سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1968ع

مضمون:

صفحو :15

ناٿ بنٿ (Nathism): ھي فرقو حقيقت ۾ ٻڌ مذھب جو نچوڙ ۽ ان جي آخري شڪل آھي، جنھن ۾ مٿيان مڙيئي (ارڙھن) عقيدا اچي وڃن ٿا. ناٿ پنٿ جو پايو بابا مڇندر ناٿ نالي ھڪڙي جھوني جوڳيءَ وڌو، جيڪو اصل آسام جو رھاڪو ھو ( سندس زمانو اندازا ستين –اٺين صدي عيسويءَ جو آھي ) جوڳي پنٿ در اصل ھن کان اڳ ۾ ئي ھلندڙ جو جيڪو مئتربه ناٿ جاري ڪيو ھو ھن وري انھي کي ناٿ ڌرم جي نئين نالي سان دھرايو. ڪن جي خيال ۾ ته ڪريني پاءَ کان اھو پنٿ مڇندر ناٿ کي مليو ۽ مڇندر ناٿ وري ڪورنگي ناٿ  ( چؤرنگي) ناٿ ۽ گورک ناٿ کي پنھنجو چيلو بڻايو. بھرحال اھي تيئي ناٿ ھڪڙي طرف ته بجرياقي فرقي وارن چوراسي سِڌَن جي آخر ۾ اچن ٿا؛ ته ٻئي طرف وري ناٿ پنٿ جي اوائلي نَوَن (9) ڄڻن ۾ پھريان تي ناٿ ڳڻيل آھن انھن چوراسي سڌن جي سلسلي سان گورک ناٿ جو زمانو اندازاً اٺين صدي عيسوي آھي.[1] گورک ناٿ جا دوھا گورک ٻڌ، نالي ڪتاب ۾ ڪٺا ڪيل آھن جن ۾ پنھنجي گروءَ مڇندر ناٿ جي منزل ۽ مرتبو ڳايو اٿس.

مٿئين ھر پرساد شاستريءَ، مڇندر ناٿ واري مارڳ جو ذڪر ڪندي گورک ناٿ لاءِ لکيو آھي ته ھن جو اصلي نالو راون (رامڻ) وجر ھو ۽ ٻڌ مذھب جي بجرياتي فرقي جو يوگ آچاري ھو. پوءِ جڏھن مڇندر ناٿ واريءَ مت ۾ آيو تڏھن گورکناٿ جي لقب سان مشھور ٿيو....مطلب ته مڇندر ناٿ وارو نئون پنٿ پڻ اصل ۾ ٻڌ مذھب اندر ئي سمايل ھو. ھن مان ثابت آھي ته ناٿ جوڳين جا دوھا ۽ ڳيت پڻ وجرياني ٻوڌين جي ڳيين ۽ ڳاھن کان الڳ ڪا ٻي شئي نه آھن. جيتوڻيڪ ناٿ جوڳين جي روحاني عمل ۽ بجرياتي سِڌن جي عبادتن ۾ ڪنھن حد تائين فرق ھو.[2] ھنن ۾ چوٿون نمبر جالندر ناٿ جوڳي ٿيو آھي، جنھن جو نالو چوراسي سِڌ آچارين ۾ نٿو ڳڻجي، ڇاڪاڻ ته ھن بجرياتي سلسلو بند ڪري، اڀرندي پنجاب ۾ وڃي ناٿ پنٿ پکيڙيو. جلندر جو شھر ھن جي ئي نالي پٺيان سڏجي ٿو، ھن جو چيلو چوڙڪرناٿ ۽ ان بعد چرٻٽ ناٿ، ٻئي مشھور ٿيا. ٻال ناٿ (بالا ناٿ) وري اتر الھندي ڏي، لوڻ جي ٽڪرين وارا ويرانا وڃي وسايا. اھو ناٿ جوڳين جو آخري آستانو ھو. ديول ناٿ ۽ مِنا ناٿ اتي جا مشھور جوڳي ٿيا. اھي ئي ذڪر ڪيل نَوَ ناٿ بلڪل اوائلي ۽ اھم آھن. مٿين مڙني جوڳين: مڇندر ناٿ، گورک ناٿ، چؤرنگي (ڪورنگي) ناٿ، جلندر ناٿ،  ۽ ٻين جا ڪيترائي دوھا چيل آھن، جي گھڻو ڪري ستين- اٺين صدي عيسويءَ کان قلمبند ڪيا ويا. اھي اڪثر ’اوھٽ دوھا‘ جي نالي سان سڏيا ويا آھن[3]. اوھٽ ٻولي اصل ۾ ھڪڙي قسم جو مرڪب ھو، جنھن ۾ اپڀرنش، سنسڪرت، پالي، پراڪرت… ماگڌي، بينگالي وغيره وغيره سڀيئي گڏ وچڙ ٿيل ھيون.[4]

ٻولي ٻجھارت، جوڳيان سنديءَ ذات جي (شاھه - رامڪلي)

پوءِ وري پرٿوي ناٿ پنھنجي پرچار لاءِ پري پري جا پنڌ اختيار ڪيا. پرٿوي ناٿ جا دوھا، جيڪي ’جوڳ پرڪاش‘ نالي ڪتاب ۾ ڪٺا ڪيل آھن، تن ۾ جوڳ جي عميق نظريي، ان جي انوکن اصولن، باريڪ مسئلن ۽ نفيس نُڪتن تي تمام تحسين جوڳي روشني وڌي اٿس. انھيءَ زماني ڌاري ئي ڀڳتيءَ جون تحريڪون به اسري رھيون ھيون.

پوئين ناٿ پنٿ ۾ وري سَڌنا ناٿ ۽ غريب ناٿ ناليرا ٿي گذريا آھن. غريب ناٿ جي دوھن ۾ جوڳ جي منزل فنائيت آھي، سَڌنو سالڪ وري سنڌ ۾ (سيوھڻ طرف ) ڄائو ھو. ھيءُ اصل ۾ مسلمان ڪاسائي ھو، پوءِ ناٿ پنٿ ۾ اچڻ ڪري دنيا ترڪ ڪري وڃي جوڳين سان گڏيو. ناٿ پنٿ يوگي ساڌنا ( برھمڻن جي) بت پرستيءَ، شرڪ، جپ تپ ۽ ظاھر پرستيءَ جي ٻين مڙني ڳالھين، توڙي نمائشي عبادتن جي برخلاف وڏي بغاوت اٿاري ھن خدا جي وحدانيت ۽ خالص توحيد جي تبليغ ڪئي. ھن جا دوھا اڪثر نفس جي معرفت متعلق آھن ۽ انھيءَ ڳالھ تي ئي سڄو زور ڏنو اٿس.[5]

سامي ٿين ته سڌ ناٿ ٿِي، نه ته ڏورمَ ھونھين ڏيھه،

اونھون ملڪ عِنات چئي، ڪنھن ڇُلي نه لڌو ڇيھه،

حرص ھڪلي پانھنجو، تون وھم وساري ويھه،

مڙھي ماٺ جي بيھه، ته ويٺي ئي وير ٿئين.

ساڌنا ناٿ گرو نانڪ (1469- 1538ع) کان به اڳي ھو. (ڪن جي خيال ۾ ته گرونانڪ جو غائبانه گرو به ساڌنو سنت ئي ھو.؟) ڇاڪاڻ ته ھن پندرھين صدي عيسويءَ جي شروع ۾ شھرت حاصل ڪئي. سندس دوھا به سِکن جي اَدي گرنٿ ۾ موجود آھن.[6] سَڌني جوڳيءَ، سورھين صدي عيسويءَ کان به ڪجھه اڳي وفات ڪئي. سندس دوھن ۾ فنائيت يا جوڳ جوئي نڪتو نمايان آھي. (نانڪ کان اڳي سورھين صديءَ ۾ ئي ٻيو به ھڪڙو مسلمان بزرگ ’ڀڳت ڪبير‘ ڪوري (1398-1518ع) پورب ڏي پيدا ٿيو، مگر ھيءُ ڀارت (بنارس) ۾ ئي رھيو. سندن فلسفي ۽ فڪر جو اثر سنڌي صوفي شاعرن تي پيو، جيئن ھيٺ نظر ايندو.

تصوف ۽ جوڳ جو سنگم: انھيءَ سورھين صديءَ ۾ ئي سنڌ جو پھريون سالڪ ۽ صوفي شاعر جنھن جوڳيءَ، جو لفظ جاڳائڻ واري يا جاڳائيندڙ، (خواب غفلت مان بيدار ڪندڙ) لاءِ ڪم آندو آھي، سو قاضي قاضن (1551ع) آھي. انھيءَ کان پوءِ لاڳيتو ايندڙ سنڌ جي سڀني صوفي شاعرن، ويندي سچل، روحل، بيدل، نانڪ يوسف ۽ خود شاھ ڀٽائي به جوڳين سنديءَ ذات، کي ڳايو وڄايو آھي. رسالي شريف جي سُر کاھوڙي، پورب ۽ يمن ڪلياڻ وغيره ۾ اھڙا بيت عام آھن. سُرود رامڪليءَ ۾ ته خاص طرح سان بِکياري ۽ پينار، نانگا ۽ ناٿ، جوڳي ۽ ويراڳي، رمتا ۽ سيلاني، سير ۽ سفر، گودڙي ۽ مالھا، توڙي جوڳ ۽ تپسيا جوئي بيان آيو آھي. (بلڪ بُلھا شاھ ته جوڳين جون رمزون ۽ راز، ڪرامتون ۽ ڪشالا، توڙي منزلون ۽ مرتبا پڻ ڳايا ۽ سمجھايا آھن). ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي محققانه مقالي (ھندي ۽ سنڌي شاعريءَ جو لاڳاپو) ۾ مٿين مڙني بزرگن جي ڪلام جا مثال ڏيئي انھن تي عالمانه بحث ڪندي، ھن نتيجي تي آيو آھي ته: ”صوفين ۽ يوگين ۾ ترڪ ۽ تجريد جا اصول مشترڪ ھئا- صوفين وانگر يوگين وٽ به گُرو ۽ چيلي، جي تعلق ۽ آداب جي اوتري ئي قدر ۽ قيمت ھئي، جيترو مرشد ۽ مريد، جي. ساڳئي طرح گروءَ جي چيلي کي تلقين ۽ ھدايت جي به وڏي اھميت ھئي. انھيءَ حقيقت تي ڪتاب گورک ٻڌ، شاھد آھي، جنھن ۾ گرو چيلي جي گفتگو قلمبند ٿيل آھي: چيلو گورک ناٿ سوال، ڪري ٿو، جنھن جا جواب ڏيندي سندس گرو مڇندر ناٿ اپديش ڪري ٿو… سنڌ ۾ ھنن سيلاني فقيرن جي آمد و رفت ۽ سنڌ جي سالڪن سان سندن ملاقاتن تي سنڌي ٻوليءَ جا ڪي قديم اصطلاح شاھد آھن، جي سندن تحريڪ عقيدي ۽ عملن جي نالن يا معنائن پويان رائج ٿيا… مٿينءَ مختصر وضاحت مان معلوم ٿيندو ته ھن يوگي پنٿ جي اعتقادن ۽ اصولن، جي سندن تبليغ ۽ ڪلام ذريعي پکڙيا. سنڌي صوفيانه شاعري جي الفاظ، اصطلاحات ۽ فڪر تي ڪيتريقدر اثر وڌو آھي“.[7] ڪن جي خيال ۾ ته خود صوفين جو زھد، سوبه اصل ۾ جوڳين جوئي جُھد، آھي.[8] عالم اسلام جا علماءَ ۽ مفتي سڳورا، شرع شريف جي احترام ۽ حفاظت خاطر، انھن تي تمام ڪڙي نظر رکندا ۽ تعزيرون ڏيندا رھيا آھن. الجاحظ (نائين صدي) انھن کي زنديق، جي نالي سان سڏيو آھي، سي اسلام جي ڪنھن به فرقي سان تعلق نٿا رکن اھي سامي ڇڏي سانگ، وڃي گڏيا گورک ناٿ کي.[9]

ھتي ھڪڙي ڳالھه جو اعتراف ڪرڻ  لازمي آھي: ھن سلسلي جي اڳين قسطن وانگر، خود ھن مضمون ۾ به مواد مڙيوئي ھڪ طرفو يعني ھندن جي ئي لکيتن تان ورتل آھي ۽ ٻئي طرف کي ڄاڻي ٻجھي به نظر انداز ڪيو ويو آھي، جي اتفاق سان ڪنھن انگريز يا ٻئي ڪنھن جو اشارو آيو به آھي ته اھو پڻ انھن ئي ڪتابن ۾ ڪم آندل ۽ قبول ڪيل آھي. مٿي جيڪي به حوالا ۽ اقتباس آيا آھن، اھي اڪثر ڪري پنھنجي اصل جو اکري ترجمو آھن. ھن محدود مقالي ۾ انھن تي وڌيڪ تبصري ۽ تنقيد جي گنجائش ڪجھه گھٽ آھي. تنھن ھوندي به ھتي اھڙو ڪَچو مال ميڙي ڪٺو ڪيو ويو آھي، جيڪو وڏن ودوانن ۽ عالمن جي ئي تحقيق ۽ کوجنا جو ڦل آھي. انھيءَ ۾ ڪي اھڙيون انوکيون تاريخي حقيقتون به آھن، جيڪي اسان جي ادبي تاريخن جي روشنيءَ ۾ نيون نظر اينديون. اسان جا عالم اديب انھن مان ڪھڙا نُڪتا اگھائيندا، اھو ته استادن جي اختيار آھي، مگر ممڪن آھي ته سنڌيءَ جي اوائلي شاعريءَ بابت انھيءَ ڪَچي مال، مان به ڪجھه مدد ملي وڃي. انھيءَ اميد سان ئي اھو ڪٻاڙين وارو ڪم ڪيو ويو آھي- جي زندگي رھي ته انشاءَالله، ايندڙ قسط ”سنڌي شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ“ جي لکڻ جي ڪوشش ڪبي. اول خير.


 

(ث) مقالي ۾ آيل واقعا ۽ سن

CHRONOLOGY

 

810-805 ق. م.

سيميراميس جي سنڌ تي ڪاھه

(800-؟) =  =  

مھاڀارت واري جنگ

ستين صدي

ھوشنگ ايرانيءَ جو سنڌ تي حملو.

558-530=  = 

سائرس اعظم جي حڪومت.

558=  =      

مھاتما ٻڌ جي ولادت.

530-522  =  =

ڪئمبس جي حڪومت.

522-486

دارا اعظم جي حڪومت.

522=  =      

ڌرم چڪر ورتڻ، ( دين جو چرخو چالو ٿيڻ. )

486-465=  = 

زر ڪيز جي حڪومت.

483=  =      

کان برھمي لپي جون ابتدائي ۽ تجرباتي ڪوششون.

(؟)=  =       

ويد لکجڻ لڳا.

478=  =      

مھاتما ٻڌ جو چالاڻو.

384-354 =  =

ڪالاسُڪ (ڪاڪورڻي.)

378     =  = 

ٻي ٻوڌي مجلس .

325-324 =  =

سڪندر جو سنڌ تي قبضو.

321   =  =   

پاتال بندر مان يونانين جي خلاف بغاوت اٿي.

316    =  =  

سنڌ تان يوناني قبضو ختم ٿيو.

306    =  =  

چندرگپت موريا ۽ سئليوڪس نڪئٽر جي مائٽي.

300-273  ق م

بندو سار موريا جو راڄ.

273-236   =  =

اشوڪ جو راڄ.

254   =  =    

ٽيون ٻوڌي ميڙ.

217  =  =     

چين ڏي تبليغي انجمنون.

200  =  =     

راجا ساليسڪ موريا.

187   =  =    

موريا حڪومت جو خاتمو.

186-165 =  = 

ڊيميٽيريس بختيءَ جي سنڌ تي حڪومت .

165-160  =  =

ملڪه ائگاٿو ڪليئا جي سنڌ تي حڪومت .

160   =  =   

ائگاٿو ڪليئا جي مينادر سان شادي.

151   =  =   

مينادر جو پاٽنا تي حملو ۽ پُشيه متر جو موت.

150  =  =    

ملنڊا پنھو، جو لکجڻ.

ٻي صدي =  =

سُر سنگيت ( ڇند ) جي شروعات.

150  =  =     

ايرين جو ُانڊيڪا ِلکڻ

137  =  =     

يوناني ڀڪشو سنگھه جو پاتال بندر کان سلون ڏي وڃڻ .

130  =  =     

مينادر اعظم جي وفات .

121  =  =     

مھاتما ٻڌ جو سونو پتلو چين پھتو.

110  =  =     

انٽيالسيڊس جو سنڌ تي حملو.

100 =  =      

اسٽريٽو اول ( مينادر جو پٽ ) ڀڪشو بڻيو.

90  =  =      

اپولوڊوٽس جي وفات.

80  =  =      

آسٽريٽو ثانيءَ جي تخت نشيني

پھرين صدي

ملنڊ پنھو مصر پھتو.

70  =  =     

اسٽريٽو اول جي وفات .

58  =  =     

شھنشاھه وِنون جي تخت نشيني ۽ ڀارت جو سنبت.

پھرين صدي=

پراڪرت ڇند ورڻ سنگيت، جو لکجڻ.

30  =  =      

باختري حڪومت جو زوال .

20  =  =        

اڀير ۽ سٿيا لوڪن جو سنڌ فتح ڪرڻ.

20  =  =      

کان شاھه موئيس (سٿين) جي سنڌ تي حڪومت.

عيسوي سن جو چالو ٿيڻ

پھرين صدي

رشي پنگل جي سوتر ڇندس جو لکجڻ.

20ع

شاھه موئيس جي وفات.

20-29ع

ايزس جي سنڌ تي حڪومت.

29ع

گنڊوفر (پارٿين) جو خيبر دري تي قبضو ڪرڻ.

29 يا 33ع

۾ سينٽ ٿامس جو سنڌ ۾ اچڻ.

29-40ع

ايلش جي سنڌ تي حڪومت.

37ع

سينٽ ٿامس سنڌ مان روانو.

40-50ع

ايزلس ٻئي جي حڪومت.

44-45ع

گنڊ وفر جو تخت باھيءَ وارو ڪتبو.

45ع

بحر عرب جي تجارتي ھوائن جي تحقيقات.

50ع

يوچي (ڪوشان) قوم جو سنڌ ۾ اچڻ .

50ع

سٿين حڪومت جي پڄاڻي.

50ع

گنڊ وفر جي وفات.

50-65ع

ڪُجلا ڪادفيس (ڪوشان) جي سنڌ تي حڪومت.

65-78ع

ويما ڪادفيسس ’ٻيو‘.

70-80ع

’پيري پلس‘ جو لکجڻ.

78ع

ڪنشڪ اعظم جي تخت نشيني ۽ سندس سنبت چالو ٿيڻ.

87-89ع

ڪنشڪ جون چين تي ڪاھون.

89-105ع

چين جو شھنشاھه ھوتي.

90ع

ڪنشڪ اعظم، چوٿين مجلس ڪوٺائي.

102ع

ڪنشڪ حڪومت کي ترڪ ڪيو.

ٻي صدي

مھاين فرتو شروع ٿيو ۽ نالندا يونيورسٽي قائم ٿي.

102-106ع

واجشڪ (جو شڪ) جي حڪومت.

ٻي صدي

اسواگھوش، اڀير ڀاشا جو وياڪرڻ ’ساريپترا‘ لکيو.

106-138ع

ھو شڪ (واسديو اول) جي حڪومت.

ٻي صدي

ڀڪشو آريه ديو، نالندا جو چانسلر بڻايو ويو.

120ع

سنڌ جي سُريلن سگھڙن جو وڏو وفد سرڪاري طرح چين ڏي ويو.

138-145ع

ڪنشڪ ’ٻئي‘ جي حڪومت.

140ع

ٽالميءَ جو ’جاگرافي‘ لکڻ.

145-176ع

واسديو ’ٻئي‘ جي حڪومت.

150-151ع

راجا ردر دامن اڀير جو جھونا ڳڙھه وارو ڪتبو.

181ع

اڀير جنرل (باپڪ جي پٽ) رُدر ڀوتيءَ جو ڪاٺياواڙ ۾ ڪتبو.

188-190ع

اسوردت اڀير ، پنھنجا سِڪا جاري ڪيا.

ٽين صدي

جئه ديو جو ’ڇندس شاستر

225-241ع

ارد شير بابگان.

230ع

واسديو ’ٽئين جي چين ۾ سفارت موڪلڻ .

239ع

ڪنشڪ ’چوٿون.

248ع

ڪنشڪ پنجين جي تخت نشيني.

248ع

سودت جي پٽ، راجا ماٿري پترا اڀير، ڪلاچاري (چيدي) سنبت جاري ڪيو.

ٽين صدي

يوگ چارا فرقو شروع ٿيو.

270-310ع

مئتريا ناٿ، جوڳ جو روحاني فلسفو پيش ڪيو.

278ع

ڪنشڪ ’ڇھين‘ جي تخت نشيني.

ٽين صدي

ڀرت منيءَ جو ’نٽيه شاستر‘

301-310ع

ساساني شھنشاھه ھرمزد (واسديو ’ڇھين‘ جي نياڻي پرڻيو.)

310-039ع

آچاريه اسنگ، نالندا جو چانسلر (جنھن جوڳ جو پرچار ڪيو.)

315ع

راجا سوامي داس اڀير.

346ع

تائين واسديو ستين، جي حڪومت.

چوٿين صدي

’ديپ ونش‘، پراڻ جو لکجڻ.

355ع

راجا ڀُلند، اڀير.

360ع

ڪنشڪ ’ستين‘، شاپور ٻئي، کي روم واريءَ جنگ ۾ مدد ڏني.

365ع

راجا ردر داس اڀير.

375-400ع

واسديو ’اٺون‘ اديب، ’جميعت الشعراءِ سنڌ‘ جو باني.

چوٿين صدي

سنڌ تي ساساني حڪومت.

400-411ع

فاھين جو دؤورو ڪرڻ.

پنجين صدي

ترئيڪُو تڪ اڀيرن جي ڪونڪن تي حڪومت.

404ع

راجا نروورمن، اڀيرو.

پنجين صدي

لليتا وجر، نالندا جو چانسلر بڻايو ويو.

421-500ع

واسو ٻنڌو –منطقي، چانسيلر.

450ع

کان راءِ گھراڻي وارن جون حڪومت لاءِ اوائلي ڪوششون.

پنجين صدي

گھيه سماج ( ڳجھو فرقو ) قائم ٿيو

= =

مھاونش پراڻ جو لکجڻ.

453ع

ھوڻ سردار اٽيلا قتل ٿيو.

455ع

راجا ڏاھر سين ترئيڪُوتڪ (اڀير) جو امرڪ ننگر وارو ڪتبو.

489ع

راجا ويا گھرسين تِرئيڪُوتڪ .

495ع

کان سنڌ تي راءِ گھراڻي جي حڪومت.

پنجين صدي

دوھي جو پھريون مڃيل شاعر جئند ’جوڳ سار‘ دوھا.

=  =   

ڊيناگ، منطقي – فلاسافر.

=  =  

منجسري مول ڪلپ (تنتر) جو لکجڻ .

502-515ع

ھوڻن جو سردار تورماڻ ڪشمير ۾.

515-530ع

مھر گل ھوڻ پنجاب ۾.

557-567ع

ولڀيءَ جو راجا گُھه سين.

563-567ع

ھوڻن جو خاتمو.

581ع

ڳائڻن جي وڏي ٽولي چين ۾ پھتي.

581-595ع

چين جو شھنشاھه ڪؤ تسُو.

618-907ع

چين ۾ ٽانگ حڪومت.

619ع

سسانڪه گپتا، مھاٻوڌي وڻ وڍرايو.

630-644ع

چينائي مسافر ھيون- ٽسانگ.

632ع

کان سنڌ ۾ برھمڻ حڪومت.

635ع

ڌرمپال، نالندا جي چانسيلر جوڳ فلاسافي تي ڪتاب لکيا.

ستين صدي

مڇندر ناٿ جو ”ناٿ پنٿ“

643-714ع

نيپال جو لڇوي راجا، نريندر ديو مڇندرناٿ جو معتقد بڻيو.

690ع

سرھاپا جي ولادت. 

700ع

ڀامھه جو ڪاويه لنڪار ( اپڀرنش).

750ع

کان سرھاپاءَ، سندس نئين ”تنتر- طريقي“ جو ھادي (امام) مڃيو ويو.

760ع

۾ سرھاپاؤ جي وفات.

770ع

سنڌ جا ڀڪشو بنگال ۾ (راجا ڌرمپال وٽ) وڃي پھتا.

778ع

۾ آچاريه اَديوتن سوري، ڪوليه ’مالا ڪھا‘ لکيو.

788-820ع

شنڪر آچاريه، ھندو ڌرم کي نئون روپ ڏنو.

802ع

راجڪمار سنندن، سياسي سفارت سان گڏ، سريلا ڳيت چوندڙ، چينائي درٻار ۾ تحفي طور پيش ڪيا.

836-885ع

راجا مھرڀوڄ (پرھياڙ).

893ع

کان مھيندرپال ’اول‘ (پرھياڙ).

نائين صدي

جئرام جو ’ڌرم پرڪش‘ (اپڀرنش).

= =

سويمڀو ڇندس.

900ع

ڪھنو پاؤ، (آچاريه).

900ع-1000ع

ڪويراج سيکر.

ڏھين صدي

ديوسين جا ‘ساويه ڌرم‘ دوھا.

912-931ع

راجا مھيپال پرھياڙ.

933ع

ديوسين منطق تي چو ’نياپِه چڪر‘ (اپڀرنش).

942ع

۾ پدم ڪيترتيءَ جو ’پاسناھه چاريو‘ (اپڀرنش).

942-995ع

مولراج سولنگي .

ڏھين صدي

لاکو ڦلاڻي مارجي ويو.

948-949ع

راجا ديوپال (پرھياڙ).

955ع

مھيپال ’ٻيو‘ (پرھياڙ).

ڏھين صدي

خوفناڪ زلزلو

965ع

پشپ دنت جو ’جسھر چاريو‘ (اپڀرنش).

972ع

پشپ دنت جو ’نايڪمار چاريو‘ (اپڀرنش).

987ع

ھري سين جو ’ڌرم پرکا‘ (اپڀرنش)

ڏھين صدي

سو راشٽر ۾ اڀيرن جو اوج.

ڏھين-يارھين صدي

سُمنگ چارڻ، سنڌيءَ ۾ دوھي جو پھريون مڃيل شاعر.

1024ع

محمود غزنوي سومناٿ فتح ڪيو.

1148ع

ڪلھڻ جي راڄ ’ترنگڻي‘.

1158ع

ھري ڀدرسوريءَ جو ’سنڪمار‘ چاريو (اپڀرنش)

ٻارھين صدي

پير پٺو ديبلي.

1331-1386ع

ساينه ماڌو، ويد وياس

چوڏھين صدي

شيخ حماد.

1398-1518ع

ڀڳت ڪبير.

پندرھين صدي

جوڳي ساڌنا ( سيوھاڻي).

1469-1538ع

گرونانڪ .

1551ع

قاضي قاضن جي وفات.

سورھين صدي

’الو پنشد‘ (اپنشد).

1930ع

۾ جيمس پرنسيپ پراڻي برھمي لپيءَ کي پھريون دفعو پڙھيو.


*  نيپال جو لڃوي راجا نريندر ديو(643- 714ع)، نيپالي ادب ۾ انھيءَ ڪري مشھور آھي، جو ھو مڇندر ناٽ واري فرقي جو حامي ھو، جيڪو نيپال جو مربي سنت بڻيو. (ڪلاسيڪل 132)

[1]  ڊاڪٽر محمد حسن: ھندي ادب ڪي تاريخ (عليڳڙھه 1955ع) ص 19 – 20.

[2] Praj: Historic PP. 215-216.

[3] Ibid P. 215.

[4] Ibid P. 262-263.

[5]  ڊاڪٽر محمد حسن: ھندي ادب ڪي تاريخ (عليگڙھه 1988ع) ص ص 20 – 22.

[6]  سماھي مھراڻ 1955ع جو نمبر 1

[7] سماھي مھراڻ 1955ع جو نمبر 1

[8] M.T. Titus: Indian Islam P. 149.

[9] Hitti: P.435.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com