سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1968ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 3/ 1968ع

غلام محمد گرامي

گذارش

’’مھراڻ‛‛ جو شاعر نمبر

سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”مھراڻ“ متعلق، بورڊ جي ھڪ خاص فيصلي موجب، ھر سال، ھڪ خاص نمبر شايع ڪرڻو آھي. مثلاً  ’شاعر نمبر، ’افسانه نمبر‘، ’ناول نمبر، ’ڊرامه نمبر، ’شخصيات نمبر، ’مڪاتيب نمبر،’ آپ بيتي نمبر، وغيره.

        ھن سال 1969ع جي شروعات سان، ان سلسلي جي ابتدا ڪندي ’’شاعر نمبر‛‛، شايع ٿي رھيو آھي. ان ضخيم نمبر ۾ زندھه شعراء ڪرام جو منتخب ڪلام، فوٽو ۽ مختصر سوانح حيات ڏئي رھيا آھيون.

        جڏھن ته ’شاعر نمبر، جي مواد جي جمع ۽ ترتيب جا فني مرحلا اھڙا آھن، جن تي ڪافي وقت صرف ٿيو آھي. اخبارن جي اعلانن ۽ بار بار خطن لکڻ جي باوجود، اسان جي مھربان شاعرن، مواد دير مدار سان پھچايو آھي. ڪيترن دوستن اگر مواد موڪليو ته سوانح ڪانه اماڻي، پر جي مواد ۽ سوانح ڏنا ويا ته فوٽو نه موڪليو ويو! بار بار ياد دھانيءَ جي به ڪيترن ڪرم فرما دوستن جي توجھات خصوصيءَ کان محروم رھجي وياسين. تاھم وڏيءَ جاکوڙ ۽ جدو جھد، نيازمندانه معروضات ۽ ذاتي ڪوشش سان، پوري مواد تيار ڪرڻ، سھيڙڻ، درست ڪرڻ ۽ ترتيب ۾ آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آھي. جن بزرگن دير مدار سان پنھنجي محبت ۽ تعلق سان نوازيو آھي، اسان انھن جا به شڪر گذار آھيون.

        ڪيترن شاعرن صفائي ۽ خوشخطيءَ جو خيال نه رکيو آھي. ظاھر آھي ته انھن جي مواد جي نقل ۽ اصلاح جو مسئلو اداري لاءِ ڪافي دقت طلب رھيو آھي. تاھم ان مرحلي کي به فني معيار جي آخري مرحلن تائين پھچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آھيون.

        ھن ضخيم نمبر ۾ انشاءالله سنڌي شاعرن جو پورو ساٿ شامل ٿي چڪو آھي. قادرالڪلام ۽ ڪھنه مشق شعراءَ سان گڏ نوآموز اھل ذوق کي به قابل قدر جاءِ ڏني وئي آھي.

        ’’شاعر نمبر‛‛ پنھنجي اشاعت جي آخري ۽ تڪميلي مرحلن ۾ آھي. انشاءالله سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ھڪ مستند ۽ قابل فخر تاريخي يادگار رھندو. ھي ھڪ اھو فني تذڪرو آھي، جنھن جي مواد تان اڳتي ھلي، صدين تائين اسان جا ايندڙ نقاد ۽ محقق، مورخ ۽ تذڪرهه نگار استفادو ڪندا رھندا.

        اھا ھڪ شڪايت نه پر حڪايت آھي ته اڃان تائين به ڪن شاعرن جي مواد يا سوانح يا فوٽي کي ھٿ ڪرڻ لاءِ اداري وٽ گنجائش آھي. جيڪڏھن ھن کان پوءِ به ڪو مواد پھتو ته ان کي ترتيب ۾ ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي؛ نه ته ضميمي طور منسلڪ ڪرڻ لاءِ به گنجائش پيدا ڪئي ويندي.

        ھن ضخيم نمبر جي تياريءَ جي سڀني علمي ۽ فني، دقت پسند مرحلن ۾، توڙي مواد جي انتخاب ۽ ترتيب جي مسئلن ۾، حضرت قبله مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ، جي توجھات خصوصي ۽ مشورن حوصله افزائي ڪئي آھي.

        ان طرح ڊاڪٽر سيد اسدالله شاھه ”بيخود“ حسيني، اعزازي سيڪريٽري جو پڻ ادارو شڪر گذار آھي، جنھن پوري مواد جي سھيڙڻ ۽ ترتيب جي ڪم ۾  آخر تائين تعاون ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ محترم غلام رباني صاحب اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جي فني مشورن ۽ تعاون پڻ اداري کي ڪافي نوازيو آھي.

        ان سلسلي ۾، ”مھراڻ“ آفيس جي محنتي رفيق، مسٽر پرڀو ”ناشاد“، مواد جي اصلاح ۽ ترتيب سان گڏ صفائيءَ سان ڪاپي تيار ڪرڻ ۾ وڏي محنت ڪئي آھي. ان جو پڻ ادارو شڪر گذار آھي. - السعي مِني والا تمام من الله تعاليٰ.                                                     - غ . م . گ
 

1

بيت: ’استاد‘ بخاري؛ حافظ محمد ’احسن‘؛ مرحوم عبدالحڪيم سائل‘؛ احمد خان ’آصف‘؛ نثار ’بزمي‘؛ ’خادم‘

سروري؛ رحيم بخش ’قمر‘؛ ’ميرل‘ جويو.

دوھا: عبدالجبار ’شام‘، محمد سومار شيخ.

ڪافيون: ’محسن‘ ڪڪڙائي، ’خليل‘ سروري، ’استاد‘

بخاري، ’سرويچ‘ سجاولي، احمد خان ’آصف‘، احمد خان ’اختر‘.

وايون: ’قمر‘ شھباز؛ ولي محمد ’وفا‘؛ ’آثم‘

ناٿنشاھي؛ احمد خان ’آصف‘، رحيم بخش ’قمر‘، احمد خان اختر‘، غلام حسين رنگريز.

گيت: مرحوم لطف اللھ ’بدوي‘؛ ولي محمد ’وفا‘؛

’خادم‘ سروري؛ رحيم بخش ’قمر‘؛ ’نثار‘ بزمي؛ احمد خان ’آصف‘؛ مدد علي ’سانگي‘؛

لوڪ گيت: محمد اعظم رحه؛ سرويچ سجاولي؛ رحيم بخش ’قمر‘.

نظم: تنوير ’عباسي‘؛ ’نياز‘ ھمايوني، ’ذوالفقار‘

راشدي؛ لطف اللھ ’بدوي‘؛ حافظ ’احسن چنا؛ ’وفا‘

ناٿنشاھي؛ ’سليم‘ ڳاڙھوي؛ ’نديم‘ انصاري؛ احمد خان

’آصف‘؛ ’محسن‘ ڪڪڙائي؛ پروانو‘ ڀٽي؛ غلام حسين ‘رنگريز‘؛ ميوو خان ‘موج‘.

آزاد نظم: حرمت الاڪرام؛ پرڀو ’ناشاد‘.

غزل: مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘؛ آغا عبدالنبي؛ عبدالڪريم پلي؛ ’نياز‘ ھمايوني؛ ’تاج‘ بلوچ؛ ’ذوالفقار‘ راشدي؛

’محبوب سروري؛ ’محسن ڪڪڙائي؛ جئسنگھاڻي سام؛ ’حافظ‘

احسن چنا؛ دين محمد ’اديب فيروزشاھي؛ حاجي احمد ملاح؛ حافظ شاھه ’ناطق‘ حسيني ؛’سرويچ سجاولي؛ ’استاد‘ بخاري؛’نشتر‘

ناٿنشاھي؛ ’وفا‘ ناٿنشاھي؛ ’آثم‘ ناٿنشاھي؛ رحيم بخش ’قمر‘؛

’جليل‘ سروري؛ ’خادم‘ سروري؛ ايس ’تصور‘؛ عبدالرحمان

 ’نقاش‘؛ غلام حسين رنگريز؛ مقبول صديقي؛ ’بيوس‘بازيدپوري؛

 ’ساجد‘ لعلپوري؛ ’بشير‘ سيتائي؛ ’شاد‘ عباسي؛ مدھوش جوھائي؛ پير محمد ’پياسي‘؛ ولي محمد ’وفا‘؛ ’غازي‘ ٽکڙائي؛ ’نظير‘

 ٽکڙائي؛ ’رياض‘ ٽکڙائي؛ ’دادن‘ ڀٽو؛ ’مومن‘ مليرائي.

قطعا: ’استاد‘ بخاري.

رباعيون: پير سليم جان سرھندي.

        ”سوال ٿو پيدا ٿئي ته ايتري دماغي ڪاوش، ورق گردانيءَ، خيال آرائيءَ، غور و فڪر، دل جي واردات ۽ ڪيفيات مان پيدا ٿيل ”فن“ جو آخر مقصد ڪھڙو آھي؟ شاعر، اديب، فنڪار ۽ اھل قلم، ايتري جاکوڙ ۽ جدو جھد آخر ڪري ڇالاءِ ٿو؟

        ”ان سوال جا ڪيئي جواب ٿي سگھن ٿا ۽ ھيل تائين به ڪافي جواب پيدا ٿيا آھن: ان سوال جي جوابن جو سلسلو ايندڙ دؤر تائين ھلندو رھندو.

        ”جناب عالي: منھنجو مختصر جواب ھي آھي: ’فن جو اصلي ۽ ازلي سرچشمو آھي ’محبت! شاعر، عالم، فيلسوف، وطن دوست، فنڪار، سڀ ان مان فيضياب ٿين ٿا. ان کي ڳائن ۽ وڄائن ٿا. ان کي پکيڙڻ لاءِ فنپارا پيدا ٿا ڪن. شاعري ان جي زبان آھي. ڇو ته ’ڪائنات ۽ انسان ۽ حيات، ٽنھي جي اونداھي دنيا ۾، محبت روشنيءَ جو نوراني قنديل آھي.

        ”ھيءَ اھا رنگين ۽ ڪشش انگيز انڊلٺ آھي، جنھن جا رنگ، ھر ويل تي، صبح جي ستاري وانگر روشن آھن!

        ”معصوم ٻار جي ٻھڪندڙ چھري کي، توڙي ٻڍڙي جي بيروح دل کي، حرڪت ۽ حرارت ’محبت‘ ئي ٿي پھچائي.

”محبت“ سان فضائن ۾ نغمن جو ناچ ٿئي ٿو، ۽ نغمو محبت جي زبان آھي. محبت جو جادوئي آھي، جنھن سان مٽيءَ جون مورتون اڀري، مقدس ديوتائن جو روپ وٺن ٿيون!

”اگر انسان جي دل گل آھي ته پوءِ محبت سندس سرھاڻ آھي!

’’ ’محبت سان زندگي آباد آھي. ’ابديت‘ محبت جو حسين خواب آھي.

” ’محبت عين انسانيت آھي، انڪري فنڪار جو عظيم مقصد آھي ’محبت‘.“  - غ . م . گ.

بيت

”استاد“ بخاري

پير فقير  يد ٻي ڳالھي، پيار دي پار دي ٻي ڳالھي؛

نبض دي دڪ دڪ ٻي ڳالھ، دوست دي تار دي ٻي ڳالهي؛

عيد برات دي ٻي ڳالھي، وصل دي وار دي ٻي ڳالھي؛

ڪان بندوق دي ٻي ڳالهي، يار دي خار دي ٻي ڳالهي!

بار گھڻي ”استاد“ بخاري، بره دي بار دي ٻي ڳالھي!

 

لوڪو؛ روڪو، ٽوڪو ٻيٺي، لنءُ ڪو لاسي، لاسان؛

بار برده دا باري بيشڪ، چاه چويسن، چاسان؛

عشق دي الفي، قرب دي ڪفني، پيار پويسن، پاسان؛

گيت، غزل، ”استاد“ بخاري يار ڳوَسين، ڳاسان!

 

سونھن تساڏي لھ ته نه ويسين، ڇوڙ ميڪون ديدار ڪران؛

او ڏون تيڏيان، اي ڏون ميڏيان، ڇوڙ ميڪون دو چار ڪران؛

مرڪ تساڏي، لڙڪ اساڏي، ڇوڙ ته مين گلزار ڪران؛

دلڙي ڏيسان، درد وھيسان، ڇو ته مين واپار  ڪران؛

عشق لڳا ”استاد“ بخاري، ڇوڙ ته مين اظھار ڪران!

 

حسن تساڏا توبه توبه، عشق اساڏا زاري زاري؛

ڳالھ تساڏي ڳوري ڳوري، منٿ اساڏي باري باري؛

ريت تساڏي اوکي اوکي، پريت اساڏي پياري پياري؛

يار کٽيا ”استاد“ بخاري، راند اساڏي ھاري ھاري!

حافظ ”احسن“ چنا

ابيات ھفتو (مومل راڻو)

راڻل رنج لکائيو، ويو ’ڇنڇر ڏينھن ڇِني،

ساريندي سوڍل کي، رئندي رات پني،

اچي ڀيڄ ڀني، ته به موٽيو مور نه مينڌرو.

راڻل رنج لکائيو، ’آچر آيم ڪين،

موٽ مري ٿي مينڌرا، مومل ھيءَ مسڪين،

گولي ھيءَ غمگين، تون ڪيئن وسارين ولھا.

راڻل رنج لکائيو، اچي ’سومر ڏينھن ٿيو،

سوڍل سوز فراق ۾، منھنجو سڙي ساھه ويو،

گھنگھر گھارڻ پيو، سوڍي ڌاران سرتيون.

راڻل رنج لکائيو، نه آيو ’اڱاري

ساھه ته منھنجو سپرين، سوڍل ٿو ساري،

نالي نانءَ ڌڻيءَ جي، اچ واڳ اڱڻ واري،

لالڻ تو لاري، ويٺي گوندر گھاريان.

راڻل رنج لکائيو، آيو نه ’اربع وار،

جنھن ريءَ ساعت نه سري، تنھن کان رھان ڌار،

ملنديس يا مري وينديس، ناھي خبر چار،

ھاڻي پرت منجھان پار، ڪيئي قول قرار جي.

راڻل رنج لکائيو، آيو ’خميس  جو ڏينھن،

سوڍا سوين راڄ ۾، پر تو سان لاتم نينھن،

محبت سندا مينھن، مان ته ويٺي وسايان ولھا!

راڻل رنج ڦٽي ڪيو، آيو ڏينھن ’جمع جاني،

اچڻ جي عجيب ڪئي ”احسن” احساني،

ساھه سسي صدقو ڪيان، قدمين قرباني،

ٿيو فراق فاني، وريو ورق وصال جو!

مولوي عبدالحڪيم ”سائل“ مرحوم

(ڪانگل)

ڪانگل چئج قريب کي، خبر ھيءَ کري،

ته پري رھندي توکان پرين، منھنجي ساعت ڪين سري،

 

ڏي دلاسو دلربا، سندو وصل وري،

نه ته وينديس محب مري، ھھڙي حال ”حڪيم” چئي!

 

ڪانگل چئج قريب کي، ساري سوَ سلام،

ته اچي ٿيو اوڏڙو، ھي ”سائل“ تنھنجي سام،

ريءَ پسڻ تنھنجي پرين، طلب نه اٿس طعام،

ڪر ڪو الھه لڳ انجام، ڏسي حال ”حڪيم“ جو!

ڪانگل چئج قريب کي، عرض ڪري آزي،

ته بڻي آھه بندي مٿي، بره سندي بازي،

حال ڏسي بيحال جو، قلب ڪيو قاضي،

ٿي رب ڪارڻ راضي، ڏسي حال ’’حڪيم‛‛ جو!

 

ڪانگل چئج قريب کي، پکي پرينءَ پيھي،

ڪجانءِ حال حبيب سان، وٽ سڄڻ ويھي،

ته دلبر! دل دولاب سان، تو رمز ھڻي ريھي،

ڳالھه ڪيان ڪيھي، ٿو ڏسين حال ”حڪيم“ جو!

 

ڪانگل چئج قريب کي، کِنياتل تون کُلي،  

حال حقيقت مون سندو، قاصد ڪرڪُلي،

ته آءٌ اوھان جي آھيان، ٻانھي اَڻ مُلھي،

ھيءُ جا راھه رُلي، تنھن جو ڏسج حال ”حڪيم“ جو!

 

ڪانگل چئج قريب کي، تون ھيڪر ھڪواري،

ٿو درماندو دانھون ڪري، ڏي دلبر دلداري،

جدا جالڻ تو سوا، آھي دوست دشواري،

معلوم ٿي منھنجا پرين، سڌ، خبر ساري،

دل منھنجي دلبر دادلا! آھي مونجھاري ماري،

ڪر پرين پوواري، ڏِسي حال ”حڪيم“ جو!

 

ڪانگل چئج قريب کي، حال وڃي ھاڻي،

ته مَنُ مَاري مَحو ڪيو، آھي محب تنھنجي ماڻي،

حالت ھن بيحال جي، ھڪ ڄاڻندڙ ڄاڻي،

اچي اڄ يا سڀاڻي، ٿيءُ حال محرم ”حڪيم“ سان!

 

ڪانگل چئج قريب کي، وڃي دانا مٿي در،

پيرين پئج پرينءَ جي، پيرين ڌَري پَرَ،

جدائي جانب ڪئي، تو ڪھڙي ڏوھه ڏمر،

سوال سڻي ”سائل“ جو، اچي حال پُڇج ھيڪر،

ڏکيا لنگھن ٿا ڏينھڙا، رِيءَ دِلاسي دلبر،

دلبر منھنجي درد جي، جي ڪن پوئي ڪوڪر،

ته ھوند ڪامل لھين ڪَرَ، ٿين حال محرم ”حڪيم“ سان!

 

ڪانگل چئج قريب کي، ٻَئي ٻَڌي ٻانھون،

اچڻ لئه تنھنجي پرين ، مان روز ڏسان راھون،

نه ڪو ماڻھو ٿو ملي، جو اچي ايڏاھون،

ٻڌي درد سنديون دانھون، ٿي حال محرم ”حڪيم“ سان!

 

ڪانگل چئج قريب کي، ويھي ڳالھه ڳُجھي،

توکان سواءِ منھنجا پرين، وئي آھي مَتِ مُنجھي،

لڪائج لوڪ کان، متان پوي ٻين ۾ ٻُجھي،

اندر منجھه اجھي، چئج حال ”حڪيم“ جو!

 

ڪانگل چئج قريب کي، ھيڪر وڃي ھاڻ،

پيرين آيس پنڌ ڪري، مان ڪامل تُنھنجي ڪاڻ،

اکيون اکين سان اڙيون، ڪنھن اڙانگيءَ آڻ،

بيوس ۽ بيدل ٿيس، ڪڍان ڪُل جي ڪاڻ،

جانب! جواني ماڻ، پر ڏسج حال ”حڪيم“ جو!

 

ڪانگل چئج قريب کي، ڳَلِ ڪري ڳارو،

زاريءَ ريءَ ضعيف جو، چلي نه ڪو چارو،

دم ھڪڙو ڌار پرين، سال ڀانيان سارو،

ڪر وصل جو وارو، اچي ڏس تون حال ”حڪيم“ جو!

احمد خان ”آصف“

اندر واري آه، بيتن ۾ مون بند ڪئي،

ماڻھو اڄ ماڻھوءَ سندو، ٿو چَڪين پَٽي ماھه،

جيڏھن ڪيڏھن بند ٿي، ويچارن جي واھه،

آھي ڪونه الله، چڻ ڏيھه ئي ڏاڍن جو ٿيو!

 

ڏاڍن سارو ڏيھه ، ڏاڍو آھه ڏکوئيو،

ڏين ڏٻري ڏيل کي، چرن وانگر چيھه،

ڦَٽي ڏين ڦيھه، ڪھل انھن ۾ ڪانه آ!

ھيڻا اٿو ھاڻ، ڪجھه ھڻو ھٿ پيرڙا،

جھاتي پائي جيءَ ۾، صحي سڃاڻو پاڻ،

پاڻ سڃاڻي پانھنجھو،ڪَريو پنھنجي ڪاڻ،

ماٺ مٺي ناھي، مگر آھي ’مٺي اڻڄاڻ،

پاڻ پتوڙڻ سان ھتي، ٿيندي وٽ وراڻ،

ڪڍي جنھن اڄ ڪاڻ، ان جي ڪاڻ ته ڪجھه نه آ!

پرين ويو پرڏيھه، اچي تان آرام ٿئي،

آيم ڏاڍي ڏيل کي، ڦوڙائيءَ جي ڦيھه،

ڇٻيھن اندر ڇٻيھه، سرتيون سور ڏئي ويا!

 

پيھيءَ ۾ پيھي، سڄڻ ايندم سرتيون،

اچي وھندم اوڏڙو، پرين پرڏيھي،

دلبر سان دُک دل جا، ونڊينديس ويھي،

جيھي ۽ تيھي، آءٌ انھيءَ جي آھيان!

 

ھوت بنا ھيڻي، آھه جڏي ھيءَ جندڙي،

جيڏيون منھنجي جان ٿي، جھوريءَ ۾ جھيڻي،

عاجز آءٌ عليل ٿيس، وارث وھيڻي،

ٻھڳڻ شل ٻيڻي، ٻڪي ڏيندو ٻاجھه جي!

پيتم سَو سُتيون، صحّت سريم ڪانه ڪا،

ڦڪين فرق نه ڪيڙو، ٿيون ڀاڻ ڀتيون،

جيڏيون جڏيءَ جان ۾، ڳڻتيون لک ڳُتيون،

محبن ڪين مُتيون، دوائون ھن درد جون!

 (ڪانگل کي ڪارون)

ڪانگل ڪھج قريب کي، ’سومر ڏينھن سويل،

ته جانب منھنجي جيءَ تي، وره وَھايا ويل،

مون کان سڀ وسري ويا، کاڄ خوشيون ۽ کيل،

جانب ڀانيان جيل، توريءَ جڳ جھان کي!

 

ڪانگل ڪَھَج قريب سان، ’اڱاري احوال،

ته تُنھنجِي سِڪ اي سُپرين، ڪيو نينھن نھال،

ڏور وڃي ڏينھن ٿو رھين، ھيڻا ٿيڙم حال،

ھيڪر ھلي ھوت تون، ساجن لھج سنڀال،

ڀايان بيحد ڀال، سُڌُ لَھين جي، سور جي!

ڪانگل ڪَھَج قريب کي، ’اربعا ڏينھن اڏام،

منھنجا تون محبوب کي، سھسين ڏيج سلام،

زلفن جا ته ضعيف کي، تو دلبر وڌا دام،

قربن واري ڪات سان، تو ڪُھي ڪيو قتلام،

اچي نا آرام، ٿو ”مصراڻي“ مسڪين کي!

ڪانگل ڪھج قريب سان، تون خبر ڏينھن ’خميس

ته دلبر ماري ديد سان ڪُھي ڪرين ٿو ڪِيس،

ساڙن منھنجي ساھه کي، ٿا محبت جا ماچيس،

جوڙ نه تُنھنجو جيس، خالق خلقيو خلق ۾!

 

ڪانگل ڪَھَج قريب کي، جلدي ’جمعي‘ ڏينھن،

ويجھو ٿي ته وصال جا، ڪي محب وسائيج مينھن،

”مصراڻيءَ“ مسڪين کي، آھه نھوڙيو نينھن،

شوق تنھنجي جو شينھن، ٿو چنبن سان چيريو وجھي!

 

ڪانگل وڃ قريب ڏي، تون ڇوھو ڏينھن ’ڇنڇر ،

مٺي تنھن محبوب کي، چَؤ حال وڃي ھينئر،

ته دردن لاتم دل ۾، ڪي ڌڌڪا ۽ ڌمچر،

”مصراڻي“ مسڪين جي لھه وھَلو ڪا واھر،

آڻج ساڻ عجيب کي، ڪانگل تون ڪنھن پر،

ته تنھنجا پير ۽ پَرَ، چمي چشمن تي رکان!

 

ڪانگل ڪھج قريب کي، ’آچر ڏينھن خبير،

ته سھڻل تنھنجي سڪ ۾، ٿيڙم حال حقير،

وره وڇوڙي ماريو، درد ڪيو دلگير،

ڪري قرب ڪثير، ”آصف“ وٽ اچ اي پرين!

”نثار“ بزمي

منھنجي مٺڙي ملڪ تي، ڪڪرن جي ڪاراڻ،

تاڙو تنوارون ڪري، ”بزمي“ بادل ڪاڻ،

چونگارين چتونئڙا، ڀنورن کي آ ڀاڻ،

سوسن جي سرھاڻ، منھنجي مٺڙي ملڪ تي!

 

منھنجي مٺڙي ملڪ تي، ساوڪ ۽ ساريون،

موٽيا اچن ماروئڙا، مالن کي چاريون،

وھسن گھڻو وت کان، نر توڙي ناريون،

ٻوليون ٻاجھاريون، منھنجي مٺڙي ملڪ تي!

 

منھنجي مٺڙي ملڪ تي، سنڌوءَ جو سينگار،

وڻجارن جو جنھن جي، واھر سان واپار،

بيشڪ جنھن جو ”بزمي“ جولانيءَ سان جار،

ھيرن جو آ ھار، منھنجي مٺڙي ملڪ تي!

 

منھنجي مٺڙي ملڪ تي، کٻڙيون ۽ کاريون،

ٻٻر ٻيريون ڪيتريون، ٽھڪن ٿيون ٽاريون،

پيرون چونڊن پاند ۾، اوباھيءَ پاريون،

ڏاڙھن جون ڏاريون، منھنجي مٺڙي ملڪ تي!

 

منھنجي مٺڙي ملڪ تي، لطيفي آ لات،

سنڌي سٻاجھڙن کي ’وائي‘ آھي وات،

علم ۽ عرفان جي، پوي ٿي برسات،

تن ۾ آھي تات، منھنجي مٺڙي ملڪ تي!

منھنجي مٺڙي ملڪ تي، غريبن جا گھاٽ،

جھونگر سان جھنگن ۾، ٻڪرين جا ٻيڪاٽ،

پراڻن پکن مان، سيءُ ڪري سوساٽ،

اللھ جي آ آٽ، منھنجي مٺڙي ملڪ تي!

 

منھنجي مٺڙي ملڪ تي، پيدا ٿئي ٿو پيار،

در لنگھي آئي سندو، وڏو آ ويچار،

سرڪيون ڀري سڪ جون، سڀ ڪو آ سرشار،

الفت جو اظھار، منھنجي مٺڙي ملڪ تي!

 

منھنجي مٺڙي ملڪ تي، بلبل جون باتيون،

ڪوئل پائي ڪيتريون، جھڳٽن مان جھاتيون،

عيدن جھڙا ڏينھڙا، رسيليون راتيون،

لوليون ۽ لاتيون، منھنجي مٺڙي ملڪ تي!

 

منھنجي مٺڙي ملڪ تي، رڍون ۽ ريڍار،

سمھي رھن ساوڪ تي، منجھند جو ميھار،

پيشيءَ جو پٽن تي، جھانگين جي جھونگار،

ھمت جا حقدار، منھنجي مٺڙي ملڪ تي!

”خادم“ سروري

اکين اوجاڳا، شل سڄڻ تو سان ڪرين،

مون مئل مسڪين تي، شل مالڪ مھر ڌرين،

سُڻي دانھون ”خادم“ جون، وھلا وير ويرين،

جھولي شال ڀرين پنھنجي عشق عميق سين!

ڪامل تنھنجي قرب جي ڪنھن ڪامل کي آ ڪَل،

آئون ته اوڳي آھيان، ڪھڙي مون کي ڪَلَ،

ڪامل مھنجي ڪَلَ جي، ڪامل کوليو ڪَلَ،

ته قلب سندي ڪَلَ، ڪامل ڪَامَل ٿي پوي!

جگ دي طعني لوڪ دي مھڻي، عاشق چاڳل لاون،

قرب ڪماون،

ٿڌ طاقت ڏاج انھاندي، چم اکيان تي چاون،

قرب ڪماون،

مرد منھان ڪنون اکرا جايا، نال ڪھين نه لاون،

قرب ڪماون،

ھجر فراق دا ھار بڻا ڪي، ڳل وچ مالھا پاون،

قرب ڪماون،

مرد سدا مخمور رھيندي درد دا دود دکاون،

قرب ڪماون،

عاشق ”خادم“ نال سڄڻ دي، ناٿا نينھن نڀاون،

قرب ڪماون،

رحيم بخش ”قمر“ لاکو

سورج لھي سجدو ڪرين، لمحو ٿئي نه ليٽ،

لامن مٿان ”لاکو“ چئي، پکين کوڙيا پيٽ،

ڀلا تنھنجي ڀيٽ، ڪبي ڪيئن ”قمر“ سان!

 

سورج لھي سجدو ڪرين، سرھا ٿيڙءِ سير،

لامن مٿان ”لاکو“ چئي پکين کوڙيا پير،

صبح ساڻ سوير، موٽي اچين ماڳ تي!

سورج، سون رُپي جو، ويڙھي خوب کَٿو،

سارو ڏينھن سفر ڪري، لالڻ آنھه لٿو،

مالڪ ڪاڻِ مٿو، کوڙيو اٿئي خوف مان!

 

سورج لھي سجدو ڪرين، ساجن صحبت ساڻُ،

ساري رات سجود ۾، پِرھه پَسائين پاڻ،

ميان تنھنجو ماڻُ، ڪڏھن آڻيندو قيام کي!

 

سورج تنھنجي سيج تي، موتي ھاريا ماڪَ،

ٽيڙن، ڪَتين، قرب مان، چمڪي چوريا چاڪَ،

پالڻھار پاڪ، جيوَن سڄو جرڪايو!

 

رسو منھنجي روح جو، ويڙھي وارن ساڻُ،

ڪري وئين ”قمر“ کان پاسي پنھنجو پاڻُ،

بيٺو تڪيان ڀاڻُ، اچڻ ڪاڻ اوھان جي!

 

ماڻڪ موتي پيٽ ۾، سپون جي سانڍين،

مٺو ڀائن ماٺ کي، ڪڇُن ڪنھن سين ڪين،

ٻيئي رھن ٻاتال ۾، ترت ڪرين تسڪين،

موتي سي مسڪين، پالين پنھنجي پيٽ ۾!

 

ماڻڪ موتي پيٽ ۾، سانڍي سپ سچي،

ڪڇي ڪنھن سين ڪين ڪي، ماري لاف مچي،

منھنڙو ويڙھي ماٺ ۾، بحرن منجھه بچي،

سپجي ٿي سا سانت ۾، لھرين ھيٺ اچي،

”رحيم بخش“ رچي، سھڻي سپ صبر مان!

 

سانڍيو آنا پيٽ ۾، ڪُڪُڙيون ڪُرُ ڪُرُ ڪَن،

لات سڻائن لوڪ کي، ٽرڙيون سي ٽرڪَن،

”رحيم بخش“ رڙين کان، موڳيون ڪين مُڙن،

چڙھيو کُڏ چون، ته آنا اسانجي پيٽ ۾!

 

ڪُڪڙيون آنا ڪيترا، ”لاکا“ جي لاھين،

مور نه مٽ ماڻڪ جي، آنا سي آھين،

سينا ٿيون ساھين، ڪُڪڙيون ڪيئن سِپن سان!

 

ماڻڪ موتي پيٽ ۾، سپون سمونڊن،

منھنڙا ويڙھي ماٺ ۾، ”رحيم بخش“ رھن،

ڪنھن کي ڪين چون، موتي اسان جي پيٽ ۾!

مير محمد ”ميرل“ جويو

درياھه شاھه دادلا! تو ٻھڳڻ ڇو ٻوڙي،

ساھڙ ڪارڻ سير ۾، ھُئي ويچاري ووڙي،

ھوءَ ملڻ وئي ميھار سان، تو لھرن ۾ لوڙھي،

ٿي جانب سان جوڙي، مرڻ مھل ”ميرل“ چئي!

 

درياھه شاھه دادلا! نه ڏي ڇوھه منجھان ڇوليون،

ٻُڌان ته ميھر يار جي، مان مينھن جون ٻوليون،

تنوارن پيون تڙ تي، ڪي ڀوريون ڪي ڀوليون،

چڙا چونگارن چاھه مان ۽ لائن پيا لوليون،

سي ڍولڻ جون ڍوليون، ”ميرل“ شال ڏسي مران!

درياھه شاھه دادلا! تنھنجي واھڙ منجھه وھان،

ملان ميھر ڄام سان، ھتي لھرن منجھه لھان،

سختيون تنھنجي سير جون، مٿي سِر سھان،

ته به ڪڏھن ڪين رھان، ملڻ ريءَ ’’ميرل‛‛ چوي!

 

درياھه شاھه دادلا! تُنھنجي لھرن منجھه لُڙھان،

سيسر سامھون مون ٿيا، واڳن ساڻِ وڙھان،

عضوا سڀ عاجز ٿيا، ته به رڙھيو پئي رڙھان،

’’ميرل‛‛ ڪين مُڙان، ملڻ ريءَ ميھار جي!

 

درياھه شاھه دادلا! تنھنجي ڪُنن ڪئي آ ڪار،

ھڪ تيزي، ٻيو تِک گھڻو، ٽيون لھرن جي للڪار،

ڪپر ڪنڌي ناھه ڪو، ٻيٽ نڪو ٻيٽار،

”والله عَليٰ ڪُلّ شَئي قَدِير”، اھو اٿَم آڌار،

ھلي آءٌ ھُن پار، ”ميرل“ ملنديس ميھار سان!

 

درياھه شاھه دادلا! ھاڻي ڪانھي تنھنجي ڪاڻ،

ساھڙُ رسندم سير ۾، ھلي ايندُم ھاڻ،

غوطا نه ڏي غضب جا، ڇڏ مستي تون مھراڻ،

”اَلعِشق نَار يُحَرِقُ ماسُوي الله“،  ملي ميھر ساڻ،

پوءِ ٿيندي روح رھاڻ، ”ميرل“ محب ميھار سان!

 

مينھون ميھر يار جون، ڪپر مٿي ڪِڻِڪَن،

ڪُنڍين ڪانھه ڪَنڌن ۾، ڀوريون پيون ڀڻڪن،

سھڻيون ھتي سير ۾، پيون ساھڙ لاءِ سرڪن،

’’وَفِي اَنفُسِڪُم اَفَلَا تَبصَروَنَ‛‛ ھِئين اندر ھڙڪن،

والي جي وَڙڪَن، ته ’’ميرل‛‛ ملون ميھار سان!

 

مينھون ميھر يار جون، ڪي ڀوريون ڪي ڪاريون،

اُرھه کنيون اڻ ڄاڻ ٿيو، اچن اوڀاريون،

درياھه جي دھشت کان، لُڙھن لنواريون،

’’اِنَّ الحُڪمُ اِلّا لله‛‛، ساھڙ سيکاريون،

منجھڌار ۾ ”ميرل“ چوي، پائن پيون تاريون،

سي منجھيون متاريون، وري آيون وٿاڻ تي!

ھنر – ذوقافيه

سھڻي لئه ساھڙ جو، کير ھيو اڪسير،

سھڻيءَ کي ساھڙ جي، کير ڪيو ھو آسير،

سھڻيءَ کي ساھڙ جي، کير وھائي سير،

سھڻي پوءِ منجھه سير، واڳن سان وڙھندي وئي!

 

مينھون ميھر يار جون، آھن ڏَس اوڀر،

اُڏري وڃان اوڏھين، ڀَڙڪو ڪري ڀَر،

ڪيان قرب ڪنڍين سان، ھُجان ڀورين ڀَر،

ھلي آءٌ ھُن ڀر ”ميرل“ ملان ميھار سان!

 

سھڻيءَ کي ساھڙ جي، ھُئي ساھه اندر ۾ سَٽ،

ڌوڪي پئي درياھه ۾، سرڙو ڏيئي سٽ،

ڇولين ڇاتي ٿي ڇِنَس، جيئن سارين سَٽ،

ٻھڳڻ پوءِ ٻِسٽ ”ميرل“ ميھر سان ملي!

عمر آندي ڪوٽ ۾، نِڌر نماڻي نار،

وينگس وھِائي ويٺي، نيڻن منجھان نار،

ميوه انب انار، اڇلي ڏنائين عمر کي!

 

منھنجي ملڪ ملير تي، جَر وھن ٿا جام،

آڇ نه اجڙ وال کي، شربت سندا جام،

ڪيل پنھنجا انجام، پاڙينديس پنھوار سان!

 

تون تماچي تَڙ ڌڻي، مان گندري مُھاڻي،

ڍڪين ڍول ڍلائيون، آءٌ عيبن ھاڻي،

حال منھنجو ھاڻي، سمورو تو شاھه کي!

 

اڱڻ ايندين عجيب تون، ٿينديون اکيون چار،

پرين پُڇندين پيار مان، پوري خبر چار،

ويندا سور سموھجي، ڪري پرت پچار،

پوءِ اھو پرچار، ”ميرل“ ٿيندو ملڪ ۾!

دوھا

عبدالجبار ”شام“

وره وڇوڙو اؤکو آھي، سؤکو تنھنجو سنگ،

تنھنجي جوت جلي ٿي جيءَ ۾، تنھنجي آھه امنگ.

 

توريءَ ڪنھن سان راز نه سلبو، رکبي ڪين پريت،

جڳ وارا سڀ آھن اناڙي، نه ڄاڻن پريت جي ريت.

 

ساجن توئي سينگاريو آ، سپنن جو سنسار،

تنھنجي دم سان ئي ٿي پوندو، ڄڻ بر ۾ ھڪ بازار.

 

ماڻھوءَ جي ڏس ذات ڏنگي آهه، اِھو رکج تون ڌيان،

ھي ماڻھو ڏس حرفت سان، ڪيئن چوائي پيو اِنسان.

 

ماڻھو ڪنھن جي پريت نه سھندا، ڪندا ڪيئي ناٽَ،

پاڻ سنڀالي ھلڻو آھي، آھه اونداھي ٻاٽَ.

 

پريت جي ويرين کان گڏجي ڪو، وير وٺون اڄ ٺاھي،

جوڙ اسان جون سھڻا سائين، جڳ سڄي ۾ ناھي.

 

پل پل اوسيئڙو آ تنھنجو، پل پل تنھنجا پُورَ،

آس نه لاٿي آھِم تو مان، ايندين نيٺ ضرور.

 

مون بِرھڻ جي پيرن ۾ ڏس، لَڄَ جا پيا زنجير،

برھڻ جا دک دور ڪرين تون، برھڻ جو تون ڌير.

 

نُور ڀريا ٻئي نيڻ ھي تنھنجا، نُور ڀري پيشاني،

ڪھڙي ديس کان آيو آھين، ناھي تنھنجو ثاني.

 

پريمَ پکيئڙا! تو لئه ٺاھيم، اکڙين ۾ آکيرو،

ساجن تو ۾ سونھن ڀري آ، منھنجو منُ آ ميرو.

 

پنھنجي جيءَ ۾ جھاتي پائي، ڪونه ڏسي ٿو ڪير،

پاڻ ئي پيري ھڙ چورائي، پاڻ کڻي ٿو پير.

 

ھيءَ نگري آ ڏک جي پيارا، سک ھتي ڪو ناھي،

ھر ڪو پاڻ کي سير ٿو سمجھي، ھر ڪو سينو ساھي.

 

سچ جو آھي سودو اسان وٽ، سچ جي آھي وائي،

جيڪو سچ کي آڏو ايندو، تنھن سان آھهِ لڙائي.

محمد سومار شيخ

ھاريو ھاريو عمر سڄي مون، سڄي عمر مون ھاريو،

تڏھن به منھجا ڍولڻ توکي وري وري مون ساريو.

 

اڃان اکين ۾ لڙڪ پيا ھِن، تو لئه پئي سي ھاريان،

تو ته وساريو مون کي ڍولڻ، توکي ڪيئن وساريان؟

 

مٺڙا مُور نه مٺڙا رھندا، اُھي به کارا ٿيندا،

زھر جو ڏنگ ڪڏھن نه ڪڏھين، ھڻي نيٺ ڇڏيندا.

 

ڪنھن کي پنھنجو ڪري نه ڀانئج، سڀئي ڌاريا ساز،

وڄڻ ويلي سڀڪو پنھنجو، آلاپي آواز.

ڪافيون

”محسن“ ڪڪڙائي

اسان ڀانيو ته ملندو نڪو سُکُ وي ميان،

پر پيار ڏنو ٻيڻو ڏک وي ميان.

اسان ڀانيو ته……

دل دوست کڻي وڃي ويٺو پري،

جيڪو آھه پري، تنھن کي ڇا ڪو ڪري،

وري ورق وصال جو جڏھن وري:

تيسين ويٺو جيءَ ۾ جُکُ وي ميان.

اسان ڀانيو ته……

سھهُ سور سدا، ڪنھن سان حال نه ڪر،

ڪنھن تي ڏوھه نه ڏي، ٿڌا ساھه نه ڀَرِ،

سِڪ سانڍِ نه ڪڍُ ٻاڦُور ٻَھرِ،

پيو دل ۾ دائم دُکُ وي ميان.

اسان ڀانيو ته……

”محسن“ جي مَداين ڏي نه ڏِسو،

اوھين آھيو ڀَلا، پنھنجو ڀالُ ڪَجو،

ھيڻا حال ٿيا، من ھاڻ اچو:

اچي پنھنجو پسايو مک وي ميان.

اسان ڀانيو ته……

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com