سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1968ع

مضمون:

صفحو :13

دوھا ڇند جي شروعات: خاص اپڀرنش جي پراڻي ۾ پراڻي شاعري جيڪا ملي آھي، سا ’دوھا ڇند ۾ ئي چالو ٿئي ٿي. دوھا شعر، مضمون جي مناسبت سان ٻن طبقن ۾ ورڇيو ويو آھي. انھن مان اوائلي قسم افسانوي (Romantic) آھي، جيڪو اول ڪن ’اڪيلن سٽن ۾ ئي چالو ٿيو آھي. تن ۾ ڏند ڪٿائن، عوامي آکاڻين ۽ ڪُھنن قصن جي ڪردارن جا ڪي جذباتي جُز ڳايا ويا. اھي اول ڀَٽن ۽ چارڻن ڳائڻ چالو ڪيا. ھيمچندر جي گرامر ۾ اھڙا مثال عام جام آيل آھن. انھن ۾ سٽن جا ڪيئين جوڙا مختلف ماپ جا به آھن. دوھن جو ٻيو قسم وري روحاني يا مذھبي (Ascetic) مضمون وارو آھي. پوئين قسم جو ته وڏو ادبي ذخيرو موجود آھي، جيڪو جين ۽ ٻوڌي ساڌن جو سموھيل آھي. انھيءَ زماني جي رمتا جوڳين، ساڌن ۽ سنتن، دوھا  صنف کي پنھنجي ڪم لاءِ ڪارائتو ڏسي، ان کي فوراً پنھنجو ڪري ورتو.

دوھا ڇند جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو ۽ ناليرو شاعر جيڪو معلوم ٿي سگھيو آھي. سوجئندُ (Joindu) آھي، جيڪو عيسوي ڇھين صديءَ ۾ ٿي گذريو آھي. ھن جي سميٽيل دوھن جا ٻه مختلف جھڳٽا ’پرمپياس ۽ ’جوڳ سار پڻ مليا آھن. اھڙيءَ طرح رام سِنھا مُنيءَ جا ’پاھڙ دوھا پڻ قلمبند ڪيل آھن. تنھن بعد گياني ديوسين جا ’ساويه ڌرم‘ دوھا، توڙي سپر آچاريه جا ’ويراڳيه سار دوھا، آڳاٽي اپڀرنش ڪويتا جي بھترين نمونن مان ڪي چونڊ مثال آھن. مٿيان مڙيئي ملوڪ، اڪثر ڪري ڪڇ، ڪاٺياواڙ يا سؤ راشٽر جا سمجھڻ کپن.

مذڪور گياني شاعر ديوسين جو منطق تي لکيل ڪتاب ’نيايه چڪر (933ع) اپڀرنش جو معياري ڪتاب آھي. اھو اصل ۾ سڄوئي دوھا ڇند ۾ لکيل ھو، پر ھڪڙي پنڊت چاڻڪ ھڻندي چيو ته ’ھھڙي ڳوڙھي علم لاءِ به ڪو دوھي جھڙو ٺوس ڇند ڪم آڻجي! يڪدم سڄو ڪتاب ڦيرائي ’گاٿا جي صورت ۾ آندائين جيڪو مائل ڌوَل (ديول؟) نالي ڀڪشوءَ نئين سر ويھي نقل ڪيو. انھيءَ مان ھي ڳالھه پڌري ٿئي ٿي ته عيسويءَ ڏھين صديءَ سوڌو به برھمڻن مان وڏا ودوان ۽ پنڊت پڻ دوھي ڇند سان اڃان مانوس نه ٿي سگھيا ھئا. مگر الھندي ھندستان جي مڙني ڏيھي ٻولين ۾ ساڌن ۽ سنتن اھا صنف عام  ڪري ڇڏي ھئي.[1] مٿين چونڊ مثالن کان سواءِ اپڀرنش جون نظمي آکاڻيون يا ڳاھن سان ڳالھيون (چاريؤ) پڻ انھيءَ زماني ۾ عام ٿيون. جن ۾: جئرام جو ڌرم پرڪش، (نائين صدي) پدم ڪيرتيءَ جو ’پاسناھه چاريو (942ع پشپ دنت جو ’جَسھر چاريو ۽ ’نايڪمار چاريو ( 965 ۽ 972) ھري سين جو ’ڌرم پرک (987) ڪَنڪامر جو ’ڪَرڪند چاريو توڙي ’پرتيڪ ٻُڌ، ڌنپال جي ’ڀؤ سيت ڪَھا (ماٽيجي ڀاءُ سان ورتاءُ)، ھري ڀدر سوريءَ جو سنڪمار چاريو ( ھڪڙي بادشاھ جي ڳالھه 1158ع ڌاھل جي ’پوم سري (بدچال ديوداسيءَ جو حشر) ۽ وديا پتيءَ جو ’ڪيرتي سِنھا وغيره تمام مشھور آھن.[2] اپڀرنش جو سڀ کان مشھور ۽ علمي ڪتاب جيڪو نائين ڏھين صدي عيسويءَ ۾ لکيو ويو، سو آھي آچاريه سويمڀو جو لکيل سويمڀو ’ڇندس انھيءَ ۾ پنھنجي استاد کي ’چئو منھون‘ چئي ساراھيو اٿس ۽ سندس ’تال سنگيت‘ جي پڻ تعريف ڪئي اٿس.

اپڀرنش ۽ سنڌي ٻولي: مٿين ڳالھين جي مد نظر اپڀرنش جي اھا ادبي اوسر عيسوي پنجين صدي کان پوءِ ساري سگھجي ٿي. پر سنڌي ادب جو اوج انھيءَ کان به ھڪ - ٻه صدي اڳي واسديو ڪوشان جي وقت چوٿين صدي ۾ معلوم ٿيو آھي. باقي اپڀرنش جو علمي ادبي سلسلو ٻارھين - تيرھين صديءَ سوڌو ھليو آھي. انھيءَ وچ ۾ ڪو ان جو اسان جي ادب تي اثر ٿيو ھجي، اھو به چئي نٿو سگھجي. ڪڇ ڪاٺيواڙ ۽ سؤ راشٽر سدائين سنڌ جي حڪومت ھيٺ رھيا آھن، جا ڳالھه اڳيئي مٿي ڏنل تاريخي حقيقتن مان ثابت آھي. شايد انھن علاقن جو اثر اڀرندي ۽ ڏکڻ سنڌ (لاڙ ۽ ٿر) تي پيو ھجي پر اھڙو امڪان به گھٽ ئي نظر اچي ٿو.

پروفيسر منوھرداس ڪؤڙو مل کلناڻي پنھنجي ڪتاب
(
A General Survey of Sindhi language and Literature) ۾ لکي ٿو ته: عيسوي اٺين صديءَ ۾ سنڌ جي ٻولي سڄي ڀارت جي ارڙھن مکيه ٻولين ۾ شمار ٿيل ھئي ۽ سنڌي ڪوتا کي مڌر ۽ مڌر الاپ واري ديش پريم سان ڀرپور ۽ شاندار سڏيو ويو آھي.[3] ديوان جيرام داس دولترام، مٿيون مختصر حوالو وڌيڪ چٽو ڪري لکيو آھي. ”اچاريه اد يُوتن سُوري، عيسوي اٺين صديءَ ۾’ڪُولَيه مالا ڪٿا‘ نالي ڪتاب لکيو، جنھن ۾ ھن سنڌي شاعرن توڙي سندن ٻولي جي وڏي واکاڻ ڪئي آھي. چي: اسان اھي سنڌي ڏٺا جيڪي پنھنجو ديس چت ۾ رکندي ڳائڻ سان پريت ڪندي؛ نزاڪت سان، ميٺاج سان ۽ ڍلي پد يعني ڍار سان، نھايت ئي سٺو ڳائيندا ھئا؛ انھيءَ مان ثابت آھي ته عيسوي اٺين صديءَ ۾ سنڌين جي ٻوليءَ کي الڳ نالو، نيشان ۽ حيثيت ھئي، ان ۾ اعليٰ قسم جي قومي شاعري ٿيندڙ ھئي ۽ پنھنجي اعليٰ ادب جي ڪري انھيءَ زماني جي برک ڀارتي ٻولين ۾ ان پنھنجو مثال قائم ڪيو ھو.[4]

آچاريه آديوتن (uddyotana)* سندس ڪتاب ’ڪُولَيه مالا ڪَھا سؤ راشٽر جي راجاو تَسَراج پرھياڙ جي ڪچھريءَ ۾ سن 778ع ۾ لکي پورو ڪيو. انھيءَ وتسراج پرھياڙ جي پٽ (پوٽي) مھاراجا مھرڀوج پڙھياڙ ( 836-885ع جي درٻار ڀِمل ۾، لاڙ جو عظيم شاعر ڪويراج سيکر رھندو ھو. جيڪو وري ان جي پٽ راجا مھيندرپال ۽ پوٽي مھيپال پرھياڙ (912-931ع) جو سنڀاليندڙ ۽  راڄ گرو ٿي رھيو.* ھوئنن ته ھن جا ھڪ ڊزن کن ڪتاب، عروض، ادب، تاريخ ۽ تنقيد وغيره تي مشھور آھن، پر ھن جو ڪُاويه مِمانسه، جنھن ۾ سڌ جي راجا واسديو ڪوشان واريءَ جمعيت الشعرا ۽ ان جي راوڻن (مشاعرن) جو تاريخي ذڪر آندو اٿس ان جي معيار لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آھي ته اھو اديبن ۽ شاعرن جي عملي تربيت جو درسي ڪتاب (Practical hand book of poets) مڃيو ويو آھي. خود سندس شخصيت جي باري ۾ ته يوراج ثانيءَ جو بِلھاريءَ وارو ڪتبو راج سيکر، دنيا جو حيرت انگيز شاعر وڏي سنَد آھي. البت مذھب جي معاملي ۾ آزاد خيال سمجھيو ويندو ھو. ڇو جو ھن ايڏا ته سير ۽ سفر ڪيا ھئا، جو ڄڻ ته سارو جڳ ئي اٿلائي چڪو ھو. انھيءَ ڪري تاريخ توڙي جاگرافيءَ تي کيس خاص طرح سان ملڪو حاصل ھو جاگرافي تي ’ڀوُون ڪوش‘ نالي ڪتاب لکيو اٿس مختلف ملڪن : مگدھه، بنارس، ڪشمير، ڪرناٽڪ، گؤڙ، دراوڙ ، سنڌ ۽ سؤ راشٽر وغيره جي ماڻھن جون حالتون ۽ عادتون ٻڌايون اٿس خاص طرح سان سندن ٻوليءَ ادب ۽ شاعريءَ جو خوب جائزو ورتو اٿس ۽ انھيءَ بابت ڏاڍا دلچسپ احوال ڏنا اٿس- پورب ڏي بنارس ۽ مگدھه جا ڪي ماڻھو سنسڪرت سٺي ڄاڻن . ڪڇ- گجرات ۾ سنسڪرت کان نفرت ڪن ٿا، سؤ راشٽر وارا ته وري سمجھن ٿا ته سنسڪرت کي به سڌارڻ لاءِ ان ۾ اپڀرنش جي ملاوت ضروري آھي. دراوڙ ماڻھو شاعريءَ کان علاوه گفتگو به سريلي ڪن. ڪشميري چڱا شاعر آھن، پر شعر ٻڌائڻ جو ڍنگ ڪونه اٿن. ڪرفاٽڪي وڏيءَ اَڪڙ سان شعر چالو ڪن ۽ ھر فقري جي پڇاڙيءَ ۾ تنبوري واري تُڻڪار ڪن، پوءِ اھا ٺھي يا نه ٺھي سنڌ جي باري ۾ لاڙ جو ذڪر ته خاص وڌاءَ سان به ڪيو اٿس- ھيءَ مڙني ملڪن جو ڇٽ آھي، ھتي جا ماڻھو سنسڪرت کي ڌڪارين ٿا. پنھنجي سوڀياوان ديسي ٻولي ڏاڍي ميٺاج ۽ نزاڪت سان ڳالھائيندا آھن. ھتي جون زالون به ڳالھائڻ جي نزاڪت ۽ لطافت جي ڪري خاص توجه جي لائق آھن.* ھتي جي انوکي ادبي خوبي ته لاڙ جي ئي شاعرن لاءِ مخصوص آھي. سندن شاعري جي پياري ۽ پسنديده طرز، جنھن جي خصوصيت رنگيني ۽ ظرافت آھي، سا لاڙي طرز جي ئي نالي سان مشھور آھي.[5]

راج سيکر جو زمانو عيسوي نائين –ڏھين صديءَ جي درميان آھي انھيءَ زماني ۾ به اپڀرنش کي سؤراشٽر ۽ مھاراشٽر تائين محدود ڄاڻايو اٿس. سنڌ جي جنھن حصي تي اپڀرنش جو اطلاق ممڪن ٿي سگھي ٿو، سو لاڙ آھي. مگر ان جي ادبي توري لساني ڪيفيت اپڀرنش کان آزاد ۽ الڳ مڃي اٿس راج سيکر کان ھڪ صدي پوءِ ڏھين- يارھين صديءَ عيسويءَ ۾ سنڌ ( لاڙ) جو مشھور شاعر سمنگ چارڻ ٿيو آھي. انھيءَ جو ڳاھون ۽ دوھا جيڪي مليا آھن، سي به صاف سنڌي ۾ آھن ۽ منجھن اپڀرنش جي بوءِ به ڪانھي.

مٿين حقيقتن مان معلوم ٿيندو ته اپڀرنش جي اسرڻ کان اڳ، يعني عيسوي چوٿين- پنجين صديءَ کان وٺي ويندي عيسوي نائين- ڏھين صديءَ سوڌو، سنڌي ٻولي پنھنجي الڳ نالي سان ادبي ميدان ۾ اوچي ڳاٽ رھي آھي. مگر تاريخ جي اڻڄاڻائيءَ سبب، ڪي ته يارھين صدي تائين به ان کي پنھنجي اصلي نالي (سنڌيءَ) کان محروم رکي اپڀرنش جي اڌاري نالي سان سڏڻ صحيح سمجھن ٿا. انھيءَ غلط فھميءَ جو ھڪڙو ته سبب آھي اڀير قوم جي حڪومت جو وسيع اراضيءَ ۾ پکڙجڻ ۽ انھن جوا قتدار عرصي دراز تائين قائم رھڻ. انھيءَ کان وڌيڪ اڃان به ٻيو سبب اپڀرنش جون آڳاٽيون علمي سرگرميون ۽ انھن جو پيدا ڪيل ادبي سرمايو، پر انھن ٻنھي کان وڌيڪ، ٽيون ۽ مکيه سبب ھيءُ آھي ته جين ۽ ٻڌ پنٿ جي پوين پر چارين ئي اپڀرنش کي ايڏو عام ڪيو. جين ڌرم وارا ته اڳي ئي ان کي دکن ۽ وچ ھندستان ۾ مقبول عام مڃي پنھنجو ڪري چڪا ھئا. انھيءَ جي عوامي مقبوليت کا ن متاثر ٿي ٻوڌين پڻ پاليءَ جي بجاءِ ان کي اتر- الھندي ھندستان ۾ عوامي تبليغ جو عام ذريعو بنايو. انھيءَ ڪري ھن ھيٺ پوئين بڌ پنٿ جي تاريخ تي تبصرو ڪجي ٿو.

يوگ چارا: مٿي بيان ٿي آيو آھي ته عيسوي پھرين صديءَ ۾ ناگرجن جيڪو مھاين فرقو جاري ڪيو، تنھن جو مرڪز نالندا يونيورسٽي ھئي. ھن کان پوءِ آريه ديو ٻي صديءَ ۾ اتي جو چانسلر بڻيو، جنھن جو شودر ٻالڪو راھل ڀڌر ٽيون چانسلر  ٿيو. ان کان پوءِ سندس چيلو راھل متر ۽ ان جو چيلو ناگ متر وغيره ھڪٻئي پٺيان مقرر ٿيندا آيا. آخرڪار عيسوي ٽين صديءَ ڌاري مھاين پنٿ جي اندر يوگ چارا نالي سان ھڪڙو نئون فرقو سرجيو، ھن فرقي جو ھادي مئتريه ناٿ (270-310ع) ھو، جيڪو مڇندر ناٿ کان به اڳي ٿيو آھي. ھيءُ ائوڌ جو ھڪڙو عالم ھو، جنھن جوڳ جو روحاني فلسفو پيش ڪيو. ھن جي قابليت جي بناءَ تي ڪن کي تٿاگت جي انھيءَ اڳڪٿيءَ گمراھه ڪيو ته مون کان پوءِ مئتريه (مھدي) پيدا ٿيندو؛ لاماتارا ناٿ ۽ بستون جي تاريخن مان اھڙا اشارا ملن ٿا. سندس جائنشين آچاريه اسنگ (310-390ع) پشاور کان يوگ جو پرچار شروع ڪيو، اسنگ جو ننڍو ڀاءُ واسو ٻنڌو منطقي (421-500ع) جيڪو نالندا جو چانسلر پڻ رھيو ھو، سو کائنس پوءِ يوگ چارا جو مبلغ بڻيو. مشھور منطقي ڊيگناگ (پنجين – ڇھين صدي) ھن جو شاگرد ۽ جاءِ نشين ھو. انھيءَ جو طالب ڌرمپال 635ع ۾ نالندا جو چانسلر ھيو، جنھن جوڳ فلاسافيءَ تي اعليٰ ڪتاب لکيا. پوءِ وري سندس ٻالڪو سلڀدر انھيءَ جاءِ تي مقرر ٿيو تنھن بعد مشھور جوڳي چندر گومن آيو، جنھن لغت، نحو، محاورات (Dilects)، عروض، ڇند ۽ طب تي ڪيئن ڪتاب لکيا.[6]

انھي زماني ڌاري ڪٽر ٻانڀڻ، ڪمارل ڀٽ جو ڀائٽيو ايترو ته علم پڙھيو، جو ھن کي ھندو ڌرم جون مڙي ئي ڪوتاھيون معلوم ٿي ويون. برھمڻن کان جو انھن جي سمجھاڻي گھريائين، تن جواب ۾ ماڳھين ڏيھه نيڪالي ڏيئي ڇڏيس. ھن کي ٻڌ مذھب ۾ ئي انھن جو جواب نظر آيو ۽ ان جي سچائيءَ تي ويتر ويساھه ڄمي ويو. اھو پوءِ ڌرم ڪيرتيءَ جي لقب سان مشھور ٿيو ۽ جوڳ چارا ۾ لاجواب علمي خدمتون انجام ڏنائين. انھيءَ وچ ۾ وري ٻيو ھڪڙو مخفي تانترڪ طريقو وجود ۾ اچي چڪو ھو.

تنتر: عام عقيدو آھي ته جوڳ وارو عمل جيڪو مئتريه ناٿ ۽ اسنگ جاري ڪيو ھو، سو وڌندي وڌندي  تمام اعليٰ روحاني منزل کي وڃي پھتو ۽ وقت گذرندي اھو تانترڪ طريقو بڻجي پيو.[7] تنتر لفظ جو اشتقاق، ھڪ پراڻي فرھنگ ڪاسيڪا ورتي (650ع)  ۾ تان = ڇڪڻ + ستر = ملائڻ يعني مفھوم کي ڇڪي تاڻي ملائڻ، لکيل آھي. مذھبي فلاسافرن انھيءَ جو اشتتاق يعني ڌاتو تنتري (ابدي علم) سمجھايو آھي. ھاڻي اڪثريت ۾ انھيءَ جو مڃيل مفھوم: اھو ادب آھي جيڪو اندروني علم کي پکيڙي يا کولي، خاص طرح سان اھو علم جيڪو اعلي حقيقتن متعلق ھجي ۽ جيڪو جنتر (روحاني تصورات) ۽ منتر (مخفي مفھوم) جي ذريعي وڃي معرفت کي پھچي. اھڙيءَ طرح انھيءَ اصطلاح جي ڇٽيھن مختلف شرحن مان، آخر عيسوي پنجين  صديءَ  وارو  خاص  مذھبي  فلسفيانه  مفھوم  قائم رھيو.[8]

تانترڪ ادب جا بنيادي ڪتاب گُھيه سماج (ڳجھو طبقو) ۽ منجسري مول ڪلپ آھن. جيڪي عيسوي پنجين- ڇھين صديءَ جا آھن، مگر ٻنھي جا عنوان الڳ ۽ مضمون مختلف آھي گھيه سماج يوگ ڏانھن راغب آھي ۽ منجسري وجرياني جنتر منتر ڏانھن.[9] اڳتي ھلي تنترن جا ٻه مختلف مڪتب فڪر مقرر ٿيا. ٿٻيٽي روايتن موجب: ھڪڙي جي نسبت سراھاپا (Saraha pa 690 A.D) سان ٻئي جي پدم وَجر سان ڪيل آھي. وجر (حق) جو تصور، گھيه سماج ۾ اھو ئي اننگ وجَر، اندر ڀوتي ۽ ناگرچن وارو ساڳيو آدويه واد (وحدانيت) آھي مگر سرھاپا لُئِي پا، ڪانھُوپا ۽ ڀڪشوپا جي دوھن ۾ وري واسو بندو ۽ اسنگ وارو عميق نظريو (فنائيت) سمايل آھي.[10] تنترن جي ٻولي اڪثر اشارن واري ۽ اھڙي ته پيچيده آھي ۽ انھيءَ جي معنيٰ به ايتري ته گھري آھي جو ڪنھن قابل ۽ ڪامل واسطيدار ۽ ڄاڻو استاد جي رھبريءَ کان سواءِ انھن جو مقصد معلوم ٿيڻ ممڪن ئي نه آھي.[11]

تانترڪ آچارين کي عام طرح سان سِڌا سڏيو ويندو ھو. انھن مان ھڪڙو لَليِتا وَجر،جيڪو اصل ۾ الھندي جي ڪنھن راجا نرورسن 404ع جو ليکڪ ھو، سو نالندا جو چانسلر بڻيو. انھيءَ وري اِندر ڀوتيءَ کي پنھنجي گودڙي پارائي. اِندر ڀوتي اصل ۾ آسام- اوڙيسا جو راجا ھو، جنھن لليتا وجر جو ٻالڪو بڻجي، ھن کان تنترن جي تعليم ورتي پوءِ تخت کي ترڪ ڪري، تنترن جي تبليغ ۾ محو ٿي ويو.

گُر جا ڏٺي گوڌري سا لاھيندي ٿئي لڄ،

سندا تنھين سنھج، چيلا چوندا ڪيترا

( شاھه- رامڪلي)

سندس سڄو زور ھڪڙي ئي نڪته تي ھوندو ھو. ”مرشد جي مھر کان سواءِ ٻي سڄي بندگي بيفائدي ٿيو پوي ٿي“. سندس تصنيفن مان ’سَھَج‘ سِڌي مشھور آھي جنھن جي بنياد تي ھن ’سَھجِيانه‘ فرقو جاري ڪيو ھو. انھيءَ فرقي کي سُک واد، (سرورقلبي) پڻ چئبو آھي.[12] آچاريه اِندر ڀوتيءَ کان پوءِ سُک واد کي قائم رکڻ لاءِ سندس ڀيڻ، شھزادي لڪشمينڪرا پنھنجي پاڻ کي سھجيانه فرقي جي پرچار لاءِ وقف ڪري، ڀڪشڻي بني. ھن جي مشھور تصنيف ادويه سِڌي جو اصلي نسخو اڃا موجود آھي. ھن ساري ڄمار مھاسُک واد (تسڪين قلب) جو پرچار ڪيو. ليلا وجر ھن جو جاءِ نشين ٿيو، جنھن تقريرن توڙي تحريرن سان سھجيانه فڪر کي پختو بڻايو.[13] انھن چئني مڪتبن جي انتھائي منزل انتريوگ (اندروني حقيقت) آھي جيڪو سموري ئي راز جو ڄڻ راز آھي انھيءَ جو علم عام ماڻھن جي پھچ کان پري ھجڻ ڪري، انھيءَ جي اشاعت کي ڪڏھن به عوام لاءِ عام نه ڪيو ويو. مگر مخفيءَ طرح به اھا تعليم فقط  ڪن  ڪامل  جوڳين کي ئي نصيب ٿيندي ھئي.

ڪريه گيت ۽ وجر ڳيت: لفظ ڪريه (Karya) ڪرڻ مصدر مان آھي، جنھن جو مطلب عمل، فعل يا عبادت آھي. ٻڌ مذھب جون پاڪدامن ۽ زاھد سنياسڻيون (Nuns) توڙي تارڪ درويش (يوگ چارا ۽ سِڌا) پنھنجي نفس جي اصلاح ۽ روحاني ترقيءَ خاطر ’ڪريه ۽ وجر‘ ڳيت، جوڙيندا ۽ گڏجي ڳائيندا ھئا انھن کي گاٿائون چوندا ھئا. گاٿائون ته جيئن اسان کي اڳيئي معلوم آھي ته اھي ٻڌ مذھب جي منڍ کان ئي موجود ھيون، جيڪي ويدڪ زماني ۾ به لاڳيتيون ڳائبيون آيون آھن، ڪريه ۽ وجر ڳاھون وري مختلف نوعيت وارين ڪن خاص عبادتن ۾ ڳايون وينديون ھيون. اھي ڳاھون خاص طرح سان ٻڌ مذھب جي وجريانه  (بجرياتي) فرقي وارا سنت فقير، تانترڪ منڊل (مجلس) ۾ ويھي ڳائيندا ھئا. بجرياتي منڊل چڪر (دائري يا حلقي) ۾ ڳايل ڪريه ۽ وجرڳيتن مان وجر ڌارڪ (پوڄاري يا عابد) کي سندس توجھه ۾ تسڪين ٿيندي ھئي. ٻوڌي منڊل چڪر جي نموني تي پوءِ وارو ھندو برھمڻي واما چار (وِڀچار) منڊل چڪر بڻيو. جنھن ۾ مڇي ماس، شراب، ھٿناٽ (مدرا) ۽ زناڪاري نه فقط جائز ھيون، بلڪه اھي پنجئي ڳالھيون پوءِ ماڳھين لازمي ۽ مستقل بڻجي پيئون.[14] انھن جو تفصيل ڏيڻ تھذيب جي خلاف آھي.


[1] Dr: H.L. Jain: Age of Imperial Kanauj PP>212-213 & 214.

[2] Ibid: pp. 216-217-218-219.

*  آچاريه سويمڀو، پراڪرت ڇند جو ھڪڙو مشھور عالم ٿي گذريو آھي. سندس تصنيف سويمڀو ڇندس تمام مقبول ٿي. ھيءَ ڏھين صدي عيسوي جي شروع يا ان کان به اڳي ٿي گذريو آھي. ڇو ته 965ع ۾ پشپ دنت نالي اپڀرنش جو عالم، سندس ساراھون ڪري ويو آھي. ھيمچندر به ھن جو نالو احترام سان ورتو آھي. ھن جون اپڀرنش ۾ ڊگھيون ڪوتائون ملن ٿيون.

- (جرنل آف رايل ايشياٽڪ سوسائٽي، بمبئي 1935 – 1936ع)

[3]  پروفيسر پوپٽي. ر. ھيراننداڻي: ڀاشا شاستر (بمبئي) ص 223.

[4]  پروفيسر پوپٽي. ر ھيراننداڻي: ڀاشا شاستر (بمبئي) ص 208.

(2) Dr: R. L. Majundar: Imperial Kananj p. 21

*  ڪوليه مالا جو مصنف آچاريه اديوتن، سندس زماني جي مڙني مقامي محاورن ۾ ته ماهر مڃيل هو، پر انڊو – پاڪستان جي سڀني پراڪرتن تي پڻ سند سمجهيو ويندو هو. جن ۾ سنڌيءَ سميت اهڙيون ارڙهن ٻوليون مکيه ڪري مڃيون اٿس. پنهنجي ڪتاب ۾ مک ٻولي توڙي مرهٽي مقرر ڪئي اٿس، مگر مضمون جا سڀ ننڍا وڏا حصا جيڪي تشريحي يا بياني آهن، اهي عام طرح اپڀرنش ۾ آهن. سندس ڪتاب جو فرضي هيرو جنهن به علاقي ۾ اچي ٿو، ان جو احوال ڏيندي اتي جي ٻوليءَ جا ٻه – چار مثالي جملا سندس وات ۾ وڌا اٿس. ويندي پئشاچي زبان جا به ڪي جملا ڪم آندا اٿس. سنڌي شاعرن ڏانهن ته خاص طرح سندس توجهه ڇڪيو آهي. – ”اسان اهي سنڌي ڏٺا، جيڪي پنهنجو ديس چِت ۾ رکندي،… نهايت ئي سٺو ڳائيندا هئا“. ٻين پراڪرتن مان به ڳاهه، دوپدي، دوهو، ۽ ڏنڊڪ ڇند ڏٺا اٿس. مگر ڳاهه جي صنف سڀني تي غالب آهي. انهيءَ ڪتاب کي رتن پرڀ چوڏهين صديءَ عيسويءَ ڌاري ڦيرائي سنسڪرت ۾ آڻي ڇڏيو.

*  پرهياڙن جي ڪچهريءَ ڀمل (گهومل) ۽ ٻيا به شاعر ٻڌجن پيا. جيئن ته مهيندر پال وٽ سومديو نالي شاعر رهندو هو ۽ مهيپال وٽ وري ٻيو کيمسور نالي شاعر هو. پر، راج سيکر جو ڄڻ ته ديوتا وارو درجو هو. پرهياڙ پاڻ به سڌ ٻڌ وارا هئا. راجا پرتيهاريند راج (نائين_ ڏهين صدي) ڇند تي آخري سند سمجهيو ويندو هو.

- (قنوج 190-191 ۽ 192)

*  راج سيکر، ٻين ديسن؛ مالوا، ملبار، مرھٽا، قنوج، ڪيرالا، بينگال، پنچال، گؤڙ ۽ نيپال وغيره جي زالن جو پڻ ذڪر ڪيو آھي. (قنوج 389)

[5] Dr: K.M. Munshi: The Age of  Imperial Kanauj: Foreword’s P. XXII.

[6] Dr: Nalinaksha Dutt: “The Classical Age” PP. 380 to 388.

[7] Dr: Nalinaksha Dutt: Imperial Kannauj  P. 259.

[8] Dr: Nalinaksha Dutt: Kannauj  PP. 314.

[9] Dr: Nalinaksha Dutt: Imperial Kannauj. P. 259.

[10] Ibid. P. 265.

[11] Dr: H. D Bhatta charyya: Impeial Kanauj P. 318.

[12] Dr: Nalinnaksha Dutt: Kanauj P. 268.

[13] Ibid PP. 268-269.

[14] Dr Nolinaksha  Dutt: Imperial Kannauj. P.266.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com