سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1968ع

مضمون:

صفحو :8

جڏھن معتبر ماڻھو به سون جي انداز ۾ اچي ڀڪشو بڻيا، تڏھن مھاتما کي سندس سڳو سؤٽ ديودت ڦري آيو. چي: توھان جو حقي وارث مان ئي آھيان، تنھنڪري توھان پنھنجي جيئري ئي مون کي جماعت جو اڳواڻ مقرر ڪري وڃو، ته جيئن توھان کان پوءِ سڄو سنگھه سنڀالي سگھان. مگر مھاتما مائٽي جو ڪوبه لحاظ نه رکي، سندس رٿ کي ريٽي ڇڏيو. ديو دت انھيءَ کان اڳي ئي اِجا تسترو راجا تي دوستيءَ جو دام وجھي چڪو ھو. راجڳڙھه جي راءِ بمبسار جڏھن اِجا تستروءَ کي پنھنجو وليعھد بڻايو، ته ديو دت اچي ھن کي ھڪدم زوريءَ حڪومت ھٿ ڪرڻ لاءِ ھرکايو ھو.- ”اي راجڪمار! پڻھين کي پورو ڪري، راجائي ماڻي وٺ، توکي الائي ڪڏھن تخت ملي، تيسين ته ڄمار ڳري ويندئي!“ ديودت جي اھڙي بڇ ڪرڻ تي ئي پنھنجي پيءُ کي منھن سامھون ماري، پاڻ مگدھه جو مھاراجا بڻيو ھو. ھاڻي ديودت جو وارو ھو. ھن لاءِ پنج سؤ پينارن جي ماني ته محلات مان منظور ٿي چڪي ھئي، سو ڪيترائي بيکو راجڳڙھه ۾ ڪٺا ڪري برغلائي رھيو ھو. ھاڻي وري پنھنجي حق تلفي سمجھي، وڃي اجا تستروءَ سان اوريائين- ”سڌارٿ گوتم جي ڄمار پوري ٿي پوي ته آءٌ ھڪدم سندس جاءِ نشين ٿي وڃان.“ راجا پنھنجا رھزن جلاد روانا ڪيا، پر اھي پاڻ وڃي ڀڪشو بڻيا. پوءِ پھاڙ تان ھڪڙو پٿر مھاتما جي مٿان ڪيرايائون، اھو به گسي ويو. نيٺ ’نيلگري‘ نالي ھڪڙو مست ھاٿي مٿس ڇيڙيائون، جنھن مھاتما جي اڳيان مٽي کڻي پنھنجي مٿي تي مَکي ۽ ھميشه لاءِ مستي ڇڏي، موٽي اچي محلات اڳيان ويٺو، اجاتسترو ته اھو چمتڪار ڏسي، پشيمان ٿي اچي پيش پيو. ديودت وري اچي مھاتما مھندان ھيءَ حجت ھلائي ته جماعت جي رياضت لاءِ تلخ آزمائشون تجويز ڪريو. جڏھن اھا دعوا به رد ٿي، ته گيا ۾ وڃي ڀڪشن کي گمراھه ڪرڻ لڳو.

ٻئي طرف پاڻ کي ’پاڪيزه نسل‘ چوائيندڙ ۽ يگيه کائيندڙ برھمڻن جو خانداني ڍونگ به کلي چڪو ھو. اھي پنھنجيءَ پر ۾ ته ڄڻ ڄمندي ئي ڄام ھئا ۽ ساري انسان ذات کان الڳ، پاڻ کي ھڪ اشرف ۽ اعليٰ مخلوق تصور ڪندا ھئا. مگر مڙني انسانن جي طبعي توڙي فطري صورت ۽ حالت ھڪجھڙي ھئڻ ڪري، جو انھن کي به عام انساني حيثيت سان سڃاتو ويو، سي سندن ’پيرن جي پيدائش‘ خاڪي ڀڪشن، توڙي پينار گوتم جي پٺيان ڇِتا ٿي لڳا. مگر مھاتما انھن مڙني کان بي نياز، چاليھه سال ساندھه خدا جي بندن جي خدمت ۾ لڳو رھيو. البت پوين ڏينھن ۾  بعضي، مھينن جا مھينا به ڪنھن غار اندر لڪي (جتي کيس ڪوبه سڃاڻي نه سگھي، وڃي سماڌيءَ (مراقبي) ۾ ويھندو ھو، اھا ريت اڃا تائين به اوڙيسا، آسام، برما، سيام ۽ سيلون ۾ عام آھي؛ پر ٿٻيٽ ۾ ته ويتر وڌاءَ سان به چالو آھي. اتي جا لاما ته سالن تائين به ڪنھن سڃي ھنڌ ويھي چلو پچائين ٿا.

مھاتما اٺين پھر فقط منجھند جي بکيا وٺي ورتائيندو ھو. آخري ساوڻ (478 ق.م.) جا ٽي مھينا بيمار گذاريائين. شاھي طبيب ’جِيوَڪ‘ ھن کي ڪِريءَ جو کاڌو ڏسيو ھو. ٻڌ مذھب ۾ ڪنھن به خاص کاڌي کي پسند يا ناپسند ڪرڻ وڏو گناھه آھي. سو پرھيز ناممڪن ھئي. آخري بکيا ۾  چُند لُھار کيس کنڀين جو ٻوڙ کارايو. اھو کائي آنند کي سڏيائين: ”چند لھار کي منھنجون دعائون چئج- مائي سُجاتا وارو کير ۽ چند وارو کنڀين جو ٻوڙ. تٿا گت فقط انھن ٻن بکيائن جي واکاڻ ڪئيم ائين چئي، کيس ضرور خوش ڪجانءِ.“ اتي سندس حالت نازڪ ٿيڻ لڳي، پر اھو ڳوٺ ڇڏي ڪيسنارا ٻيلي تائين رڙھي ويو. رات جو جڏھن ڀڪشو اچِي گڏ ٿيا تڏھن تٿا گت چيو ”اي ڀڪشو! آءٌ اسي سالن کان به اڪري چڪو آھيان. پراڻي ڇڪڙي وانگر منھنجي بدن جو گاڏو به گھلجي رھيو آھي. اوھان کي مون اڳي ئي پنھنجو پنٿ کولي سمجھايو آھي. ڪابه ڳالھه مون لڪائي نه رکي آھي. تنھنڪري تٿا گت باقي ڇا چوي! ھاڻي توھين پاڻ تي اعتماد رکو ۽ پاڻ تي ڀاڙيو، سچ کي ئي پنھنجو ڏيئو بڻايو ۽ جڳ جي لاءِ حق جا روشن ڏيئا بڻجو.“ انھن ڳالھين ڪندي، رات جي پوئين پھر (478 ق.م.) ۾ مھاتما ھن فاني دنيا مان چولو مٽايو.

ترپٽڪ جو تيار ٿيڻ: مھاتما جي چالاڻي تي ھزارين بکاري اچي سوڳ ۾ ويٺا، تن ۾ سَڀدر، جيڪو اڃا اڳئين ڏينھن تي بيکو بڻيو ھو؛ سو سماڌيءَ مان ٽپ ڏئي اٿيو. چي: ”اسان تي جو ايڏيون پابنديون پيل ھيون، سي سڀني  تان لٿيون. ھاڻي جنھن کي جيئن وڻي سو تيئن ڪري“ ائين چئي ھليو ويو. مھاڪيشپ نالي وڏو ودوان، جنھن کي لاش سپرد ڪيل ھو، سو چوڻ لڳو:- ”اي بيکؤ، ھاڻي ڀاڳونت جو ماني مَنھه نڀائي، سڀئي سڄاڻ ۽ وڏا بيکاري گڏجي ويھو ته تٿا گت جي تعليم کي ھڪدم ڪٺو ڪجي. نه ته ٻيا ڀڪشو به سڀدر وانگيان ڇڙواڳ ٿي ويندا. انھيءَ چوماسيءَ ۾ پوءِ پنج سؤ پڙھيل ڀڪشو چونڊيا ويا. تن ۾ جھوني ’ڳاھه پتي‘، اَپاليءَ کي مھاتما جون مڙيئي ڳاھون ياد ھيون. جيڪو پوءِ ’ڌرم پال‘ مڃيو ويو، تنھن جي تصديق سان اول انتظامي اصول (وِنيه) جمع ٿيا، آنِند اڪثر مھاتما جي خدمت ۾ ئي رھندو ھو، تنھن وري عقيدي ۽ عبادت جا ’سُت‘، سڻايا، سي سڀني جي صلاح سان صحيح مڃيا ويا. انھن ٻنھي جي سمجھاڻيءَ ۾ سوال- جواب، جيڪي مھاتما پاڻ پنڊتن سان ڪيا ھئا؛ سي وري ساري پت نالي ھڪڙي سنت (راھل جي گروءِ)، پنھنجي پينارن کان پڇندي، اھي ’آڀدم‘ گڏ ڪيا. تيسين، راءِ اجا تسترو ڀڪشن کي بکيا موڪليندو رھيو ۽ ديودت وري به وڏيرپ لاءِ ور وجھندو ۽ نفاق آڻيندو رھيو.

پنڊت پنھنجا پستڪ پوست يعني چمڙي تي ئي لکندا ھئا. پر ٻڌ مذھب ۾ ته ماس ورتائڻ جي منع ھئي، سو پليت کلن تي پوتر وچن وري ڪيئن لکبا؟ تنھنڪري اھي سُت ۽ وچن وڻ جي پنن تي لکي، جدا پِٽَڪ (پِنڊي يا ڇٻيءَ) ۾ سانڍيندا ويا. اھا ٽُٻڻي ٽُٻ ٿي ويئي، ته وري ٻيءَ ڇليءَ ۾ ”ونيه“ وڌا ويا. آخر اڀدم سميت جڏھن ٽئي ٽوڪريون ٽمٽار ٿيون ته ’ترپٽڪ‘ تيار ٿي ويا.

ڪن جو چوڻ آھي ته اھي آڀدم، سُت ۽ وِنيه وارا صحيفا اول زباني صورت ۾ ھئا، جيڪي مھاڪاشيپ جي نگرانيءَ ھيٺ سڄو ساوڻ، سڄاڻ ڀڪشو ھڪٻئي کي صحيح ڪرائيندا رھيا؛. ۽ ٻيءَ ڪانفرنس تائين به ڀارت ۾ اڃا ڪا لکت ئي موجود ڪانه ھئي! ٻئي طرف انڊيا جي آرڪيالاجيڪل کاتي وارن کي ته پنجين صديءَ (ق.م.)کان ئي لکت جو ثبوت مليو آھي.  ”ڀارت ۾ برھمي لپيءَ جو جھوني ۾ جھونو روپ، نيپال مان مليل بستي ضلعي جي وپروا ٿنڀي تي ۽ اجمير ضلعي جي بڙلي ڳوٺ واريءَ لکت مان مليو آھي. شري اوجھا ثابت ڪيو آھي ته اھي اکر عيسوي سن کان به 483 ورھيه اڳ ۾ لکيا ويا آھن“. پھرينءَ ڪانفرنس جو به ته اھو ساڳيو ئي زمانو آھي! ويد شاستر ته شايد انھيءَ کان به اڳ ڇھين صدي قبل مسيح کان ئي لکجڻ لڳا ھوندا! يا تنھن ٽاڻي اھي به زباني حالت ۾ ھوندا؟

ٻڌ مذھب جي ٻي مجلس: ٻڌ مذھب جي ٻي مشھور ميٽنگ يا مجلس وئشالي جي سسئناگ راجا ڪالاسُڪ ’ڪاڪورڻيءَ‘ (384 -354 ق.م.) ڪوٺائي ھئي. ھن ۾ پُورڀ توڙي پڇم، جا سڀ پينارا پاڻ ۾ مليا. تن ۾ تٿاگت جي زماني جا اٺ بزرگ ڀڪشو به پاڻ سان کڻي آيا، يشه نالي ھڪڙي عالم ڀڪشو کي صدر چونڊيو ويو (اھڙيءَ چونڊ ۾ ڀڪشو سنھڙيون ڪاٺيون ووٽ وانگر ڪم آڻيندا ھئا). ديودت گذاري چڪو ھو پر ھلڪا سلڪا اختلاف ته موجود ھئا ئي، ’وِنيه پٽڪ‘ مان ڏھن خسيس نڪتن تي ڇڪتاڻ ٿي: جھنگ ۾ رات جو آستانو ڪجي ته ان کي دائرو (رک) ضروري آھي يا نه مانيءَ جي مٿان لسي پي سگھجي ٿي يا نه ،تڏي تي ويھي سگھجي ٿو يا نه، پاڻ سان لوڻ رکي سگھجي ٿو يا نه، بِکيا ۾ روڪڙا سڪا ملن  ته (وھار لاءِ) وٺجن يا نه… وغيره. وڏي ڳالھه ته سنسڪرت جي برعڪس پراڪرتي (پالي) ڀاشائن کي مذھبي حيثيت سان يڪراءِ تسليم ڪيو ويو- ”حقيقت“ ۾ ’پالي‘ لفظ ڪنھن به ٻوليءَ جو خاص نالو ڪونھي. ٻڌ گھوش آچاريه جي زماني ۾  سڀني (ڌرمي) ڪتابن کي پالي ڪري سڏيندا ھئا. جيئن پاڻنيءَ جي ’ڇندسي‘ لفظ مان (ڌرمي) ويدن ڏي ۽ ڀاشايام لفظ مان سنسڪرت ڏي اشارو آھي. تيئن ٻڌ گھوش آچاريه ’پالي‘ لفظ پھريائين ترپٽڪ جو (ڌرمي) نالو ڪري ورتو آھي. ماگڌي لٽريچر کان سواءِ سلون جي ’سنھالي‘ ڪٿائن کي پڻ پالي چوڻ ۾ آيو“. مطلب ته پالي لفظ، ٻوليءَ کان وڌيڪ ٻوڌي ادب جو نالو آھي؛ جو ڪنھن به ڏيھي زبان ۾ ھجي.

سڪندر اعظم ۽ سنڌ جا پينار: مٿئين ڪالاسُڪ

’ڪاڪورڻيءَ‘ جي وفات (354 ق.م.) کان ويھارو- ٽيھارو ورھيه پوءِ (324 ق.م) سڪندر سنڌ تي فوجي قبضو ڪيو. پر سنڌ ۾ ئي سڪندر کي ذھني ۽ روحاني شڪستون به آيون ھيون. پھرين بيعزتي آچاريه ڍنڍيءَ (Dandamos) کان سٺائين. سڪندر ھن سواميءَ جي ساراھه، پائِرھو ۽ اونسڪريٽس جھڙن عالمن کان ٻڌي ھئي، سو پنھنجي سفر جي ھيءَ انوکي سوغات پاڻ سان نيڻ چاھيائين. انھيءَ ڪري اچي ساڌوءَ جو سلامي ٿيو ۽ نذرانو آڇڻ لڳو. پينو بيپرواھيءَ سان چيو ”مون وٽ ته اڳي ئي سڀ ڪجھه آھي. تون ڪو وڌيڪ به ڏئي سگھندين ڇا؟“. ھن کي جڏھن ھلڻ لاءِ چيو ويو ته ساڌوءَ سنئين جواب ڏيڻ بجاءِ اٽلو آڏي پڇا ۾ اچي پيو – ”اي سڪندر! ايڏو پري پھچڻ جو ڀلا ڪيئن سوچي سگھيو آھين.“ سڪندر اھڙا سوال سھي نه سگھيو ۽ کڻي پٺ ورايائين. آخر اروڙ کان ھيٺ ھلندي ڪلياڻ (Calanus) نالي سان ڪو ٻيو سنت سُجھندو ھوس، تنھن کي کنڀي کنيائين، سو ساڻس گڏ سوسا ڏي ھلندي، واٽ تي ناساز ٿي وڃي ڏاگھه تي چڙھيو ۽ ڳاھون ڳاھيندي، باھه جي ڀڀڙ ۾ ڌوڪي پيو، اتان سڪندر کي سڏي چيائين،”پاڻ وري بابل ۾ ملنداسون“. بيکاريءَ جي روحاني طاقت اڳيان آڻ مڃيندي سڪندر سڄو ڪٽڪ ڪٺو ڪري, پنھنجي سر کيس فوجي سلامي پيش ڪئي.

اروڙ ۾ راجا موشڪن کي مارائڻ بعد، لاڙ جي پاتال بندر ۾ سمي ڄام (سامبس) سان صلح ڪري، سڪندر سامونڊي ساحل تي گھڻو وقت گذاريو. تڙ جي تعمير ڪرائي، ان جي آباديءَ ۾ زبردست اضافو آندائين. پوءِ پِيٿان (Peithon) کي پاتال جو والي بڻائي بابل پھتو، جتي (323 ق.م) ڪلياڻ جي پيشنگوئي پوري ٿي ۽ سڪندر وڃي ساڻس مليو. سنياسي ڍنڍيءَ وارو سوال پڻ ھتي سمجھه ۾ آيو. پيٿان پوءِ پوري مغربي پاڪستان (قديم سنڌ) جو والي بڻيو، پر سندس سڀني مقبوضات مان سڀ کان اول (321 ق.م) سنڌ مان ئي آزاديءَ جي لھر اٿي ۽ اھا پاتال کان پيدا ٿي ھئي. چندر  گپت موريا جون گوريلا سرگرميون به ڏکڻ سنڌ (لاڙ) مان ئي شروع ٿيون. پيٿان درياھه ٽپي وڃي، بلوچستان ۾ دم پٽيو ۽ اتان آرڪوشيا (قنڌار) ڏي ڀڄي ويو. يوناني حڪومت ستن سالن اندر (316 ق.م) ۾ پوري ٿي. ڏھن سالن بعد (306 ق.م) سيليوڪس نڪئٽر، سنڌوءَ جي ڪناري تي اچي موريا مھاراجا سان صلح ڪيو ۽ پنھنجي ايرانڻ ڌيءَ (افعانستان سميت) بندوسار موريا کي ڏنائين. انھيءَ مان اشوڪ اعظم ڄائو، جنھن ٽيون مشھور ميڙ ڪوٺايو.

اشوڪ موريا ۽ ٽين ٻوڌي مجلس: بندوسار موريا جي مرڻ وقت (273 ق.م) اشوڪ افغانستان جو وائسراءِ ھو. اتان اچي، ڀائرن سان چار سال چوٽون کائي، زوريءَ حڪومت ھٿ ڪيائين. وري ارڏائيءَ سان ڀيرون وڄائيندو، اچي ڪلنگا تي ڪڙڪيو ۽ خونريز جنگ کان پوءِ اتي جو به قبضو ورتائين. نيٺ جڏھن نگروڌ نالي ڀڪشوءَ جي منھن چڙھيو، تڏھن توبھه تائب ٿي، اھڙين ارڏاين کان ھميشه لاءِ ھن پڇتائيو- ”جنگي ڀير جو وڄڻ ھاڻي ھميشه لاءِ خاموش ڪيو ويو ۽ انھيءَ جڳھه تان ھاڻي وري مذھب جي منادي گونجائي ويئي آھي، ھاڻي لڙائيءَ لاءِ ته ڪٽڪ ۾ ڪوبه ناد ڪونه وڄندو؛ باقي ديو نمپيا (اشوڪ)، فقط چال سڌارڻ جو سڏ وڏو آھي. “IV Major Rock Edict”.] منڍ ۾ ٻارھن مھينا، ٻالپنڊت وٽ وھار ۾ ويھي، بيکو سنگھه کان ونيه (سکيا) ورتائين- ھاڻي پريه درشن (اشوڪ) کي  ڀلي ته ڪير ڪيترو به کڻي ڏکوئي؛ پر ديونمپيا اھو سڀ ڪجھه صبر سان سھندو: “Minor Rock Edict”.

اشوڪ جيڪو به قانون ڪڍندو ھو، انھيءَ تي اول پاڻ ئي عمل ڪندو ھو ته مڙني لاءِ مثال بڻجي.- ”اڳي شاھي دعوت ۾ روزانو ڪئين جانور ڪسندا ھئا، پوءِ ھڪڙو ھرڻ ۽ ٻه مور سڄي محلات لاءِ محدود ڪيا ويا. ھاڻي اھو ھرڻ ته ڇٽو، پر آئيندي لاءِ ته اھي مور به ڪين ڪسندا، راجا پريه درشن اوھان کي به ساھوارن جي جيئڻدان لاءِ ساڳي صلاح ڏئي ٿو“. ڀڪشو بڻجڻ بعد، ڌرمپال اُپگپت جي پٺيان لڳي، لُمبني گِيا ۽ سارناٿ وغيره جون زيارتون ڪندي، ڌرم پرچار لاءِ پڻ پاڻ پتوڙيندو رھيو- ”پيءُ ماءُ جو حڪم مڃيو، نيڪ ماڻھن کي مانُ ڏيو، پوڙھن جي خدمت ڪريو ۽ پاڙيوارن سان ٺھي ھلو“. انھيءَ اپگپت جي ئي صلاح تي، پاٽنا ۾ ٽين ٻوڌي ڪانفرنس (254 ق.م) ڪوٺايائين. ڀڪشو مؤد گلپتر ”تِشيه“ انھيءَ جو صدر چونڊيو ويو، ٻين ڀڪشن مان ھڪ ھزار چونڊ بزرگن لاڳيتا نَوَ مھينا نھايت ئي زوردار مباحثي کانپوءِ ’ڪٿاوٿو‘ نالي ڪتاب لکي، ڌرم جو اصلي روپ اشوڪ اڳيان آندو. اھوئي پوءِ عالمي تبليغ لاءِ ھن استعمال ڪيو.

_ ”سڄيءَ دنيا جي بھتري ھاڻي منھنجو مکي فرض آھي. پر انھيءَ جي ڪاميابي وري ڪشالي ڪڍڻ ۽ ڪم جي اڪلاءَ ۾ آھي. آءٌ ڪيتري به کڻي جاکوڙ ڪريان، پر مون کي تسلي نٿي ٿئي. انھيءَ لاءِ مون ھيئن ڪيو آھي ته ھر وقت ۽ ھر جڳھه تي توڙي آءٌ گھوڙي تي سوار ھجان يا پيادو ھجان، دسترخاني تي ھجان يا حرمخاني ۾… توڙي خلوتگاھه ۾. ڌرم متر (خابرو) کي کپي ته ھو اتي سڌو اچي عوام جو حال سڻائي ”IV Minor R.E..“ اھي ڌرم متر سدائين رعيت کي نيڪيءَ جي ترغيب ڏيڻ ۾ رڌل رھندا ھئا. ”جيئن ڪو پنھنجن ٻارن لاءِ نيڪ ۽ سڄاڻ دائي بيھاريندو آھي، تيئن مون رعيت جي بھتريءَ لاءِ اھي (ڌرمپال) مقرر ڪيا آھن“. انھيءَ مان ظاھر آھي ته اشوڪ پنھنجي مُک راجائي فرض کان غافل نه ھو. ”سڀيئي ماڻھو منھنجو اولاد آھن. پنھنجن ٻچن لاءِ جيئن ڪو چاھي ته ’اھي دنيا توڙي آخرت ۾ ھر طرح جي نيڪي ۽ سک ماڻين‘ تيئن آءٌ سڀني ماڻھن لاءِ چاھيان ٿو“.

سندس اھڙا چوڏھن مُک ڪتبا (Major R.E.) وڏن پھاڙن تي ڏھه ڇوٽا ڪتبا (Minor R.E) ڇِپن تي، ست فرمان وڏن ٿنڀن تي، ٽي ننڍن ٿنڀن تي (Pillor – Edicts) ۽ ڪي وري غارن جي منھن تي به آھن. اھي عبارتون ڪجھه ڦير گھير سان ته سؤ کن به ٿي وڃن ٿيون، اھي احڪام، ٽڪر ٽاڪي اُڪرايا اٿن.- ”ھي انھيءَ لاءِ آھن ته گھڻي تائين جٽاءُ ڪن، جيئن منھنجا پُٽ پوٽا ۽ پڙ تڙ پوٽا به، جڳ جي ڀلائيءَ لاءِ منھنجي پيروي ڪندا رھن.“ اھڙا ڪُتبا افغانستان تائين به مليا آھن، جيڪي خروشتيءَ کان سواءِ آرامي خط ۾ پڻ اُڪريل آھن. انھيءَ مان اشوڪ جي پرڏيھي پرچار جو پتو پوي ٿو ۽ اھوئي سندس عظيم ڪارنامو آھي.  تيِرھين وڏي ڪتبي موجب: پريه درشن جا پرچارڪ سِريا، سائرن، مصر، مقدونيا، ڪارنٿ، اپيرس (Epirus) ۽ اتر بلقان تائين به تبليغ ڪرڻ ويا. پِلنيءَ به شام توڙي مصر ۾ ٻُد ڀڪشن جي موجودگي مڃي آھي. سر فلنڊر پيٽر (Sir Flinders Petrie) تازو مصر جي سڪندريه بندر مان پٿر تي اُڪريل ”ڌرم چڪر“ ۽ بيراڳڻ ڳولي لڌا آھن. اشوڪ ٻئي ھنڌ ڪتبي ۾ ٻڌائي ٿوته: نه فقط مٿين ملڪن ۾ مذھب پکڙيو (جتي سندس پرچارڪ پھتا)، پر انھن ملڪن جي معرفت ٻين ڏيھن ڏي به اھو مذھب وڌيو. چين، منگوليا، ٿٻيٽ، ٿائلينڊ، برما ۽ سيام ڏي پڻ اھڙين سفارتن جو وڃڻ ثابت آھي. ٻئي نمبر مک ڪتبي موجب: اھي پرچاري ڀڪشو ھيءَ خدمت پڻ ڪندا رھيا ته بيمار انسانن توڙي حيوانن جو ھر ھنڌ علاج ٿئي ۽ دوائون مفت ملن. انھيءَ لاءِ اڻلڀ ۽ قيمتي ٻوٽن جا ٻج ڪٿان جو ڪٿي آڻي پوکائيندا ھئا. اھي تبليغي انجمنون تجارتي شاھراھن تان پکڙيون. اشوڪ انھن رستن لاءِ ٻڌائي ٿو ته: ھر ھنڌ کوھه کوٽائي، ميويدار وڻ پوکايا ويا ته مسافر ميوو کائي، پاڻيءَ ڍُڪ پي، ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ فرحت ڪن.

نه فقط خشڪي راھن سان، پر پاڻيءَ رستي پڻ اھو پرچار ڏيساورن ۾ پھتو - اشوڪ انھيءَ لاءِ پنھنجو پُڻيٺيءَ جو پُٽ (وليعھد) مھيندر ڪمار ۽ پنھنجي وڏور نياڻي سنگھمترا، ٻيئي تبليغ لاءَ وقف ڪيا؛ جيڪي سيلون جي سفر ۾ سمنڊ جھاڳي پار پھتا. انھن جي پٺ جو ڪمار، جالؤڪ پڻ ڀڪشو بڻائي ڪشمير ۽ ٿٻيٽ ۾ موڪليائين. تنھن کان ننڍو ڪمار ڪستن (Tivara) وري چين ڏي، خوتان جي خاڪ ڇاڻيندو رھيو. باقي ننڍو پٽس ”ڪنال“ سو معذور ھو. ھيءَ حسن عقيدت جي حد چئبي، چي: ” اولاد ڀلا ٻيو ڇالاءِ آھي“؟

برھمڻ جيڪڏھن سمجھيو ھجي ته اھو سڀ ڪجھه اسان کي ڪيرائڻ لاءِ ڪري رھيو آھي ته اھا سندن مورکائي ھئي. ٻارھون وڏو ڪتبو، نه فقط مڙني مذھبن کي برداشت ڪرڻ لاءِ ھڪ درد ڀري اپيل ھئي، پر انھن سڀني جي احترام لاءِ پڻ پرزور التجا ڪري ٿو. ”مڙني مذھبن جو روح ھڪڙي ئي عام اصول تي بيٺل آھي، ان کي ئي فضيلت ڏيو. مذھبي اتحاد جي محابي ڪنھن به فرقي تي ڪنھن به نڪتچينيءَ ڪرڻ کان عملي طرح پرھيز ڪريو. مختلف طريقن جا پيشوا پاڻ ۾ ڀائر بنجي، باھمي مجلسون ڪن، ۽ متفرقه مذھبن جي معلومات لاءِ انھن جو غير جانبداريءَ سان مطالعو ڪريو“.

اشوڪ جي اڪثر ڪتبن جي ٻولي ايتريقدر ته صداقت ڀري ۽ درد واري آھي، جنھن مان نھايت گھري سچائيءَ جي سڳنڌ اچي ٿي. ڄاڻن جو انھيءَ ڪري فيصلو آھي ته خود شھنشاھه پنھنجي سرئي انھن عبارتن کي ترتيب ڏني آھي. ”جڳ جي بھتريءَ کان مٿي ڀلا ٻيو به ڪو فرض آھي ڇا؟… ھيءَ ٿوري گھڻي ڪوشش جا آءُ ڪري رھيو آھيان، سا ڇا لاءِ آھي! ھن لاءِ ته آءٌ مخلوق جي قرض مان آجو ٿيان… ته آءٌ ھتي به ھنن کي ڪو سک ڏيئي سگھان ۽ اھي آخرت ۾ به بھشت ماڻين“.

اشوڪ اھڙي ته مذھبي جمھوريه قائم ڪري ويو، جنھن کي سندس معذور نابين پُٽ ڪنال به ڪاميابيءَ سان ھلائي سگھيو. اشوڪ جا وڏا پُٽَ جيتوڻيڪ ڏور ڏيھن جي ذميداري سنڀالي چڪا ھئا، تڏھن به جمھوري مرڪز جي احترام خاطر اھي سدائين سندن ننڍي ۽ نابين ڀاءُ جا فرمانبردار رھندا آيا. سندن اولاد پڻ ساڳيءَ طرح ئي مرڪز سان وفادار رھندو آيو.

ٻئي طرف، ٻڌ مذھب جي مساوات ۽ ان جي اھنسا کان برھمڻن جي دنيا تنگ اچي چڪي ھئي. ھنن جو پراڻو ڪينو، ناسور وانگيان ڀرجي نيٺ مرڪز ۾ ئي ڦاٽو. سندن اڳواڻ، پيشيه متر نالي ھڪڙو نمڪ حرام برھمڻ جيڪو پاٽنا درٻار جي اوبر تي ئي پليو ھو، تنھن آخري شھنشاھه برھدرٿ موريا کي (187 ق.م.) قتل ڪري شاھي خاندان جو ڏيئوئي گل ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ پاٽنا جو فوجي ڊڪٽيٽر (سمراٽ) بڻيو. ۽ ساڳيا يگيه وري چالو ڪيائين.

مورين جي مرڪزي جمھوريت ٽُٽندي ئي ھند ۽ سنڌ (انڊو- پاڪ) جو عارضي اتحاد پڻ پورو ٿيو ۽ اھي ھزارين سالن تائين وري به ھڪٻئي کان الڳ ئي رھيا. پاتال بندر پوءِ سدائين لاءِ سنڌ (موجوده مغربي پاڪستان) جو سرڪاري مرڪز رھيو ۽ پاٽنا وري پورڀ ديس (ڀارت) جي راڄگدي رھي. جالوڪ موريا جو پڙ پوٽو، سڀاڳسين ان وقت افغانستان جو آخري وائسراءِ ھو. اشوڪ جو جمھوري راڄ، ڌرم جي پختي اوڄي ۾ اھڙو ته ڳتيل ھو، جو انھيءَ جي ھڪ تند به مرڪز کان ٽٽڻ مشڪل ھئي. پر مرڪز جي مَٽندي ئي سڀاڳسين بيسھارو ٿي پيو، ۽ بلخ (بختر) جي يونانين پيشقدمي ڪرڻ شروع ڪئي، جيڪي مورين جي آخري علائقي (افغانستان) سان سرحدي ھئا.

بختر جا يوناني:

انهن مان پهريون اڳرائي ڪندڙ ڊيميٽريس اول (Demetrius 186 B.C.) هو، جيڪو خيبر کان سڀاڳسين جي سامهون اچڻ بدران، قنڌار وٽان وڃان بولان درو لنگهيو ۽ بلوچستان فتح ڪندو مڪران ۾ آيو. اتان عربي سمنڊ جو ڪنارو ڏيئي اچي پاتال بندر تي پهتو ۽ ان کي ئي پنهنجو مستقل مرڪز بڻايائين، جتان ڪڇ _ ڪاٺياواڙ تائين به هن سوڀون ڪيون. ڊيميٽريس (توڙي سڀاڳسين) جي وفات اندازاً 165 ق. م. ڌاري ٿي. هن جو پٽ ائگاٿوڪلس (Agathocles) گجرات ۽ کنڀات کي به فتح ڪري، سنڌ جي اتر ڏانهن چڙهيو ۽ وڃي ڪشمير تائين پهتو. سندس سِڪين تي ٻڌ مذهب جا پاڪ نشان: پپر جو پن، مهاٻوڌي وڻ، ڪنول جو گل ۽ اسٽوپا جا آثار اُڪريل آهن. اهي ٻه_ ٻوليا سِڪا آهن، جن جي هڪ پاسي يوناني ۽ ٻئي طرف خروشتي اکر آهن. تن سان گڏ ڪن تي برهمي اکر پڻ آهن. جيمس پرنسيپ (J.Prinesp 1930 A.D) انهن اکرن کي ڀيٽيندي اشوڪا جا ڪتبا پڙهي سگهيو، جن جو ترجمو مٿي اچي چڪو آهي. ائگاٿوڪلس (160 ق.م.) پنهنجي نياڻي، شهزادي ائگاٿوڪليئا (Agathocleia) تخت جي اڪيلي وارث ڇڏي، جنهن ڪابل جي جنرل مينادر سان شادي ڪري، حڪومت هن جي حوالي ڪئي.

مينادر اعظم:

مينادر اعظم، مذڪوره ملڪه پرڻجڻ ڪري قديم سنڌ (ڪاٺياواڙ – ڪشمير سميت) جو مالڪ بڻيو. بھادريءَ دانائيءَ، علم ۽ انصاف جي ڪري سندس نالو (مِلندرا = ميندرا) مھاڀارت، وايو پراڻ، گارگي سمھتا ۽ مھا ڀاشا توڙي ڪاليداس جي ناٽڪن ۾ پڻ مشھور آھي. ھن قنڌار کان ڪُرو کيتر تائين قبضو قائم ڪيو. پوءِ پنھنجي اڳوڻي پٽ اپولوڊوٽس (Apollodotus) کي پاتال ۾ پنھنجو جائنشين بڻائي سنڌ، سؤ راشٽر، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، بڙوچ، کنڀاٽ ۽ گجرات وغيره سندس سنڀال ۾ ڏنائين. انھيءَ کان مطمئن ٿي ، اڀرندي ڏانھن متوجهه ٿيو.

پورب (پاٽنا) ڏي پشيه متر ٻڌ مذھب کي مٽائڻ وارين ظلمي ڪارواين ۾ الوٽ ھو. ھن وھار ڊھرايا ۽ ھڪ ڀڪشو کي مارڻ لاءِ سؤ روپيا انعام، جو اعلان ڪيائين. اھي احوال سنڌ کان سيستان تائين پريشاني پيدا ڪري رھيا ھئا. پنھنجي ٻوڌي رعيت جي دانھن اونائڻ جو وجھه وٺي، ھن  ھڪدم حملو ڪيو. يوگ پران  موجب:  مٿرا،  چتور  ۽  اجين فتح ڪري، گنگا جمنا جي پنچال راڄ ۽ ائوڌ جي ساڪيتا راڄ کي مات ڪندو، اچي پاٽنا ۾ پھتو. ٻڌ مذھب جو مٽائيندڙ، پشيه متر ته پاڻ ئي پھرين حملي (151 ق.م) ۾ ھمشه لاءِ ميٽجي ويو ۽ پٽس اگني متر اچي پيش پيو- ”پرڏيھي راجا پتاليگرام جو اسٽوپا اڏائيندو‛‛ مھاتما جي اھا اڳڪٿي سچي نڪتي. پاڻ اگرچ ٻڌ مذھب ۾ نه ھو، پر پاٽنا ۾ رھي، برھمڻي راڄ جي سيني تي ھڪ عاليشان اسٽوپا اڏايائين. آخر اوڙيسا جي راجا کروال جي ستائڻ تي پاٽنا ڇڏي مٿرا ڏانھن موٽيو.

مينادر جي اصلي عظمت فقط انھن فتوحات ۾ نه آھي، پر سندس دماغي صلاحيت ۽ علمي قابليت ڪري ئي آھي. ڊاڪٽر راڌاڪمد مڪرجي وارو چوڻ ته ’ھو ويھه علم ڄاڻندو ھو‘. تنھن ۾ ته کڻي ڪو وڌاءُ به ھجي، مگر ماليات، اقتصاديات، سياست، قانون، ڪيميا، نجوم، طب، تاريخ، رياضي، فلاسافي، شاعري ۽ موسيقيءَ جو وڏو ماھر ھو، تنھن ۾ ته ڪو شڪ نه آھي. تنھن ھوندي به مذھب متعلق کيس وڏا وھم ۽ وسوسا ھوندا ھئا. سندس وھم مٽائڻ لاءِ اگر ڪو به دانشور ھن جي درٻار ۾ ايندو ھو ته ھيءُ ان جو آڌر ڀاءُ ڪندو ھو. انھيءَ ڪري سڀني عقيدن جا اڳواڻ  ۽  وڏا  عالم  ساڻس مذھبي مباحثو ڪرڻ ايندا ھئا، جن سان بحث ڪندي کيس خوشي ٿيندي ھئي. مذھب جي معنيٰ ۽ مراد متعلق انھن کان عالماڻي ڍنگ تي اھڙي ته آڏي پڇا ڪندو ھو، جو ھو سڀ عاجز ٿي، کيس پنھنجي ئي حال تي ڇڏي شڪست کائي موٽندا ھئا، آخر (151 ق.م.) بڪئنگ ڪاڪ (ٿائلنڊ) جي ڀڪشو ناگسين، پنھنجي عقيدي جي سچائيءَ سان ھن کي ايڏو ته مطيع ڪيو، جو تخت ڇڏي ڀريءَ درٻار ۾ ڀڪشوءَ جي اڳيان ادب سان ڪنڌ جھڪائي اچي ھن جي پناري پيو. ناگسين سان سندس مٿيون مناظرو، مينادر کانئس ئي لکائي بروقت محفوظ ڪيو. انھيءَ ڪتاب جو نالوئي پوءِ ملنڊا پنھو (مينادر پڇيو) پئجي ويو. اھو ڪتاب اڄ به چين، جپان، سلون، سيام ٿٻيٽ، ٿائلنڊ ۽ برما جي ٻوڌين وٽ، ترپٽڪ کان پوءِ سڄي پالي ساھت ۾ اُتم آھي. ان ۾ روح جي اصليت ۽ ڪائنات جي ڪيفيت وغيره بابت، جيڪو ناگسين جي گفتگو جو عالماڻو انداز آھي، تنھن ۾ سقراط وارو منطقي طريقو نھايت ئي قابليت سان ڪم آندل آھي. انھيءَ زماني ۾ ٻوڌي صحيفا ترجمو ٿي، ، مغرب جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پکڙيا. مٿئين ڪتاب جو يوناني ترجمو پڻ، مينادر جي مرڻ کان اڌ صديءَ اندر مصر جي مشھور ڪتب خاني سڪندريه ۾ پھتو.

اشوڪ، اجا تسترو ۽ ڪالاسُڪ جيان، اگرچه مينادر ڪابه ڪانفرنس ڪانه ڪوٺائي؛ تڏھن به پنج سؤ چونڊ ڀڪشو عالم ھر وقت ھن جي درٻار ۾ ھڪيا ھوندا ھئا. انھن ۾ آننتڪيه، ديومنَتيه، مڪوڙا  ۽  سڀاڏنه  وغيره  وڏا  وزير  ھئا. انھن ئي ھن کي ’ڌرم راڄ‘ (Soter) جو لقب ڏنو ھو. مينادر پنھنجي قوم جا به سوين يوناني ڀڪشو بڻايا، اشوڪ وانگر انھن جو ھڪڙو وڏو سنگھه (137 ق.م.) پاتال بندر کان سلون ڏي موڪليائين.

سنڌ جي يوناني بادشاھن ۾ مينادراعظم عالمگير شھرت جو مالڪ ٿيو آھي، سندس سونا سِڪا، جن تي ھن ’ڌرم جو ڦيٿو‘ يا ڪنول جو گل ڇاپيو ھو، سي عالمي تجارت جي ڪم آيا. سنڌ جي سوداگرن اھي انگلنڊ تائين به پھچايا، جيڪي ويجھڙائيءَ ۾ ويلس جي ڪنارن تان لڌا آھن. پوين سالن ۾ ھو پنھنجي حڪومت تان ھٿ کڻي دنيا ترڪ ڪري وڃي بيکارين جي سنگھه ۾ گڏيو. ھو نه فقط ڀڪشو بڻيو، پر پڇاڙيءَ (130 ق.م.) ۾ ’پرنرواڻ‘ نجات حاصل ڪري، پنھنجي رب ڏي راهي ٿيو. يوناني سندس لاش ساڙي، ان جي رک بختر ڏانھن کڻي ويا ۽ ان جي مٿان وڃي اسٽوپا اڏايائون. انهن مان بلخ جو نَوبھِار (نئون وھار) ۽ انھيءَ جا ڀڪشو (برمک) مشھور آھن. ٿائلنڊ ۾ ته اڄ تائين به ھن جو پُتلو پوڄيو پيو وڃي. ھن جو قائم ڪيل راڄ پوري ھڪ صدي پوءِ به، سندس ئي نالي تي سندس پوين وٽ سلامت رھيو.

مينادر جا پويان: مينادر جي مرڻ تي سندس ملڪه، پنھنجي صغير پٽ اِسٽريٽو ’اول‘ (Strato I) کي حڪومت جو حق ڏياري، پاڻ ھن سان گڏ  حڪومت  ھلائڻ  لڳي.  انھيءَ وقت ئي بختر جي سلطنت به ختم ٿي ھئي، اتان انٽيالسِيڊس (Antialcidas) خيبر کان اچي (110 ق.م.) ٽئڪسيلا تي قبضو ڪيو، اسٽريٽو اڀرندي ڏي جمنا واديءَ ۾ سلامتي سمجھي، اتي اچي اَجھو ورتو. انٽيالسيڊس به اڀرندي کان، پشيه متر جي پوٽي ڀڳاڀدر کي پاڻ سان ملائڻ خاطر، وٽس ھيليوڊورس (Heliodors) ڌوتو موڪليو. انھيءَ وڃڻ سان اھڙي ته سياسي کيڏ ڪئي، جو ٻڌ مذھب جي خلاف پاڻ کي ھندو ڌرم جو حامي چوائي، ھڪڙي مندر اڳيان انھيءَ اشتھاري مڃتا جو ٿنڀو کوڙايائين.ايڏي ساري ڍونگ رچائڻ کانپوءِ به کڙ تيل فقط اھوئي نڪتو، جو برھمڻ کيس، ’کتري‘ چئي، سندس سڄو ئي ٿورو ڄڻ ته لاھي ڦٽو ڪيو. ھيڏانھن اسٽريٽو، وري جمنا واديءَ ۾ پھچي ٻوڌي پرچار ۾ لڳي ويو.


[1]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان  - ص 201.

[2] Dr: Radha Kumud MookerjI : The History and Culture of the Indian People Vol: 11. ‘The Age of Imperial Unity’. Bombay. 1935. (Edited by: Dr. R. C Majumdar) p.22.

[3] ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان – ص 203.

[4] Dr. Radha Kumur Mookerji: The Age of Imperial Unity. P. 27.

[5]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان – ص 201.

[6]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان ص ص 201. ۽ 380 (6) ايضاً ص ص 202 – 204.

*  اسان جي عوامي آکاڻين ۾ جو ”ھڪڙو ديو ڇھ مھينا جاڳندو ھو ۽ ڇھ مھينا ننڊ ڪندو ھو“. سو شڪ نه آھي ته ھماليه پربت جو ڪوئي لاما خيال ۾ آندل ھجي.

[7]  ڌرمانند: ص ص 378 – 379.

[8]  ايضاً ص ص 337 – 357.

[9]  ايضاً ص ص 382 – 384.

[10]  ڌرمانند (ڀومڪا) : ص 24.

[11]  ايضاً (ڀومڪا) : ص ص 24 - 25.

[12]  ايضاً ص 188.

[13]  پوپٽي ھيراننداڻي ڀاشا شاستر (بمبئي) ص  ص 170- 173.

[14]  Dr: Nalinaksha Dutt: The age of Imperial Unity. Bombay. 1953. (General Editor, Dr: C Majumdar.) PP. 378-379.

[15]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان. ص ص 23 – 24.

[16] George Wood Cock: The Greeks in India P.33.

[17] G.W. Cock: Greeks in India. P. 34.

[18] Dr: Radha Kumud Mookerje: The Age of Imperial Unity P.58.

[19] G. W. Cock : Greeks in India. P.P 41, 42, 44.

[20] Dr: Radha Kumud Mookerje: The Age of Imperial Unity P.83.

[21] Ibid. P. 74.

[22] Dr: Radha Kumud Mookerje: The Age of Imperial Unity P.76.

[23] Ibid P. 80.

[24] Ibid P. 76.

[25] Ibid P. P. 71-72.

[26] Ibid P. 77.

[27] Ibid P. 77.

[28] G. Wood Cock: Greeks in India. P. 56.

[29] G. W. Cock, Greeks in India. P. 156.

[30] Dr: Radha Kumud Mookerji, The Age of Imerial Unity P. 84.

[31] George: W. Coek: Greeks in Inddia P. 56.

[32] Dr: Radha Kumud: The Age of Imerial Unity P. 82-83.

[33] Dr: Radha Kumud: The Age of Imerial Unity P. 76.

* The Grete Emetreus. The King of India (Chaucer’s Knight’s Tale) 81.

[34] G.W. Cock: Greek in India PP.78-86.

**  اهڙي ڪوشش فيروز شاهه تغلق به ڪئي هئي.

[35] G. W. Cock: Greeks in India. P. 87.

[36] Dr: R.K Mookerji: Imperial Unity P . 97.

[37] G. W. Cock: Greeks in India. PP. 100-191.

[38] G. W. Cock: Greeks in India. PP. 99-100.

[39] Ibid: P.102.

[40] Dr: R.K Mookerji: Imperial Unity P.586.

[41] Ibid: P. 586.

[42] G.W. Cock: Greeks in India. PP. 112-113.

[43] Ibid: P. 95.

[44] G. W. Cock: Greeks in India. PP. 104.

[45] Ibid: P. 113.

[46] Ibid: P. 94.

[47] Ibid: P 113-114.

[48] Dr: D.C. Sircar: Age of Imperial Unity P. 113.

[49] G. W. Cock: Greeks in India. PP. 116-118. also Dr: D.C. Sircar: Age of Imperial Unity.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com