سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1968ع

مضمون:

صفحو :10

اڳوڻين ٻنھي قسطن جو غور سان مطالعو ڪرڻ مان ھيءُ امڪان واجبي نظر ايندو ته: پٿر واري زماني جي پراڪرتي (فطري) شجر مان شجرو ڇڪي، بنيادي شاعريءَ کي روايتي شاعريءَ سان آڻي ملائڻ ڪا اڻ ٿيڻي ڳالھه نه ٿيندي؛ پر جيڪڏھن رڳو مروج شاعريءَ جي شاھي شجر کي انھيءَ قديم ڪَليءَ مان ڪڍڻ، يا اڃا به ان کان اڳ جي ڪنھن انفرادي ۽ بي معنيٰ مفظ (انو پلوي) کي ئي ان جو اصلي انگور يا مکڙي مڃڻ، اسان کي فقط برداشت به ٿي سگھي.

پٿر ۽ ان جي اوزارن کي اڃا سوڌو استعمال ڪرڻ به ته اسين قطعي طور تي قطع ڪونه ڪري چڪا آھيون، جنڊ، روھيون، کرل، برنيون، ڪُرنڊ، ڪونڊا، اُکريون، عقيق ۽ ٻيا مڻيا موتي اڄ به ته عام جام ورتا پيا وڃن.! انھيءَ ساڳي ابدي پٿر جھڙائي ڪي ڪھنا ۽ بيجان الفاظ پڻ اڃا تائين ڳائبا پيا اچن! انھيءَ جو ھڪڙو مثال تِيرَوت، (Tirvat) به آھي. ھيءَ تمام قديم زماني وارين انھن ابتدائي لاتين جو ھڪڙو يادگار رھجي ويو آھي، جن ۾ ڪوئي با معنيٰ لفظ اڃا داخل ئي نه ٿي سگھيو ھو؛ تنھنڪري رڳو سريلا اکر ئي الاپيندا ھئا. اھا ريت چالو رکندي اڄ تائين به انھيءَ ۾ فقط بي معنيٰ ڇڙھا الفاظ ڳائبا پيا اچن. جيئن ته: جُھم، تُم، ڌَن، ڌِن، ڌي… تي، ڪِي وغيره. اھي رڳو علتي اُچار آھن، انھيءَ ڪري پوءِ جي زماني ۾ مُني ڀرت انھيءَ جو نالو نِرڳيتا سنگيت، (بي مقصد غنان) تجويز ڪيو آھي.[1]

تروٽ جھڙو ٻيو به ھڪڙو پراڻو پراڪرتي ڳيت ”پرٻنڌ“ پڻ آھي. جيڪو جاتِي ڳيچن مان جڙيو يا انھن سان گڏ اسريو، مگر ھيءُ ھڪڙو ڪھنو ڳِيو ھوندو ھو. اڳئين ڀيري به ان جو فقط نالو ڳڻايو ويو آھي. انھيءَ جي پوري پچار ۽ ان تي آچار ويچار ته اڃا به اڳتي ايندو، پر ھتي موقعي جي مناسبت سان انھيءَ جي ابتدا ڏي اشارو ڪرڻو پوي ٿو. پرٻنڌ جي پيدا ٿيڻ، سرجڻ ۽ ان جي انگورجڻ جو احوال ھيئن آيو آھي.”انڊو- پاڪستاني ڳيو (Singing) بلڪل ئي اوائلي تنوارن ۽ جھونگارن مان اسري ڪري ترقيءَ جي مختلف مرحلن ۽ منزلن مان گذرندو آيو آھي. جدا جدا حالتن مان لنگھندي مختلف صورتون مٽائيندي آخرڪار اچي پرٻنڌ جي شڪل ۾ پڌرو ٿيو“.[2]”پرٻنڌ گيت جو پراڻي ۾ پراڻو نمونوسُريته يا سُورَٿ (Swarath) سڏبو ھو. ان جي اصلي خاڪي ۾ الفاط ھوندا ئي ڪونه ھئا، تنھنڪري خالي آواز ھيٺ مٿي ڪري آلاپيا ويندا ھئا. (جيئن ھاڻوڪي سرگم جي آلاپ ۾ ڪندا آھن). پوءِ ان جي ارتقائي دؤر اندر، منجھس ڪي فالتو اچار به آندا ويا.“[3] اُچارن جي وستار يعني اکرن کي جزياتي تفصيل سان تنوارڻ ۽ جھونگارڻ مان اول آزاد نموني جو آلاپ بڻيو. انھيءَ مان اِسٿايه (Sthaya) يعني سرائتا الفاظ ۽ غنائي ٻول ٻَجھندا ويا، تان جو آخر ۾ ازخود پرٻنڌ جي پوريءَ تڪ جي ترتيب ٿي وئي“.[4] اُنھيءَ اوائلي تڪ کي اسٿايه، يا، ٿايه (sthaya or thaya) چيو ويو. اسٿايه اصل ۾ پرٻنڌ جو ھڪڙو بنيادي ٻول يا غنائي فقرو ھو، اسان جي ڳيت جي اوائلي شڪل اھائي ھئي.“[5] اھي پرٻنڌ اسلامي حڪومتن جي اچڻ وقت عام ھئا. پرٻنڌ کي پوءِ سازيندي جي محاوري ۾ گت چيو ويو، جيڪو گيت مان گسي وڃي گت بيٺو آھي ۽ ھاڻي انھيءَ جي معنيٰ سُروُد، لئي يا ترنم (Rhythm) آھي.[6] اهي ڳالھيون اڳ ۾ به گھڻي تفصيل سان اچي چڪيون آھن، تنھنڪري تاريخ کي اتان اڳڀرو ڌڪيندي پوين پراڪرتي ڳيچن جي پچار ڪجي ٿي.

انڊو پاڪستاني ڳيتن جي تاريخ، قديم زماني کان وٺي ويندي ڪنھن قريبي زماني تائين به، پراڪرتي (Indigenous) سنگيت ۽ عوامي روايتن جي گڏيل اوسر پئي رھندي آئي آھي. انھن جي مسلسل تعمير ۾ قديم رھاڪن توڙي پوءِ جي ٻاھران آيل ڪيترين ئي مختلف قومن جي ڀانت ڀانت جي نغمن جي  آميزش  ٿيل  آھي.“[7] ”ڌرمي  پوڄائن توڙي سِڪشائن جي ڌيان سان چڪاس ڪندي ئي، اڻپڇيو انھيءَ نتيجي تي اچڻو پوي ٿو ته: انڊو- پاڪستاني ڳيتن جي پيڙھه، انھن جي اوسر ۽ ارتقا، اصل ۾ ڪن ريتن رسمن جي ادائگيءَ مان ٿي آھي.[8] مثلاً، ھيءَ ھڪڙي عام حقيقت آھي ته سانوڻ جي مند کي، آبادگار لوڪن جي جياپي خاطر ۽ مال وارن جي گذران سبب، تمام  اعليٰ اھميت حاصل آھي. مينھن جي آجيان ۽ استقبال ۾ جشن ملھائڻ جو رواج بلڪل ئي پراڻو ۽ عام آھي. اڄ تائين به انڊو- پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ مڙني مالوند ماڻھن ۽ ھارين جون زالون، ڄيٺ آکاڙ ۾، مينھن وسائڻ متعلق مخصوص نموني جا لوڪ ڳيچ ڳائينديون رھنديون آھن.[9] ڊاڪٽر بيرائيڊيل ڪيٿ، سنسڪرت سانگ، جي سمجھاڻي ڏيندي لکيو آھي ته: مھاوت ۾ سندن مال جي چاري ۽ پوکن جي سڌاري لاءِ، ڪي ڪماريون (جوان ڇوڪريون) مينھن جو ساٺ (حيلو) ڪندي، باھه جي چوڌاري نچنديون ۽ ڳائينديون رھنديون ھيون.[10] اھو ناچ نه فقط ڪي ڪنئاريون ڌرمي پوڄائن ۾ ڪنديون ھيون؛ پر سماجي رسمن ۾ ته سھاڳڻيون ۽ ڪي اڌڙوت ڪراڙيون به ڪنھن جي جھلڻ جون ئي ڪين ھيون. شادي وھانءَ جھڙن موقعن تي ته سڀني ساٺن سؤڻن ۾ سھاڳڻين جو ناچ ھلندو ئي رھندو ھو، تنھن سان گڏ وري تاڙيءَ جي وڄت سان ڳائڻ به لاڳيتو ئي لڳو ايندو ھو. اھي احوال سانکيه گرھيه سوترن مان ملن ٿا.[11] اھڙيءَ طرح ڌرمي يگيه ۾ جڏھن پروھت ۽ سندس پوئِلڳ، ڳاھُن ڳائڻ لاءِ ھڪٻئي کان وارو وٺندا ۽ ڏيندا رھندا ھئا، تڏھن سندن زالون وري وڄت واري ناچ ۾ مست ھونديون ھيون، يگيه ختم ٿيندو ڏسي، پوءِ ته سڀئي انھيءَ جھمر ۾ ڪاھي پوندا ھئا ۽ پنَبيون ھڻندي يگيه ختم ٿيندو ھو.[12]

اھڙي نموني جا ناچ ڳيت (Ballads) بيان ڪندي، اڳئين ڀيري به انھيءَ ڳالھه ڏي خاص طرح توجھه ڇڪايو ويو آھي ته اھا جھمر، قديم شاعري (پراچين ڳيچن) جو نه فقط لازمي جز ھئي؛ پر اصل ۾ ان جي ڄڻيندڙ ۽ نپائيندڙ ئي اھا جھمر (ڇيڄ)آھي، قديم رقص جي بنياد تي، اوائلي ڳيت جو ڍانچو ڪھڙيءَ طرح بيھاريو ويو، اھا ڳالھه اڳ۾ ئي سمجھائي آيا آھيون، ان تي وڌيڪ ويچار ڪنھن مناسب موقعي سارو اڳتي ايندو. انھيءَ پراڻي ناچ جي پڙ ناني بھرحال اھا پُتلي (dancer) سمجھڻ گھرجي، جيڪا موھن جي دڙي مان ملي آھي.

سنسڪرت جو تعلق: قديم ڳيچن جا اھي آڳاٽا آثار ۽ اھڃاڻ جيئن ته (سنسڪرت وارن) ويد گرنٿن مان به ورتل آھن، تنھن مان اھا غلطفھمي نه ڦھلجڻ کپي ته ڪو آريه لوڪ به اصلي رھاڪن جي ڀيٽ ۾ سندن سنسڪرت ڪاويه کي ساڳيءَ سطح تي آڻڻ ۾ سوڀارا ٿيا ھوندا.- ” آريائي ڳيتن جي ادبي  ۽ تھذيبي اوسر ۾ جيڪي به نيون نيون ڳالھيون پيدا ٿينديون پئي رھيون، اھي ڪي آرين جون پنھنجون ايجادون ڪين ھيون، انھن ۾ به اڻ ارين جو ھٿ ھميشه ئي رھندو پئي آيو، آريه لوڪ انھيءَ ڪري اڻ آرين جا ڪمالات حاصل ڪرڻ لاءِ سدائين سندن محتاج رھندا پئي آيا“ [13]”. آڳاٽن ويد شاسترن جيڪا تھذيب ۽ تمدن جي عاليشان تصوير پيش ڪئي آھي، سا غير آريائي قومن جي ئي علوم ۽ فنون، توڙي تمدن ۽ ثقافت جو عڪس آھي؛ جيڪي ھن ملڪ جا اصلي رھاڪو ھئا. آريه لوڪن کي ساڻن اھڙي ثقافتي ۽ تھذيبي ڳنڍ جوڙ ڪرڻ ۾ به تمام ڪافي عرصو لڳي ويو، اھڙو سلسلو ويدڪ لٽريچر جي توڙ تائين ھلندو آيو. جنھن ۾ اھا اصلوڪي اتم سڀيتا (پراڪرتي) وري وري پئي اٿل پٿل ھيٺ آئي آھي، تنھن ۾ اھا ڊھندي ۽ ٺھندي، نئين سر اسرندي ۽ اڀرندي پئي رھي آھي“[14] اھڙي اٿل پٿل ۽  ڊاھه ٺاھه مان ھٿئون ھڪڙو اھڙو اگرو نتيجو نڪرڻ لڳو؛ جو ويد گرنٿ جيڪي عيسوي سن کان پنج ڇھه صديون* اڳيئي لکجڻ چالو ٿيا ھئا، سي انھيءَ جي رد عمل ۾ پوءِ سُٽ جي منڌل ڦوري وانگر اھڙي طرح سان ڳانڍوڙجي وچڙجي ويا؛ جو آخرڪار اھي گمراھيءَ جو ھڪڙو گورک ڌنڌو بڻجي پيا. خود ھندو ڌرم اندر به، انھيءَ زماني ۾ ئي، چار واڪ (Charvak) جھڙا ڪي سياڻا ۽ سنجيدا ماڻھو اکيون پٽي اٿيا. چي: ويدن جي ٻولي سنسڪرت (Gibberish) ۽ انھن جو مضمون سواءِ بڪواس جي ٻيو ڪجھه به نه آھي.[15]

-”ويدن جو بنيادي مواد توڙي مضمون اوائل ۾ ته رڳو انھيءَ ڪري اٿلائي پٿلائي اوندو ابتو ڪري بيھاريو ويندو ھو، جو انھن جي اصلي متن ۽ محاوري ۾ موسيقيءَ جي مزاج توڙي ڳيچ جي انداز جي ڪابه مناسبت ڪانه ھوندي ھئي. پر پوءِ جي پنڊتن جي اھا ماڳھين عادت بڻجي پيئي“.[16] انھيءَ عادت سبب، ويدي سنسڪرت جي اھڙيءَ آپگھات واري (خودڪار) نيتيءَ، نيٺ سندس انت ئي آندو ۽ پوءِ اھا رڳو ڌرمي پروھتن جي ھڪڙي مخصوص ۽ تنگ دائري اندر محدود رھندي، آخرڪار ٻوساٽجي ۽ گھٽجي مري ويئي.* جيتوڻيڪ انھيءَ کي پوءِ فرعون جي مڙھه (Mummy) وانگر سانڍڻ ۽ سانڀڻ ۾ پنڊت پڇاڙيءَ تائين به لڳا ئي رھيا آھن. جيئن اڳتي نظر ايندو.

اڳيون مقالو، جيڪو سڄو ئي، ’آريائي شاعري‘** ۽ سنسڪرت ساھتيه لاء مخصوص ڪيو ويو ھو، تنھن جي شروعات ويدن جي منڍ کان ئي مھند ڪيل آھي. انھيءَ مضمون کي ڌڪيندي ڇڪيندي، عيسوي اٺين نائين صديءَ سوڌو به آندو ويو آھي. پر پوءِ معلوم ٿيو ته خود ويدن جا جي اٺاويھه وڏا وياس (مرتب) ٻڌجن پيا، تن سان ساينه جو نالو  به  آيو آهي، تنهن پڻ ويدن کي ترتيب ڏني آهي.، انگريز لوڪن اڪثر انهيءَ جا ئي ويد مڪمل مڃي، ترجمي لاءِ چونڊيا آهن. رگ ويد ۾ هن تي هڪڙو نوٽ لکيل آهي. __ ”ساينه، سنه 1331ع کان وٺي، سندس مرتيو 1386ع تائين، شر نگريءَ جي مڙهي ۾ مک برهمڻ هوندو هو. برنيل صاحب هن ساڳئي ساينه جو ٻيو نالو ’ماڌو برهمڻ‘ به معلوم ڪيو آهي.“[17] انهيءَ اشاري مان اهو انومان ٿو نڪري ته عيسوي چوڏهين صديءَ تائين به ويدن جي آخري سٽاء ٿيل ڪا نه هئي!

ويدن جي پويان وري ’برهمڻ گرنٿ‘ ملايل آهن، انهن ۾ آرڻيڪ ۽ اُپنشد آندل آهن. سي ڪهڙي سبب ملايا ويا؟ چارواڪ جهڙا حريف ته منڍ کان ئي موجود هئا، تن چئي ڏنو ته: ويدن جا رچيندڙ چالباز، ڀنڊ ۽ حرام کائڪ (Hypocrites, Cheats and Flesh-eaters…) آهن، جن جو مقصد آهي ڍور ڍڳا ۽ گهوڙا وغيره ڪُهي کائڻ.[18] تنهن بعد ڪيسڪمبل جي هيءَ ڏيڍ تُڪ به پڙهي ڏسو، ”اگنشوم! يگي ۾ ڪُٺل ڍور، جي سرڳ (بهشت) ۾ وڃي سگهي ٿو ته پنهنجي پوڙهي پيءَ کي ڇو نٿو يگيه ۾ ڪُهي موڪلين؟“[19] مطلب ته هندو سماج ۾ ئي ايڏي هلچل هلي ويئي، جو سمجهو ماڻهن ويدن جي کٽراڳ کي ئي ختم ڪرڻ چاهيو. ڪارڪا سانکيه فلاسافيءَ موجب پڻ ٻين ڏٺل وائٺل اُپاون (اٽڪلن) وانگر ئي ويدن جو اُپاءُ به فضول آهي. ڇو ته اهي آشُڌي،. تباهيءَ ۽ وڌاءَ سان ڀريا پيا آھن.[20] اھڙن فيلسوف شاعرن جي جواب ۾ ئي برھمڻن جا اپنشد ۽ ويدانيت وجود ۾ آيا.

برھمڻ شاسترن جو زمانو به عيسويءَ سورھين صديءَ سوڌو معلوم ٿئي ٿو. ڇو ته اڪبر بادشاھ جي زماني جي لکيل الوپنشد سو به اپنشد ۾ شامل آھي.[21] پر، پنڊتن جون پوءِ به اھڙيون ڪيئين ڪوششون مٿي بتايل گٿيءَ کي سلجھائڻ ۾ ئي صرف ٿينديون آيون. مھاتما ٻڌ اھڙن ئي سببن ڪري، سنسڪرت جي جھنجھٽ کان پريندي ئي پري رھيو.

ٻڌ پرچار جي نوعيت: عام خلق جي ڀلائيءَ خاطر، ڀاڳونت ٻڌ پنھنجو پر ٻوڌ ۽ پرچار به پراڪرت يعني فطري محاوري ۽ عوامي زبان (لوڪ ڀاشا) ۾ چالو ڪيو. انھيءَ لاءِ ته عوام ان کي آسانيءَ سان سمجھي سگھن ۽ ساري انسانذات جو ڇيھو کٽيو به سندن سمجھه ۾ سولائيءَ سان اچي سگھي. مھاتما جي زماني ۾ لکت جو ابتدائي ھنر اڃا فقط چند برھمڻن جي ئي چنبي ھيٺ سوگھو ھو، جيڪي ان کي اباڻو ورثو بنائڻ لاءِ مٿس نانگ وارو پھرو ڏيئي رھيا ھئا. راجا ھجي توڙي راجڪمار، لکڻ پڙھڻ کي رڳو ھٿ به لائي ڏسي، عوام جي ته اتي مجال ئي ڇاھي! مھاتما ٻڌ پاڻ به جيئن ته انھن کتري ڪمارن مان ھو، جن جي نصاب ۾ فقط خونريزيءَ جي تعليم ئي لازمي ڪيل ھئي؛ سو ويچارو انھيءَ وديا چڪر کان ته ڪوروئي ڪورو ھو، پڙھيل پنڊتن مان به پوءِ مھاڪيشپ، مھاڪچيان، ڪوڻڊنيه ۽ ساريپت جھڙا ڪي ٿورا سڄاڻ برھمڻ خدائي نسل کي ڇڏي اچي عام انساني برادريءَ ۾ داخل ٿيا ھئا. باقي ڀڪشن مان به گھڻو ڪري سڀني جو ساڳيو مھاتما وارو ئي حال ھو، تنھنڪري پاڻ تبليغ ۽ تعليم به زبانيءَ طور چالو ڪيائين، جنھن کي سندس جيئري ”واک ميه“ يعني برزبان يا ڪُنٺ ڪيل واڪ چئبو ھو.[22]

سندس چالاڻي بعد اھي واڪ (وچن) لکجي ويا، تڏھن به ساڳئي نالي سان سڏبا ھئا؛ ڇو ته اھي وچن برزبان ڪرڻ ھر ڪنھن لاءِ لازمي ھئا. اشوڪ جي پٽ مھيندر ڪمار، پڙھيل ھوندي به سانده ٽي سال ويھي، اھي وچن (سُت) ياد ڪيا ھئا. ياد ڪرائڻ واري انھيءَ مٿئين ضرورت جي مد نظر، مھاتما سندس مکيه متا ۽ اھم اصول ننڍڙن سُتن (سُوتن يا سوترن) جي ئي صورت ۾ سيکاريندو ھو. سندس پوئلڳ پاڻ به اھڙا ڪي اھم نُڪتا ورجائيندي ۽ دھرائيندي انھن کي ھر وقت پنھنجيءَ لئي ۾ لنوَندا ۽ جِھيل سان جھونگاريندا رھندا ھئا، انھيءَ لاءِ ته اھي آسانيءَ سان ذھن نشين ٿي وڃن، اھڙين ئي تنوارن مان ترتيب وٺندي، سُريلا سُت ۽ ڳِيا اسرندا آيا، جيڪي ڀانت ڀانت جي ڀڪشن جو ورد بڻيا، (جيئن کدڪ نِڪايه جي وِماڻ وَٿُو ۾ آھي). اڳئين جڳ ۾ جيئن ته تعليم ڏيڻ جو اھو ئي زباني ياد ڪرائڻ وارو طريقو عام ھو- تنھنڪري ”اوائل ۾ رڳو اھي سُت ۽ ڳِيا ھوندا ھئا، جن ۾ ئي سندس سڄي سکيا سمايل ھئي.- مھاتما جيئن ھڪ دفعي چيو به ھو: اي آنند! اھي سُت ۽ ڳِيا سڀ گھڻو ڪري تنھنجا سئل ٻڌل آھن ۽ تون انھن مان پورو واقف آھين، تنھنڪري تنھنجو انھيءَ مطلب سان  منھنجي  پٺيان  لڳڻ  ڪو  ضروري  نه  آھي‘… مطلب ته سُتن ۽ ڳِيين ۾ ئي سندس پوئلڳن لاءِ ٻڌ جو اپديش ھو“.[23]

اشوڪ جي زماني تائين به ڌرم جا جيڪي نَوَ مکيه انگ مڃيا ويندا ھئا، تن ۾ سُت (غنا) ڳيچ (ڳيا)، ڳاھون (مُني ۽ ٿيري گاٿا)‘… ۽ انھن جي ويا کيا (ويا ڪرڻ) وغيره بنيادي ڳالھيون سمجھيون وينديون ھيون.[24] سُت نپات (کُدڪ نِڪايه) ۾ مھاتما ٻڌ پاڻ گايتري نالي ڇند کي واکاڻيو آھي ۽ مُني ڀاردواج نالي ھڪڙي برھمڻ جي پڇڻ تي به انھيءَ ڇند جي ساراھه ڪئي اٿس. انھيءَ مان اندازو ٿئي ٿو ته شاڪيامنيءَ کي پراڻي سنگيت ۾ گايتري ڇند ٺيڪ نظر آيو؛ تنھنڪري سندس رچيل سُت ۽ ڳيا سڀ گھڻو ڪري انھيءَ ڇند ۾ ئي ڳارايا ويا ھوندا.

تِرپِٽڪ تي ھڪ نظر: مٿي ٽن ڪتابن (تِرپٽِڪ) جو احوال اشارتاً آيو آھي، جيڪي پھرين چوماھي بيٺڪ ۾ جمع ڪيا ويا ھئا. انھن ٽنھي کي الڳ الڳ ٻولڻ لاءِ،  ٽي سڄاڻ راوي چونڊي مقرر ڪيا ويا ھئا. سندن سُت ۽ ڳيت قلمبند ڪرڻ لاءِ، مھاڪيشيپ سان گڏ ٻيو مشھور ليکڪ ساريپت برھمڻ به شامل ڪيو ويو ھو، جنھن پويون پٽڪ (اڀدم) سڄوئي اڪيلي سر لکيو[25]. ديودت جي دست اندازي ڪرڻ ۽ دخل ڏيڻ ڪري، اگرچه انھيءَ ڪم  ۾ ڪي رنڊڪون به پيئون، پر سڀڪو پنھنجي پنھنجي ڪم کي نڀائي وڃي پار پيو. مگر اھڙيءَ حالت ۾ وري ٽنھي ٽوڪرين کي  پاڻ ۾  بروقت  ڀيٽي ڏسڻ جي وڌيڪ مھلت ملي نه سگھي ۽ ڪي ساڳيون ساڳيون ڳالھيون به ٽنھي ڪتابن اندر اچي ويئون. پوءِ وارا ٻوڌي ته وري اھڙي تڪرار کي به مشق لاءِ پاڻ ضروري مڃڻ لڳا. ٻي مشھور ميٽنگ، جيڪا مھاتما جي سؤ ساله ورسيءَ (378 ق.م) تي وئشالي ۾ ڪوٺائي ويئي تنھن بعد ٽنھي ڪتابن کي ننڍن ننڍن نِڪايه يعني ڀاڱن (Chapters) ۾ ورڇي رکيو ويو. جيتوڻيڪ انھن جي مواد ۽ مضمون ۾ ته ڪوئي سڌارو ڪونه آيو، پر ڪي ڀاڳ ۽ باب (نڪايه) ھڪڙي ٽوڪريءَ مان ڪڍي، ٻيءَ ۾ وڌا ويا، ”ڪن جو چوڻ آھي ته کدُڪ نڪايه وارو فصل، اصل ۾ اڀدم پٽڪ اندر پيل ھو، پر ٻين جي چوڻ موجب: اھو اول سُت پٽڪ ۾ ئي سمايل ھو. الگد سُت جي اٺڪٿا ۾ چيو ويو آھي ته: ڳائڻ جي گڏيل سوتن کي ڳِيا ڪوٺيندا ھئا. سُنيت نڪايه جو پھريون ڀاڳ ان جي مثال طور ڏنو ويو آھي. انھيءَ ڪري ائين چوڻ ڏکيو آھي ته گاٿا نالي ڀاڳ (Chapter) ڇو ڌار ڪيو ويو. ٿي سگھي ٿو ته ڳِيا اندر ڪن خاص پرڪارن جي ڳاھن جو سمائڻ ٺيڪ نه سمجھيو ويو.[26] ٻڌگهوش آچاريه جو چوڻ آھي ته: گاٿا ڀاڳ ۾ ٿير گاٿا (مني گاٿا) ٿيري گاٿا (ڀڪشڻي گاٿا) يا ڪي ٻيون گاٿائون به اچي ويئون ٿي.[27]

پھرئين ڪتاب، ونيه پڪٽ ۾ جيئن ته رڳو جماعت (سنگھ) جي انتظام ۽ ضابطي جي ترغيب (ونيه) ڏنل آھي ۽ پوئين پٽڪ يا ٽئين ڪتاب (اڀدم) اندر وري وڏيءَ ذات وارن جي وڏائي  يا  اوچي  نسل  واريءَ  آڪڙ  جي  خلاف،  توڙي گگدامن جي بچاءُ ۾ مھاتما جا برھمڻن سان ڪيل بحث مباحثا، جيڪي ساريپت کي موقعي بموقعي معلوم ھئا، سي آندل آھن. باقي رھيو نمبر ٻيو يعني وچون ڪتاب (سُت پٽڪ) سو ته خالص مذھبي عقائد جو ڪتاب آھي، تنھن ۾ ئي تٿا گٿ جي سڄي تعليم ۽ تلقين سمايل آھي. انھي ۾ جيڪي به ڳيچ، ڳيا، ڳاھون۽ سُت سمايل آھن، سي سڀ اوچي ادبي معيار جا آھن ۽ اسان جي ھن مضمون جو مک مواد آھن، تنھنڪري ھتي رڳو سُت پٽڪ تي ئي تبصرو ڪبو.

سُت پٽڪ جو ادبي جائزو: انھيءَ جا جملي پنج باب آھن. تن مان فقط ٽيون نمبر سنيت نڪايه ۽ آخري باب کُدڪُ نڪايه ھتي ھٿ ۾ کڻجن ٿا. سنيت نڪايه جو ڪجھ ذڪر ته اڳ ۾ ئي مٿي اچي چڪو آھي، ٿورو وڌيڪ احوال ھتي به ڏجي ٿو- سنيت نڪايه ۾ ته ڪيتريون ئي ڳالھيون اھڙيون به آھن جيڪي خالص ادبي اعتبار کان به خاص توجھ جي لائق آھن. ھن جي منڍوارن حصن ۾ ته بلڪل ئي حقيقي شاعري ملي ٿي. جنھن ۾ مھاتما ڪنھن يڪشا سان عقلي دليلبازي ڪندي، ڪيترائي باريڪ نڪتا ۽ منڌل مسئلا حل ڪري ويو آھي. شيطان يعني مار سان سندس مباحثو (جيڪو اڳتي ايندو)، توڙي ڀڳتياڻين کي سندس شفقت ڀري ۽ پدرانه فھمائشن ۾ ته تمام وڏيون شاعراڻيون لياقتون موجود آھن. ونٽرنٽز (Winternitz) صاحب ان کي انڊو- پاڪستان جي روايتي شاعريءَ جو اصل يعني روح تسليم ڪري ٿو ۽ مذھبي نڪته نگاه کان به ان کي مقدس غِنا ڪري مڃيو اٿس. سنيت نڪايه ۾ جيڪي به لوڪ چوڻيون توڙي روايتي حڪايتن مان تلميحون آندل آھن، تن مان مھاتما جو عظيم فڪر، سندس قوي تصور، دليري ۽ عظمت، مختلف طبيتن جي ذھني ضروتن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ھن جو ھڪيو تيار ھئڻ، برھمڻن تي سندس چست مزاح ۽ ظريفانه طنز، توڙي سڀني ساھه وارن لاءِ سندس حقيقي ھمدردي ۽ دلي محبت اھي سڀ ڳالھيون اسان تي ھڪ ٻئي پٺيان لاڳيتو ۽ گھرو اثر وجھنديون رھن ٿيون“.[28] مٿيئن مبصر جي عالماڻي جائزي مان ڪوبه نتيجو ڪڍجي، تنھن کان اڳ ۾ ڪن ڳاھن جو ترجمو نموني لاءِ نثر ۾  پيش ڪجي ٿو، جن ۾ مھاتما ۽ مار (ابليس) جو پاڻ ۾ مناظرو ٿيو ھو.

مھاتما جو پويون چلو، جنھن ۾ کيس بشارت ملڻي ھئي: انھيءَ جي آخري اڌ رات ۾ ابليس به پنھنجو آخري زور لڳائڻ آيو. 1- ”شيطان اچي ڏکندي آواز ۾ چوڻ لڳو ته تون ڳري سڙي ويو آھين. چھري جو رنگ به لھي چڪو اٿئي. ھو ھزار ڀاڱي ته تون مري چڪو آھين. باقي ھڪ ڀاڱي ڪو جيئرو آھين. موت اچي در تي بيٺو اٿئي. ڀلارا! تون سدا جيئرو رھه. جيئڻ ڀلو اٿئي. جيئرو ھوندين ته ڀلي جا ڪم به ڪري سگھندين ۽ وڏو جَس کٽندين. مگر نرواڻ لاءِ ھيڏا ڪشالا ڇو ڪڍي رھيو آھين! نرواڻ جو مارڳ نھايت ئي ڪٺن آھي، اڻانگو آھي. ائين چوندي، ابليس اچي ڀر ۾ بيٺو (ڳاھه نمبر1 کان 5 تائين) تڏھن تٿا گت چيو ته: اي پاپي! غافلن جا يار! آءٌ ڄاڻان ٿو ته تون ھت ڇو آيو آھين (ڳاھ- 6) تو واري انھيءَ جس کٽڻ جي مونکي ڪابه گھرج ڪانھي. جنھن کي ھجي، تنھن جي اڳيان وڃي اھي مرليون وڄاءِ (ڳاھه- 7) مون ۾ سمجھ آھي، سچائي ۽ ھمت آھي. آءُ جڏھن پنھنجي ارادي تي پڪو بيٺو آھيان، تڏھن تون ڇو مون کي جيئڻ لاءِ ريھي ريبي رھيو آھين؟ (ڳاھه- 8) ھيءَ ھوا نديءِ جو پاڻي سڪائي سگھي ٿي، پر جنھن پنھنجي مقصد تي چت چنبڙايو آھي، تنھن جو رت سڪائي نه سگھندي (ڳاهه- 9) پر منھنجن ڪشالن ڪري ئي جي منھنجو رت سڪي ويو ته منھنجا چِت چور وڪار به سڪي ٺوٺ ٿي ويندا. (ڳاھ- 10) پر

توسان ته جنگ جوٽڻ لاءِ آءُ اڳتي وڌان ٿو. انھي جنگ ۾ ھارائي پوءِ جيئڻ، تنھن کان ته مرڻ ئي منھنجي لاءِ ڀلو آھي. (ڳاھ 16 ۽ 18) سنيت نڪايه ۾ ٻئي ھنڌ چيل آھي ته: ٻڌ کي ڦاسائڻ لاءِ مار پنھنجيون مڪار ڌيئون به وڻ ڏي موڪليون ھيون. انھن جو حملو به جڏھن ناڪام ويو، تڏھن ٻڌ کي چيائين ته: ھي آستان منھنجو آھي، تون ھتان ھليو وڃ. مھاتما پنھنجو ساڄو ھٿ ھيٺ ڪري چيو ھيءَ ڌيرج واري گنڀير ڌرتي به شاھدي ڏيندي ته هتي منھنجو پڻ ايترو ئي حق آھي. اتي شيطان ڏاڍي ڏک ۾ چيو ته : آءُ ساندھه ست سال سڌارٿ جي پٺيان پيس. ھت ڪا ڪونئري شئي ھوندي، ڪا مٺي شئي ملندي. انھي آس ۾ رھندي، ڪانو آخر وڃي ڪوڙي ۽ سخت پھڻ تي ئي ٺونگو ھنيو. ائين ارمان ڪندي، سندس ڪُک مان ڪاني ڪري پئي ۽ ھوا سُر کان اڳ ۾ غائب ٿي ويو (ڳاھه 32-33 ۽ 34)[29] سنيت نڪايه جي انھيِءَ سرسي جائزي کان پوءِ، ھاڻي کُدڪ نڪايه (آخري باب) تي مٿاڇري نگاھه ڪجي ٿي.

ھن ۾ ھيٺيان فصل آھن: ٿيري گاٿا، مني  گاٿا،  اِتيوتڪ، سُت نپات، اپ دان، نديس ۽ جاتڪ وغيره. کُدڪ نڪايه جو خاص طرح اٺون ۽ نائون فصل ٿير گاٿا ۽ ٿيري گاٿا، (ڀڪشن ۽ ڀڳتياڻين جون ڳاھون) قابل ذڪر آھن. ’’انھي ٻنھي جي لھجي ۽ محاوري توڙي تاثرات ۾ فرق نمايان آھي. مني گاٿا ۾ دلي ڪيفيت کي وڏو دخل آھي ۽ ڀڪشڻي گاٿا ۾ وري زماني جي سورن جي پچار گھڻي آھي. دنيا جي شروعات کان وٺي، ساري انسان ذات سورن ۾ جيڪي ڳوڙھا ڳاڙيا آھن، اھي جي ھڪ ھنڌ ڪٺا ڪري سگھجن ھا؛ ته انھن جو گڏ ٿيل پاڻي ھوند سڀئي سمنڊن کان به سوايو ٿي وڃي ھا. پوءِ دنياوي زندگيءَ کي ڪيئن نعمت ڪوٺي سگھبو!“ بيان جي زور ۽ سھڻائيءَ جي بناء تي ڊاڪٽر ونٽرنٽز ڳاھن جو شاعراڻو ڪمال تسليم ڪندي انھن کي رگ ويد کان وٺي ڪاليداس واري زماني تائين جي سڄي دؤر ۾ ھندستان جي غنائي شاعريءَ جي عظيم ترين تخليق مڃڻ ۾ حق بجانب آھي.

ھنن ڳاھن ۾ ڪيترا مقبول عام محاورا انوکا اصطلاح ۽ سريلا فقرا اچن ٿا. جن کي لُنڊيءَ تُڪَ يعني وراڻيءَ يا ’ٽيڪ وانگي ورائي ورائي ڳائجي ٿو. اھيئي ھنن ڳاھن جو امتيازي حسن آھن. ٿير گاٿا (مني ڳاھون) فطرت جي حسين عڪاسيءَ سبب قديم انڊو پاڪستان جي سُريلي ۽ غنائي شاعريءَ جا املھ جواھر آھن. ڪيترين ئي دلڪش تمثيلن ۾ عام مخلوقات سان محبت جو اظھار ڪيل آھي. مھاتما لاءِ کڻي مڃجي به ته فطري نظارن مان لطف اندوز ٿيڻ جي ھو بلڪل ئي برخلاف ھو، تڏھن به سانوڻ جي سونھن جي ڀڀڪيدار بيان ڪرڻ کان ھتي رھي نه سگھيو آھي.“[30]


[1] Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Music (1961) Asia Publishing House, Bombay I P. 137.

[2] Ibid P. 122.

[3] Ibid. P114.

[4] Pranjnananand: Historical Development of Indian Music. (Preface) P. IX.

[5] Parj: (Preface) PP. XI & XII.

[6] Prof: O Gosvami: Story of Indian Music  P. 113.

[7] Ibid. P. 69.

[8] Prajnana: Historical Development: P. 372.

[9] Gosvami: The Story: P.83.

[10] Prajnana: Historical Development: P. 372.

[11] Ibid. P. 372.

[12] Ibid. P. 372.

[13] Gosvami: Story. P. 11.

[14] Ibid P. 12.

*  تلڪ مھراج، اتي فقط ھڪ ٽٻڪو وڌائي انھيءَ کي پنج ڇھ ھزار سال بڻايو آھي.

[15] Prof: Bhatacharjee. The Age of Impeil Unity P.478.

[16] Gosvami: Story. P. 17.

*  سڄي انڊ – پاڪستان مان سنسڪرت جا فقط ھڪ ڊزن ڪتبا به ملي نه سگھيا آھن؛ پر، پراڪت جا پورا پندرھن سؤ ڪتبا ته ھاڻي تائين ملي چڪا آھن. (امپريل يونٽي 284)

**  ڏسو مهراڻ رسالو 1967ع جو نمبر 2.

[17] Rig Ved: Translated By Dr: Arrow Smith (Note: 27) P . 106.

[18] Prof: Bhattacharjee. The Imperial Unity P. 478.

[19]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀگوان ص 287.

[20]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀگوان ص 254.

[21]  ايضاً ص 43.

[22]  ايضاً ص  21.

[23]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان ص 29.

[24]  ايضاً ص 25.

[25]  ايضاً ص 188.

[26]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀگوان ص 26.0

[27] ايضاً ص 27.

[28] Dr: Pusaker: Imperial Unity PP. 399-400.

[29]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان ص ص 158- 161.

[30] Dr: A.D. Pusalkar: Imperial Unity P. 403.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com