سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1968ع

مضمون:

صفحو :12

پرٻنڌ جي مضمون ۾ راجائن، مھاراجائن، مشھور ماڻھن، ڏاتارن ۽ ديوتائن جي تعريف ھوندي ھئي. اھي پرٻنڌ اسلامي حڪومتن جي اچڻ وقت عام جام ھلندڙ ھئا. پرٻنڌ کي پوءِ سازيندي جي اصطلاح ۾ گت چيو ويو. اھو لفظ گيت مان گسي وڃي گت بيٺو آھي ۽ ھاڻي ان جي معنيٰ سرود، لئي يا ترنم (Rhythme) آھي.[1] پرٻنڌ گيت جي انھيءَ تدريجي اوسر ۽ ارتقا مان ئي اندازو ٿي سگھندو ته اسان جي اڄوڪي فنڪارانه ڪلام جو بنياد به اھيوئي ساڌو پادو ۽ ابتدائي لوڪ گيت آھي، جيڪو چندرگپت موريا ۽ ان بعد اشوڪ جي ٻوڌي زماني ۾ اوڌون کائي اسريو. انھيءَ جي اوڌ ۽ واڌ تي ٻاھرين قومن جو اثر به يقيني آھي، جيڪي اولھندي کان آيون مگر انھن جي ادبي ڪارنامن بابت اسان کي پوري معلومات نه آھي.

ڏيھي ڳيچ تي حملي آورن جو اثر: موريا حڪومت کان ھڪدم پوءِ بختر جو يوناني بادشاھه ڊيمٽيريس اول ھتي جو حاڪم ٿيو. سندس وڏو پٽ ۽ وليعهد شھزادو پينٽالين (Pantalean) اسان کي معلوم آھي ته يوناني علم ادب جو ڪوڏيو ۽ رقص و سرود جو وڏو شائق ھوندو ھو. سندس جاري ڪيل سِڪن مان به اھڙي ثابتي ملي ٿي. ھن جاسڪا، جيڪي ھيٺينءَ سنڌو واديءَ (مڪران- گجرات) مان مليا آھن، تن تي ھڪڙي رقاصه نچي رھي آھي. انھيءَ کي سوڙھي سٿڻ ڪنن ۾ ويڪرا والا ۽ وارن ۾ گل لڳل آھن. ھيءُ شھزادو جيتوڻيڪ پيءُ جي جيئري ئي مارجي ويو مگر سندس ارادو يقينن ھتي بلخ ۽ بخارا جي ثقافت پکيڙڻ جو معلوم ٿئي ٿو.[2] پينٽالين کان پنج ڏھه سال پوءِ بختر جو بازوق بادشاھ مينادر اعظم ھتي آيو، جيڪو علم و فضل جي ڪري منڍ کان ئي مشھور ۽ مڃيل ھو. ھن به ٻڌ مذھب قبول ڪرڻ کان اڳ، سندس حڪومت جي پھرئين اڌ ۾، ھتي بلخ بدخشان جي تھذيب ۽ ادب پکيڙڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪئي. جنھن ۾ ناٽڪ ۽ سانگ، رانديون ۽ شرطون، موسيقي ۽ شاعري وغيره شامل ھيون.[3] تنھن بعد سِٿين جو وارو آيو. سٿين ته سندس گيت سرڪاريءَ طرح به سنڌ ۾ رائج ڪيا. ”سٿين ڳيت سنڌ ۾ قومي تراني جيتري اھميت حاصل ڪري چڪا ھئا“.[4] ھي ماڻھو منڍ کان ئي مھذب علم دوست ۽ ادب نواز رھيا آھن. ڏکڻ سنڌ جي پوين ساڪ سردارن مان ته ڪي ناليرا شاعر پڻ ٿي گذريا آھن. اھڙا اھڃاڻ تاريخن ۾ به ملن ٿا. ڪڇ ڪاٺيواڙ ۾ ڪَپل (Kapila) نالي سان ھڪڙو مشھور سٿين شاعر ٿي گذريو آھي، جيڪو اولھندي ڪاٺياواڙ جي ’سئينڌو راجائن جو سارو سلسلو منظوم ڪري ويو آھي.“We hear of a Saka peot Kaplila Composing a record of the saindhvas of west kathiawad”[5].

ڇند وديا جي شروعات: اھو ٻاھرين حڪومتن جو اثر چئجي يا انھن جو ردعمل، مگر مقامي شاعريءَ جي شڪل شباهت کي جاچڻ لاءِ پڻ پھريون ئي دفعو ڪي سريلا سڄاڻ سوچڻ لڳا. عيسوي سن کان ھڪ ٻه صدي اڳي يعني ويدڪ زماني ۾ ئي ڪيشيپ مانڊويه ۽ راتا جھڙا ڪي سنجيده  سگھڙ سجاڳ ٿيا، جن انھيءَ فن جي ابتدا ڪئي (ھن ميدان ۾ اوائلي نالا فقط اھي ئي مليا آھن جيڪي پنگل پڻ ڄاڻايا آھن) ھنن ويدي سنسڪرت ۾ انھيءَ علم جو اوائلي نالو ’سُرسنگيت رکيو، جيڪو محض ڳائڻ جي ئي ڍار سان موافق ھو پِراتي ساکيا، موجب انھيءَ (سُر سنگيت) جي بنياد تي ئي پھريون دفعو غنائي فقرن جا جدا جدا نمونا (آپجاتِي، تِرشتپ ۽ اَنُشتپ وغيره) محسوس ڪيا ويا. سُر سنگيت واري انھيءَ ابتدائي دؤر بعد، ھن هُنر جو ٻيو مُک مرحلو ’ورڻ سنگيت وجود ۾ آيو ويدڪ وزن جي بر عڪس ورڻ سنگيت وري وڏن ۽ ننڍن لفظن جي جھيلار تي بيٺل ھو. مگر حقيقت ۾ ھن علم جو پايو وجھڻ ’پنگل‘ (Pingala) جو ئي ڪم ھو. ھيءَ چئه ديو جي ’ڇندس‘ توڙي ڀرت جي ’نٽياشاستر‘ کان به اڳي شمار ڪيو ويو آھي. انهيءَ حساب سان عيسوي سن جي بلڪل ئي اوائلي زماني ۾ ٿيو آهي. پنگل جي ’ڇندس سوتر‘ کي ويدن جو انگ (جزو) ڳڻيو ويو آھي. انھيءَ ڪري ڪي ته سمجھن ٿا ته ھو عيسوي سن کان به ڪو اڳي ٿيو ھوندو. پنگل، اچارن جي ڳاڻيٽي لاءِ جيڪو ننڍي ۾ ننڍو ايڪو (ورت) ورتو آھي، سو ’تِرڪ‘ (ٽڪو) آھي. يعني اھو مفرد لفظ جنھن ۾ ڪم از ڪم ٽي اکر اچن ليڪن ڪوبه غنائي فقرو جنھن ۾ اھڙا ٻه ترڪ (ڇھه اچار) يا ڇھن کان گھٽ اکر آھن، سو ھن جي مطلب جو نه آھي… حقيقت ۾ ھن رڳو ڇڙھا سوترئي سمجھايا آھن، تنھنڪري پنھنجي پستڪ کي پڻ ’سوتر ڇندس ڪوٺيو اٿس. ھو اچارن جو ڳاڻيٽو ڪندي ڪن اھڙين سٽن تائين به آيو آھي جن ۾ اھڙا آٺ تِرڪ اچيو وڃن ٿا. مگر انھن لاءِ مناسب مثال ۽ موزون  دليل بلڪل ڪونه ڏنا اٿس. ٻي ڳالھه ته ھن رڳو زماني جھونگارڻ جي ئي بنياد تي تجربا ڪيا آھن ۽ ڪنھن به لکيل تُڪ جي تحريري صورت (بيھڪ = Adhvan) کان ھو قطعي بيخبر آھي ۽ نه وري اکرن ۽ آوازن جي ڊگھائي ڇوٽائي کي به ڪو خيال ۾ آندو اٿس. انھيءَ مان ثابت آھي ته سندس وقت ۾ سوتر ۽ تڪون اڃا عام طرح تحرير ھيٺ نه آيون ھيون ۽ شايد اھو ڪم به اول ھن کان  ئي چالو ٿيو.[6]

پنگل کان پوءِ ٻيو به جيسلمير جو ھڪڙو عروضي، ماھر جئه ديو جنھن جوُ جئه ’ديِو ڇندس مشھور آھي، سو عيسوي ٻين ٽين صديءَ ڌاري ٿي گذريو آھي. پنگل جي برعڪس ھن وري شعر جي لِکت (اڌوَن) جو بحث ڇيڙيو آھي، چي: ڪن به لکيل ٻن ماترائن جي وچ ۾ ھڪ آڱر جيتري جڳھه ڇڏيل ھجي تڏھن سٽ جي ماپ سمجھه ۾ ايندي: انھيءَ مان اندازو آھي ته شايد سندس زماني ۾ شعر جي لکت چالو ٿي چڪي ھئي. ھن جي ڪتاب تان! ڀينَو گپتا، سويمڀو وراھه مھر ۽ ھيمچندر مدد ورتي آھي. خاص اپڀرنش وارو ’تال ڇند شايد ھن کان گھڻو پوءِ ڀرت جي زماني ڌاري ٿيو آھي.

ڀرت پنھنجو ’نٽ شاستر‘ ٽين، چَوٿين صدي عيسويءَ ۾ لکيو آھي[7].- ”ھن ۾ پراڪرت جا نمونا ۽ مثال سڀ پورا ۽ باقاعدي ڏنل آھن. سورھون ۽ ٻٽيھون باب ڇند جي سمجھڻ لاءِ بلڪل اھم آھن. خاص طرح ٻٽيھون بابت (ڳييا Geya) ته نھايت ئي دلچسپ آھي ھن ۾ سڀ سرائتا ٻول ڪٺا ڪيل آھن. جن ۾ جي ڇھن اکرن ۽ ان کان گھٽ اچارن وارا فقرا پڻ بحث ۾ آندا اٿس اھو سندس چوڻ موجب ’ڳِيا ڇند‘ آھي“.[8] ليلو رنچنداڻي سنڌوءَ جي جھلڪ (ص108) ۾ لکي ٿو ته: ھن ڪتاب ۾ اپڀرنش ئي ڪم آيل آھي اپڀرنش جي احوال اچڻ کان اڳ سنڌ جي علمي ۽ ادبي ماحول جي به ھڪڙي جھلڪ ملاحظه فرمايو جا تاريخ ۾ ڪنھن طرح سان محفوظ رھجي وئي آھي.

قديم سنڌ جي ادبي فضا: ڪوڀراج سيکر (جنھن جو احوال اڳتي ايندو) سندس ڪتاب ’ڪاويه مماڻسه‘ (مقدمه شعر و شاعري) ۾ لکيو آھي ته ”سنڌ جو ڪوشان راجا واسديو جيڪو ڪيترن ئي برک عالمن ۽ پڙھيل ماڻھن جي ھڪڙي وڏيءَ جماعت جو سربراھ ھوندوھو. سو شاعرن جو ته خاص طرح سان وڏو مربي ھو ۽ سندن انجمن جو اعزازي صدر (سڀاپتي) پڻ پاڻ ھو… ھيءُ، ساڳئي ناليوارو ڪوبه  ڪوشان بادشاھ ٿي سگھي ٿو“.[9] مٿيون بادشاھ جي بلڪل ئي آڳاٽو سارجي ته اھو واسديو اول به ٿي سگھي ٿو، جنھن جي زماني (120 عيسوي) ۾ سنڌ جي سريلن سگھڙن جو ھڪڙو وڏو وفد سرڪاريءَ طرح چين ڏي ويو ھو.[10] يا ته وري واسديو ثاني به ٿي سگھي ٿو، جنھنجون تحريرون مھن جي دڙي منجھان مليون آھن. مگر مناسب ھيئن ٿو لڳي ته اھو بادشاھ بلڪل ئي آخري ڪوشان يعني ’ستون يا ’اٺون واسديو (360-375-400ع) اروڙ جو ڪو راجا ٿي سگھي ٿو. جيڪو سڄي سياسي اقتدار ھٿان وڃائڻ بعد اھڙين علمي ادبي ۽ مذھبي مجلسن ۾ ئي پاڻ وندرائيندو رھيو. اسان وٽ بھادر شاھ ظفر ۽ مير سانگيءَ جا بلڪل اھڙا ئي مثال موجود آھن. (تاريخ پنھنجو پاڻ کي دھرائيندي آئي آھي) ڪيئن به ھجي پر ھيءُ حوالو نه فقط سنڌ جي قديم شاعريءَ لاءِ قيمتي آھي مگر انھيءَ مان اھو به ثابت آھي ته اپڀرنش جي اثر کان اڳ ۾ ئي سنڌي ٻولي ۽ ان جي ادب کي جدا گانا ۽ مستقل حيثيت ھئي ۽ سنڌ جا راجا به ھتي رس راوڻا ڪرائيندا رھيا.

اپڀرنش ۽ اڀير لوڪ: اپڀرنش يا اڀير ڀاشا جي اصليت ڳولڻ کان ان جي ڳالھائيندڙن جي تاريخ تلاش ڪرڻ بيحد ضروري آھي ”اڀير ھڪ اجنبي قوم ھئي جا اصل ۾ اڀرندي ايران کان آيل ھئي سندس اباڻو علائقو ’ابيرون (Abiravan) جنھن تان ھن قوم تي ’آبير نالو پيو سو قنڌار ۽ خراسان جي وچ ۾ ھو. ھي ماڻھو عيسوي سن جي اوائل ۾ سٿين سان گڏجي سنڌ ۾ داخل ٿيا، سٿين جي اوائلي ڪتبن موجب ابير سندن فوج ۾ عھديدار ھئا. تنھن ڪري سٿين، سنڌ جي ساحل کان  اڀرندي وارا علائقا ابير آفيسرن جي ئي ھٿ ھيٺ ڇڏيا ۽ پاڻ وري سنڌ جي اتر ڏانھن اسريا. ابير جنرل باپڪ جو پٽ ردرڀوتي، جيڪو پڻ سٿين جو سپھه سالار ھو تنھنجو ڪتبو ڪاٺياواڙ ۾ مليو آھي، انھيءَ ڪتبي موجب سن 181 ع ۾ ھن اتي ھڪڙو حوض ٺھرايو ھو. سٿين جي ٻئي ھڪڙي ابير گورنر جا سيميائي سِڪا مليا آھن جيڪي ھن ’اسوردت جي لقب سان سن 188-190 ع ۾ جاري ڪيا ھئا. دکن ۾ ناسڪ واري ڪتبي ( ٽين صدي ) ۾ ھڪڙي خود مختيار ابيرءُ سودت جي پٽ ماٿري بپترا، ناسڪ وٽ وھارن ۾ رھندڙ بيمار ڀڪشن جي دوا درمل واسطي ھڪڙيءَ ساڪيا ڀڳتياڻيءَ جي ھٿان اول ھڪ ھزار سِڪا (ڪارشاپن) ۽ پوءِ 500 سڪا روڪڙا سوداگرن جي سٿ کي ڏنا ھئا. ھن ئي راجا سن 248-249ع کان پنھنجو سنبت جاري ڪيو ھو، جيڪو دکن ۾ ڪلاچاري يا چيدي سنبت سڏجي ٿو. ھن جي اولاد به اتي ستھٺ سال حڪومت ڪئي. پروفيسر ميراشي ھاڻي تازو مٿئين سنبت (67-108 ۽ 117) مطابق، خانديش ۾ ٽن اڀير بادشاھن ( سوامي داس 315ع،  راجا ڀلند 355۽ ردرداس 365ع جي حڪومت ثابت ڪئي آھي. پراڻن ۾ ته ڏھن اڀير راجائن جا نالا اچن ٿا، جيڪي دکن جي ساتواھن راجائن جا جاءِ نشين آھن مھاڀارت ۽ پتنجليءَ جي مھاڀاشا ۾ اڀيرن کي مليڇ (ڌاريو) سڏيو ويو آھي. ڪونڪن جي ڪتبي ۾ ھنن جي ھڪڙيءَ شاخ کي ’تِرئيڪُوتڪ ڪوٺيو ويو آھي، جيڪي عيسوي پنجين صديءَ ۾ اتي جا بادشاھ ھئا“.[11]

سؤ راشٽر ۾ ته ويندي عيسوي ڏھين صديءَ سوڌو به اڀيرن جي حڪومت ھلي آھي. سندن مشھور راجا گِراھرپو (محمود عزنويءَ کان ھڪ صدي اڳي)، ھندو ڌرم جي مخالفت ڪندي سومناٿ مندر جي برھمڻن کي تمام تنگ ڪيو تنھن تي مولراج سولنگيءَ ( 942-995ع سڀني ھندو راجائن کي ڪٺو ڪري انھلواڙ مان اڀيرن تي ڪاھه ڪئي ڪڇ جو راءِ، لاکو ڦلاڻي جنھن ڪئين مرتبا مولراج کي مات ڪيو ھو، سو ھن لڙائيءَ ۾ اڀيرن پاران وڙھندي مارجي ويو.[12]

اڀيرن جي اقتدار ھيٺ آيل علاقو، مٿي ڳڻايل ماڳن مان معلوم ڪري سگھجي ٿو. ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ، سومناٿ ۽ سؤ راشٽر، دکن  ۽ ڪونڪن، توڙي ناسڪ ۽ خانديش اھي سڀيئي ھڪٻئي سان سرحدي ۽ ملندڙ پرڳڻا آھن. پيري پلس ۽ ٽالميءَ جي جا گرافيءَ مطابق: اولھه راجستان، ڏکڻ - اولھه ڪاٺياواڙ ۽ ڏکڻ – اوڀر سنڌ، اھو اڀيريا (Abiria) جو ملڪ ھو. مھاڀارت موجب جتي سرسوتي ندي رڻ ۾ وھي ٿي، اتي اڀيرن جو راڄ آھي. پراڻن موجب: دکن جي اتر- اولھه واري حصي يعني ڪونڪن کان وٺي، اتر ڏي ويندي بڙوچ تائين سندن حد ھئي. ڪن وري مھاراشٽر جو علاقو چيو آھي، ازان سواءِ الھه آباد ۽ چندراوليءَ وارا ڪتبا ته اڀيرن جي اراضيءَ ۾ اڃان به اضافو ڪن ٿا جھانسيءَ ۽ ڀلسا جي وچ ۾ به اڀيرن جي آڳاٽي آبادي (اھيرواڙا) اڃان تائين موجود آھي. مطلب ته مٿيان مڙيئي ملڪ اڀيرن جي اثر ھيٺ ھئا.[13]

ھاڻي، ناگپور يونيورسٽي مان ’اپڀرنش – پراڪرت‘ شعبي جي صدر (Dr. H.L. Jain) جي تحقيقاتي مقالي ’اپڀرنش ڀاشا اور ساھتيه‘ مطابق، ھن ھيٺ اپڀرنش جو احوال ڏجي ٿو: ’’اڀيرن جي انھي احوال مان معلوم ٿيندو ته اھي (عيسوي پھرين صديءَ کان چوٿين صديءَ عيسويءَ اندر) ڏکڻ الھندي ھندستان کان وٺي، وچ ھندستان تائين ڇائنجي چڪا ھئا. انھيءَ ڪري اڀيرن جي ٻولي ’اڀير ڀاشا جي اھميت پڻ سندن سياسي غلبي سبب، سندن مقبوضه علاقي اندر يقيناً عروج تي آئي ھوندي. ڊنڊن (ڪاويه درش) ۽ ڀامھه (ڪاويه لنڪار) جي اھڙيءَ تصديق جي علاوه، ولڀيءَ جي راجا گُھسين (Guhasena:559-567 A.D) جي اُڪرايل ھڪڙي ٽامي جي تختي ملي آھي، جنھن ۾ ھن اڀير ڀاشا  (اپڀرنش) جي مھارت ۽ اڀير شاعري جي پارکو ھجڻ جي ھام ھنئي آھي. عيسوي ڇھين صديءَ تائين ته اپڀرنش جي ادبي صلاحيت ايتريقدر اڀري چڪي ھئي، جو ڀامھه (700ع) جھڙي سنسڪرت جي عروضي ماھر کي به نه فقط ان جي شاعراڻي فضيلت تسليم ڪرڻي پئي، پر ان جي ادبي تخليقن کي پڻ پراڪرت ۽ سنسڪرت سان مساوي مڃڻو پيو ڊنڊن ته سندس زماني واريءَ اپڀرنش جي نه فقط ادبي فوقيت جو اعتراف ڪيو آھي، پر ان جي علمي عظمت جو به کيس احترام آھي. ”رسميءَ طرح ته کڻي سنسڪرت جي ڀيٽ ۾ ٻيون مڙيئي ادبي ٻوليون ’اپڀرنش جي مقبول عام لقب سان سڏيون ويئون آھن، مگر شاعريءَ ۽ ادب جي ميدان ۾ ته فقط اڀيرن جي ٻوليءَ کي ئي اپڀرنش چيو ويو آھي..... ۽ اھا اپڀرنش ئي ھئي، جيڪا سندس دعوا موجب: شاعريءَ جي فن لاءِ منتخب ڪئي ويئي ۽ مقبول عام رھي. سنسڪرت جا ڪي ڪٽر عالم جيتوڻيڪ اپڀرنش لفظ جي اصطلاحي معنيٰ ابتي: ڀرشت، وڀاشا وٺندا رھيا، مگر شاعرن ۽ اديبن ته اھا معنيٰ ڪڏھن به قبول نه ڪئي آھي، اھي سدائين ان کي عوامي يا  ’ديسي  (پراڪرت  ٻولي  سڏيندا رھيا“.[14]


[1] Ibid. P. 113.

[2] G.W Cock: Grrcks in Indian P. 89.

[3] Ibid PP. 103-104.

[4] Prajna: Historical Development of … P.73.

[5] Prajna: Historical Development of … P.73.

[6] Dr: M. A. Mehendale: Imperial Unity. PP 271-272.

[7] Prof: O Gosvami: The Story of ….P.42.

[8] Dr: M. A. Mehendale: Imperial Unity. PP 272-273.

[9] D.C Sircar: Imprial Unity P. 153.

[10] Dr: Majudar: Imperial Unity. P. 649.

[11] Dr: D.C. Sircar: Imperial Unity . PP. 221-223.

[12] Dr: D.C. Ganguly: Kanauj PP. 101-103.

[13] Dr: Sircar: Imperial Unity PP. 221-223.

[14] Dr: H.L. Jain: Age of Imperial Kanauj PP>212-213 & 214.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com