سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1968ع

مضمون:

صفحو :5

”نشتر“ ناٿنشاھي

ڏنم حسرت کي دل ۾ جاءِ، پنھنجو مھمان سمجھي،

الم کي، ياس کي سانڍيو، مون دل جو ارمغان سمجھي!

 

تپايو اھڙو آ برق تپان جو ھوش گم ٿي ويو،

قفس ۾ پيس گھڙي صياد، مان دارالامان سمجھي.

 

عنادل ڪيترا ٻيا ڀي چمن ۾ نغما ڳائن ٿا،

ڇتو صياد ٿي پيو آ سندم طرزِ فغان سمجھي!

 

زبان وارن کي ذابح ھٿ به لائي ڪين ٿو، ليڪن،

ڪُھي قاتل ٿو بيدرديءَ سان مون کي بي زبان سمجھي.

 

سحر جو لطف ڳوليان ٿو، ستم جي شام مان، توبھه،

غضب ڪيو دشمنِ جان کي مون پنھنجو جانِ جان سمجھي.

 

جلي ٿو باغ سارو منھنجي آئي ۾، تعجب آ،

ڪِري ھر شاخ تي بجلي ٿي منھنجو آشيان سمجھي!

 

مسافر ڀٽڪيل کان اڄ پڇڻ وارو به ڪو آھي؟

تڙي گھر مان ٿو، جنھن کي مون رھايو ميھمان سمجھي!

 

ڏنو جنھن اعتبارِ امن، ان ئي دام ڦيريو آھه،

عجب آ سادگي، ماريءَ کي ويٺس باغبان سمجھي!

 

رھائي قيد جي ’’نشتر“، گُھري مون بي مروت کان،

ڪري غلطي مان ويٺس، ھيئن زمين کي آسمان سمجھي!

”وفا“ ناٿنشاھي

منھنجي گھر حسن جو ڀيرو آھي،
منھنجي ھر شام، سويرو آھي!

 

پيار سان ئي ته ڦُري ٿو دليون،

حسن محبوب، لٽيرو آھي!

 

حسن معصوم، جفا ڇا ڄاڻي،

عشق جي سمجھه جو ڦيرو آھي.

 

اڄ نه ڪو چنڊ، نه تارا، نه چراغ،

ڪيڏو سنسان انڌيرو آھي.

 

تنھنجي ڌوڪن تي تعجب ڇا جو،

تنھنجو من اصل کان ميرو آھي.

 

تون زماني جي نگاھن ۾ وسين،

تنھنجو ھر قلب ۾ ديرو آھي.

”آثم“ ناٿنشاھي

ڪو منھن، جنسي جوڻيءَ جھڙو،
ڪو من سَکڻيءَ ڳوڻيءَ جھڙو.
 

ڏات وڍِي ڪيئن ڏيل انھيءَ کي،

جيڪو ڪُرڙِيءَ لوڻيءَ جھڙو.

سرھو سرھو ساءُ سڄڻ جو،

ڪُنئرو ڪُنئرو ڪوڻيءَ جھڙو.

پاڪ ۽ پوتر پيار اسان جو،

صاف ڪپھه جي پوڻيءَ جھڙو.

”آثم“ شعر، چون ٿا تنھنجو،

آھي سُرڪ - سلوڻيءَ جھڙو.

رحيم بخش ”قمر“

ٽِڙيا گلزار، خوشبودار، ٿي ھٻڪار يار آيو،

اسان جي باغ اجڙيل ۾ وري جشنِ بھار آيو.

 

خزان ويئي، بھاري ٿي، گلن، غنچن ۽ گونٽن ۾،

ٽڙيون معصوم اڄ مکڙيون، عيان اکڙين جو ٺار آيو!

 

مٺي ڪوئل ڪري ڪُوڪُو، چِڙين، چيھن جي چھه چھه ٿي،

ٻڌڻ ۾ راڳ بلبل جو، عجب ليل و نھار آيو.

ڏين فردوس جون حورون مبارڪباد ٿيون مون کي،

ڪري احسان ۽ ٿورا بلاشڪ بيشمار آيو!

 

خدا جو شڪر اڄ محبوب منھنجي آ اڱڻ آيو،

ڏسي آغوش ۾ دلبر، ”قمر“، دل کي قرار آيو.

”جليل“ سروري

تو سِکي ريت ھي وري ڪھڙي،

ھي سَتائڻ، ھي خود سري ڪھڙي!

 

ڇا ڏنو تو، سواءِ محنت جي؟

اي خدا! بنده پروري ڪھڙي!

ڏوھه جي ٿا ڪريون ته مالڪ جا،

شيخ صاحب جي وئي ڀري ڪھڙي!

 

دل ۾ پيدا ڪري نه سوز گداز،

سا وري چئبي شاعري ڪھڙي!

 

ڪرڻو انڪار آ ته صاف ڪجي،

اي پرين، ھي وري وري ڪھڙي!

 

غير پنھنجا ۽ پنھنجا غير ٿيا،

دلربا، تنھنجي دلبري ڪھڙي!

 

مون چيو ڏي خبر،  چيائين بس:

ٿو پڇين يار سروري ڪھڙي!

 

درد سان اُنس، پيار فرقت سان،

دل ”جليل“ آھي ٿي چري ڪھڙي!

”خادم“ سروري

دل جو خزانو يار لٽائي ته ڪو ڏسي،
پنھنجي اکين جي ننڊ ڦٽائي ته ڪو ڏسي.
 

ھر ڪوئي ھام ٿو ھڻي عشاق ٿي مگر،

لائي ٿو عشق سڀڪو، نڀائي ته ڪو ڏسي!

 

ڏاڍي ڏکي ٿي گذري، ڏکن ۾ ڏکن جي رات،

سورن ڏکن جي رات وھائي ته ڪو ڏسي.

 

ھُن ۾ ڪمي نه آھي، مگر پاڻ ۾ ڪمي،

سھڻي سڄڻ کي يار ستائي ته ڪو ڏسي.

جنھن ڏي ڪري نگاھ، سو گھايل ٿيو پوي،

تيرِ نظر کان پاڻ بچائي ته ڪو ڏسي.

 

ڪڏھين به ڪس انھيءَ کي لڳي ڪين ٿي اي دوست،

قربن ۾ پنھنجو ڪنڌ ڪپائي ته ڪو ڏسي.

 

ھجرو فراق، اشڪ روان، خامشي ۽ ياس،

ھيئن شمع وانگي جان جلائي ته ڪو ڏسي.

 

ھن جو قدر ضرور ڪندو، ڇونه ھو ڪندو،

پنھنجي اکين مان اشڪ وھائي ته ڪو ڏسي!

 

ھڪڙي نگاھه ٿو ڪري، لک ٿيون دليون جيئن،

اکين ۾ اک پرينءَ سان اڙائي ته ڪو ڏسي!

 

منزل قدم قدم کي چمي، سوَ ڪري سلام،

”خادم“ ٿي خاص وک کي وڌائي ته ڪو ڏسي!

ايس ”تصور“

ھن دل جي ھٿان انسان جڏھن مجبور ٿئي ٿو پيش پوي،

۽ قھري ڪنڍين ڪجلين اڳيان مقھور ٿئي ٿو پيش پوي!

 

دل ماس جو ٽڪرو، رت جو دٻو، جذبا به منجھس، جوکا به سھي،

پر زخم اھو زائد ٿي جڏھن ناسور ٿئي ٿو پيش پوي!

 

ڪي ڀلجي ويل، ڪي وسري ويل، ماضيءَ جي محبت جون ڳالھيون،

گھيري ۾ اچي من گھائل جومعذور ٿئي ٿو پيش پوي.

 

تو پنھنجي وفا جي لڄ رکندي، بدناميون منھنجي سَر مڙھيون،

مون جيئن محبت ۾ ڏوھي، مشھور ٿئي ٿو پيش پوي

مون پنھنجو سمجھي ڇا سوچيو، تو ڇا سمجھيو، مون ڇا سمجھيو،

تصوير ”تصور“ ۾ ڀٽڪڻ، دستور ٿئي ٿو پيش پوي!

عبدالرحمان ”نقاش“

مثل سيماب بيقرار آھيان!

مظھر سوز، انتظار آھيان!

 

ڪين آھي بقا، رکان ٿو طلب،

ڄڻ ته ڳوڙھن جي ھڪ قطار آھيان.

 

تار تار آھه دامنِ ھستي،

موت جو باغ پُر بھار آھيان.

 

لنؤن لڳائي آ بيوفا سان مون،

بخدا، پَر وفا شعار آھيان.

 

مان ھجان جي نه، توکي ڄاڻي ڪير،

حسن تنھنجي جو اشتھار آھيان.

 

دم ٽُٽي ويو اٿم پڪاريندي،

تنھنجي غفلت جو يادگار آھيان.

 

ڇو ڏسان عيب ڪنھن جا اي ”نقاش“،

پنھنجي عملن تي اشڪبار آھيان.

غلام حسين رنگريز

بادل ڀرجي نيٺ وريا،

تون او ساجن ھاڻ ھليا!

 

 

تنھا تنھا ساز کڻي،

راتين سان مون سُور سَليا.

جِيئن جيئن ٿڌڙي ھير ھَلي،

تيئن تيئن من ۾ مچ مچيا.

 

 

اڀ تي تارا، آب ھِتي،

جل جل جاني ديپ جليا.

تنھنجي ڪارڻ تنھنجي لا،

ٽيڙو ڦُولن جيئن ٽڙيا.

 

 

نازڪ منھنجا سپنا سائين،

مُون جي پوئين پھر اُڻيا.

ٿر جيئن تو لئه آءٌ اڃيو،

آگم ڪر او يار ھليا.

”مقبول“ صديقي

ڪي ڪي مٺڙا مٺڙا ماڻھو، مَن کي جي منظور ٿين ٿا،

نظرن کان جي دُور ٿين ٿا،دل ۾ اندر مستور ٿين ٿا!

 

مون کي ڏٺو تو، بازي جيتيم، مشڪيو تو، ڄڻ مئه پيتم:

اي مٺڙا! ڪي تنھنجي تبسم جا لمحا مخمور ٿين ٿا!

تارو تارو آڳ وَسائي، عرش فرش کي ٿو لرزائي،

جڏھين ڪنھن مظلوم جي دل جا داغ وڌي ناسور ٿين ٿا!

 

ھي چھرا، جيئن فصلِ بھاران ۾ گُل مَھڪي ھوش اُڏائن،

پنھنجي حُسن تي ڪيڏو نازان، ڪيڏو ھي مغرور ٿين ٿا!

 

جاڳو ھاڻي ميخوارو، نه ته ميخاني جو خير نه آھي،

شيشا اڳ ۾ خالي پيا ھِن، جام به ھاڻي چُور ٿين ٿا!

محمد حسن ”بيوس“ بازيدپوري

آ مٺا، تون پيار ھڪ پيالو،

دل کي ڏيندو قرار ھڪ پيالو!

 

ساھه، سِرُ، ساجنا! ڪيان صدقي،

تون فقط ڪر نثار ھڪ پيالو!

 

جانِ مَن، جام ڀر، جڏي جيارج،

خوب ڏيندو خمار ھڪ پيالو!

 

خير ڏي، سِرُ سندو سڄڻ سائين، 

ٿو گُھري ھي پينار ھڪ پيالو.

 

ھاءِ! ھي حال ڏس، خزان منھنجا،

تن کي ڏيندو بھار ھڪ پيالو!

 

دم لبن تي ڏسي، پرين پيارج،

قرب مان قربدار ھڪ پيالو.

 

فرقت يار آ ڪيو ”بيوس‛‛

پيار مان تنھن کي پيار ھڪ پيالو!

”ساجد“ لعلپوري

نه ڪوئي ڪاروان گھرجي، نه ڪوئي ھمسفر گھرجي،

صرف ذوقِ نظر کي ٿي صنم جي رھگذر گھرجي.

سڀئي وھم گمان تون ٻيا دماغ و دل تان واري ڇڏ،

رڳو ھڪ ميم جو توکي لکڻ دل تي اکر گھرجي.

رقيبِ روسيه جو گھر زمينِ دوز ٿئي جنھن سان،

ڪرڻ پيدا ڪو توکي آه ۾ اھڙو اثر گھرجي.

 

ضروري آ جتي ھلڻو، اتي منزل ڪٺن آھي،

انھيءَ راھهِ خطر جي واسطي زادِ سفر گھرجي.

 

نه ٻئي ڪنھن جي سھاري جي ضرورت آھه ڪا مون کي،

فقط ھڪ دلربا جو سايئه ديوار و در گھرجي.

 

ڪڏھن جو ڪم اچي وقتِ مصيبت ۾ کڻي ڪنھن کي،

انھيءَ جو دوستو! احسان ڳائڻ عمر ڀر گھرجي.

 

لٽايو مال و زر جي تو محبت ۾ ته ڇا ٿِي پيو،

ڏيڻ راھهِ وفا ۾ خونِ دل خون جگر گھرجي!

 

سڀئي ورد و وظائف سمجھه ٻيا بيڪار اي ”ساجد“،

ڪرڻ وردِ زبان اسمِ صنم شام و سحر گھرجي!

”بشير“ سيتائي

سوز الفت، مھيب تنھائي،

تنھنجي فرقت بنايو سودائي!

رات ڀي قول ڪين پاڙيو تو،

آ ڪئي تو به ڏاڍ - مڙسائي!

تو سوا ٻئي جي جستجو ناھي،

تنھنجو آھيان اصل کان شيدائي!

چور کي پڻ نه آھي ھستي ڪا،

خوب دلڙي تو منھنجي چورائي!

راز دل جو ٻڌائجي ڪنھن کي،

ناھه ھمدرد حال جو ڀائي!

ڦٽ به ناسور ٿي ويا دل جا،

دل کي راحت نه آ رھي ڪائي!

ياس، حرمانُ، سوز ۽ ڳڻتي،

ھي مصيبت رھي آ ھرجائي!

درد دل جو علاج ڪھڙو آهه،

چؤ خدا کي ”بشير“ سيتائي!

’’شاد“ عباسي

ڪندا عشق جي جن سان آھيون اڳياڙي،

اُنھن سان نڀائيندا آھيون پڇاڙي!

 

ڏسڻ کان مھانگا، اوھان ئي ٿيو ٿا،

مگر مان ته پيارا پڇان ٿو ڏھاڙي!

 

ويئي ڪجھه آ گذري ۽ ڪجھه گذري ويندي،

ڪِني ڪين پنھنجي ڪنداسون پڇاڙي.

گھڻن جي ھٿن سان ته کڄندو ڇپر آهه،

نه ھڪڙي ئي ھٿ جي ڪا لڳندي آ تاڙي!

نه پنھنجا مَنھڙا ڇڏينداسون ڊاھي،

پرائي ڏسي ڪائي محلات - ماڙي!

ڪيون ”شاد“ سان تو سوين يار ڳالھيون،

مگر حيف، ھڪڙي به تو ڪين پاڙي!

”مدھوش“ جوھائي

 

ابنِ آدم کي جھان ۾ ڪا مُسرت نه ملي،

جي ملي آھِه ته ثابت ۽ سلامت نه ملي.

 

جيستائين ڪه آھي ڪنھن کي مُصيبت نه ملي،

تيستائين آ ڪڏھن عشق جي لذت نه ملي:

 

منھنجي ھن پاڪ محبت جو خدا خير ڪري،

ڪھڙي پرواھه زماني ۾ جي عزت نه ملي.

 

مون چيو ”ڀر ۾ رھان يا ته سندءِ در تي رھان“،

پر صنم کان ته اڃا ڪا به اجازت نه ملي:

 

بد نصيبي ته ڏسو، ھيڏي حياتيءَ ۾ مون کي،

ڪا گھڙي پل به ڪڏھن عيش جي فُرصت نه ملي.

 

راهه الفت ۾ اي ناصح! ڇو رڪاوٽ ٿو وجھين،

توکي شايد ته ڪڏھن عشق ۾ راحت نه ملي.

 

دوستو، نفس پرستن کي آ ڇا ڇا نه مليو،

زر ملي، زور مليو؛ درد جي دولت نه ملي!

 

آھهِ ”مدھوش“ اُنھيءَ ڪاڻ فقط موت ڀلو،

جنھن کي محبوب کان خيراتِ محبت نه ملي.

پير محمد ”پياسي“

ٿي تجلي ريز منھنجا ماھرو، ڇڏ اجتناب،
ڪين ڪر اي مھ لقا، ھيڏو حجاب اندر حجاب.

 

ڇو ستائين ٿو اي چرخِ ڪج ادا ۽ ڪَج نِھاد،
اي زمانا، انقلابن تي سٺَا مون انقلاب!

 

ليلِ غم، اختر شماريءَ ۾ سڄڻ گذري وڃي!
تنھنجي اوسيئڙي ۾ اي مھ رو اُڀاريم آفتاب.

 

گلبدن، گلرو، زماني ۾ اگر آھن گھڻا،
شڪر لِله، مون سندو آھي ٿيو احسن انتخاب.

 

دل ڏئي، ان جي اجوري جي توقع ڪين رک،
ٿو ٺھي ڪھڙو پرين، يارن جو يارن سان حساب

 

مان محبت ۾ فقط ناڪاميون ڏسندو رھيس،
منھنجي ناڪامي سبب آھين ٿيو تون ڪامياب.
 

مان جفا تي ٿو وفا ڪريان ته سا منھنجي خطا،
تون جفا کي ٿو عطا سمجھين، ته پو تو لئه ثواب!

 

تنھنجو نالو صفحئه دل تي ڪيو مون نقش آھه،
ورق واندو ناھه، ڏس کولي کڻي دل جو ڪتاب.

 

اي حسينان جھان جا شاھه، جڳ مجنون سڏيم!

عشق تنھنجي ۾ ”پياسيءَ“ کي مليو عمدو خطاب.

ولي محمد ”وفا“

حسرتن سان نڀائڻو پوندو،

وقت ائين ئي گذارڻو پوندو.

ڪنھن کي ويجھو وھارڻو آھي،

وقت کي اڄ بيھارڻو پوندو.

 

اڳ نه معلوم ھو، پري پيڪر،

توکي پائي به ھارڻو پوندو.

 

دل ۾ ڪڏھن رھيا جي دل وانگي،

ھاڻي تن کي نھارڻو پوندو.

 

ھار سينگار ٿا ڪيو ڏاڍا،

سر به ڪنھن کي سنوارڻو پوندو.

 

جنھن کان وڇڙي سڪون نه پاتوسين،

ھاءِ تنھن کي وسارڻو پوندو.

 

ڪنھن ٿي ڄاتو ”وفا“ ڪو ايئن ٿيندو،

پاڻ کي پاڻ مارڻو پوندو.

”غازي“ ٽکڙائي

زندگيءَ جي ساز تي ھو گيت ڪي ڳائي ويا،

رات ھو منھنجي اڱڻ تي چنڊ چمڪائي ويا!

 

حسن جي سرڪار جنھن دم ٿي نھاريو ناز مان،

تير نظرن جا چٽي ڄڻ گھور سان گھائي ويا!

روح منھنجي ۾ رھي، جن روح سان ڪيئي رھاڻ،

ڳالھڙيون سي ڳجھڙيون ڳل لائي ڳالھائي ويا!

 

وصل جا ساغر ڀري، جن ٿي پياريا پيار مان،

خون جي ھر ذره ۾ ڄڻ جوت جاڳائي ويا!

 

ھوڏ ھن کي حسن تي ۽ مون کي پنھنجي عشق تي،

منھنجي ٻانھن ۾ اچڻ کان پوءِ شرمائي ويا!

 

بيرخيءَ جو موت ڪيو شڪوو شڪايت پيار سان،

ڪوڙ مان ويٺس رُسي، ھُو نيٺ پرچائي ويا!

 

جي ڪري مون لاءِ روشن ويا زمين ۽ آسمان،

شام ٿيندي ئي اسان جا جام جھرڪائي ويا!

 

دل جي تارن کي اچي ڇيڙي وڄايو جن رباب،

ٻول ڪي چپڙن سان ٻولي ڦول ورکائي ويا!

”نظير“ ٽکڙائي

منھنجو دلربا، سر رھگذار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا،

ٿي قدم قدم تي گناھگار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

 

نه وفا جفا جي ڪا آرزو، نه ڪا آبرو جي ڪا جستجو،

ڪو ستم ڪرڻ لئه ھزار بار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

 

نه قرار دل کي سڪون آ، نه سڪون دل کي قرار آ،

منھنجي دل کي ھاڻي ڪو اعتبار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

 

نه فراق راهِ وصال ٿيو، نه وصال راهِ وصال ٿيو،

ھي گھڙيءَ گھڙيءَ جو انتظار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

ھي جي تاب حُسن جون ھستيون، ھي جي شوخيون، ھي جي مستيون،

سي ڏسي ڪو صورت جان نثار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

 

نه صنم صنم کي خدا چوان، نه صنم خدا کان جدا چوان،

جي صنم خدا کان ٿي ڌار ڌار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

 

تون اڃا ته جام تي جام ڏي، ڪي سلام ڏي، ڪي پيام ڏي،

پو جي چشم مستيءَ ۾ گر خمار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

 

مان امير آھيان ٿيو بي ڪُلَھه، مان فقير آھيان بي وطن،

اسان مفلسن تي اوھان کي پيار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

 

نه خودي شرابِ خيال ۾، نه جلال ۾ نه جمال ۾،

جي ڪمال حُسن ٿئي سازگار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

 

نه ”نظير“ آس نصيب ۾، نه رقيب ۾، نه قريب ۾،

کڻي موت بعد قبر تي يار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

”رياض“ ٽکڙائي

دلڙي ھڪڙي، درد ھزار،

ڪوبه نه آھي ڪنھن جو يار!

 

نينھن جا ناتا مڙني ٽوڙيا،

ڪنھن نه رکيا دل جا وھنوار!

ڏير ڏنگايون ڏاڍ ڪري ويا،

ڪھڙا پُڇين ٿو تن جا پار!

 

 

ڏکڙن جو ھيءُ ھر ھلي ٿو،

لُڙڪ وھن ٿا زارو زار!

درد ونديءَ جو ناھي چارو،

مھنگا ٿي ويا پريتم پيار!

 

پيار مھانگو، پريت مھانگي،

مھنگو ”رياض‛‛ سڄو سنسار!

”دادن“ ڀٽو

گوش دلبر تائين پھتو، منھنجو ھي فرياد نيٺ!

دلربا دل سان ڪيو، ھن دل دُکيءَ جو داد نيٺ!

 

دوستو! دل جو چمن، ويو ھو صفا ويران ٿي،

محب موٽي سو ڪيو، آخر اچي آباد نيٺ!

 

غم الم جي سخت گھيري، ھو گھڻو غمگين ڪيو،

ان منجھان منٺار مون کي، اڄ ڪيو آزاد نيٺ!

 

ھٿ حڪيمن کي نه آئي، درد منھنجي جي دوا،

پاڻ پَرين ئي ڪيو، نسخو اھو ايجاد نيٺ!

 

ڪئي ڦٽائڻ ڪاڻ ڪوشش، دشمنن دل جان سان،

ڪين اُکڙيو دل اندر تان عشق جو بنياد نيٺ!

 

سڀ رٿون منهنجي رقيبن جون ملي ويون خاڪ ۾،

گلبدن کان گڏ رهڻ جو آهه ٿيو ارشاد نيٺ!

 

دائما ”دادن“ ٿيو، ممنون آ محبوب جو،

جنھن اڱڻ تي واڳ واري، شوق مان ڪيو شاد نيٺ!

”مومن“ مليرائي

عشق ئي آھي جو عاقل کي ڇڏي جاھل ڪري،

مشڪلاتون زندگيءَ تي ڪيتريون نازل ڪري.

 

دلربا مون کي به اڄ وڃ پيار جي قابل ڪري،

آرزو آھي اھا جنھن لئه ٿي ڌَڪِ ڌَڪِ دل ڪري.

 

تنھنجي مئخاني جي در تي آھيان ڀٽڪي رھيو،

ساقيا محفل ۾ اڄ مون کي به ڇڏ شامل ڪري.

حال ڇا رندن جو ٿيندو، بزم ۾ توکان سواءِ،

وڃ نه ساقي تون سُڃي رنگينيءِ محفل ڪري.

 

آ ڇڏي رنگِ حنا جو شوق ھن بلڪل ڏنو،

خونِ عاشق سان ٿو ھٿ ڳاڙھا سدا قاتل ڪري.

 

خير ڏي پَنھنجي ھٿن سان، عاشقِ لاچار کي،

التجا ٿو تنھنجي در تي وقت کان سائل ڪري.

 

ڄاڻ ٿيو پورو سفر، تون ڊڄ نه ڪنھن کان راهرو،

منزلِ مقصود تي آياسين طئه منزل ڪري.

 

سنگدل کي دل ڏئي، سستو اھو سودو ڪري،

تو به اي ”مومن“ حياتي آ ڇڏي زائل ڪري.

قطعا

”استاد“ بخاري

(1)

نه جي ڪو حق وٺندو ۽ نه جي ڪو حال بدليندو،

ته ان ۾ ملڪ ۽ ماحول جو ڪو ڏوھه ڀِي ناھي؛

ڪڏھن سج آيو آ سنبري، جو ان کي رات موٽايو،

ھُو پنھنجي وقت تي ايندو ته ان ۾ رات جو ڇاھي!

(2)

ھزارن منزلن کان پوءِ ايندي منزل مقصد،

اسان جو ڪاروانِ شوق ڪاھيندو وڃي جيڏي؛

ھزارين زندگيون گھرجن ٿيون ھڪڙي ھڪڙي منزل لئه،

اسين ھڪ زندگي وارا مسافرڙا وڃون ڪيڏي!

(3)

ڪڍون ٿا ظلم جي اوندھه، جھان مان شعر جي ڇڄ سان،

اسان کي دل جو دل ۾ عقل ئي خود ڏاھري چوندو؛

خرد جي وَٽِ، ٻَڌيءَ جو تيل، الفت جو ڏِيو ٺاھي،

عمل جي تيلڙي ٻاريو، ته جھٽ پٽ نور ٿي پوندو!

(4)

اڇا، ڪارا، برھمڻ، ڀيل، ھِي ۽ ھُو، الڳ ليڪن،

اکين توڙي چپن تن جي ۾ ساڳيون قدرتون آھن؛

جي روئن ٿا ته ھڪ ھڪ لڙڪ ۾ ٽي- ٽي جھنم ٿَن،

جي مُرڪن ٿا ته ھر مُرڪَ ۾ ڏھه جنتون آھن!

(5)

ستارن جي چمڪ جنھن جي جگر کي ڪين گرمائي،

اُھا بي حس نيلي آسمان جي ڇِت نه آھيان مان؛

گلن جو رنگ و بو جنھن جي نظر ۽ خون نه تڙپائي،

اُھا ڪنھن باغ ۾ بيٺل سرن جي ڀت نه آھيان مان!

(6)

نه سمجھايو اسان کي فلسفو سائين، خوشيءَ غم جو،

کِلڻ آيو ته کلنداسين، روئڻ آيو ته رئنداسين؛

نه ڊيڄاريو، حيات و موت جي ڇيڙي مسئلن کي،

حياتي آ ته جيئنداسين، جي موت آيو ته مرنداسين!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com