خيال جي اوسر جي ڪنهن ڪلچر ۾ هي اهميت آهي ته اها ڪلچر جي ساري
نظام کي سسڻ، ضعيف ٿيڻ ۽ تحرڪ جي قوت کي زائل ٿيڻ
کان بچائي ٿو وٺي. ان جي ابتڙ خيال جي اوسر جي بند
ٿيڻ سان تضاد جو ڀوت اکيون کولي ٿو ۽ قدرن ۽ معيار
جو اثر زندگي جي عمل تي پوڻ بند ٿي ٿو وڃي ۽ تسبيح
جيڪا ان خيال جي نظام جي هڪ علامت هئي هٿ ۾ ڦرندي
ڦرندي ناچ گهرن ۽ شرابخانن ۾ به پهچڻ لڳي ٿي ۽
ائين ڪندڙن کي ان تضاد جو احساس به نه ٿو ٿئي.
خيال جي اوسر جي بند ٿيڻ سان ئي جذبات پرستي، ظلم
۽ ناانصافي عام ٿي ويندي آهي، انسان جي مرڪزي
حيثيت ۽ احترام ختم ٿي ويندو آهي ۽ ملڪ جي ساري
دولت صرف ٿورن ماڻهن يا خاندانن ۾ ڪٺي ٿي ويندي
آهي ۽ اهي ماڻهو ان جي بي انصافي کان بي نياز ٿي
ان ڪلچر جي سمورن ادارن- مذهب، سياست، علم ۽ هنر،
معيشت- کي پنهنجن مفادن جي حفاظت لاءِ استعمال ڪرڻ
لڳندا آهن- اهڙي ئي موقعي تي، ان تضاد جي ڪک مان،
خيال جو هڪ نئون نظام جنم وٺي مخالفت جي باوجود
تڪڙو تڪڙو پکڙجڻ شروع ٿي ويندو آهي ۽ تاريخ جي
وهڪري سان گڏوگڏ هوندو آهي، ان ڪري اهو ڪنهن وڏي
کان وڏي طاقت کان به مغلوب نه ٿيندو آهي، ان کي
اوهان اسلام جي تبليغ جي تاريخ ۾ ڏسو يا وري
ڪميونزم جي تاريخ ۾ اوهان به مون سان گڏ ان نتيجي
تي پهچندا.
هي ڳالهه ٿوري وڌيڪ وضاحت سان بيان ڪجي ٿي. توهان مون سان هندو
مت جي ان دور ۾ هلو جڏهن مسلمان هندوستان جي
سرزمين تي داخل ٿيڻ شروع ٿيا هئا، آخر اها ڪهڙي
ڳالهه هئي جو ڏسندي ئي ڏسندي مسلمانن جا پير هتي
پختا ٿي ويا ۽ هنن جي خيال جو نظام ۽ هنن جو حقيقت
جو تصور هڪ نئين متحرڪ ڪلچر جو پيش خيمو ثابت ٿيو.
هندو ڪلچر جو هي اهو زمانو هو جڏهن ذات پات جا
اصول بت بنجي معاشري ۾ ظلم ۽ ناانصافي کي تڪليف
ڏيندڙ
بنائي ڇڏيو هو، قومي دولت ۽ اقتدار برهمڻ جي قدمن
هيٺ ڪٺو ٿي ويو هو، ان کانسواٰءِ انسان جي ڪنهن به
ذات جو احترام ڪين هو، علم حاصل ڪرڻ ۽ اعليٰ عهدا
صرف برهمڻن جي طبقي لاءِ مخصوص هئا، خيال جو نظام
هڪ هنڌ پهچي بيهجي ويو هو ۽ ان ۾ ڪنهن قسم جي
تبديلي جو خيال ئي پيدا نه پئي ٿي سگهيو. مذهب صرف
رسمن جو پابند هو ۽ اهي رسمون مقر هيون جن ۾ ڪنهن
قسم جي تبديلي آڻڻ جو تصور ئي ڪرڻ گناهه هو. اصولن
جا اهي بت ابدي ۽ لازوال هئا. سمورو حڪمران طبقو
مذهب کي ان ريت قائم رکڻ لاءِ پنهنجون سموريون
قوتون استعمال ڪري رهيو. ناانصافي، ظلم، عدم
مساوات، غير انساني فعلن کي وقت جي سڪي جو درجو
حاصل هو. ڊاڪٽر تارا چند جي زباني ان دور جو حال
ٻڌو.
پوءِ جي دورن ۾ مذهبي لاڙن جي اوسر جذبات پرستي ڏانهن ٿي رهي
هئي، اداري جي قوت ۽ عقل جذبات پرستي کان مغلوب
هئا، عبادتون ۽ رسمون هميشه هميشه لاءِ مقرر ٿي
چڪيون هيون، فلسفو نين راهن ۽ نون طرفن ڏانهن وڌڻ
کان معذور ٿي ويو هو. صرف مذهبي عبادتون بي شمار
نيون نيون شڪليون اختيار ڪري رهيون هيون جن ۾ رنگا
رنگ نقش پرستي جي گهڻائي هئي.[1]
اهو ئي اهو زمانو هو جو هر ان فلسفي لاءِ سازگار هو جيڪو ظلم ۽
ناانصافي ۽ عدم مساوات جو خاتمو آڻي سگهي. مسلمان،
جن وٽ خيال جو هڪ ترقي پذير نظام به هو ۽ متحرڪ
قوت ڀي، اهڙي وقت هندستان جي سرزمين ۾ داخل ٿيا.
اسلام هڪ ترقي پسند سوچ جو نظام هو، جيڪو هندو مت
وانگر انساني ۽ معاشرتي تقاضائن کان اکيون ٻوٽي
صرف عبادتن جي رسمن جو پابند نه هو، بلڪه ان ۾
وڌڻ، پکڙجڻ ۽ جذب ڪرڻ جي پوري صلاحيت موجود هئي.
ان سوچ جي نظام ۾ مساوات، انصاف، ۽ انسان جي
احترام جو مڪمل فلسفو موجود هو ۽ ان فلسفي جي
سهاري اسلام هندوستان ۾ پکڙجڻ شروع ڪيو. ڪيترا سو
سال پوءِ جڏهن بابر فاتح جي حيثيت سان هتي داخل
ٿيو ان وقت به هندو معاشرو انهن پراڻن اصولن جو
پابند هو. سوچ جنهن جي اوسر ڪيترين صدين کان بند
هئي ان وقت به بدترين حالت ۾ هئي. ان عمل هنن جي
سموري معاشرتي ۽ تهذيبي زندگي کي مفلوج ڪري ڇڏيو
هو ۽ ان جو اثر زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ ظاهر هو.
بابر پنهنجي حيرت جو اظهار هنن لفظن ۾ ٿو ڪري.
”هندستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ تفريحون گهٽ آهن. هتان جا
رهاڪو به سهڻي صورت وارا نه آهن. هنن کي دوستي
وارين ڪچهرين، بي تڪلف صحبتن، خلوص ڀريل لاڳاپن جي
لطف جو پتوئي نه آهي. هي ذهني صلاحيتن کان خالي
آهن. روحاني ڪيفيتن کان بي خبر ۽ شائسته آداب،
مهرباني ۽ همدردي جي احساسن کان اڻ واقف آهن. هو
پنهنجي دستڪاري جي تخليق بابت ڪا نئين ڳالهه
ويچاري نٿا سگهن. نه ڪائي نئين ايجاد ڪري سگهن ٿا.
هنن کي تعمير جي ڪم ڀي نه مهارت حاصل آهي نه علم.
نه هتي چڱا گهر آهن نه چڱو گوشت ملي ٿو. هتي جي
بازارن ۾ نه سٺو کاڌو آهي نه سٺي ماني نه حمام آهن
نه ڪاليج. نه شمعون نه مشعل نه ئي ڪو ئي شمعدان.
باغن ۽ گهرن ۾ نهرون ڪونهن. ماڻهو اگهاڙي پيرين ٿا
گهمن. دن کان ٿورو هيٺ ڪپڙو ٻڌن ٿا جنهن کي ڌوتي
ٿا چون. جڏهن ڌوتي ٿا ٻڌن ته هڪ ڪنڊ چڏن جي وچ مان
ڇڪي پٺيان ٽنبي ٿا ڇڏين.“
[2]
بابر جن لفظن ۾، جنهن حالت ۾ ڪيفيت جو ذڪر ڪيو آهي، انهن مان
ان ڳالهه جو اندازو لڳائي ٿو سگهجي ته هندو معاشرو
ان وقت هڪ بي روح معاشرو هو، جنهن ۾ سوچ جي اوسر
بند ٿي چڪي هئي جنهن جي نتيجي ۾ معاشري جو سارو
ڪلچر ايتري قدر مرده ٿي ويو هو، جو ڪنهن به سطح تي
تخليقي قوت جو نالو نشان ڏسڻ ۾ نٿي آيو. سارو
معاشرو تنگ نظري ۾ ڦاٿل هو، جنهن ڪري زندگي جا
مسئلا وڌيڪ منجهي پيا هئا. ناانصافيون، عدم
مساوات، ظلم ڏاڍ، اجاره داريون سڀ کان اهم معاشرتي
قدر بنجي پيا هئا. حوصلا ايترا پست جو ماڻهن
انهن کي پنهنجو مقدر سمجهي قبول ڪيو هو. بابر جي
فتح کان پوءِ ۽ اڪبر جي حڪومت جي دور ۾ جڏهن طاقوت
ڪلچر ڪمزور ڪلچر کي مغلوب ڪري ڇڏيو ۽ ان جي سٺي
عنصر جي قلم جي پيوند پنهنجي ترقي پذير ڪلچر ۾ ڪئي
ته جلد ئي ان ڪلچر جا وصف نمايان ٿيڻ لڳا ۽ اسان
ڏسون ٿا ته تخليقي قوت هر طرف پنهنجو اظهار ڪري
رهي آهي. آئين اڪبري ۾ هر ڳالهه جو اصول ۽ قاعدا
قلمبند ٿي رهيا آهن. اڪبر جو دور ڪلچر جي وڌڻ ۽
ويجهڻ جو دور آهي. سوچ جي اوسر جاري آهي. سوچ جو
نظام نيون نيون شڪليون اختيار ڪري رهيو آهي. ان تي
عمل ڪندڙن جي متحرڪ قوت به آهي ۽ آدرش جو مڪمل
نقشو به آهي.
جهانگير جي دور ۾ سوچ جي اوسر ان ريت ٿي جو سوچ جا ٽانڊاڻا
زياده چمڪڻ لڳا ۽ شاه جهان جي زماني تائين سوچ جي
اوسر صاف ٿيل شڪل ۾ پنهنجي عروج تي پهچي وئي.
مثلاً موسيقي جا اصول جيڪي اڪبر جي دور ۾ گهڙيا
ويا هئا عام ٿي ساري معاشري ۾ پکڙجي ويا. تعمير جو
طريقو ۽ هنرمندي ساري معاشري ۾ هڪ جهڙائي اختيار
ڪئي. ادب ۽ فضيلت، رسم ۽ رواج، وقت جو قدر، علم ۽
سائنس، ڪپڙو ۽ پوشاڪ هر طبقي ۾ هڪ ئي رنگ ۾ پهچي
وڃي ٿو. ان عروج واري دور ۾ اسان کي اهو به محسوس
ٿئي ٿو ته سوچ جي اها اوسر جيڪا اسان کي اڪبر جي
زماني ۾ نظر اچي ٿي مروج ٿيڻ جي باوجود بيهجي وئي
آهي. هر چيز جا ڍنگ ۽ اصول مقرر ٿي ويا آهن، جن ۾
تبديلي پيدا ڪرڻ جو خيال به ماڻهن جي ذهنن ۾ نٿو
اڀري. اورنگزيب جي آمد سان اسان ڏسون ٿا ته خيال
هاڻي نيون شڪليون بنائڻ کان عاري ٿي ويو آهي. هاڻي
پاڻ کي نين حالتن مطابق شڪل اختيار ڪرڻ جي صلاحيت
کان محروم آهي. خيال جو نظام بت جي شڪل اختيار
ڪري، ڪمزور ۽ نامڪمل حالت ۾ زنده آهي. ”وضع داري“
سڀ کان اهم قدر ٿي پئي آهي جنهن جي معنيٰ آهي
پنهنجي اسلاف جي ٻڌايل اصولن کي اکر به اکر قبول
ڪرڻ ۽ انهن جي سواءِ سوچ ويچار جي پيروي ڪرڻ. انهن
کي بدلائڻ جو خيال بدعت ۽ ترڪ ڪرڻ جو خيال ڪفر. ان
عمل سان گڏ ان دور جو ڪلچر تيزي سان ان نقطي تي
سميٽجڻ لڳو، جنهن نقطي تي هندو ڪلچر ان وقت سميٽجي
آيو هو، جنهن وقت مسلمانن هندوستان ۾ اچڻ شروع ڪيو
هو.
محمد شاهه رنگيلي جي دور تائين پهچندي پهچندي ان ڪلچر سان اُهي
لفظ ٺهڪي ٿا اچن جيڪي بابر هندو ڪلچر بابت چيا
هئا. بد عقيدا ۽ بي عملي، تنگ نظري ۽ جذبات پرستي،
ايرانين ۽ تورانين جا جهڳڙا، اميرن جي پاڻ ۾
ڪشمڪش، بدڪاري ۽ بي حيائي معاشري جو حصو ٿي پون
ٿيون. بي ايماني، دغابازي، زنا ۽ شراب خوري، جوا
بازي ۽ شرطون، بي غيرتي ۽ خود غرضي، ظلم ۽
ناانصافي، فضول خرچي، ريا ۽ پاسخاطري، هٺ ۽ وڏائي،
سنوسا ۽ وهم، نفس پرستي ۽ سازشون ڪلچر ۾ شامل ٿي
پون ٿا. قرآن صرف خاص موقعن تي ايصال ثواب يا قسم
کڻڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. پيري مريدي ۽ خانقاه پرستي
اصل مذهب جي جاءِ والارين ٿا. مدرسن ۾ درس نظامي
جو اهو ئي بي ثمر نظام رائج آهي. يوناني منطق ۽
فلسفو جيڪو پنهنجي اصل شڪل ۾صديون اڳ يورپ مان
خارج ٿي چڪو هو، انهن مدرسن جي جان آهي. صرف ۽ نحو
تعليم جو مرڪز آهي. شمش بازغـﮧ، صدرا قاضي مبارڪ ۽
شروح مطالع جي شرحن تي سمورين صلاحيتن جو زور آهي.
قرآن نصاب کان ٻاهر آهي[3]
ان زماني جي حالت ڏسندي هڪ عيسائي مورخ لکي ٿو.
”مسلمان جيستائين اسلام جي مذهب کي نه ڇڏيندا مهذب نه ٿيندا ڇو
جو اسلام انسان جي تهذيب جي وڏي ۾ وڏي روڪ آهي.“[4]
هڪ ٻيو مورخ لکي ٿو.
”هندستان جا مسلمان ذليل ترين امت محمدي آهن ۽ قرآن جا مسئلا ۽
هندستان جي بت پرستي ملڻ سان هنن جو مذهب هڪ عجيب
شي ٿي پيو آهي.“[5]
انهن مثالن مان هن ڳالهه جو اندازولڳائي ٿو سگهجي ته ڪهڙي طرح
هڪ جاندار ۽ طاقتور ڪلچر خيال جي اوسر جي بند ٿي
وڃڻ سان رفته رفته زوال پذير ٿي ڪلچر جي ان ادنيٰ
ترين سطح تي پهچي وڃي ٿو، جنهن کي پري ڪري ان خود
پنهنجا پير پختا ڪيا هئا. اسان ڏسون ٿا ته ان سطح
تي ڪلچر ۾ نه ته اڳتي وڌڻ جي صلاحيت رهي ٿي نه
پنهنجن مسئلن حل ڪرڻ جي. عام ماڻهن جي طرزِ عمل
انهن مروج قدرن مان ئي جڙي ٿي ۽ انهن ۾ خود غرضي،
مفاد پرستي، تنگ نظري جهڙا عنصر پيدا ٿي وڃن ٿا.
خير ۽ شر جا تصور بي معنيٰ ٿي وڃن ٿا. معاشري مان
معيار غائب ٿي وڃن ٿا. بي انصافي، عدم مساوات، ظلم
۽ ڏاڍ معاشري جا اهم قدر ٿي پون ٿا. ڪلچر جا مربوط
رشتا ٽٽي پون ٿا. اها ئي اها منزل آهي، جتي ٻيو
خيال جو نظام ان تي غالب پئجي وڃي ٿو ۽ اسان ڏسون
ٿا ته ٿوري وقت ۾ ئي هي ڪلچر ست سمنڊ پار کان
ايندڙ هڪ ٻي قوم جي طاقتور، متحرڪ، ۽ ترقي پذير
ڪلچر کان مرعوب ٿي وڃي ٿو. عروج ۽ زوال جو هي
داستان انساني تاريخ ۾ مسلسل ورجايو وڃي ٿو ۽
هميشه ورجائبورهندو. خيال جي اوسر جي بند ٿي وڃڻ
جي ان عمل رومن ڪلچر کي صفحي هستي تان ميساري
ڇڏيو۽ ان عمل عظيم باز نطيني ڪلچر کي ٽڪرا ٽڪرا
ڪري ڇڏيو.
ان خيال جي وڌيڪ وضاحت لاءِ اچو ته ڏسون ته مغرب جي جديد تهذيب،
جا اڃا زنده آهي، ڪهڙي طرف وڃي رهي آهي. اتي خيال
جي اوسر ڪهڙي طرف ٿي رهي آهي ۽ ان جو اثر مغرب جي
ڪلچر تي ڪهڙو پئجي رهيو آهي. ان عمل کي ڏسڻ لاءِ
نئين نسل جي انهن نوجوانن ڏانهن نهاريو، جيڪي خيال
جي بيهجي وڃڻ جو منطقي نتيجو آهن. خيال جي ان نظام
جي گرفت، جيڪا ورثي ۾ انهن کي ملي هئي ڍري ٿي وئي
آهي. هي نظام انهن لاءِ غير واضح ۽ نامڪمل آهي ۽
هويان هوريان پنهنجي قوت کي زائلڪري تهذيبي زندگي
۾ نين مشڪلن ۽ تضاد کي جنم ڏئي رهيو آهي. اوهان
خاص طرح مغرب جي انهن معاشرن کي ڏسو جيڪي ٻي وڏي
جنگ کان متاثر ٿيا آهن. اتان جي نئين نسل معاشري
جي مروج قدرن ۽ خيال جي نظام کي غير واضح ۽ پنهنجي
لاءِ بيڪار سمجهي ان کان منهن ڦيرڻ شروع ڪيو آهي،
هاڻي اهو لاڙو وبا جي شڪل اختيار ڪري ساري معاشري
۾ پکڙجي رهيو آهي. ڏوهه وڌي رهيا آهن، بدنظمي عام
آهي، قانون جو احترام ڏينهون ڏينهن گهٽبو ٿو وڃي،
لباسن جي چستي، اگهاڙن جسمن جي نمائش هاڻي
بداخلاقي جو تصور پيدا نٿي ڪري. ناچ شهوت انگيزي ۽
جوش ڪرڻ جو ذريعو ٿي پيوآهي. گهريلو زندگي ڦٽل
آهي، طلاقن جو تعداد وڌي رهيو آهي، ڪو مڪ سڀني
سنجيده رسالن کي مات ڪري ڇڏيو آهي، اهڙا رسالا
وڌيڪ مقبول آهن، جن ۾ عورتن جي اگهاڙن جسمن جون
تصويرون شايع ڪيون ٿيون وڃن. خود مغرب جا مفڪر
انهن تهذيبي اثرن جو جائزو وٺندي لکن ٿا. ”سستي
تسڪين جو احساس حاصل ڪرڻ جا طريقا عام ٿي ويا آهن
جن جو ڪمال هي آهي ته انهن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ
اسان وٽ ڪا به قابل قدر ڳالهه باقي نٿي رهي. اهي
ڳالهيون يا ته بيچيني کان بچاءَ جو ذريعو آهن، يا
پوءِ اڻ مطمئن جبلتن جو بدل.“[6]
سستي تسڪين جا اهي طريقا انساني ذهن کي هيٺاهين سطح تي تسڪين
ڏين ٿا ۽ انهن ۾ اهڙي ٽوٽائپ پيدا ڪن ٿا جو هو گهٽ
۾ گهٽ ڪوشش سان جهٽ پٽ زياده کان زياده لذت يا
خوشي حاصل ڪرڻ جو سعيو ڪرڻ لڳن ٿا.“ (2) جديد
تفريحن جي ڀوائتي صورت ان ڳالهه مان پيدا ٿي ٿئي
ته هتي هر قسم جي منظم تفريح هوريان هوريان زياده
کان زياده احمقانه ٿيندي ٿي وڃي. ”تفريحن کان لطف
حاصل ڪرڻ لاءِ هاڻي عقل کان ڪم نٿو وٺڻو پوي. بس
ڪن ڏيو ٻڌندا رهو ۽ ٻئي اکيون کليل رکو باقي ڪم
پاڻ هي ٿي ويندو.“ (3) سستي جذبات پرستي هالي ووڊ
کان وٺي براڊوي تائين هر هنڌ اوهانکي ڏسڻ ۾ ايندي.
برجي باردوت، مارلن منرو وغيره مقبول ترين
ائڪٽريسون آهن. جسم جي شهوت انگيز نمائش ۽ چرپر
سندن فن جو ڪمال آهي. سنجيدگي جلدي جلدي نامقبول
ٿيندي ٿي وڃي. هر هنڌ هي خيال عام آهي ته، ”حقيقي
شاعري جي لذت حاصل ڪرڻ لاءِ خفي جو ڪهڙو ضرور آهي،
شاعري جو ماهر پروفيسر ڪيپسول جي شڪل ۾ان جا سمورا
اثر اسان تائين پهچائي سگهي ٿو. عمرانيات جي ماهر
جي محنت کي پڙهڻ جي ڪهڙي گهرج آهي، جڏهن مسٽر
پيڪارڊ انهن سڀني ڳالهين جو نچوڙ، جيڪو دماغ تي
بار وجهڻ کانسواءِ سمجهي سگهجي ٿو، پيش ڪري سگهي
ٿو.“
[7] هاڻي مغرب ۾ خيال
جي اوسر هڪ حد تي پهچي بند ٿي رهي آهي اها صرف هڪ
سطح تي منفي انداز ۾ پکڙجي رهي آهي، جنهن جو نتيجو
هي آهي، ته ”اڄ جڏهن آمريڪا ۾ اڳ کان زياده
سائنسدان موجود آهن، صرف ٿورا ماڻهو اهڙا آهن،
جيڪي صحيح معنيٰ ۾ مهذب آهن- ايترا به نه جيترا
1750ع ۾ هئا.“(2)
ان ذهني عمل جي جيڪڏهن انتهائي شڪل ڏسڻي اٿو ته لکنو جي ان
معاشري ۾ ڏسو جيڪو اوڌ جي شاهن جي دور ۾ اُسريو
هو. ان معاشري ۾ خيال جي اوسر بند ٿي وئي هئي. لذت
پرستي ۽ تماشبي بازي نين نين شڪلين ۾ ظاهر ٿي رهي
هئي ۽ سارو ڪلچر ان مرڪز جي چوڦير ڦري رهيو هو.
سستي جذبات پرستي، غير سنجيدگي، فضول خرچي ۽ خسيس
پڻي ٻين سڀني قدرن کي پٺيان ڇڏي مرڪزي حيثييت حاصل
ڪري ورتي هئي. ان جي انتها ڏسو ته، ”شجاع الدولـﮧ
جي زماني ۾ بازاري عورتن ۽ نچڻ وارين طوائفن جي
شهر ۾ ايتريقدر گهڻائي ٿي وئي هئي، جو ڪا گهٽي
انهن کان خالي نه هئي.“[8]
نصير الدين حيدر ۾ عورتن ۾ رهندي رهندي ايترو زنانو مزاج پيدا
ٿي ويو هو جو عورتن وانگر ڳالهيون ڪندو ۽ عورتن
وارو لباس پهريندو هو. زناني مزاج سان گڏ مذهبي
عقيدت هن ۾ هي شان پيدا ڪيو هو جو اثنا عشري جي
فرضي زالن ۽ انهن جي ولادت جون تقريبون جيڪي سندس
والده قائم ڪيون هيون انهن کي هن وڌيڪ ترقي ڏني
ايستائين جو ائمـﮧ جي ولادت جي تقريبن ۾ خود
حاملـﮧ عورت بنجي ٻار ڄڻڻ واري هنڌ ويهندو هو.
چهري ۽ چر پر مان ٻار پيدا ٿيڻ ظاهر ڪندو هو پوءِ
هڪ فرضي ٻار ڄڻيندو هو، جنهن خاطر ولادت ۽ ڇٺي جي
رسم بلڪل اصل وانگر ڪئي ويندي هئي.[9]
بانڪا ساري معاشري ۾ اهميت حاصل ڪري ويا هئا ۽ اهي
نيون نيون شڪليون ۽ روپ ڌاري رستن تي گهمندا ۽
تعريف ٻڌندا هئا. خيال جي بند ٿي وڃڻ جي عمل کي
اوهان ان وقت جي شاعري ۾ به ڏسو. هر سطح تي اهو
عمل منفي قدرن کي پيدا ڪري رهيو هو.
اڃا تائين مغرب ۾ خيال جي اوسر بلڪل بند نه ٿي وئي اهي، پر هڪ
خاص طرف ڏانهن ڦيرو کائي هڪ نقطي تي ڪٺو ٿيڻ لڳي
آهي. هاڻي ”خيال“ جي سموري ”ترقي“ هڪ پاسي ڏانهن
آهي. اهو ڪرشمو هاڻي نت نئين انداز سان مغرب ۾ رنگ
ڪڍي رهيو آهي ۽ نون نسلن جو عمل به ان تهذيبي
ماحول هيٺ ٺپجي رهيو آهي. اهڙي هال ۾ جيڪڏهن ان ۾
ڪا چڱي اميد باقي آهي ته اها هي آهي ته هي ڪلچر
ٻين سمورن قديم ڪلچرن جي ڀيٽ ۾، مڪمل ذهني آزادي
جو پرستار آهي ۽ پنهنجي هر سٺي ۽بري ڳالهه تي زور
زور سان کلڻ تنقيد ڪرڻ ۽ ٻين جي ڳالهه ٻڌڻ جي مڪمل
سگهه رکي ٿو.
هن باب ۾ مان ڪلچر جي مفهوم جي وضاحت ڪري مختلف مثالن سان
ڪلچرجي ڪمال ۽ زوال جي بنيادي سببن تي روشني وڌي
آهي. ايندڙ صفحن ۾مان پاڪستاني ڪلچر ۽ ان جي مختلف
مسئلن جي جائزو وٺندس جيئن اسان جي قومي ڪلچر جي
تشڪيل جي بنيادي مسئلن کي سمجهي سگهجي.
|