو هڪ پنهنجي علائقائي زبان جيڪا
قومي زبان به آهي سکن ۽ ان سان گڏ ٻي قومي زبان
اردو به. اهڙي طرح مغربي پاڪستان جا مختلف لساني
علائقا هڪ مشترڪ اظهار جي وسيلي قومي يڪجهتي جو
عمل پيدا ڪري قومي ڪلچر جي تشڪيل ڪري سگهن ۽ ٻي
طرف مشرقي پاڪستان جا ماڻهو به هڪ زبان ذريعي
مغربي پاڪستان سان ويجهڙائي پيدا ڪري قومي ڪلچر جي
بنائڻ ۾ شريڪ ٿي سگهندا. هڪ طرف مغربي پاڪستان
لساني وحدت ۾ پوئجي ويندو ۽ بي طرف مشرقي ۽ مغربي
پاڪستان مجموعي طور قومي سطح تي هڪ لساني وحدت ۾
ڳنڍجي ويندو ۽ پوءِ اهڙي طرح ٻي علائقا قومي
يڪجهتي ۽ ڪلچر جي تشڪيل جي عمل ۾ هڪ وحدت ٿي
ويندا. ان ڳالهه جي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ جهٽ پل
لاءِ اردو کي وچ مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ڏسو ته قومي
يڪجهتي جي سلسلي ۾ ڪهڙي صورتحال پيدا ٿي ٿئي. هڪ
طرف مغربي پاڪستان ۾ هي عمل ٿيندو جو هر علائقو ٻي
علائقي جي زبان سکندو. جيئن ان جون معاشرتي ۽
تهذيبي ضرورتون پوريون ٿي سگهن ۽ ٻي طرف مشرقي
پاڪستان جا ماڻهو هڪ پنهنجي زبان بنگالي ۽ مغربي
پاڪستان جي سمورن علائقن جون زبانون سکندا جيئن
انهن علائقن جي ماڻهن سان رشتو قائم ڪري معاشرتي ۽
تهذيبي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن. ان عمل جو نتيجو
هي نڪرندو ته قوم جا سڀ ٻار قومي يڪجهتي پيدا ڪرڻ
لاءِ صرف زبانن سکڻ ۾ ئي رڌل هوندا ڇا اها صورت
جذباتي ۽ کل جهڙي نه هوندي. زبانن جي رنگارنگي
واري مسئلي جو حل اهو ئي آهي ته مغربي علائقن جا
ماڻهو ٻه زبانون هڪ علائقائي ٻي اردو ۽ مشرقي
پاڪستان جا ماڻهو هڪ بنگالي ۽ ٻي اردو زبان سکن
جيئن ان ريت قومي ڪلچر جي پيدائش جا امڪان روشن ٿي
سگهن.
جيئن مون چيو آهي ته هن وقت تائين زبان جي مسئلي کي صرف جذبات
جي سطح تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. انگريزي
تعليم يافته طبقو، جنهن جي هٿ ۾ اقتدار آهي، سموري
معاشري کان جدا هڪ شخصيت رکي ٿو، جنهن جو هتان جو
ڪلچر ۽ عوام سان ڪو به واسطو نه آهي، هو اهو چاهي
ٿو ته زبانن جي مسئلي کي منجهائي انگريزي زبان کي
برقرار رکي جيئن ان جو اقتدار به ساڳي طرح برقرار
رهي. ان طبقي سان لاڳو رکندڙ ماڻهو اهو چوندا ته
جڏهن مسئلو ايترو پيچيده آهي ته ڇو نه انگريزي
زبان کي قائم رکيو وڃي جيئن هڪ زبان اهڙي هجي جيڪا
اظهار جو مشترڪ وسيلو هجي ۽ ان سموري دنيا سان
اسان جو تعلق به قائم رهي. پر ڇا پنهنجي معاشري
کان هٽي ڪري دنيا سان اسان جو ڪوئي زنده، تخليقي
رشتو قائم رهي سگهي ٿو؟ شايد هي مسئلو اسان جي
سياستدانن جي سمجهه کان ٻاهر آهي يا هو ان کي
سمجهڻ نٿا گهرن. تخليقي رشتي کان سواءِ دنيا سان
ڪنهن رشتي جي ڪا معنيٰ نه آهي. انگريزي تعليم اسان
کي ڪيترا ذهني ۽ علمي فائدا پهچايا آهن پر جنهن
نموني اسان ان کي پنهنجي سر تي سوار ڪيو آهي ان جو
نتيجو هي آهي ته اسان جي حقيقي فڪر جو تخليقي
اظهار ٻي درجي واري حيثيت اختيار ڪري ڪمزور ٿي ويو
آهي ۽ ٻيو ته اسان لاءِ ”معنيٰ“ جي ڪا ئي اهميت نه
رهي آهي. سارو زور، ساري قوت ۽ صلاحيت روائتي فڪر
جي روائتي اظهار تي صرف ٿي رهي آهي. ڪنهن غير زبان
کي اهڙي طرح قبول ڪرڻ جي معنيٰ هيءَ آهي ته لفظن
جي ذريعي قومي روح جو اظهار بند ٿي ويو آهي. اهو
ئي سبب آهي ته معاشرتي ۽ تهذيبي سطح تي تعليم
يافته طبقي ۽ عوام جي وچ ۾ حقارت جي وڏي وٿي پئجي
وئي آهي. ان حقارت تعليم يافته طبقي کي ان سطح تي
آڻي بيهاريو آهي. جنهن سطح تي 1947ع کان اڳ انگريز
حڪمران بيٺو هو جنهن جو مقصد صرف هي هو ته هو ڪنهن
طرح پنهنجي اقتدار جي عمر وڌائي سگهي هن لاءِ قومي
مسئلا، قومي روح ۽ قومي يڪجهتي بي معنيٰ لفظ هئا.
اسان جو تعليم يافته طبقو اڄ ساڳي ذهنيت رکي ٿو ۽
اسان جو تخليقي رشتو صرف ۽ محض تقليد جو رشتو بنجي
ويو آهي. قومي زبان جو بنيادي عمل اهو آهي ته اها
معاشري جي مختلف طبقن جي وچ ۾ حقارت جي کڏ لٽي
قوميت جي تصور کي اڀاري. هر طبقي ۾ قومي زبان جي
استعمال جي معنيٰ هيءَ آهي ته تهذيبي روايتون ۽
انهن جو شعور رنگ به رنگي شڪلن ۾ اعليٰ کان ادنيٰ
۽ ادنيٰ کان اعليٰ طبقي تائين پهچي رهيا آهن ۽
معاشري جو هر طبقو پنهنجي روح جو اظهار ڪري قومي
روح کي پکيڙڻ ۽ وڌائڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي. اهو ڪم
انگريزي زبان يا ٻي ڪا ڌاري زبان هرگز ڪري نٿي
سگهي.
آزادي کان وٺي پاڪستان ۾ انگريزي جو رواج مسلسل وڌي رهيو آهي.
قوم جي صلاحيتن ۽ ذهانت جا ڦڙا انگريزي زبان جي
سمنڊ ۾ ڪري گم ٿي رهيا آهن. تعليم يافته طبقي جي
شخصيت ٻه اڌ آهي. انگريزي زبان ۾ تعليم حاصل ڪري
اسان لفظن جو استعمال ته رٽي ڇڏيو آهي ليڪن ان جي
تخليقي معنيٰ سمجهڻ کان معذور آهيون. ڇا اوهان
ڪنهن اهڙي مصنف جو مثال ڏئي سگهو ٿا، جنهن ساري
عمر ان زبان کي پنهنجي تخليقي قوتن جي اظهار جو
ذريعو بنايو هجي ۽ ان کي انگريزي زبان جي ادب ۽
تاريخ ۾ اهو درجو مليو هجي جيڪو ٻئي درجي جي
انگريز مصنف کي ڏنو ويو آهي. شايد اسان ڪو هڪ نالو
به اهڙو پيش ڪري نه سگهون. ڇا غالب ۽ اقبال جي
شاعري کي ايران وارن پنهنجي ادبي تاريخ ۾ ڪا جاءِ
ڏني آهي؟ ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته هر
شخص پنهنجي معاشري جي تعلق سان زنده آهي ۽ ان رشتي
سان ٻين معاشرن ۾ هن جي وقعت ۽ وقار قائم آهي.
هاڻي سوچڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته انگريزي زبان کي
ايترو استعمال ڪرڻ سان اسان ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل
ڪيو آهي. هڪ طرف اسان ”معنيٰ“ جي تصور کي گم ڪري
ڇڏيو آهي، ٻي طرف ”تخيل“ کي گهڻو مجروح ڪيوآهي. ان
ڪري اسان جو تخليقي جذبو افسرده، ذهني قوتون ضعيف
۽ تخيل ڪمزور آهي. ان ڳالهه جو اعتراف ته اسان جي
سوچ رکندڙن به ڪيو آهي ته ڌارين زبانن ذريعي تعليم
حاصل ڪرڻ سان شاگردن تي هڪ غير معمولي بار پوي ٿو
۽ انهن ۾ آزاد فڪر، تخليقي عمل، تخيل ۽ ذهني
صلاحيتون ختم ٿي وڃن ٿيون.[1]
گذريل ٻن سو سالن کان اسان جي قوم تي اهو بار پئجي
رهيو آهي. انگريزي زبان ذريعي تعليم حاصل ڪري اسان
دنيا سان پنهنجو رشتو قائم رکڻ تي ته فخر ڪيو آهي
پر ان سان گڏ زبان جي ڌاريائپ جي پردن ۾ ايترو
ڦاٿا رهيا آهيون جو يا ته سوچڻ جو عمل اسان وٽ ٿيو
ئي ڪونهي ۽ جيڪڏهن ٿيو به آهي ته اهو نهايت ڪمزور
۽ ٽٽل.
اهي ماڻهو جيڪي ان سلسلي ۾ هي دليل ڏين ٿا ته
پهريان پنهنجي زبان کي ان لائق بنايو ته اها تعليم
جي اظهار جو ذريعو بنجي سگهي. اهي هميشه اهو ٻڌائڻ
وساري ويهندا آهن ته آخر هلندڙ گاڏي ۾ ڦيٿو ڪيئن
بدلائي سگهجي ٿو؟ جيستائين اسان پنهنجي زبان کي
قبول نه ڪنداسين، ان کي استعمال نه ڪنداسين، ان ۾
پنهنجين صلاحيتن جو رت نه شامل ڪنداسين، ۽ ان کي
روزگا جو ذريعو نه بنائينداسين آخر اها زبان ڪيئن
ترقي ڪندي؟ قومي ڪلچر جي تشڪيل جو مسئلو بنيادي
طرح ان ڳالهه سان وابسته آهي. جيڪڏهن زبانن جي
مسئلي کي ايمانداري ۽ خلوص دل سان ان سطح تي حل
ڪيو وڃي ته هڪ طرف علاقائي زبانون ترقي ڪنديون ۽
ٻي طرف قومي زبانون وڌنديون ويجهنديون، اسان جي
قومي مزاج ۾ جذب ۽ قبول جوعمل به تيز ٿي ويندو ۽
هڪ جي قوت ٻيءَ جي قوت بنجي ويندي. قومي ڪلچر ۾
علاقائي ڪلچر جي اها ئي اهميت آهي جيڪا جسم ۾ عضون
جي آهي. علائقائي ڪلچر جي معنيٰ هيءَ آهي ته ان
وٽ پنهنجي زبان هجي ۽ ان زبان جو تعلق هڪ ٻي
(قومي) زبان سان حد کان وڌيڪ گهرو هجي ۽ نه صرف
گهرو هجي پر ان زبان جي زندگي جو دارو مدار به ان
زبان تي هجي. ۽ پوءِ اهو تعلق آبادي جي صرف هڪ
طبقي لاءِ نه هجي پر سموري آبادي لاءِ هجي ۽ ان
علائقي جي ڪلچر جو هر فرد نه صرف پنهنجي علائقائي
پر قومي زبان کان به چڱي طرح واقف هجي.[2]
سطح تي ان مسئلي جو اهو حل آهي، لساني مسئلي جي ان
پيچيدگيءَ ڪلچر جي سطح تي اسان جو مثال ان ٻار
جهڙو آهي، جيڪو ٻين جي اهل ڪندو هجي ته گهر وارا
ان کي ڏسي ٺرندا هجن
|