سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1968ع

مضمون:

صفحو :17

بادشاھ سلامت! جيڪڏھن باگي جو نالو مون تي پئجي چڪو آھي ته مون کي انڪار ڪونھي. پر آءُ راڄن توڙي حاڪمن تي ڄڻ بدبختي جي علامت آھيان. پنھنجن ۾ وير وڌم ميان سرفراز خان بيگناھه شھيد ٿي ويو. پنھنجي پيءُ جي موت جو ڪارڻ بڻيس. ميان عبدالنبي پنھنجي صاحبي وڃائي. اوھان ۾ به منھنجي سڱ تان نفاق پوي ھا، پر اوھان دور انديشي ڪري فيصلو ڪيو آھي. ھاڻي جيڪو مون سان پرڻبو، سو مفلسيءَ جي زندگي گذاريندو. اھڙي جيئڻ کان ته مرڻ سٺو آھي. ھاڻي بھتر آھي ته پنھنجي خنجر سان منھنجي حياتي کي ختم ڪري ڇڏيو… منھنجو خون، ھن دنيا ۾ توڙي قيامت ۾ توھان کي بخش آھي…!

مير صاحب اونھي ويچار ۾ پئجي ويو. دل جي ھوس، پڌري محبت ۾ بدلجي ويئي. ھن شفقت سان چيو ته

سنڌ راڻي! منھنجو خيال ھو ته توکي پنھنجي نڪاح ۾ آڻيان، پر ھاڻي آءُ خود تنھنجو پيءُ آھيان، تنھنجي ٻانھن باگي کي سکڻين ھٿين  ڪونه ڏيندس.

جلدئي، ”سنڌ راڻي“ ۽ مير باگي خان جي شادي ٿي. مير فتح علي خان، فرمان جاري ڪيو ته ”مير باگو خان، گونيءَ مان ھڪڙو واھه کڻائي. ان جي پاڻيءَ تي جيڪا زمين آباد ٿي سگھي. سا سندس جاگير طور قبول ڪئي ويندي!“

مير باگي خان، پوءِ لاڙ ۾ اچي پنھنجو ڪوٽ ٻڌو. سنڌ راڻي سندس حياتي بڻجي وئي. ھو سندس محبت ۾ اھڙو ته مست ٿي ويو. جو شاديءَ کان پوءِ ٻارھن مھينن تائين ڪوٽ مان ٻاھر نه نڪتو. آخرڪار، ھڪ سال کان پوءِ شاھي واھه کوٽايائين، جنھن تي ھزارين ايڪڙ آباد ٿيا ۽ اھو واھه سندس نالي سان ’’باگو واھه‛‛ سڏجڻ لڳو. ڪيترائي غريب غربا لَڏي اچي سندس ڪوٽ وٽ ويٺا. ڪوٽ بنجي ڳوٺ ٿيو، جيڪو اڄ ”ٽنڊي باگي“ جي نالي سان مشھور آھي.

اڃا اھي خوشيءَ جون محفلون متل ئي ھيون ته ”سنڌ راڻي“ جو ڀاءُ ڪنھن حادثي جو شڪار ٿي ويو. پنھنجي اڪيلي ڀاءُ جي اوچتي موت تي سنڌ راڻي کي سخت صدمو رسيو ۽ ھو بيمار ٿي پيئي. ان وقت سندس عمر فقط چوويھ سال ھئي. ”سنڌ راڻي“ جي بيماريءَ مير باگي خان کي سڀڪجھ وسارائي ڇڏيو. گھڻيئي حيلا ڪيائين، پر ھوءَ ڏينھون ڏينھن بيمار ٿيندي وئي. آخرڪار، مير باگي خان جي محبت ۽ تاريخ جي ھن عجيب ڪردار 5 رمضان 1104ھ تي زندگيءَ جا پَساهه پورا ڪيا!.

”ذوالفقار“ راشدي

شھزادي سامريءَ جي ڳالھ

(بلوچي لوڪ ڪھاڻي)

]محترم ذوالفقار راشدي، سنڌ جي مشھور راشديه خاندان جو نوجوان

شاعر ۽ اديب آھي. 10 مارچ 1938ع تي، پير ڳوٺ تعلقي رتيديري ۾ ڄائو. سندس ڏاڏو قبله عبدالحي شاھ وڏو عالم بزرگ ھو. ھينئر سندس والد سيد محمد امام شاھ پنھنجي گھراڻي جو ستون پڳدار آھي. محترم راشدي صاحب علمي ۽ ادبي ماحول ۾ ڄائو پڙھيو ۽ وڏو ٿيو آھي. 1949ع کان شعر لکڻ شروع ڪيائين. سندس مطالعه جو شوق، داستانن جي پڙھڻ سان شروع ٿيو. سنڌي زبان ۾ پنھنجي انفرادي ڪلام، افسانن ۽ مضمونن سان قدر لائق اضافو ڪيو اٿس ۽ مصروف لکندڙ آھي. 1953ع ۾ ھفتيوار ”ھاري“ اخبار لاڙڪاڻه ايڊٽ ڪيائين . 1960ع ۾ لاڙڪاڻي مان ھفتيوار رسالو ”مذھبِ انسانيت“ جاري ڪيائين جو اڳتي ھلي بند ڪرڻو پيس. ”مھراڻ“ رسالي ۾ ابتدا کان وٺي، سندس علمي ادبي يا تحقيقي، تاريخي مقالا ۽ اصلاحي ۽ فڪر انگيز افسانه توڙي شعر و شاعري، تي شاھڪار شايع ٿيندا اچن ٿا ـ ادارو[

گهڻن ڏينھن جي ڳالھ آھي. جو قلات ڏيھه تي ھڪ بلوچ سردار بادشاھي ڪندو ھو. بادشاھ پاڻ الله آھي،پر ھو زماني جو بادشاھ ھو. نالو ھوس عبدالله خان. ھن حاڪم کي الله جو ڏنو سڀڪجھ ھو: راڄ ڀاڳ، مال، رزق آل اولاد ۽ لشڪر خزانا ڪنھن شئي جي کوٽي ڪانه ھيس.

بادشاھه کي ھڪ پٽ ھو، چوڏھين جي چنڊ جھڙو سھڻو، سدا ملوڪ ۽ ڇٽيھ لکڻو. سندس نانءُ محبت خان ھو. جھڙو ھوس نانءُ تھڙو ئي ھو دل ڦئنڪ ۽ عاشق جيئڙو. اوسپاس جا سڀ سردار پڻس جا ڏن- ڀرو ھئا، چوڌاري سندن چلتو چلندو ھو. ڪنھن کي مجال نه ھئي جو کڻي منھن- موڙي ۽ ڪنڌ- لاڙ ڪري!

سو ناز ڀرئي شھزادي جو ھرڪو انگل تنھن دم پورو ٿيندو ھو. ھجي ڪير ڪو مائيءَ جو لال جو ڪن لاٽار يا دير مدار ڪرڻ جي دل ڌاري! امير وزير، نوڪر چاڪر، سپاھي سرڙا سڀ حڪم جا بندا، ھر گھڙي حاضر ھئا. جواني دولت ۽ حڪومت جوان جماڻ شھزادي کي ارڏو  اؤ ٿرو ۽ انگلي بڻائي ڇڏيو ھو. ھڪڙي ڀيري ديري غازيخان جي نواب، قلات جي خان جي شاھي ڏن ڀرڻ ۽ حڪم مڃڻ کان نابري واري. بادشاھ سلامت کي ڏاڍي مٺيان لڳي. اوسپاس جي سڀني ڏن ڀرو سردارن کي ڪوٺي گڏ ڪيائين. باغي نواب جي ڪنڌ جي ڪِلي ڪڍڻ لاءِ چڙھائي جو حڪم ڏنو ويو. چوڌاري لڙائيءَ جون تياريون ٿيڻ لڳيون. جنگي جوڌا ۽ سرڪاري سپاھي گھوڙن ٻيڙن کي سينگارڻ ۽ ھٿيارن پنوھارن کي ماڃڻ ۽ چمڪائڻ لڳا.

بس چئني پاسي ’ھل- ھلان، جو ھوڪو پئجي ويو. جلدان جلدي سڄي سنجٽ سڀڪنھن ٺاھي ورتي، وھٽ پلاڻيا ۽ تڙ تڪڙ  ۾ لڙائيءَ جا بگل باجا وڄائيندي، بادشاھي لشڪر قلات مان ڪوچ ڪيو. ھڪليندي ھڪليندي، منزلون ھڻندي ھڪ ڏينھن خدا جو اھڙو ٿيو جو بادشاھ سپاهه اچي ديري غازيخان وٽ سھڙيو. جھٽ پٽ ٻنھي ڌرين جا جنگي جوڌا، دڦن، دھلن، دمامن، شريانين ۽ جنگي راڳن جي شور ۾ اچي ھڪٻئي سان ڀتا. چوڌاري تراريون کنوڻ جيان کنوڻ، ۽ مڪئي جي سنگن وانگر سورھين جون سسيون لُڻڻ لڳيون. وڍيل ڦٽيل سپاھين جا ڌڙ ۽ ڌڙئون ڌار عضوا رت جي وھڪري ۾ ٿُڙن ۽ ٿُڏن وانگر لُڙھڻ لڳا. نيٺ گھڻي رتو- ڇاڻ کان پوءِ خان جي سورھيه سپاھين، باغين جا بکيا اُڊيڙي ڇڏيا ۽ سوڀ کٽيائون. خان عبدالله پنھنجي سرسي ڏسي اڃا به اڳتي ھلڻ جي ڪئي ۽ وڃي ڄامپور به ھٿ ڪيائين. ويڙھه ۾ کٽڻ کان پوءِ خان عبدالله، ڄامپور جي جيت جو جشن ملھائڻ واسطي سڄو مھينو رھي پيو، کٽندڙ خان جو نوجوان نينگر، شھزادو محبت خان به پنھنجي پيءُ سان گڏ آيل ھو ۽ روزانو سير شڪار جي لاءِ ڀلي نسل جي گھوڙن تي سوار ٿي نڪرندو ھو. ھڪ ڏينھن گھمندي ڦرندي دل وندرائيندي، شھزادو پنھنجي اٽالي سوڌو اچي بازار مان لانگھائو ٿيو. ڇا ڏسي ته مار! ھڪ سدا سھڻي، من موھڻي، بنھ پريءَ جو ٻچڙو، ماڻھو جي روپ ۽ غريباڻي ويس ۾ سودو سلف پئي وٺي.

جاڙا ڀرون، گھاٽا ڪنڍا پنبڻ، چيرويون چمڪدار اکيون، لالاڻ گاڏڙ گلڙن جھڙا ڀورا ڳل، پاڻيءَ مان نئين نڪتل ننڍڙي ڪرڙيءَ وانگر سنھڙا، ڳاڙھسُرا ڦرڪندڙ چپڙا، ڪونج جھڙي ڳچي ۽ بيد جي چَھي جھڙي لچڪندڙ چيلھ واري جنسي حور جھڙي ھئي. شھزادو ھن اپسرا کي تڪيندو رھيو، مگر هن لُڏڻ، شھزادي ۽ ان جي سپاھين يا ساٿين ڏانھن نھاريو به ڪونه. شھزادو ھوش حواس وڃائي ويٺو ۽ يڪو ھن سدا سھڻيءَ ۾ جوھه وجھيو ويٺو ھو، ھوءَ پنھنجو سودو سود وٺي رمندي رھي. ملڪ جي مائي- باپ جو دل پرتو، نيڻن ٺار نينگرو به سندس پٺيان پٺيان ھلندو رھيو. نيٺ ھوءَ چنڊ جي ٽڪري جھڙي مورت، ھڪ ڪکائين ۽ جُھريل جُھڪيل جھوپڙي ۾ گھڙي وئي. شھزادي ھمراھن کي اک ڀڳي سي پلڪ ۾ پتو ڪري آيا ته اھا نازڪڙي، ھڪڙي مسڪين پورھيت جي زال آھي ۽ سامري نالو اٿس، شھزادي اھو احوال ٻڌي ٿڌو ساھ کڻي چيو ته واھ قدرت تنھنجا ڪم! ڪھڙا لعل لڏ ۾ لڪايا اٿئي. ڇا لڳي ھڪ مزور ۽ پورھيت جو پٽ ۽ ڇا لڳي ھي گلابي گل! ھن کي ھن جھوپڙي جي بدران ڪنھن محل ۾ رھڻ ۽ مزدور جي زال بجاءِ بادشاھي حرم ۾ ھئڻ کپي. ھيءَ سونھن الله! جي ڏات اھڙي اوڦٽو شئي ڪانھي جو کيس گند ٻُھر سمجھي ھيئن ڍيرن ٿي ڦٽو ڪري ڇڏجي.

شھزادي جي ھمراھن مان ڪنھن پڇيو ته ڇا شھزادو حضور سچ پچ ھڪ پورھيت جي زال کي دل ڏيئي ويٺو آھي؟ ڀلا بادشاھي ٻارن ڪڏھن ھھڙين نيچ پنڻين کي دليون ڏنيون آھن، جو سائين جن پاڻ کي ھھڙو ٽڪو لائيندا. ڪٿي شاھي شان ۽ ڪٿي ھن ٽين ڏوڪڙين جي رول- کول عورت جي عزت! نينھن لائجي ته پاڻ جھڙن سان لائجي. سياڻن سچ چيو آھي ته ”مارجي ته مير، پيئجي ته کير، باقي چاڪر ڇا چُڪائجن“. سونھن ذري ٿيس ته ڇا ٿي پيو. سھڻا ٽوھه ته پٽن ۾ پيا آھن. سچي سونھن آھي پيڙھي ۽ بنياد، مان شان ۽ وڏو گھراڻو.

مگر شھزادي وراڻو ڏنو ته، ھيري جي قدر يا بادشاھ ڄاڻن يا جوھري، ھُن پورھيت مزور کي ھن موتيءَ جي مُلھه جي ڪھڙي سُڌ.

قدرت ھن حسينڙي کي ھن جھوپڙيءَ ۾ اُڇلائي وڏي ڀل ڪئي آھي. پر مان اھڙي غلطي نه ڪندس. ڄاڻو ۽ قدر واري کي کپي ته قدر ڪر، مٽي ۾ ڪريل لعل کي ڌوئي پوئي صاف ۽ پاڪ ڪري، ڪنھن محل جي مالڪ جي ڇپر کٽ کي ان سان سينگھاري ۽ جرڪائي يا اٽلندو ان کي وڌيڪ گند ڪچري ۾ گم ڪري ڇڏي. توھان ڇڏيو بحثا بحثيءَ کي ۽ جھٽ پٽ ھن محبوبڙيءَ کي منھنجي حرمسراءِ ۾ پھچايو. بس حڪم جي دير ھئي ۽ اکڇنڀ ۾ اٺ- ڏھ ھمراھه ڪکائين منھ ۾ ڪاھي پيا. ھوءَ الھڙ ناري، ھيسيل ھرڻي وانگر ھيسجي وئي. سپاھن مان ھڪ کيس دلداري ڏيندي چيو ته ڊپ نه ڪر، اسان ڪي جن ڀوت نه آھيون. تو جھڙا ماڻھو ۽ سرڪاري سپاھي آھيون. تنھنجو ڀاڳ ڦاٽو آھي. جو اسان جي شھزادي جي توسان لنؤ لڳي وئي آھي. ھاڻي خدا جا لک لک شُڪر ڪر ۽ ھلي شاھي محل ۽ ماڙيون ماڻ، ھي ڌوڙ ڌريل ليڙون لاھي، پٽ پٽيھر پاءِ. جو تنھنجي الله ٻڌي آھي.

سپاھين جا اِھي ٻول ٻڌي ھوءَ سھڻي تپي باھه ٿي ويئي ۽ نرڙ ۾ گُھنڊي وجھندي وراڻيائين ته  ”اڙي ادا، خدا ڀئه ڊڄو. مون کي ڌڻي پنھنجو وَسَن (وصفن) جھڙو ور ڏنو آھي. توھان جو شھزادو آھي ته پاڻ لاءِ آھي. خدا توھان کي بخشي ڏئي. مون سان اھڙو ڪميڻو وات نه ھڻو.“ سپاھي ھن زال جا اُھي تکا  ۽ آڏا ٽيڏا جواب ٻڌي ڏاڍا ڏمرجي ويا. ۽ چيائونس ته ”اي نڀاڳي، جيڪڏھن تنھنجو مکڻ پئي مٿو سڙي ٿو ۽ شڪر کي اِٽون ھڻين ٿي ۽ ٺريئي کير کي ڦوڪون پئي ڏئين ته اسان پاڻ ئي زوران زوري ٿا توکي ھن بک ڏک جي جنجال ۽ ڀڳل ڀريل جھوپڙيءَ جي بنديخاني مان آجو ڪري، شھزادي جي حضور ۾ رسايون. پوءِ تون ڄاڻ ۽ تنھنجي قسمت!

گھڙيءَ جو گھڙيءَ ۾ ھن نازن ڀريءَ کي بر جي ٽھندڙ ۽ تڙيندڙ ھرڻيءَ وانگر چؤکنڀو ٻڌي. گھوڙي تي رکندي، کڻي الاتوآھر ڪيائون. مزور کي جڏھن ھن ڪال جي ڪل پئي تڏھن ھو جنسي چريو ٿي پيو، ڏک، بک،  جھوري ۽ جنجال ۾ ھن جي ساھ جي سامت، اکين جو ٺار ۽ دل جي ورونھن سامريءَ جي پريت ۽ پوڄا ئي ھئي. سچي سادي، ۽ غريباڻي جيون جي من- مندر جي اڪيلي سونھن ـ ديوي ۽ ساھ سيباڻي وٽ پوڄاريءَ کان ھينئن پلڪن ۾ ڦُرجي ويئي ۽ ھو گھٽي گھير، گھرتڙ، ڦرين وانگر ڦڪڙيون ڪندو ڦِرندو ۽ رُلندو رھيو. پر چاڙھو ڪونه چڙھيس. ڏاڍي سان ڀلا ڪنھن جو چارو چليو آھي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com