سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1968ع

مضمون:

صفحو :11

ٿيري گاٿا ۾ وري ڀڳتياڻين ۽ سنياسڻين جي ويراڳ جا ورلاپ ۽ اوسارا آھن. ”مٿين ڳاھن جي برعڪس ھنن ۾ وري ذاتي تلخين جو احساس زياده آھي. مني گاٿا ۾ ته قدرت جي ساراھ جو عنصر غالب آھي پر ھنن ڳيتن ۾ وري انساني حياتيءَ جو حقيقي ۽ صحيح عڪس آندل آھي (دنيا جي شروعات کان…) ٿيري گاٿا مان ثابت آھي ته اھي بيواھيون، جن جو خدا کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوئي به نه رھيو ھجي يا اھڙيون ڏکايل مائرون جن جي جھولي لٽجي ويئي ھجي ۽ سندن گود سڃي ٿي چڪي ھجي، سي انھيءَ صدمي کي ڀلائڻ

لاءِ ڀڪشڻي سنگھ جي اچي سرن وٺنديون ھيون ۽ عورت ذات جي ڀلائيءَ خاطر خدمتون ڪنديون رھنديون ھيون. تان جو ڪن طوائفن جو به توبھ تائب ٿي ڪري ڀڪشڻي سنگھ جي اجھي ھيٺ اچڻ جون حڪايتون پڻ اچن ٿيون. جن ۾ سندن اڳوڻي تباھيءَ ۽ ھاڻوڪي سلامتيءَ جي چٽي تصوير چٽيل آھي. ھنن ڳاھن ۾ بي بقا زندگيءَ جي باطل ۽ ڪوڙي عياشيءَ توڙي دنيا جي بي ثباتيءَ جي ڀيٽ، نجات جي سچي سک ۽ حقيقي سڪون سان تمام اثرائتي نموني ۾ ڪيل آھي. اھي ڳيچ اعليٰ قسم جي تمثيلن سان سينگاريل آھن، جن ۾ بعضي ته لفظن جي بلاغت به تمام تحسين جي لائق آھي. ٿيري گاٿا، انھي ڪري به اھم آھن جو انھن ۾ جيڪا روزانه زندگيءَ جي تصوير چٽيل آھي، تنھن مان انھي زماني جي معاشي حالتن جو صحيح نظارو ڏسي سگھجي ٿو. خاص طرح سان عورتن جي سماجي حالت معلوم ڪرڻ لاءِ ته اھي ڳاھون تمام قيمتي آھن.[1]

سُت نپات ۾ نظمي سُت ڪٺا ڪيل آھن، جن ۾ ٻوڌي شاعريءَ جا قديم ترين آثار محفوظ آھن، تنھنڪري سڀني ڪتابن کان، سُت نپات مان ئي گھڻي ۾ گھڻا حوالا ۽ سندون عام جام اينديون آھن، ھن ۾ ھندو ڌرم تي پڻ ڪي الرون ڪيل آھن. سيلا برھمڻ ۽ واسٿ برھمڻ جي ٻڌ مذھب ۾ اچڻ وارن سُتن ۾، ٻڌ مذھب کي برھمڻي ڌرم سان ڀيٽيندي، سچ ۽ ڪوڙ کي صاف ڪيو ويو آھي. ’’اوچي ذات علم جي آھي، نڪي برھمڻ جي“ ست نپات جي خاص اھميت انھي ڪري به آھي جو ھي قديم شاعري جو ھڪڙو قيمتي ۽ پاڪ يادگار آھي. جنھن ۾ خود مھاتما جي سوانح لاءِ به معتبر مواد موجود آھي. پراڻي ڍنگ واري شاعري سان گڏوگڏ وري قديم سگھڙپائي وارا مڪالما به مليل آھن. جن ۾ يڪشا (؟) سان سوال جواب ڪندي، ٻڌ مذھب جو اخلاقي نظريو چٽي طرح سمجھايل آھي. ست نپات، انھيءَ ڪري ٻڌ مذھب جي اخلاقي تعليم کي سمجھڻ لاءِ ھڪڙو قيمتي سرمايو آھي، جنھن ۾ انھي زماني جي سماجي، معاشرتي اقتصادي حالتن جو به صحيح احوال ملي ٿو. اھي ساڳيا سُت ۽ انھن جا مضمون پوءِ گھڻو ڪري مھاڀارت ۽ ڀڳوت گيتا وغيره ۾ لکڻ لاءِ ڪم آيا آھن.[2]

اھڙيءَ طرح چوٿون فصل اِتيوتُڪَ (Thus Commanded the Blessed one) ھن ۾ مھاتما جا مستند ۽ منظوم اقوال  آھن.  اھي سڀ ننڍڙا ست آھن ۽ ھرھڪ جي اڳيان مھاتما ھئين چيو ته‘…… وري سڀڪنھن جي پويان اسان ائين ٻڌو لکيل آھي. ھي مڙيئي مختصر ۽ منظوم ست آھن، تن ۾ تمام اخلاقي پھلو اچي وڃن ٿا. ٻولي عام رواجي ۽ فطري آھي بعضي تمثيلون ۽ سھڻا استعارا جيڪي ھن جي طرز کي دلپذير بڻائين ٿا، سي فطري نظارن ۽ ٻيءَ مخلوقات مان ورتل آھن.[3]

’آپ دان يا خود قرباني: جنھن ۾ ڪنھن تان ڪا آفت ٽارڻ ڪا مصيبت لاھڻ يا عام خلق جي فائدي خاطر پنھنجي جند ۽ جان (خيرات ۾) ڏيئي ڇڏڻ جي ترغيب، نھايت ئي مدلل طريقي سان ڏنل آھي. ٻين جي ڀلائي ۽ سک خاطر پنھنجو سر صدقي ڪرڻ، ھڪڙو عظيم الشان ڪارنامو ۽ انتھائي مقدس عمل مڃيو ويو آھي. بلڪ اعليٰ ترين عبادت پڻ اھائي شمار ڪئي ويئي آھي. ’آپ دان سڄوئي سھڻين ڳاھن جو مجموعو آھي، جن ۾ مٿيون مضمون سمايل آھي.[4]

نديس (Glossary)؛ مٿين مڙني مضمونن جي سُتن ۽ ڳاھن ۾ آيل خاص اصلاحات ’نديس نالي جدا فصل ۾ ڀڪشو ساريپت ويھي سمجھايا آھن. اھي مذھبي محاورا، مھاتما جي پياري ساٿيءَ مھا ڪچيان ڪٺا ڪيا ھئا. سارپيت وري انھن جو استعمال پڻ سنڀي سُتن ۽ ڳيچن ۾ ڏيکاريو آھي. اھو ساڳيو ئي طريقو، ياسڪ منيءَ وري ويدن جي ’نِروڪت ٺاھڻ لاءِ ڪم آندو آھي.[5]

جاتڪ (ڳاھن سان ڳالھيون Pious Legends): انڊو-پاڪستان جي ادبي خزاني جي اصلي کاڻ ته اھي جاتڪ ئي آھن، جيڪي اندازاً پنج ڇھ سؤ کن ٿيندا. انھن آکاڻين جو ھيرو، ڪن حالتن ۾ ته مھاتما ٻڌ پاڻ ئي آھي، ھر ھڪ جاتڪ جا مکي پنج انگ آھن؛ 1 موقعو؛ جنھن تي مھاتما اھا آکاڻي ٻڌائي ھئي. 2- ڪٿا: يعني نثر ۾ آکاڻي. 3- ڳاھون: جيڪي قصن جي تصديق لاءِ سند طور اچن ٿيون 4- ويا ڪرڻ يعني ڳاھن جي ويا کيا ڪرڻ يا ڳيت جو مطلب سمجھائڻ ۽ 5- سموڌنا: يعني آکاڻي جو ٻڌ ۽ مذھب سان لاڳاپو.

ھي ڪٿائون مختلف نوعيت جون آھن، جن مان ڪي ته جانورن ۽ پکين وغيره جون ساديون ۽ رواجي آکاڻيون به آھن. انھن ۾ موزون ۽ سرائتا فقرا عام جام اچن ٿا. ڪي وري نصيحت آميز حڪايتون، دنياوي دستور (نيتي) سيکارڻ لاءِ آھن. انھن ۾ به مقبول عام چوڻيون ۽ سياڻپ جا سخن ڳايل آھن. ڪيترين ڪھاڻين ۾ زال ذات جي چڪر ۾ ڦاسڻ کان آگاھي ڪيل آھي. اھڙيون آکاڻيون جاتڪ نمبر 61-62-000 ۽ 532 وغيره ۾ سميٽيل آھن. انھن ۾ حڪيمانه قول ۽ ناصحانه ڳاھون ڳاھيل آھن. جا تڪ نمبر527 جي نصيحت آميز قصي ۽ ان جي ڳاھن کي اھڙي ته ناٽڪي نموني ۾ ترتيب ڏنل آھي. جو اھو سورھن ئي آنا سانگ (Drama) پيو لڳي. ڪٿي وري تبليغي وعظ جي نموني تي خاص مذھبي ۽ اخلاقي آکاڻيون به آھن. اھڙين پاڪ حڪايتن ۾ صبر، شڪر ۽ قناعت جي تلقين ڪيل آھي. انھن ۾ جيڪي آٿت ڏيڻ واريون ڳاھون آھن، تن جي مراد اھڙن ماڻھن کي ڏڍ ڏيڻ معلوم ٿئي ٿي، جن کان اجل پنھنجا جاني جدا ڪيا ھجن مٿين مڙني، جا تڪ ڪٿائن جو عڪس، اڄ به دنيا جي اڪثر لوڪ ڪھاڻين ۾ نظر اچي ٿو. جا تڪ نمبر 67 ۾ ھڪڙي مائي، پنھنجي پٽ ۽ مڙس کي بچائڻ بدران، ڀاءَ جي جيئدان لاءِ اچي عدالت ۾ عرض ڪري ٿي: تنھن سان مشابھه آکاڻي ھيروڊوٽس به لکي آھي.

ھنن حڪايتن جي پيڙھه اصل ۾ انھن گاٿائن )ڳاھن) تي رکيل آھي جيڪي چپي چپي تي آکاڻين اندر ڳايل آھن انھيءَ ڪري اھي ڳاھون ته بيشڪ بنيادي آھن پر انھن جي نثر وارو حصو، جيڪو نظم جي اڳيان پويان فقط آکاڻيءَ جي سلسلي بيھارڻ لاءِ ڀرتي ڪيل آھي سو پڪ سان پوءِ جو آھي مگر اھو نثر وارو بيان به نظم جي چوڌاري اھڙي ته ڪاريگريءَ سان اڻيل آھي جو ان ۾ ڳتيل ڳاھون خود بخود آکاڻي کي اڳتي ڌڪيندي آخري مقصد ڏي وٺي اچن ٿيون. نثر سان گڏ ھر مضمون وارا مقولا ۽ قديم چوڻيون عام جام اچن ٿيون. اھي جاتڪ نه رڳو ادبي اعتبار کان انڊو پاڪستان جو قيمتي ورثو آھن، بلڪه ٻوڌي زماني جا رواج رسمون سماجي ۽ سياسي ڊول ڊنگ اقتصادي ۽ معاشرتي حالتون توڙي تاريخ جون ٻيون ڪيتريون ئي سچيون حقيقتون ھنن ڳاھن ۾ اڃان تائين محفوظ آھن، جاتڪ ڪٿائون سڀني طبقن جي ماڻھن جي زندگي جو تفصيل ڏين ٿيون جيڪو ٻيءَ طرح سان تاريخن مان به ملڻ ممڪن نه آھي. ھنن ۾ ڪي نثري روايتون شايد ٽين صدي ق. م تائين ڳنڍبيون آيون آھن. ٽين ڪانفرنس کان پوءِ، اشوڪ جي پٽ مھيندر ڪمار پاڻ سان پنج سؤ جاتڪ سلون ۾ آندا ھئا. ان کان ٻه ٽي صديون پوءِ سنسڪرت بزم جو ڀنڊار مھا ڀارت انھن جي بنياد تي سھيڙيو ويو.[6]

قديم شاعريءَ تي ٻڌ مذھب جو اثر: ٻڌ مذھب پنھنجيءَ پرڀات سان گڏ ئي انڊو پاڪ جي ڳيتن لاءِ نئون سُھاءُ، نئين سجاڳي، نئين روشني ۽ نئين زندگيءَ جو نئون نياپو آندو. اڳ واري ادبي ھڪ ھٽيءَ ۾ جو ڄڻي ڄڻي کي ڄڀ تي سنسڪرت جو سرڪاري ڏنڀ سھڻو ٿي پيو انھي کان عام خلق کي آزادي ملي ۽ نجات نصيب ٿي. ملڪ جي ڪھڙيءَ به ڪُنڊ ۾ ڪيترو به قليل تعداد قبيلو يا ڪھڙي به ڪِريل قوم ڇو نه ھجي؛ مذھبي مساوات ۾ سندن اڻسڌريل ۽ ڪچي ڦڪي ٻوليءَ کي به پراڪرتي ( فطري) حق حاصل ھو. شاعر، نه فقط پنھنجي فطري زبان کي ڳائڻ وڄائڻ ۾ آزاد ھئا، پر ھو ٻين عوامي محاورن کي پڻ بيحجابي سان بلڪ پيار سان پنھنجي ڪرڻ ۾ فخر سمجھڻ لڳا ٻڌ مذھب جي اصلي منشا ته ملڪ جي عام ڀلائي انسان ذات جي نيڪي وڌائڻ جي ھئي. نڪي ماڻھن کي مصنوعي لفاظيءَ جي چڪر ۾ ڦاسائڻ جي، سو انھي باھمي احترام سببان ازخود اھو مقصد حاصل ٿيڻ لڳو.

اھڙي اجتماعي ۽ باھمي سمجھوتي سببان ملڪ جي مشرق کان مغرب تائين ازخود ھڪڙي عام فھم زبان (پالي – پراڪرت) اڀري اٿي. اھا ئي عوامي زبان (پراڪرت) پوءِ اشوڪ جي زماني کان ته ھندستان جون به حدون اورانگھڻ لڳي. مگر موٽ ۾ ان تي به اتر- اولھندي کان ايندڙ قومن جو اثر ۽ رد عمل ٿيو اولھه اوڀر جي اھڙي ادبي اتحاد جو سَلو به ”سنڌ“ ۾ ئي سرجيو جتان متمدن دنيا جي ميل مان نت نت نوان نغما نسريا ۽ لھرين جي لاھه  چاڙھه جيان موٽي ملڪان ملڪ پھتا. اھڙيون ثابتيون اڄ تائين وچ ايشيا ۽ چين جي تاريخن ۾ محفوظ آھن، جن جو ڪجھ اشارو اڳ ۾ به اچي چڪو آھي. ھتي ان اٿاھه عوامي سنگيت کي سربستو سمجھائڻ يا سلسليوار بيھارڻ بيحد مشڪل آھي. اڳ ۾ سنسڪرت شاعريءَ جي بي ربط ڪھاڻيءَ جون ڪڙيون ڳنڍيندي ۽ انھيءَ جا خال ڀريندي ڪن عوامي ڳيتن جا نالا (جاتي ڳيا، گرام ڳيا، پرٻنڌ گاٿا ۽ ڪيرتن وغيره) محض خانه پُريءَ خاطر ڳڻايا ويا ھئا. ھتي انھن مان اول پراڻي، پرٻنڌ گيت، جي ڳالھه ڪجي ٿي.

پرٻنڌ گيت جي اوسر: پرٻنڌ جي اسرڻ جو اوائلي احوال ته اڳ ۾ ئي اچي چڪو آھي. جنھن مان ان جي غنائي ڪيفيت ثابت آھي. انھيءَ لحاظ کان پرٻنڌ ھڪ سرائتو گيت ھو، جنھن جي ھيئت ڪافي لچڪيدار ھئي، سندس لفظن جي ترتيب ۾ ڪو بحر وزن به ھو، سو ته سوچڻ ئي فضول آھي. ڳائڻ جي رڳو ڪنھن لئي ۾ اچي سگھيو ٿي ته اھو ئي ان لاءِ ڪافي ھو.[7] قديم ھندو روايتن ۾ نه فقط ناچ پر ان سان گڏ ڳائڻ جي نسبت پڻ شِو مھراج سان ڪيل آھي، تنھنڪري ماتنگ (پنجين ستين صدي عيسوي) سندس ڪتاب برھه ديشي ۾ پڻ پراڪرتي پرٻنڌ کي شِو مھراج کان شروع ٿيل سمجھيو آھي.[8] ڪن ٻين وري انھن کي جدا جدا جاتين ۾ ڳڻيو آھي. ڪلاسيڪي پرٻنڌ جيئن ته جدا جدا ڊؤل ۽ ڊنِگ جا آھن، تنھنڪري انھن جا نالا به جدا جدا آھن، سندن ڳڻن ۽ لڇڻن جي بناءَ تي انھن کي مختلف جاتين ۾ ورڇيو ويو آھي.[9]

مٿي اڳئي ٻڌايو ويو آھي ته جاتيءَ وانگي پرٻنڌ به اصل ۾ اڪيليءَ تڪ جي شڪل ۾ ھو. اھا اوائلي تڪ ’اسٿايه‘ ( بنيادي) سڏبي ھئي. پوءِ وارو ڪلاسيڪي لفظ اسٿائي،. (منڍ) توڙي ھاڻوڪو لفظ ’ٿلھه‘ (پيڙهه) انھيءَ اسٿايه جي مترداف سمجھڻ کپن اسٿايه کي اڌ گرھه به چئبو ھو، جنھن جي معنيٰ پڻ مُنڍ (مول) آھي اڌ گرھه (اسٿائي) کي ڪثرت سان ڳائيندي آخر ان مان ھڪڙي ٻئي ڪلي اسري آئي، جنھن کي ’ڌُروا‘ (Fixed) سڏيو ويو. انھيءَ ترتيب سان آخر ٻن فقرن وارو پرٻنڌ پيدا ٿيو، جنھن کي ’دوي داتو (ٻه تُڪو) پرٻنڌ چيو ويندو ھو.[10] دوي ڌاتو پرٻنڌ جي پچار ڪندي پنڊت داموڌر انھيءَ جي ٻئي انگ (ڌروا) کي ’اَ ڀوڳ‘ سڏيو آھي.[11] آڀوڳ لفظ جي معني انت يا انتھا آھي، يعني جنھن جاءِ تي ڳيچ اچي ’جُھلي‘ ته اتي آڀوڳ ٿيو. اھي ٻئي فقرا جيئن ته واري وٽيءَ تي لاڳيتو ڳائبا رھبا ھئا، تنھنڪري جنھن به فقري تي ڳائڻ کڻي بند ڪجي سو ٿيو اَڀوڳ. اوائلي زماني ۾ ته رڳو اسٿايه (ٿلھه) ورائي ڳائيندا ھئا ته ان کي به اَڀوڳ چوندا ھئا.[12] انھي مان ظاھر آھي ته اَڀوڳ لفظ کي اڃا ڪا آخري معنيٰ ڪانه ملي ھئي.

سمڀا ڀوپال جي چوڻ موجب، پرٻنڌ ۾ پوءِ ٽي ’چَرن‘ ڳائجڻ  لڳا، انھيءَ  ڪري ’تِرڌاتو‘ (ٽه ٺپو) پرٻنڌ چوڻ ۾ آيو.[13] انھي ۾ ادگرھه (شروعات)، ڌروا (مرڪز) ۽ اڀوڳ (خاتمو) شامل ھئا.[14] وقت گذرندي وچ ۾ ھڪڙو وڌيڪ چرن ’ميلاپڪ‘ (ملائيندڙ) پيدا ٿي پيو، جيڪو ڌروا جي اڳيان ڪي پويان آيو ٿي ۽ ڌروا کي بعضي منڍ سان ته بعضي پڇڙيءَ سان ملائڻ جو ڪم ڏنائين انھيءَ ڪري ان کي ميلاپڪ (جوڙ يا ڳنڍ) چيو ويو. اھڙيءَ طرح آخرڪار پرٻنڌ جا پورا چارچَرن جڙي بيٺا ۽ فقط اھڙي مڪمل پرٻنڌ کي ئي ’چتر ڌاتو‘ (چؤ تُڪو) پرٻنڌ چئي سگھبو ھو، جنھن ۾ اڌ گرھه، ميلا پڪ ڌروا ۽ اڀوڳ اھي سڀيئي انگ سمايل ھوندا ھئا پرٻنڌ جي بلڪل ئي پوئين دؤر ڌاري ان ۾ ھڪڙو نئون انگ ’آنترو (Intermediate) آندو ويو، پر جيئن ته چترڌاتو پرٻند ۾ تُڪن جو تعداد (ڌوهي وانگر) ھر حالت ۾ پورا چارچرن رکڻو ھو، انھيءَ ڪري ملائيندڙ پد (ميلاپڪ) پنھنجو پاڻ نڪري ويو. ۽ انتري انھيءَ جي جاءِ والاري.[15] ”انھيءَ مان معلوم ٿيو ته پھريائين پرٻنڌ گيتن ۾ انترو (اندريون فقرو) ھوئي ڪونه. اھو گھڻو پوءِ پرٻنڌ اندر داخل ٿيڻ لڳو آھي. نه ته پوري پرٻنڌ (چترڌاتو) ۾ پھريان چار چرن ھوندا ھئا. انترو انھيءَ ڪري نه ايندو ھو جو انھيءَ جي عيوض ’ميلاپڪ‘ تُڪ اڳئي موجود ھئي. مطلب ته ميلاپڪ ۾ انترو ڪنھن به پرٻنڌ ۾ ٻئي ساڳئي وقت ڪڏھن به ڪم نه آيا آھن“.[16] پرٻنڌ جا پوءِ ڪيترائي نمونا مضمون جي مناسبت، جي بيھڪ، توڙي ڇند ۽ تال جي ترتيب پٺيان مختلف نالن سان مشھور ٿيا. ڇند ۽ تال جي نسبت وارا اھي ساڳيا نالا پوءِ ڪيرتن جي جدا جدا قسمن تي رکيا ويا. جن مان ڪي اڃا تائين ھلندڙ آھن.[17]


[1] Ibid: P. 404.

[2] Dr: A. D. Pusalker: The Age of Imperial Unity PP. 402-403.

[3] Ibid P. 402.

[4] Ibid P. 406.

[5] Dr: A. D. Pusaluker: Age of Imperial Unity P. 406.

[6] Dr: A. D. Pusalkar: Imperial Unity PP. 404 -406.

[7] Prof: Gosvami: The Story of … P. 112.

[8] Prajnana: Historical Develop: P. 302.

[9] Ibid. PP. 169-170.

[10] Gosvami: The Story of ………Music P. 112.

[11] Ibid. P. 182.

[12] Prajna: Historical….P. 177.

[13] Ibid. P. 181.

[14] Gosvami: The Story of ... ... ... P. 112.

[15] Gosvami: The Story of ... ... ... P. 112.

[16] Prajn: Historic … P. 180.

[17] Gosvami: The Story of ... ... ... P. 114.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com