سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1968ع

مضمون:

صفحو :4

”محسن“ ڪڪڙائي

ٽي شعر

آءُ ته جيءَ ۾ جاءِ ڏيانءِ،

اڻ ڳالھايل ڳالھين وانگي!

 

ماڻھو خواھه مِرون، سڀني لئه،

ڇانو ڏني سين ٽالھين وانگي!

 

خوشبوءِ پنھنجي پوکيل آھي،

”محسن“ پارن مالھين وانگي!

”پروانو“ ڀٽي

انتظار

ھي اوسيئڙي ۾ پاڇولا لَڙي ويندا، تڏھن ايندين!

جڏھن ھي لُڙڪ اکين مان سُڪي ويندا، تڏھن اِيندين!

 

اڃا محفل مَتَل آھي، اڃا مستن کي ھوش آھي،

جڏھن سجدن ۾ ديوانا جھڪي ويندا، تڏھن ايندين!

 

مڃان ٿو اڳڀرو آھين، اڃان منھنجي نگاھن کان،

تڪي راھون منھنجا جذبامري ويندا، تڏھن ايندين!

غلام حسين ”رنگريز“

ڪوئل

اي ڪوئل! اي مٺڙي، تون خاموش ڇو آن؟
وري واءُ آھن وريا ڪھڙا توتان؟
 

نه شيرين نغما ۽ ٻوليون ٿيون ٻُڌجن،

نه ڪُو ڪُو اي ڪاري، گلي مان ٿيون نڪرن،

 

ھي وڻ ٽڻ ۽ وليون ٿيون تو لئه اداسي،

ھي گھر گھاٽ گليون ترانن لئه آسي،

 

ھي نھرون ۽ نالا به نغمن سُڻڻ لا،

سدائين کان آھن پياسا پياسا؛

 

شفق جي به لالاڻ توکي ٿي ساري،

ٿڌي ھير ھر ھر ٿي توکي پُڪاري،

مٺا ٻول تنھنجا جي ٻھه ٻھه ٿي ٻھڪيا،

پيارا ترانا جي ٽھه ٽھه ٿي ٽھڪيا،

 

سي جبر وتشدد جي گھاڻي ۾ پيڙيا،

يا گَھري گھٽا جي ھو اوندھه ۾ اَڙيا،

 

ھتي ڪنھن ته پاپيءَ گَلو تُنھنجو گھٽيو،

ڪري پاپ توکي آ سُورن ۾ سٽيو،

 

وڃي شال ”رنگريز‛‛ پورو ٿي پاپي،

رَھي ڪين گلشن ۾ پاپي ڪو باقي!

ميوو خان ”موج“ لغاري

اباڻن جو اوٺي

الا، آھه اڄ واءُ واھوندو وايو،

ٿي بر ۾ بھاري، بھار آھه آيو.

ٽڙيا وڻ، ڦٽا گاھه، مورا به موريا،

ٿي گھر جھنگ جھڳمڳ، رنگيءَ رنگ لايو.

 

ھرون ڏين ھر جا ھرا گاھه ھاڻي،

ڪري وڙ، وطن منھنجو واحد وسايو.

 

کنڀي کوھه تان تو کڻي زوري آڻي،

بندي بند ۾ بنديءَ بندياڻي بنايو.

 

ڪٽينديس نه ڪوٽن ۾، ڇڏ قيد ڪاٽي،

عمر! ڪوٽ تنھنجي منھنجو من منجھايو.

ڪڏھن ڪين رھنديس ھتي ڪنھن به حيلي،

ادا ڙي! الله نانءُ پاھون پڄايو.

 

ولر ور وڳر وڻ سڳر سيڻ سرتين،

ھُري منجھه ھنئين آھه محشر مچايو.

 

ڀلايم نه ڀيڻون، ويڙھيچا نه وسرن،

سندم ساھه سانگين سنديءَ سڪ سڪايو.

 

نه سرتين سھيلين ري ساعت سري ٿي،

سنگھارن سندو سُور سيني سمايو.

 

ولر ڪيو وڳن سان وتن ھو وطن ۾،

مون کي ڪوٽ ۾ قيد قسمت ڪرايو.

 

پَٽِينديئه پِٽِي پاڙ پنھنواريون پاڙؤن،

پِٽڻ پيون پٽينئه تو پٽ ۾ پٽايو.

 

ڪڏھن ڪنھن نه حاڪم ڪري ھيئن ھلائون،

تڏو تو جيئن پنھنجو پِٽَائي پَٽَايو.

 

تنھنجي باغ بستان محلات ماڙين،

رتيءَ روح منھنجو نه ريبي ريجھايو.

 

ڪريان ويٺي ڪيھون، نھاريان ٿي راھون،

رکان ڪنھن به ريھي رھڻ جو نه رايو.

 

اڏامي اچي ڪر ڪي خبرون، کنياتا!

اباڻن ڏي آھيم ڪانگل اڏايو.

 

مُڪو ڪونه مَارُن ڪو مون ڏانھن قاصد،

اڃا ڪونه اوٺي اباڻن جو آيو.

مُيا ئي جِيان، جي وڃان ملڪ موٽي،

مچي ”موج“ مڙھه جي مُنھنجو ھُت رسايو.

آزاد نظم

حرمت الاڪرام

ڳوڙھا وھايو

فسانا پڙھو ۽ ڪي ڳوڙھا وھايو،

ھي ڪھڙو جنون آھه؟

کلي ڇونه ھر اھڙي وارفتگي تي؛

رسالن جي مغرور ورقن مان ھردم –

ڪي ڪوڙا سچا ٿا فسانا نھارن،

فقط ايتري لاءِ، جيئن چار گھڙيون،

گذاريون، کِلون، خوش ٿيون، عيش پايون:

اھي چار گھڙيون نه بنجن، اسان لئه ڪٿي نانگ وانگر!

اھو نانگ، ماحول جو روپ ڌاري،

متان ڏنگ ماري، متان زھر ھاري،

اھي چار گھڙيون به زھري نه بنجن  -

فسانا فقط ان جو ترياق آھن:

ذري وقت تائين کلو، خوش ٿيو،

مشڪو، ۽ ڳايو، وڄايو،

ڪا محفل سنواريو!

-       مگر تون،

فسانا پڙھي ڇو ٿو روئين؟

ھي ڪھڙي چريائي،

اڳي تو چيو ٿي ته افسانا آئينو آھن،

فسانا به انداز آ شاعريءَ جو،

مگر رفته رفته ائين آھه شايد،

ڪا تصوير دامن ڪشان آهه، جيڪا،

سندءِ راھه روڪي ٿي سد راھه بنجي،

سا پٿر جي تصوير، خاموش، ٻولي،

چوي ٿي ته ”اي دوست! ماحول ھن ۾،

” ڪھاڻيءَ جو ڪردار ھڪ تون به آھين،

” ھي ماحول تنھنجو ئي ڪردار آھي:

” تون ماحول آھين ۽ ماحول تون آن،

” تون شاعر ۽ حساس انسان آھين،

” ته ماحول جو ھر ورق طنز آھي:

” فسانو سندس تلخ ھڪ رُوپ آھي،

” تون پڙھندين ته رُئندين،

” فساني تي الزام آڻڻ، غلط آھه،

” خطاڪار آھين،

” گنھگار آھين ته تون ئي فقط ھڪ!“

-       پوءِ لازم آ، پاداش جي سلسلي ۾،

ملي ذھن ۽ روح کي ڪا اذيت،

سزا، جُرم احساس جي سلسلي ۾!

پرڀو ”ناشاد“

رات رات!

اف!

انڌيري، ٻاٽ، اونداھيءَ جي رات:

چار سو خاموشي، ھيبت ۽ ھراس،

آسمانِ شھر ۾ سرگوشيون،

چنڊ ۽ تارن ۾ خاموشيءَ جو راڄ،

مون نھاريو، جاچي، ڏسندو ئي رھيس!

آسمان جا سڀ سُتل تارا ائين جاڳي پيا!

چنڊ جي چانڊاڻ ۾ مانڌاڻ پيو-

۽ خموشي شھر جي ٽٽندي وئي،

ھرڪو پاسن کي ورائي ٿي اٿيو؛

ھر ڪنھين ڪَر موڙي ٿي جاڳي ڏٺو،

منھن لَٿل، گھٻرايل، ٻوساٽيل-

ڄڻ ته اونداھي غفا مان منُھن ڪڍيو راڪاس ھو،

رات اونداھيءَ جي پردي ۾ لڪل،

اوچتو ڪيئي ھلاڪوءَ جيئن گِھڙيا،

لرزه براندام ھو سارو شھر -

گر يه زاري ۾ ڏڪيو بغداد ٿي:

ويا لٽي بغداد جي ھر سونھن کي!

ٿي رنو حسن ازل-

جاڳ چوڪيدار ۾ پيدا نه ٿي:

شھر لٽبو ئي رھيو، سڙندو رھيو، سُڃ ٿي وئي،

دجله ساري خاڪ ٿي وھندي رھي!

چنڊ روئندو ئي رھيو-

تارا ڏسندا ئي رھيا!

رات رات!

غزل

مخدوم محمد زمان ”طالب المولا“

سڪون ڏئي نه سگھئين لالا زار، حيف ھجئي،

ڪيئي نه دور غمِ ھجرِ يار، حيف ھجئي.

 

ڪيو مون چاڪ گريبان ئي مس، اجھا ٿي وڃي،

دو روزه موسمِ فصلِ بھار، حيف ھجئي.

 

لڳي ئي نڪري وئين تو منجھان به ڪجھه نه ٿيو،

ره حبيب جا ساڪن اي خار، حيف ھجئي.

 

جي سنگدل نه ٿيو آب ديده ڪجھه نه ٿيو،

پوءِ آه نيم شبي بار بار، حيف ھجئي.

 

تون منھنجي وعدهء مھر و وفا تي دلبر وٽ،

اچي ئي ڪين سگھئين اعتبار، حيف ھجئي،

 

تو ڪنھن به غمزده، محزون کي نه ريجھايو،

نظر فريب جھانِ سبزه زار، حيف ھجئي.

 

ٻين جي ڳالھه جدا، تون به نيٺ گل ٿي وئين،

اي بيڪسي جا چراغِ مزار، حيف ھجئي،

 

اڃا به جادهء منزل جي ڪجھه پروڙ اٿئي،

جنونِ عشق اڃا ھوشيار، حيف ھجئي.

 

ستم ڪري ئي نه ڄاتُئي ستم ته ھيئن نه ڪبو،

اي سختيِ شبِ يلدا، ھزار حيف ھجئي.

 

نڀايو ”طالب مولا“ سان تو به ڪونه ڪڏھن،

نه باوفا ٿئين جانيءَ جا پيار، حيف ھجئي،

”آغا“ عبدالنبي عليگ

گھران ڇا مان خداوندا، ته ڇا ڏي تون،

لبِ بي التجا ڏي ۽ دل بي مدعا ڏي تون!

 

ھتي ڪنج، لحد، داغ، محبت کان چراغان آھه،

چراغ گور کي بيشڪ، صبا ھاڻي ھوا ڏي تون!

 

رخ جانان تي آھي ڪشمڪش، شرم ۽ تبسم جي،

خداوندا، نگاهِ آرزو ۾ پڻ حيا ڏي تون!

 

شھيد، ناز آ ”آغا“، سڪونِ موت ممڪن نا،

لحد ۾ ڀل دل بسمل، محبت جا مزا ڏي تون!

عبدالڪريم پلي

تنھنجو شڪوو حضور ڪير ڪري؟

نا تلافي قصور ڪير ڪري؟

 

ڪيف آور فضا ۽ تنھنجي نگاھه،

خود کي مستيءَ کان دور ڪير ڪري؟

 

 

خوبصورت محل  مرادن جو،

موت کان اڳ ۾ چور ڪير ڪري؟

 

 

نور، يزدان پري نه آھي پر،

پاڻ مانند، طور ڪير ڪري؟

 

”نياز“ ھمايوني

تنھائين جي دشت ۾، غم ھمسفر رھيو،

مشڪل ۾ تنھنجي ياد تي پنھنجو گذر رھيو!

 

ڪيئن ٿئي سڪون نصيب، ھي بي چين دل ڪٿي،

خالي سندءِ ستم کان نه ڪوئي نگر رھيو!

تون ڀل ته دعوتون ڏي، اسان لاءِ موت کي،

رھنداسين زندھه، حال جي توڻي بقر رھيو.

 

زلفن جي شام آڻ ته سعيو ٿئي وصل جو،

ھن صبح ۾ ته پنھنجو جيئڻ درگذر رھيو.

 

تلخين کي شھد سمجھي ڪري وياسين نوش جان،

تنھنجي ڪري نه زھر ۾ ڪوئي اثر رھيو.

 

ھوندو ”نياز“ وانگ سدائين نھال سو،

غم تنھن جو جنھن غريب، وطن جو ثمر رھيو.

”تاج“ بلوچ

الم جي، رنج و مصيبت جي، اضطرار جي رات،

ھڻي ٿي نانگ جيان ڏنگ، انتظار جي رات!

 

حجاب خيز نظر ۽ شراب ساز شباب،

نٿو وساري سگھان مان، وصال يار جي رات.

 

سڪون نواز، نگاھن جي آسري جو قسم!

انھيءَ سھاري تي گذري ٿي بيقرار جي رات.

 

جنھين جي رات ڪا ڪنج، قفس ۾ گذري ٿي،

انھيءَ کي ڪھڙي خبر آھه ڇا بھار جي رات.

 

نه دم ٿو نڪري، نڪا ساھه تان ٿي سوڙھه لھي،

طويل روزِ قيامت کان ھجرِ يار جي رات.

 

گلن جي رس ۾ گڏي ماھتاب جا ڪرڻا،

پيار ”تاج‛‛ کي سھڻا اچي بھار جي رات!

’’ذوالفقار“ راشدي

نئون ڏينھن ڇاھي، نئون سور آھي،

نئين زندگي ڀانيان ناسور آھي!

 

نئين رات جا نوان گيت ڳايان،

زبان بند ۽ سوچ مجبور آھي!

 

نگاھون ملائڻ ته جائز ئي ناھي،

نگاھن جھڪائڻ جو دستور آھي.

 

ھي معصوم موڳن جا ڏس روح اوڳا،

دليون دود ۽ چشم بي نور آھي!

 

خيالن جا ڏيئا اجھامڻ تي آھن،

انڌيري ۽ اوئر جو ھڪ پور آھي.

 

ڪا بنت حوا، ڪو آدم جو ٻچڙو،

ڏسو جنھن کي زخمن ۾ سو چُور آھي.

 

نه پوپٽ نه مُکڙيون، نڪي گؤنچ گل ڦل،

سڄو سارو گلشن ڇو رنجور آھي.

 

حسين حسرتن تي آ ھيبت جو پاڇو،

ھتي خرکسو ديو مَشھور آھي!

”ذوالفقار“ راشدي

واٽ نھاري ڪانه ٿئي ٿي رات ندوري پوري،

مون کان شعر لکائي ويٺي دل جي ڪا مجبوري!

 

ڇاتيءَ تي مون خنجر کاڌو، ڳاڙھو ڳانو پائي،

سچ سان لھندي لانوَ، اسان کي سيج ملي آ سوري.

 

ڪاتيءَ تي ڪو قيد نه آھي، ڪنڌ جھڪائي بيھو،

ڦٿڪڻ لئه پر محبوبن کان وٺڻي آ منظوري.

 

سال ٿيا جو ساري جڳ کي اوندھه آھي گھيريو،

بوقلمونن جي پھري ۾ سڪ ۽ سونھن سموري.

 

بي سُرتو ۽ گونگو ٻوڙو جيوَن ويٺا گھاريون،

ساھه سُڪائي ڏينھن گذارڻ ڳالھه ھتي دستوري.

 

ڪاغذ جا گل، ڪوڙي ساوڪ، جُڙتو مُند بسنتي،

رت پياڪن جي منتر جي ڇانيل آ مخموري.

 

تارونءَ تي آ تالو، ڀائو، ڳالھايون ڇا ڳالھيون،

سمجھڻ، پرکڻ، پرجھڻ جي ھت ڪانه پوي ئي پوري.

 

منصورن لئه مھڻو موٽڻ، آخر اچڻو آھي،

ويھي ڦاھيون جوڙ، اسان لئه سينگاري رک سوري!

”محبوب“ سروري

عشق وارن جي پَر ڪندو ئي رھيس،

پاڻ کي دربدَر ڪندو ئي رھيس!

 

ھڪ صدا پُر اثر ڪندو ئي رھيس،

جرم ھي بي خبر ڪندو ئي رھيس.

 

رات جاڳي بسر ڪندو ئي رھيس،

سنگ در تي سحر ڪندو ئي رھيس.

ھن ته پنھنجون نگاھون ڦيري ڇڏيون،

مان ته ھن ڏي نظر ڪندو ئي رھيس.

 

پاڻ کي پاڻ ڳولي ڳولي ٿڪس،

عمر ساري سفر ڪندو ئي رھيس.

 

ڇا چوان ڇا ڪيم ۽ ڇا نه ڪيم،

جو ڪيم بي خبر ڪندو ئي رھيس.

”محسن“ ڪڪڙائي

قسمتن ساٿ ڇڏيو، ڀاڳَ رُسي ويا آھن،

ڄڻ ته شھباز سندا کَنڀ کُسي ويا آھن!

 

آس جا ديپ اُڏامي به ويا ڪيڏا ڏينھن،

بدنصيبن جا سھارا به ڪُسي ويا آھن.

 

خير، ھُن حُسن، مجسم جي تصور جو خير،

اکڙين جا ٻئي تُنرا ته پُسي ويا آھن.

ھر ستم سر تي، سڄڻ! ھر ڪا سزا چشمن تي،

تنھنجي محفل کان گنھگار گُسي ويا آھن.

 

اڄ ڀري بزم ۾ ”محسن“ به چريو آيو آھه،

نازنينن ڏي ڏسو، ڪيئن نه سُسي ويا آھن.

”محسن“ ڪڪڙائي

منھنجي تصور ۾ ھڪ خاڪو،

پاڪ ۽ پوتر آ ناپاڪو!

 

ڪنھن جي ياد ۽ چاھت ھوندي،

پوءِ به دل ۾ آھي خلا، ڪو.

 

ڪنھن جي محفل ڀي ويراني،

ڪنھن جي ويراني ڀي واڪو.

 

جنھن کي روڳين روڳ بنايو،

اُن جيوَن کي ڪري به ڇا ڪو؟

 

مايوسيءَ ۾ اڪثر مونکي،

آٿت ڏيندو آھه، الا، ڪو.

 

”محسن“ تُنھنجي دردمنديءَ جو،

ديس سڄي  ۾ آھي ڌاڪو.

”محسن“ ڪڪڙائي

جدوجھد جي گود ۾ دل جو قرار ڳول،

انسانَ، منھنجا ڀاءُ، اکيون پٽِ، وقار ڳول.

 

عياشين ھٿان نه ڪٿي پيڙجي وڃين،

او مست، پنھنجي دَور جو مسڪين پيار ڳول.

 

ڏاھا، نه رو، روئڻ ته ڏکن جو علاج ناھه،

مجبورين جي ديس ۾ ڪجھه اختيار ڳول.

 

مخلص جنون، عظيم پريشانيون، اُمنگ،

ڪمبخت، ڪونه ڪو ته حسين يادگار ڳول.

 

ساقي گريءَ جو زعم بجا، ساقيا، مگر،

ڪٿ آھه ميڪشن جي اکين ۾ خمار ڳول!

 

”محسن” متان لڀي به پوي غيرتن جو جوش،

وِک وِک تي پنھنجي وقت جي چيخ وپڪار ڳول.

ا.ح. جئسنگھاڻي ”سام“

خوشي خوراڪ خلقت جي سندم خوراڪ غم دل جو،

تعلق آ زماني سان نه منھنجي دل جي منزل جو.

 

عجب آ عاشقن جو قوت ھستي پنھنجي کي کائڻ،

نه آبِ زمزم و ڪوثر، پئڻ ٿَنِ مَرڪ خُونَ دل جو.

 

گھلي سنسار ۾ ٿي واءُ ڪلفت ۽ ڪچائيءَ جي،

وڃي پيچيده ٿيندو ٿو اڃا ڀي مسئلو دل جو.

وساري واٽ وحدت جي ڀُلن ڪثرت ۾ عاشق ڪين،

خيال يار خود آھي نگھبان تن جي منزل جو.

 

حياتيءَ جي سڦلتا جو ٿو سڪ ۾ ”سام‛‛ پائي راز،

محبت آ حقيقت دل جي ٻيو سڀ وھم باطل جو.

حافظ محمد ”احسن“ چنا

سڄڻ جھڙي نه ڪا صورت، انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي،

جھان ۾ وڌ سندس عظمت، انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي.

ازل کان شاه خوبان جي غلامن جو غلام آھيان،

حبيبن سان نه ڪا حجت، انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي.

 

اشارا، ناز ۽ غمز سڄڻ جا دل کي موھن ٿا،

اٿس ٻي حسن جي دولت، انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي.

 

جڏھن کان نينھن جو ناتو ۽ لنؤ لاتي مون لعلڻ سان،

تڏھن کان منھنجي ٿي شھرت، انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي.

 

ستم ۽ ظلم تڪليفون، اھو سر تي سڀئي سَھندو،

جو رکندو يار سان الفت، انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي.

 

ڪڏھن ڪوٺي ڪري ڪڇ ۾، ڪڏھن در تان ٿو لوڌائي،

عجيبن جي عجب عادت، انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي.

 

مريض عشق کي جاچي چيو حاذق حڪيمن ھيئن،

اٿس نازڪ بڻي حالت، انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي.

 

قريب الموت آھيان پر، مرڻ کان مان بچي پوندس،

جي ايندو دوست ھڪ ساعت، انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي.

زڪوات حسن سھڻي جي، ادا ٿيندي ڪندو جي ھو،

عطا ديدار جي دولت، انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي.

 

محبت عشق دلبر جي سبب سڀڪو سڏي ”احسن“،

اھا محبوب جي شفقت، انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي.

مولانا دين محمد ”اديب“ فيروزشاھي

محشر برپا ڪري عشوه گري، ناز سان!

ڪير ڪڇي فتنه گر، ظالم طناز سان؟

زخم ڪري زور سان ديده جي شمشير سان،

پوءِ چوي، رو نه تون درد مان آواز سان.

 

آهه سندم درد جو قصو گھڻو دلگداز،

دل ٿي چوي، ڳاءِ ھي، سوز منجھان ساز سان.

 

يار موافق ھجي، لطف رسي روح کي،

سعي ڪري تون گذار دلبر دمساز سان.

 

حق جي طلب ڪٿ ڪري، شخص اھو، دوستو!

آھه جو ٽُٻيو پيو حرص، ھوا، آز سان.

 

راز کلي ڪينڪي روزِ جزا کان اڳي،

جي نه سلين راز تون ھمدم و ھمراز سان.

 

ڪجھه نه ٿئي فائدو، ناقص صوفي منجھان،

خاڪ بڻي تون گذار ڪامل ممتاز سان.

 

گرچه غزل گو گھڻا شاعر پيدا ٿيا،

ڪونه غزل ۾ پنو سعدي شيراز سان.

 

کول پر ۽ تون اڏام ھمت جي بال سان،

مقصد جي عرش تي پھچج پرواز سان.

 

زور نه تون آزماءِ، لنگ گدا، شاھه سان،

آھه چِڙي ھلڪڙي ڪانه پڄي باز سان.

 

رڻ ۾ رُلان ٿو، رسج رحمت رحمان جي،

راھه خدا جي وٺان، احسن انداز سان.

 

نازڪ طبعن ڪيو نازڪ بيڪار آھه،

شال رھان مان سدا رستم جانباز سان.

بند زبان چشم گوش، صورتِ تصوير ٿي،

گڏ ٿو جڏھن تون رھين، ڪاتب ھمراز سان.

 

قصر ٻين جي ڏسي، ڊاھه نه گھر پانھنجو،

گھار نه بي خانمان خانه برانداز سان.

 

سنڌ ۾ آھن گھڻا حق جا وڏا اولياءَ،

وڌ ٿي محبت سندم  عارف شھباز سان.

 

رحمت حق جي قبول! عرض ڪري ٿو ”اديب“

زنده مئل دل ڪرينم، لطف جي اعجاز سان.

 

مولانا حاجي احمد ملاح

مُنھن ڏيکاريو مھر سان ڪنھن محل منظور نظر!

ھن نظر جي منتظر تي ڪر نظر نُور نظر!

 

لک لھان، يا ڪک لھان، قيمت نه وٺندس تا قيام،

شال ڪن منظور مون بي مَزد مزدورِ نظر.

تير تارن جا اڳين پوين جي پاسن مان ٻھار،

دوستن لاءِ دوست ڌاري، ڌار دستور نظر.

 

ھيتري ساري حياتي، ھر نشو ھوندو حرام،

پر نيس مئخان ۾ اڄ ڪنھن به مخمور نظر.

 

عمر ساري آھي زاري، عمر ساري انتظار،

مَس ٿيو مسڪين اڄ، مسرور، مشڪورِ نظر.

 

منتون، ميڙيون ملڻ لئه، مُلڪ سڀ مُلھه ۾ ته مِل،

مغز مارينم ڪيترو، مَھندان به مغرور نظر.

اک اشاري سان پڇيو، احوال ”احمد“ کان عجيب،

ڇا ڪُڇي مُنھن مان مِٺا، مسڪين، مجبورِ نظر.

حافظ شاھه ”ناطق“ حسيني

اسان جي غم جو عجب داستان بنجي ويو،

وفا بجاءِ جفا جو نشان بنجي ويو.

 

جتي جنم ھو ڪڏھن، منھنجي درد دل ورتو،

اھو عدو جو ڦري، آستان بنجي ويو.

 

اسان جو عشق نه سمجھي سگھي نگاه يار،

خبر نه آھي ته ڇو بدگمان بنجي ويو.

 

چمن ۾ حڪم روان ٿيو زبان بنديءَ جو،

ڏسو ته صورتِ غم، بوستان بنجي ويو.

 

سدا رقيب رھيو، ساڻ يار سان، توبھ!

صنم جو دشمن جان، پاسبان بنجي ويو.

ڪٿان ملي به ته ”ناطق“ کي چين اي يارو،

شڪار، دور زمان، ناگھان بنجي ويو.

”سرويچ“ سجاولي

ھر روز ٻُڌان تُنھنجو ٿو آواز فضا ۾،

تنھنجا ئي ڏسان آءٌ پيو اعجاز فضا ۾!

 

سرتاج جُھڪيو جنھن جي رکن تاج قدم تي،

محبوب انھيءَ جو ته ڏس اعزاز فضا ۾!

ڪو وقت تجلي جا پسائِي تو پيارا،

سُھڻن جو تِھان پوءِ ٿيو آغاز فضا ۾!

 

نظرن جي ڪئي تو جا نماڻن تي نوازش،

ظاھر ته ٿيو تنھن کان نظر نياز فضا ۾!

 

مُکڙين کي لڳين مَرم، پسي مُرڪ سنديئي،

تنھنجي ئي نزاڪت جا پسان ناز فضا ۾!

 

گفتار سنديئي جو اثر يار مٺا ھي،

سھسين ٿا وڄن، آءٌ ٻڌان ساز فضا ۾!

 

جي گُھور وجھين ٿو ته لڳي ايئن ٿو پيارا،

اڏريا ڪي شڪارن لَئه بُکيا باز فضا ۾!

 

مشڪين ته ٽڙن باغ، سِپون موتي جھٽن ٿيون،

ڪاوڙ جي ڪرين، خلق ڏسي راز فضا ۾!

 

ھي سينڌ سُھائو يا ڪِريو چنڊ زمين تي؟

يا شيلَ ڪِرڻ آئي ڪا شھناز فضا ۾!

 

ھي وار سندءِ يا ڪه، ڪي واسينگ ٻچن تي؟

ڪَکجِي ٿا پون جن کان سر افراز فضا ۾!

 

ڏسندا پيا زمانا ۽ زمينون به ھتي جون،

”سرويچ“ سندءِ شعر جو پرواز فضا ۾!

”استاد“ بخاري

ھي جھان دوزخ به آ، جنت به آھه،

ڇو ته ھت ڪلفت به آ، الفت به آھه.

 

ھت جزا توڙي سزا لوڙيون پيا،

زندگي رحمت به آ، زحمت به آھه!

 

زندگيءَ جي عزم تي مُرڪي ٿو موت،

ڇا ڪجي ڪوشش به آ، قسمت به آھه!

 

عاشقو! وارو ڪريو، اوڏنھن ڊُڪو،

جنھن جڳھه صورت به آ، سيرت به آھ!

 

مان سکيس ڪنھن کان، سِکيو آدم ڪٿان،

ڏوھه ھڪ عادت به آ، فطرت به آھه!

 

مون غريبيءَ جا ٻئي پاسا ڏٺا،

ھڪ وڏي نعمت به آ، لعنت به آھه.

 

شاعريءَ جو شوق ”استادِ“ جناب!

باعثِ شھرت به آ، شامت به آھه!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com