سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1968ع

مضمون:

صفحو :18

ڏيھ- ڌڻين تي دانھ ڪير ٻڌي، ڪير ورنائي. مزور ويچارو سور جو سٽيل ڏاڍ جو ڏڌل ۽ پيار جو ڪٺل ڏک ڏوجھرا ڏسندو، لڪ لاڙھا لنگھندو، جھنگ جبل لتاڙيندو ۽ برن پٽن ۾ بکون اڃون ڪاٽيندو ھڪ ڏينھن خدا جي؛ اچي قلات کان نڪتو ۽ عبدالله خان جي درٻار ۾ داد لاءِ دانھين ٿيو. حاڪم سان سڄو سور سليائين ۽ رڙندي روئندي انصاف طلبيائين.

قلات - واليءِ کي مسڪين جي حال تي جُھٻو آيو ۽ فرمايائين ته اي چريا، ڀانيان ٿو ته توکي شاھي قانون جي سُڌ ڪانھي، جو شاھي حرم ۾ ھڪ ڀيرو آيل زال جو مرَي کٽولو نڪرندو آھي. ازان سواءِ شاھي حرمسراءِ جي اندرين ماڻھن جو ڪچھريءَ ۾ نانءُ وٺڻ وڏي گستاخي ۽ بي ادبي آھي. سامري ھينئر حرمسراءِ جي آسمان تي آھي ۽ تنھنجي پھچ کان گھڻو ئي مٿي آھي. ٻيو جيڪو گھرڻو اٿئي سو گُھر جو مونکي تنھنجي غريباڻي حال تي ڏاڍو قياس اچي ٿو. جيڪڏھن شھزادي محبت خان کي تنھنجي ھن گستاخي جي پروڙ پئي ته جيئري گڏهه جي پيٽ ۾ سبائي ڇڏيندءِ. ملڪ مولا جو پر منھنجو آھي. تون ڪابه سھڻي زال ڏس ته آءُ پرڻايانءِ پوءِ سگھوئي قلات ڇڏي وڃ، جو ان ۾ ئي تنھنجو ڀلو آھي. مزور مسڪين جي اکين جي اونھائيءَ ۽ دل جي گھرائيءَ ۾ ته رڳو سامريءَ جي سونھن ۽ سوڀيا ويٺل ۽ پيٺل ھئي. ان کان سواءِ ھو ٻي ڪنھن حور پريءَ کي به قبولڻ وارو نه ھو. سو خان عبدالله خان جي درٻار مان نااميد ٿي. ھانءُ ھاري موٽيو. پر اندر مان سامريءَ جي سِڪ، لوري ۽ لونجھ وڃڻ واري ڪانه ھيس. ھو سامريءَ لاءِ فقيري ڪفني پائي قلات ۾ ئي ويھي رھيو ۽ زبان تي دم دم سامريءَ جو نالو ھوس.

ٿورن ئي ڏينھن ۾ ھن جي سچي سڪ ۽ بادشاھي ڏاڍ جي ڪھاڻي ھر ھند ھُلي ويئي جاسوسن ڳالھ وڃي بادشاھ جي ڪن وِڌي ۽ شاھي حڪم سان مزور کي قلات مان لوڌي ڪڍيو ويو. لاچار کي آچار ڪونھي. ويچارو جُھد پٽيندو، سور سانڀيندو- سامري سامري پڪاريندو اچي سنڌ پھتو. سيوھڻ ۾ قلندر لال رحه جي روضي تي چلو پڄائي ويھي رھيو ۽ زيارتين کي پاڻي پياريندو ھو. ھڪ رات جيئن سامريءَ جي سِڪ ۾ پُور پچائيندي گِھل وٺي ويس، تڏھن قلندر لال کي چوندي ٻڌائين ته وڃ اي سائل، تنھنجي من جون مرادون ھڪ فقير وٽان پوريون ٿينديون، جيڪو ڄام پور ۾ گڏھ چاريندو ٿو وتي. ھو رب جو پھتل ٻانھو آھي. ۽ ان جي ھٿان ئي توکي تنھنجي سامري ملندي. اھا ڳالھ ٻڌندي ئي ھو ڇرڪ ڀري جاڳي پيو، دل کي آسرو آيس ۽ من جي مونجھ لھي پيس، تنھن مھل ئي ڄامپور جو قصد ڪري اٿي کڙوٿيو. ھڪليندي ھڪليندي ،منزلون سٽيندي، ڪن ڏينھن پڄاڻان اچي ڄامپور پھتو. ڪشالن جي ڪڙھيل ۽ منزلن جي ماريل کي ڏاڍي اڃ لڳي ۽ اوسي پاسي پاڻيءَ ڍُڪ لاءِ واجھائڻ لڳو. جھٽ ڪانه گذري ھڪ الھ لوڪ فقير گڏھن جو ولر اڳ ۾ ڪيو اچي ڀرسان لانگھائو ٿيس. ھيءُ پاڻيءَ جي پڇا لاءِ اُٿي اڳيرو ٿيو، ته مٿس نظر پوندي ئي ھُن الھ واري رڙ ڪئي ته ڇا قلندر شھباز وٽ ڪجھ ڪونه ھو جو توکي مون ڏانھن موڪليو اٿس؟ ھو دانھن ڪري فقير جي پيرن تي ڪري پيو ۽ ھانو ڦاڙي روئڻ لڳو.

درويش کيس دلاسو ڏنو،  چيائينس ته سڀان- پرھينءَ ھتي ڪا شادي ٿيڻ واري آھي. تون اتي اچي مون کي ياد ڏيارجانءِ. چوندا آھن ته ڳالھيون پنھنجي وقت تي کڄنديون آھن. ۽ ڏينھن پنھنجي مداءَ تي گذرندا آھن.  نيت اُھو ڏينھن به آيو. درويش کي ماڻھن جي ڊنب ۾ ڳولي وڃي لڌائين، جيڪو اکيون ٻوٽيون، ڪنھن الاھي اونگھ ۾ ويٺو ھو. ھيءُ مسڪين ھٿ ادب جا ٻڌي، چپ چاپ وڃي الھ لوڪ جي ڀرسان ويٺو۽ ھوريان ھوريان پنھنجو احوال اوريائين. فقير تاڙي وڄائي ۽ چيو ”وڃ سامري پنھنجي گھر وڃ“. ”وڃ ڙي سوالي، تنھنجي سامري وڃي گھر پھتي“. مسڪين ويچارو ڊڪندو ڊوڙندو گھر آيو، ڏسي ته واھ قدرت قادر جي! جو سامري سچ پچ پنھنجيءَ جھوپڙيءَ ۾ ويٺي آھي . ٻئي سڪايل ۽ وڇڙيل، پاڻ ۾ ٻک وجھي روئڻ لڳا. ھڪٻئي کي واڌايون ڏنائون. پاڙي اوڙي وارن مڙي سڙي اچي کيس مبارڪون ڏنيون، سامريءَ ڳالھ ڪئي ته محبت خان مون کي قلات کڻي ويو ھو. شھزادي جي مون سان ڏاڍي دل ھوندي ھئي. ھو ماني به منھنجي ھٿ جي کائيندو ھو. مان بيمار سيمار ٿيندي ھيس ته شھزادي جو کاڌو پيتو وِھُه ٿي ويندو ھو. اڄ فجر مھل اٽو ويٺي ڳوٿيم ته ھڪ مک منھنجي اکين آڏو اڏرڻ ۽ ڀڻڪارڻ لڳي. مان مک کي تڙڻ لاءِ اکيون ٻوٽي ھٿ ھنيو ته جان کڻي اکيون پٽيان ته مار، ڪٿي رھيو اٽو ۽ ڪٿي رھيو محلات! مان ته پنھنجي جُھڳيءَ ۾ ويٺي آھيان.

ٻڌئون ٿا ته اڄ به انھيءَ ڏيهه ۾ سونھن سنجري ٿي، پيار ڪيا وڃن ٿا. ۽ جھوپڙين جي محبت جيئري آھي. شايد ڪوبه ارڏو ۽ زوراور شھزادو انھن کي ھميشه ھميشه لاءِ لُٽي نه سگھيو.

تبصرا

نفسيات: مصنف ڊاڪٽر علي احمد قاضي، صفحا 310، ڊيمي سائيز، اُچو پنو، ڇپائي ديده زيب، سرورق دلڪش، قيمت ڇھ روپيا؛ ناشر: سنڌي ادبي بورڊ؛ ملڻ جو ھنڌ؛ سنڌي ادبي بورڊ جو بوڪ اسٽال، امين منزل گاڏي کاتو، حيدرآباد سنڌ .

ڪتاب نفسيات، جناب ڊاڪٽر علي احمد قاضي، سابق ڊائريڪٽر، ھيلٿ سروسز سنڌ، جو انمول ھڪ شاڪار آھي. جناب ڊاڪٽر صاحب، اسان جي وطن عزيز ۾ ھڪ برک عالم ۽ صاحب بصيرت شخصيت جو مالڪ آھي. ان سان گڏ، سنڌي زبان جي سادگي، سٻاجھائي، رواني ۽ شستگي، شاھوڪاريءَ ۽ وسعت تي کيس عالمانه دسترسي حاصل آھي.

نفسيات جو فن ۽ موضوع، اگرچ ھن جديد دؤر جي پيداوار آھي. پر سندس اصلي ماخذات تصوف ۽ ويدانت آھن. نفسيات جو مقصد آھي. ’پاڻ سڃاڻ‘- يعني پنھنجي باطني قوتن ۽ اندرين بصيرت کي پرکڻ ۽ ٻرجھڻ. تصوف ۽ ويدانت ۾ ان کي ’خود شناسي‘ چيو ويو آھي. جنھن کان پوءِ خداشناسيءَ، جو مرحلو اچي ٿو.

اھا ھڪ حقيقت آھي، جنھن جي جديد دؤر جي مفڪرن، فلسفين، ۽ عالمن ۽ نفسيات جي ماھرن به تائيد ڪئي آھي. ته ’انسان‘ رڳو گوشت ۽ پوست جو نالو ناھي، ’انسان‘ کي قدرت طرفان ظاھري حواسن سان گڏ باطني حواس به ڏنا ويا آھن. ظاھري حواس ڏسڻ، ٻُڌڻ، ڇُھڻ ۽ سرسري طور معلوم ڪرڻ تائين محدود آھن؛ پر باطني حواس، حقيقت الاشياءَ، ڪائنات جي اسرار ۽ رموز کي پرجھڻ ۽ پرکڻ تائين رسائي رکن ٿا. ھن نيرنگ، ڪائنات ۾ عام طرح سان جو ڪجھ ڏسجي پسجي ٿو، اھو محض ظاھري طرح سان مطالعو ۽ مشاھدو آھي، پر ان جي ’حقيقت‘ ھن ظاھري حواسن کان گھڻو دور ۽ مستور آھي، ان ڪري صوفين چيو ته رڳو ڏسڻ ۽ پڙھڻ ڪافي ناھي، ’پرجھڻ‘ ئي آھي. جو انتھائي تڪميل تي پھچائي ٿو، تڏھن چيو ويو:

پڙھڻ، پرجھڻ پاڻ ۾، وڏو فرق ڦير!

ان ’پرجھڻ‘ تائين پھچڻ لاءِ تصوف ۽ ويدانت، ’پاڻ سڃاڻ‘ ۽ ’خود شناسيءَ‘ کي اوائلي تربيت لاءِ نصب العين مقرر ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ چون ٿا ته ’پاڻ‘ ھڪ حجاب آھي. اھو ’پاڻ‘ انسان ۽ حق جي وچ ۾ ديوار آھي لطيف چيو:

پنھنجو آھين ’پاڻ‘ آڏو عجيبن کي!

ٻئي ھنڌ فرمايائين:

اول وڃائي ’پاڻ‘، تنھان پو تڪبير چئو!

قاضي صاحب نفسيات جو تُز ترجمو ڪيو آھي- ”پاڻ سڃاڻ“

ھن ڪتاب جي ٻولي ۽ انداز بيان اھڙا ته دلنشين آھن، جو ھڪ ڀيرو کڻڻ سان ماڻھو نڪو ورچي ٿونڪو ٿڪجي ٿو. نفسيات جا اونھا ۽ پيچيده مسئلا، سليس ۽ سولي ٻوليءَ ۾ بيان ڪيل آھن. ان قسم جو ڪو ڪتاب خود اردوءَ ۾ به نه ڇپيو آھي.  - غ. م. گ

”مھراڻ“: 3-1968ع

سنڌي ادب جي واڌاري جو اندازو ھن ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته اڄڪلھ سنڌي ادب ۾ نه رڳو سٺن ۽ عمدن ڪتابن جو اضافو پيو ٿئي، بلڪه موجوده دؤر ۾ جيڪي ماھنامه، سه ماھي ۽ ساليانه رسالا ڇپجي رھيا آھن. جھڙوڪ مھراڻ، سنڌي ادبي بورڊ جو سه ماھي علمي ۽ ادبي رسالو؛ پاڪستان پبليڪيشنس جو ماھوار نئين زندگي؛ رھبر پبليڪيشنس جا سه ماھي رسالا مختلف نالن سان، يا ڊائريڪٽر آف انفرميشن جي طرفان ساليانه خاص نمبر، جھڙوڪ؛ شاھ ڀٽائي يا قلندر شھباز تي رسالا تن ۾ به نھايت عمدا ۽ معياري قسم جا مضمون مختلف عنوانن ۽ موضوعن تي اچي رھيا آھن. جن مان ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي ادب ۾ خاصو اضافو ٿي رھيو آھي.

انھن رسالن جي وڏي خصوصيت ھيءَ آھي ته اِھي رسالا، انگريزي ۽ اردو ٻولين جي طرز تي بھترين ۽ گوناگون قسم جا مضمون پيش ڪري، پڙھندڙن لاءِ دلچسپي جو سامان مھيا ڪري رھيا آھن.

اُن مان ادب جي اضافي کان جدا ٻي عمدي ڳالھ پيدا ٿي آھي، جو پڙھندڙن جو تعداد وڌي ويو آھي. ۽ ماڻھن جي معلومات ۾ به اضافو ٿيو آھي.

اسان جي سامھون سنڌي ادبي بورڊ جو سه ماھي رسالو ”مھراڻ“ جلد 17، نمبر 3، 1968ع جو آھي. رسالي جي اندرين پاسي ”سنڌو“ جي نالي سان ھڪ عمدي تصوير ڏنل آھي. جنھن مان ڪيتريون تاريخي ڳالھيون ڌيان ۾ اچن ٿيون. تصوير جي ساڄي پاسي وچ تي جبل جي ھيٺيان مھاتما گوتم ٻڌ جو تراشيل بت آھي. جو سابق سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جي ھجڻ جي نشان دھي ٿو ڪري. بت جي سامھون، گھوڙي تي ھڪ جوڌو ڊوڙندو نظر اچي رھيو آھي، جو ان وقت جي عسڪري حالت ٿو پيش ڪري. جنھن جي ھيٺيان سنڌي ڳوٺاڻي زندگيءَ جو نقشو آھي. جي مٽي جا گھر، ھڪ ڳوٺاڻو ۽ ڍور آھن. تصوير جي ڏائي پاسي بندرگاھ آھي، جو غالباً ديبل بندر جو خاڪو پيش ٿو ڪري. ٻيڙيون ثابت ٿيون ڪن ته اھو بندر آھي  ۽ منارو ٻيڙين کي اندر اچڻ لاءِ ”سونھي“ جو ڪم ڏئي ٿو. مناري جي ھيٺيئين پاسي پٿر جو ھڪ بت آھي، جنھن مان ان وقت جي بت پرستي ثابت ٿئي ٿي. ڏائي پاسي ھيٺ زره پيل جوڌو گھوڙي تي سوار آھي. جنھن جي ھيئت ساڄي پاسي جي جوڌي کان جداگانه آھي ۽ ڏيکاري ٿي ته ان وقت اُھي ماڻھو سنڌ جي ھندو حڪومت تي ڪاھي آيا ھئا. تاريخ ٻڌائي ٿي ته اھو محمد بن قاسم ھو، جنھن ديبل تي ٻن پاسن کان يعني خُشڪيءَ ۽ درياءَ جي رستي ڪاھ ڪئي ھئي.

فھرست: شعر، مضمون، افسانا، ڊراما، ۽ ادب لطيف تي مشتمل آھي. شعر واري ڀاڱي ۾ بيت، دوھا، ڪافيون، وايون، گيت، نظم، آزاد نظم، غزل ۽ قطعا ڏنل آھن. انھن مان طالب الموليٰ، جئسنگھاڻي، استاد بخاري، احمد خان آصف، لطف الله بدوي، عبدالڪريم گدائي، سليم سرھندي، عبدالقيوم صائب، عارف المولا، سليم ڳاڙھوي، انور ھالائي  وغيره جو ڪلام پڙھڻ وٽان آھي.

الله ڪري زورِ قلم اور زياده-

ادبي مضمونن جو تعداد ڪل ڇھ آھي، جن مان خاص طرح چار مضمون اسان جو ڌيان ڇڪائين ٿا. سنڊن، رڻ ڪڇ جو ڪيس، سنڌي نثر جي اسلوب جو ارتقائي خاڪو ۽ ٿر جو وسڪارو، سنڊن تي ھڪ مضمون ڊاڪٽر نبي بخش قاضي صاحب جي لکيل عنوان جو ترجمو ڪري پيش ڪيو ويو آھي. جنھن ۾ سنڊن جو ھڪ ڪپڙي جو قسم آھي. تنھن کي اھو ڏيکاري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي. ته اھو ڪپڙو سنڌ ۾ به ٺھندو ھو. ان مان سنڌ جو نھايت قديم ملڪ ھجڻ تاريخي شھادتن مان ثابت ڪيو ويو آھي. ڪجھ به ھجي ليڪن اھو مضمون ھڪ تحقيقي مضمون آھي جنھن ۾ ڪافي ڪتاب نظر مان ڪڍي مضمون کي ترتيب ڏني ويئي آھي.

عبدالله چنا صاحب جو مضمون رڻ ڪڇ جو ڪيس به پاڪستان سان تعلق رکي ٿو.، جنھن ۾ چنا صاحب نھايت گھڻي عرقريزيءَ ۽ جافشانيءَ سان پوريءَ طرح ثابت ڪري ڏيکاريو آھي. ته رڻ ڪڇ جو ڪجھ حصو حقيقت ۾ سنڌ جو ھو. چنا صاحب جي انھيءَ محنت بين الاقوامي عدالت کي به صحيح فيصلي ڏيڻ تي آماده ڪيو ۽ دنيا تي ثابت ٿي ويو ته پاڪستان ڪڇ جي انھيءَ حصي تي پنھنجي حق ڏيکارڻ ۾ حق بجانب ھو ۽ اھا ڳالھ اڻسڌيءَ طرح، ثابت ٿي ڪري ته 1965ع واري جنگ ڪرڻ ۾ ھندستان سراسر غلطيءَ تي ھو. چنا صاحب جو اھو مضمون سنڌي ادب ۾ ھڪ يادگار رھندو.

نوجوان اديب شمس الدين عرساڻي جو مضمون سنڌي نثر جي اسلوب جو ارتقائي خاڪو به ھڪ تحقيقي مضمون آھي. ھن خاص طرح سنڌي نثر جي مختلف انداز بيان ۽ اسلوب تي تنقيدي نظر وجھي، آڳاٽن اديبن جھڙوڪ؛ ديوان ننديرام سيوھاڻي، منشي اَڌارام حيدرآبادي، سيد ميران محمد شاھ اول ٽکڙائي، پرڀداس، قاضي غلام علي ٺٽوي، غلام حسين قريشي، ديوان واڌو مل چنديرام ٽلٽائي، منشي گرڏنو مل سيوھاڻي، آخوندعبدالرحيم ڪوھستاني، ديوان ڪيولرام وغيره جي لکڻيءَ ۾ فرق ڏيکاري، انھن جو موازنو ڪيو آھي. جيتوڻيڪ انھن اديبن تي سنڌي ادبي تاريخ جي مصف به گھڻو ئي ڪجھ لکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ليڪن ھن جو لکڻ زياده بيانيه طرز جو آھي. ۽ ھڪ ٻئي جي لکڻيءَ تي تنقيد جو اھو فرض پورو ادا نه ڪيو ويو آھي، جيڪو محترم عرساڻي صاحب ڪيو آھي. اسان کي ھن مضمون جي پڙھڻ مان انداز بيان ۽ اسلوبِ بيان کان وڌيڪ ٻيو به گھڻو ئي مواد حاصل ٿئي ٿو. جو اسان جي معلومات ۾ خاصو اضافو ڪري ٿو. رائچند راٺوڙ جو مضمون ’ٿر جو وسڪارو‘ به نھايت عمدو مضمون آھي. رائچند جي طرز نگارش به پنھنجي رنگ ڍنگ جي نرالي آھي. ۽ وادي سنڌ جي ٻين اديبن کان جداگانه آھي. سندس مضمون ۾ اڪثر جاذبيت اتم درجي جي ھوندي آھي. ناظرين ھڪ ڀيرو ڪتاب شروع ڪندو ته ختم ڪرڻ کان سواءِ اصلي ڪونه ڇڏيندو. ھن مضمون مان اسان کي ڪيترا اصلاحات ۽ چوڻيون ھٿ اچن ٿيون ۽ معلوم ٿو ٿئي ته ٿر جو ادب، وادي سنڌ جي ٻين پاسن جي ادب کان ھڪ جدا نمونو ٿو رکي. اسين وادي سنڌ جي مختلف قسمن جي ادبن تي بجا طور فخر ڪري سگھون ٿا. ھن اديب جي وادي سنڌ مان چالاڻي حقيقت ۾ ھڪ وڏو خال پيدا ڪيو آھي جو مشڪل سان ڀرجندو. سنڌي طبعزاد افسانن جي لاءِ اڃان گھڻي محنت ۽ ڪوشش جي ضرورت آھي.

ريڊيائي ڊرامي جو نه ڪو پلاٽ سٺو آھي. نه ان جا ڊائلاگ. حقيقت ۾ ڊرامي جون مکيه خصوصيتون ئي عمدو پلاٽ ۽ ڊائلاگ ھوندا آھن، جي ھن ڊرامي ۾ مفقود آھن. نھايت عاميانه پلاٽ ۽ ٻوليءَ ۾ اھا سنجيدگي ۽ چستي نه آھي، جا ھئڻ کپندي ھئي.

- ڊاڪٽر شيخ محمد ابراھيم خليل

]ريڊيي پاڪستان حيدرآباد جي شڪريي سان[

يادگيريون: مصنف سيٺ نائونمل ھوتچند؛ مترجم؛ محمد حنيف صديقي: صفحا 280 ڊيمي سائيز، اُچو پنو ، ڇپائي ديده زيب، قيمت ڇھ رپيا، ناشر: سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ؛ ملڻ جو ھند؛ سنڌي ادبي بورڊ جو بوڪ اسٽال، امين منزل گاڏي کاتو، حيدرآباد، سنڌ.

وادي مھراڻ پنھنجي شاندار ماضيءَ، وڻج واپار، تھذيب ۽ تمدن جي ڪري مختلف قومن جي ماڻھن جو مرڪز رھي آھي. ھن خطي نه فقط پنھنجي قديم ثقافت، صنعت، ھنرن ۽ ڪاريگرين جي ناماچار جي ڪري تاجرن، واپرين، ماھرن ۽ مورخن کي متوجه پئي ڪيو آھي، پر موھن جي دڙي واري تھذيب جي نشانن ۽ آثارن کان سواءِ، ھتي جي بھادرن، مانجھي مڙسن، محب وطن سخي مردن ۽ عالمن به دنيا جي تاريخ ۾ پنھنجو مقام قائم ڪيو آھي. اسان جون تاريخون، بزرگن جون سوانحعمريون، سياحن جا سفرناما، شاعرن جا جنگناما ۽ مثنويون، مذڪور دعوا جي لاءِ دليل طور پيش ڪري سگھجن ٿيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com