سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1968ع

مضمون:

صفحو :6

رباعيون

پير سليم جان سرھندي

( 1 )

ھي عشق جي واردات، ڪنھن کي معلوم،

ھيءَ راز سندي بات، ڪنھن کي معلوم؛

پروانو ته ھڪ پَل ۾ ڏئي جان ڇٽو،

ڪيئن شمع تي گذري رات، ڪنھن کي معلوم!

( 2 )

مکڙيون کليون، ڏس آئي بھار, اي ساقي!

رندن کي ڀري جام، پيار, اي ساقي!

مونکي نه بھار گھرجي، نه مکڙيون، نه شراب،

مون ڏي تون رڳو مرڪي نھار، اي ساقي!

( 3 )

يارن جي روش کان گھڻو بدظن آھين،

دشمن جي ھٿان ملول، منھنجا مَنَ آھين؛

ڪو تنھنجو سڄڻ آھه نه دشمن جڳ ۾،

تون پاڻ پنھنجو دوست ۽ دشمن آھين.

( 4 )

غرقاب غمن ۾ سڄي دنيا آھي،

ڳڻتيءَ کان ڪو آزاد نه اصلا آھي؛

ڪر ترڪ تمنا ته ڇٽين ڳڻتيءَ کان،

ڳڻتين جو سبب، تنھنجي تمنا آھي!

( 5 )

انعام چون ٿا، وڏي دولت آھي،

اعزاز وڏو جڳ ۾ حڪومت آھي؛

جي سچ پڇين، آھن ٻئي جنجال وڏا،

نعمت وڏي اي دوست، قناعت آھي!

حافظ ”احسن“ چنا

( 1 )

طاعت ۾ ريا، فريب شيطاني آھه،

بي فائده شغل صبح گرداني آھه،

نادان نه ٿي تون، پر ٿي داناءُ، زاھد،

داڻن جو ڳڻڻ تنھنجي ھيءَ ناداني آھه.

( 2 )

ڪر زندگيءَ ۾ عشق جي دولت حاصل،

ڇڏ غير کي، ڪر حق جي طاعت حاصل،

ريءَ عشق حقيقي جي نه ڪر عمر زيان،

بي درد کي ٿئي ڪين سعادت حاصل.

( 3 )

.اقبال کي ناھي ڪو زماني ۾ بقا،

ھڪجھڙو رھي ڪين ٿو اقبال سدا،

اقبال کي تون اُبتو ڪري ڏس ته ذرا،

صورت ۾ سو ’لابقا‘، ٿيو آھه صفا.

”مون کي ھي ڏسي انتھائي مسرت ٿي آھي ته پاڪستان رائيٽرس گلڊ جو پھريون ساليانو اجلاس 31 جنوري 1960ع تي ڊاڪا ۾ ٿي رھيو آھي. اڄوڪي ڏينھن تي، گذريل سال، مون رائيٽرس گلڊ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ھئي. اڄ مان نھايت دلچسپيءَ سان گلڊ جي ارتقائي منزلن کي ڏسڻ لاءِ چشم براه آھيان. مان نھايت خوش آھيان، ۽ اوھان جي ڪاميابيءَ سان گڏ اديبن ۽ شاعرن جي بھبوديءَ ۽ ترقيءَ لاءِ ھڪ منظم ۽ صحتمند ادارو قائم ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ منھنجي دلي مبارڪ قبول فرمائيندا. مون کي يقين آھي ته اوھان جھڙا اديب ۽ عالم ھرو ڀرو ڪنھن مشوري جا محتاج نه ھوندا، پر جي اوھين مون کي اجازت ڏيو ته ھوند ھڪ اھم ڳالھه بطور مشوري جي عرض ڪري ڇڏيان. اُھا اِھا ته اوھان جو فڪر آزاد

 

آھي، تنھنڪري اوھين پنھنجي تاثرات کي نھايت آزاديءَ سان لکو ۽ پنھنجي ماحول کان آزاد نموني ۾ متاثر ٿي، پنھنجي گرانقدر خيالات کي ظاھر ڪريو: ڪنھن به خوف يا ڪنھن به مصلحت کي اڳيان آڻي، پنھنجي ذھن کي ملوث ۽ ڪُند نه ڪريو. مان پنھنجي طرفان اوھان کي يقين ٿو ڏياريان ته اھو ممڪن آھي ته ذاتي ۽ انفرادي طور تي منھنجو اوھان سان اختلاف ٿي پوي – حتا ڪه احتجاج به ڪري سگھان ٿو – پر ان سان گڏو گڏ اھو يقين پڻ ڏياريان ٿو ته مان اوھان جي حقن جي حفاظت ڪندس، بشرطيڪ اھو وطن عزيز جي مفاد جي خلاف نه ھوندو.“

- فيلڊ مارشل محمد ايوب خان، صدر پاڪستان.

]پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي پھرئين سالياني اجلاس، منعقده ڊاڪا، 31-جنوري 1960ع لاءِ پيغام.[

2

        1. سنڌ جي تاريخ جا چند واقعا      

                        - سيد حسام الدين راشدي

 

        2. پراڪرتي شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ

                        - محرم خان ايم. اي.

”’ادب‘ جي فني تعريف کي اگر تمام ٿورن لفظن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، ته پوءِ رڳو ائين چوڻ ئي ڪافي ٿيندو ته ”ادب جو منصب آھي زندگيءَ جي تعمير پسند معيارن کي، از سرِ نو ڳولڻ ۽ انھن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ.“

”ڳالھه آھي به بلڪل ائين، ادب ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ نھايت مضبوط فني ۽ تنقيدي رشتو قائم ٿيل آھي.ھزارن طرفن ۾ منتشر ۽ اڻ سھيڙيل زندگيءَ ۽ ان جي مختلف مسئلن کي سھيڙڻ ۽ سميٽڻ جي سلسلي ۾، متمدن ۽ مھذب انسان، ادب کان وڌيڪ ڪوبه ماثر ۽ مفيد ذريعو پيدا نه ڪيو آھي. ’ادب‘ ھر دور ۾ زندگيءَ جو ترجمان رھندو آيو آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو جڏھن اسان ادب جي قدرن جو ذڪر ڪريون ٿا، تڏھن ان مان اسان جي مراد ’زندگيءَ‘ جا قدر ئي آھي. ان کان ٻاھر ٻيو ڪوبه مفھوم نه ٿو رھي. زندگي به ھر لحظي تي نئون موڙ اختيار ٿي ڪري، ايتريقدر جو اڪثر وقتن تي ، ان تبديليءَ جو اسان کي احساس ئي نه ٿو رھي. ان غير محسوس طرح سان، نئين موڙ کي اختيار ڪرڻ ۽ تبديليءَ کي قبول ڪرڻ  کي معاشري جي ھڪ  داخلي ڪيفيت ئي چئي سگھجي ٿو. ان جا خدوخيال ان وقت ئي نمايان ٿين ٿا، جڏھن تغير جو عمل ڪنھن فيصله ڪن عروج تي پھچي وڃي ٿو. ان وقت ئي اسان کي احساس ٿئي ٿو ته زندگي بدلجي چڪي آھي ۽ زندگيءَ سان گڏ ان جا قدر به بدلجي چڪا آھن!“ – غ . م. گ.

سيد حسام الدين راشدي

سنڌ جي تاريخ جا چند واقعا

]جناب پير حسام الدين راشديءَ جي علمي شخصيت ڪنھن به رسمي تعارف جي محتاج نه آھي. سندن علمي ۽

تحقيقي سرمايو، بين الاقوامي شھرت حاصل ڪري چڪو آھي. سنڌ جي تاريخ تي سندن ھر تحريرسنَد جي حيثيت حاصل ڪري چڪي آھي.بر صغير ھند-پاڪ جي وڏي محقق ۽ مورخ، علامه سيد سليمان ندوي رحه، کين ”قابل فخر مورخ‛‛ سڏيو آھي.سندن فارسي، اردو ۽ سنڌي زبان ۾  تاريخي تاليفات، تصنيفات ۽ محققانه تحريرن کي بر صغير جي محققن کان علاوه، مستشرقين به پسند ڪيو آھي. پير صاحب، سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ شعري خزاني مان ڪيئي نادر ۽ ڪمياب مخطوطا ھٿ ڪري، علمي مقدمن ۽ محققانه تعليقات ۽ مورخانه حواشي سان سينگاري پيش ڪري چڪو آھي؛جن مان زياده تر سنڌي ادبي بورڊ جي پاران شايع ٿيا آھن. انھن مان ”مڪلي نامه“، ”تذڪره امير خاني“، ”مقالات الشعراء“، ”تُڪمله الات الشعراء“، “مثنوي چنيسر نامه“، ”مثنوي مظھرالاثار“، ”مثنويات وقصائد قانع“، ”تاريخ مظھر شاھه جھاني“، ”ترخان نامه“، ”منشور الوصيت“، ”ھشت بھشت“، ”حديقة الاولياء“، ”روضته السلاطين“، سندن شاھڪار سڏي سگھجن ٿا. سندن محققانه ۽ علمي خدمتن جي قدر افزائي ڪندي، کين شھنشاھه ايران رضا شاھه پھلوي ’آريه مھر‘، ”نشان سپاس- درجه اول“ عطا ڪيو آھي. ۽ پاڪستان پاران کين ”ستارهء امتياز” سان نوازيو ويو آھي.

پير صاحب جن 1911ع ۾،  ڳوٺ بھمڻ، ضلعي لاڙڪاڻي، سنڌ ۾، سنڌ جي مشھور راشديه خاندان ۾ پيدا ٿيا. اوائلي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سندن تعليم ۽ تربيت جو مدار ’ذاتي مطالعه‘ تي رھيو آھي. پاڻ سنڌي، اردو، عربي، انگريزي ۽ فارسي زبانون ڄاڻن ٿا. سندن ڪتب خانو، ملڪ جي مشھور علمي ڪتب خانن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. مشرق وسطيٰ ۽ يورپ جي علمي لائبررين مان ڪيترن علمي ۽ تاريخي ڪتابن تان ميڪرو فلمون آنديون اٿن، جي ناياب ۽ محققانه ڪتابن تي مشتمل آھن. اوائلي دور ۾ صحافت سان وابسته رھيا، ۽ پنھنجي وڏي ڀاءُ، محقق، مورخ، سياستدان، اديب جناب پير علي محمد راشدي صاحب سان گڏ ”ستاره سنڌ“ (سکر) کي عروج تي پھچايائون. سندن علمي ۽ محققانه رابطا، مشرق ۽ مغرب جي علمي سرچشمن سان استوار آھن. ھن وقت ڪراچيءَ ۾ مقيم آھن ۽ نادر علمي مخطوطن جي ايڊٽ ڪري رھيا آھن. –ادارو.[

]سنڌ جي ادبي تاريخ سان تعلق رکندڙ چند منتشر واقعا ھن ھيٺ ڏجن ٿا، جيڪي نھايت اھم ۽ ضروري آھن، جي اسان جي تاريخ تي نئين روشني وجھن ٿا، اميد اٿم ته تحقيق ڪندڙن لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيندا.[

1. خسرو چرڪس جي وفات ۽ مدفن

جاني بيگ ۽ ميرزا غازي بيگ ترخان جي امير، ميرزا خسرو بيگ چرڪس جي نه وفات جي تاريخ معلوم آھي ۽ نه اھا سُڌ اٿئون ته ڪٿي دفن ٿيو؟ سنڌ جي تاريخ مان ڪو ڏس پتو نه ٿو پوي. مڪلي نامه[1] ۾ سندن متعلق مواد ڪٺي ڪرڻ ۾ وس پڄندي راقم ڪوتاھي ڪانه ڪئي آھي، ليڪن انھيءَ ڏس ۾، انھيءَ زماني ۾  ڪٿان سڌ پئجي ڪانه سگھي. مڪلي نامه ۾ سندن آخري دور متعلق ھيٺين ٽن روايتن تي اڪتفا ڪئي وئي آھي:

- چون عبدالعلي ترخان و خسرو خان وغيره…

بنظر اشرف اقدس (جھانگير پادشاھه) گذشة اند،

حڪم شد که: عبد العلي (ترخان) وخسرو خان و پسرش،

را محبوس سازند… خسرو خان دربندي خانه فوت شد-[2]

ٻي روايت آھي:

- خسرو باجميع توابع و لواحق ميرزا غازي، بدار البرڪة اجمير بملازمت پادشاهه عالم رسيد…_‘[3]

 

آخري روايت تحفة الڪرام جي آھي:

- وبقولي وي از تته سوي بندر لاھوري شد و از اينجا به ايران شتافته وبقولي ھمين جا در گذشته–[4]

ميرزا غازي جي فوت ٿيڻ (1021 ھه) بعد ميرزا خسرو چرڪس، عبدالعلي ترخان کي سنڌ جي تخت تي ويھاريو. جھانگير بادشاھه ميرزا رستم صفويءَ کي ٺٽه جو حاڪم مقرر ڪري سنڌ ڏانھن اماڻيو، جنھن جي پھچڻ بعد عبدالعلي ترخان ميرزا خسرو چرڪس کي ارغونن ۽ ترخانن جي سموري قبيلي ۽ ڪٽڪ سميت گرفتار ڪري مير عبدالرزاق معموري اجمير ڏانھن جھانگير بادشاھه جي سامھون پيش ڪرڻ لاءِ وٺي ھليو. بادشاھه جي ڪيتري وقت کان اتي منزل ھئي.[5] عبدالرزاق 26 – ربيع الاول 1022 ھه (جمعرات) جو زوال ۾ آيل قافلي سميت شاھي حضور ۾ حاضر ٿيو. انھيءَ کانپوءِ جيڪي ڪجھه خسرو چرڪس تي وھيو واپريو، ان لاءِ مٿيون روايتون تاريخ جي ڪتابن ۾ ملن ٿيون.

تازو ھندستاني دانشمند جناب S.A.I. Tirmizi  دھليءَ منجھان (1968ع) ۾Ajmir   (Through inscriptions) نالي ڪتاب شايع ڪيو آھي، جنھن جي ذريعي مذڪوره مسئلي جي عقده ڪشائي ٿي آھي.

معلوم ٿئي ٿو ته ميرزا خسرو اجمير ۾ پھچڻ بعد، نظربند يا آزاد رھي، پنھنجي زندگي اتي پوري ڪئي، ۽ وفات بعد دفن پڻ اتي ٿيو. خوشبختيءَ سبب سندس قبر اڄ تائين موجود ۽ محفوظ آھي. ترمذي صاحب جو قول آھي ته حضرت خواجه معين الدين اجميريءَ جي مقبري جي ويجھو خواجه نظام الدين محبوب الاھي دھلوي جي حجري سان لڳ ميرزا جو مدفن آھي. قبر پڪي پختي آھي، جنھن تي چئن ٽڪرن
 


جو تاريخي ڪتبو سائيز (
2 ½ x 53)  موجود آھي. نستعليق خط ۾ ڪتبي جا شعر ھن ريت آھن

1. آَن خسرو خان، که دست جودش،
    از دل، غم فقر و فاقه ميشست.
 

2. از خطھءِ سند بود، عمري،
      بس گوھر عدل و داد را سفت.

3. آخر، بگذاشت اين جھان را،
      خود رفت، و بعالم بقا خفت.
 

4. از دل، جستم چو سال فوتش،
    جايش بھشت! ھاتفم گفت. [6]

جايش  بھشت، منجھان 1023ھه سال نڪري ٿو، ليڪن ترمذي صاحب جيڪا پڙھڻي ڏني آھي، ان ۾ مصرعو وزن ۾ ساقط لڳي ٿو. ڪتبي جي تصوير ڏسڻ سان پڻ ظاھر آھي ته لفظ ’بھشت‘ جي اڳيان ھڪ لفظ ضايع ٿي ويل آھي. مصرعو وزن جي لحاظ سان ھن ريت درست ٿيندو:

 

جايش به بھشت! ھاتفم گفت.

 

جنھن مان سال 1028ھه نڪري اچي ٿو، بظاھر اھوئي خسرو جي فوت ٿيڻ جو سال آھي. گويا خسرو 1022ھه ۾ اجمير پھتو، ست سال کن زنده رھي 1028 ھه ۾ فوت ٿيو. انھيءَ سال جھانگير بادشاھه ڪشمير جي سفر ۾ ھو، ۽ خسرو جو وڏو پٽ ميرزا لطف الله ڀائي خان- جنھن تي ميرزا غازيءَ کي زھر ڏئي مارڻ جو الزام ھو- پڻ شاھي رڪاب ۾ ھو.

پڙھندڙن جي ملاحظي لاءِ ڪتبي جي تصوير ڏني وڃي ٿي. ميرزا خسرو پنھنجو ۽ پنھنجي خاندان جو مدفن مڪليءَ تي جوڙايو ھو، جيڪو ھن وقت ’ست چڙھڻيءَ‘ جي نالي سان معروف آھي. جنھن جي خوبصورتيءَ جي تعريف ”مڪلي نامه‛‛ اندر نظم ۽ نثر ۾ ڪئي وئي آھي. پھريون شعر آھي:

رسد اين جا، اگر ارواح قدسي،
شود با زمره سيار انسي. [7]

ليڪن خدا جو شان آھي، اتي کيس مٽيءَ پنوڙو نصيب نه ٿيو.اھڙيءَ ريت نه ڄاڻي پُٽس ڀائي خان کي ڪھڙي ملڪ جي زمين پنھنجي پيٽ ۾ جاءِ ڏني؟ سال 1032ھه ۾ مغربي خاند يش طرف ننديار ۾ خانقاه جوڙائيندي سندس ڏس پوي ٿو.[8]

(2) ڄام جوڻي جو شعر

سال 767 ھه ([9]) ۾ سنڌ جو والي ڄام جوڻو، صلح بعد فيروز تغلق جي سامھون آيو. بقول تاريخ فيروزشاھي: ھن فيروز جي اڳيان پنھنجو ھڪ فارسي مصرعو پڙھيو، سراج عفيف جي عبارت ھيءَ آھي:
- چون جام به آرزوي تمام پايبوس شھريار عظام ڪرد شهنشاهه بر سمند عزت سوار بود، در مقام مسرت جولانگري مي نمود. دست مبارڪ خود بر پشت جام فرود آ رد وڪلام بلينت تمام بر آورد.
جام، زبان بعجز ڪشاد وآنچه بي فرمائي ڪرده بود يڪ يڪ بدرگاھه عالم پناه باز نمود. دراين محل جام اين مصرعه خود خوند، و آن اينست:

شھه بخشنده توئي، بنده شرمنده منم.[10]

’فيروز شاھي‘ جي انھيءَ لکت جي آڌار تي سڀ کان پھريون ڊاڪٽر سدا رنگاڻي پنھنجي قيمتي ڪتاب Persian Poets of Sindh جي صفحي 10 تي، اھو مصرعو ڏئي ڄام کي سنڌ جي قديم ترين فارسي گو شاعرن ۾ شمار ڪيو آھي.جيئن ته فيروزشاھي جا الفاظ آھن،- اين مصرع خود- ان صورت ۾ ائين ئي سمجھڻ مناسب به ھو. سدارِنگاڻي بعد راقم ساڳو اطلاع ’مڪلي نامه‘ ۾ (ص 106) درج ڪيو، ۽ ٻيھر ايران شناسن جي تھران واري ڪانگريس ۾ پڙھيل پنھنجي مقاله ”سنڌ ۽ ايران جا تعلقات“ ۾ پڻ انھيءَ روايت جو اعادو ڪيو.

تازو ديوان امير حسن سجزي پڙھندي ظاھر ٿيو ته اھو مصرعو در حقيقت امير مذڪور(603-738ھه) جي ھڪ غزل جو آھي. سراج عفيف ڄام جوڻي سان فيروز تغلق جي صلح ڪرڻ واري واقعي کي ’فتح‘ جي غلط رنگ سان پيش ڪندي، حسن سجزيءَ جو مصرعو، صورتحال کي تقويت ڏيڻ خاطر ۽ مناسبت جي لحاظ سان، ڄام سان منسوب ڪري ڇڏيو آھي.سڄو غزل ھن ريت آھي:

باز مين آيم وسر در قدمت ميفگنم،

”مير بخشنده توئي! بنده شرمنده منم.“

 

رفتني رفت، ببخشاي که باز آمده ام،

گر تو دستم ندھي! دست بپاي که زنم.

 

بوي رحمت، زغبار قدمت مي يا بم،

رخت اميد به کتف کرمت مي فنگنم.

 

خويشتن را بسر کوي تو، افگندم باز،

زانکه تا بي تو ھمين باشم بي خويشتنم.

 

دوستي در تو، مايه ايمان منست،

ميڪشدھم، بسر کوي تو حب وطنم.

 

ھيج انده نبود، در دلِ گورم، والله!

تا ز اندوه تو پيوند بود بر کفنم.

 

چہ شد آخر؟ که خداوندي خود کم کردي،

جانِ من! من نه ھمان بنده مسڪين حَسَنم.[11]

عفيف واقعي کي جيڪو رنگ ڏنو آھي، تنھن تي سڄو غزل ٺھڪي اچي ٿو، ڀانئجي ٿو ته کيس ھڪ ئي مصرعو ياد رھيو، ورنه پورو غزل لکڻ کپندو ھئس.

3. سنڌ جون ٻه شھزاديون

بيبي مغلي ۽ بيبي مرڪي سنڌ جي سمي بادشاھه ڄام جوڻي ثانيءَ (تغلق شاھه) جون نياڻيون ھيون. [12] ڄام خانداني خلفسار سبب ٻنھي نياڻين جي سڱابندي گجرات ۾ ڪري ڇڏي، جيئن وقت سر گجراتي سلطانن جي ھمدردي ۽ امداد ساڻس رھي.

بيبي مغليءَ جو نڪاح سلطان محمد واليء گجرات (846-855ھه) سان پيو ۽ بيبي مرڪي حضرت قطب عالم (790-858ھه) جي فرزند حضرت شاھه عالم (817-880ھه) جي عقد ۾ ڏني وئي. اھي نڪاح سال 48-847ھه ڌاري ٿيا. بيبي مغليءَ مان سال 849 ھه ۾ فتح خان پيدا ٿيو، جيڪو اڳتي ھلي گجرات جو ناميارو بادشاھه ٿيو، ۽ تاريخ ۾ سلطان محمود بيگڙي (از 17 رجب 863ھه تا 917ھه) جي سدا حيات نالي سان مشھور آھي. بيبي مرڪيءَ کي ٽي اولاد ٿيا 1- بيبي امان 2- بيبي وچين ۽ 3- بيگ محمد عرف سيد ڀيڪڻ، جيڪو پنھنجي والد صاحب ۽ ڏاڏي جيان برگزيده شخص ٿيو.


[1]  مڪلي نامه 195-232. (3) مڪلي نامه ص 270-271.

[2]  مڪلي نامه 209، ترخان نامه 94.

[3]  ذخيرة الخوانين خطي 163.

[4]  خطي ص 65.

[5]  مڪلي نامه 270-271

[6]  ص 34 تصوير مقابل ص 33 شماره VIII

[7]  متن مڪلي نامه ص 30

[8]  مڪلي نامه ص 230

[9]  مڪلي نامه ص 104.

[10]  فيروز شاھي 246 انھيءَ واقعي جو تفصيل مڪلي نامه جي حاشين ۾ ڏسڻ گھرجي.

[11]  ديوان ص 256 مطبوعه حيدرآباد دکن 1352ھه

[12]  ڏسو مفصل احوال مڪي نامه – ص 119 تا 126 ۽ شجرو (ب) سمن سلطانن جو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com