سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1968ع

مضمون:

صفحو :7

سلطان محمد واليءِ گجرات 20 محرم 855 ھه جو انتقال ڪيو، ۽ بيبي مغلي خانداني فساد سبب پنھنجي پٽ سميت نڪري اچي پنھنجي ڀيڻوئي حضرت شاھه عالم جي پناھه ۾ رھي. بيبي مرڪي 58-857ھه ڌاري انتقال ڪيو، ۽ وقت جي ضرورت سبب شاھه عالم بيبي مغلي کي پنھنجي عقد ۾ آندو.

اھي ٻئي شھزاديون وفات بعد احمد آباد جي لڳ پنھنجي والد ڄام جوڻي جي مقبري ۾ دفن ٿيون. اھو مقبرو پراڻيءَ اساول ۾ سابرمتي نديءَ جي ڪناري تي قطب پور جي قريب آھي. ٻنھي شھزادين جون قبرون اڃا تائين موجود آھن. بيبي مغليءَ جي قبر سفيد سنگ مرمر جي آھي ۽ بيبي مرڪيءَ جو مرقد سياھه سنگ مرمر جو آھي. ٻنھي تي چٽساليءَ جو لاجواب ڪم ٿيل آھي. ٻنھي قبرن جو فوٽو ھتي ڏنو وڃي ٿو.[1]

4. شاھه حسن ارغون جي تاريخ وفات

تازو راقم ”روضة السلاطين“ (سنڌي ادبي بورڊ) شايع ڪري چڪو آھي. شاھه حسن ارغون جي وفات جو قطع تاريخ ان ۾ شايع ڪرڻ کان رھجي ويو آھي. اھو قطعو انھيءَ دؤر جي مشھور شاعر قاسم کاھيءَ جي تصنيف آھي. محفوظ رکڻ خاطر ھيٺ ڏنو وڃي ٿو:

چون شاھه حسن پادشہِ ارغوني،

زين بحر بر آمد چو، در مڪنوني،

تاريخ وفاتش زخرد جستم، گفت:

دردا ڪهه، برون رفت شہِ ارغوني!

ارغونيءَ (1267) منجھان شه (305) جا عدد ڪڍبا ته حاصل 962 ھه ٿيندو، جيڪو شاھه حسن جي وفات جو سال آھي.[2]

5. مير حسين علي خان ٽالپر ۽ خادم بردواني

منشي محمدي ’خادم‘ تخلص بردوان جو رھاڪو، فارسيءَ جو شاعر ۽ پنھنجي دور جو مشھور خطاط ھو. سندس فارسي ديوان 1302ھه (84-1885ع) ۾ مطبع قادريه ڪلڪتي مان شايع ٿيو آھي[3]، جنھن ۾ سرڪار دولت مدار مير حسين علي خان ”حسين“ بن سرڪار مير نور محمد خان بن سرڪار مير مراد علي خان ٽالپور جي مدح ۾ ”خادم‛‛ جا چيل ٻه قصيده موجود آھن.

سرڪار مير حسين علي خان پاڻ به خوش ذوق شاعر ۽ مصنف ھو. فارسي ۽ اردوءَ ۾ ٻه ديوان سندس يادگار آھن. آزاد سنڌ جي بادشاھت جڏھن انگريزن جي ھٿان ختم ٿي، تڏھن سرڪار مير حسين علي خان به ٻين شاھي قيدين سان گڏ ڪلڪتي وڃي باندي ٿيو. پاڻ 26- ربيع الاول 1295 ھه (1878ع) ۾ جھان ڇڏيائين ۽ حيدرآباد ۾ سرڪار مير ڪرم علي خان جي پھلوءَ ۾ دفن آھي.

’خادم‘ بردوانيءَ جا قصيدا جنھن صورت ۾ ٽالپورن جي ادبي تاريخ جو حصو آھن، تنھنڪري ھن ھيٺ ڏجن ٿا، جيئن سنڌ تي لکندڙن کي ضرورت وقت ڪم اچي سگھن.

کيسکہ طالع او سعد و ڪامران آمد

ببزم ھمچو تو، شھزادهء جھان آمد

من اي زمان کہ، زمين بوس درگھت گشتم

کلاه گوشہ بختم بر آسمان آمد (3)

خدا يگانا! بمدحت ڪنم چه انشاي

کہ طبع مدح گِرم، قاصر ازبيان آمد

توئي ڪه، فتح به پيش سياه تو، بدويد

ظفر رڪاب تو بگرفة درعنان آمد

بروز معرڪه خصمت نداشت پاي گريز

زدست حمله سرش برسر سنان آمد

چه حمله ڪه، زمين يڪدگر بخود لرزيد

زترس رعشه بر اندام آسمان آمد

زسھم، پر بھم  آورد نسر طائر چرخ

چو تير مرغ تو، درخانه ڪمان آمد

حسود جاه، به پيشِ پلنگ ھيبت تو

زبون و خوار، چو روباه ناتوان آمد

سرير جاه تو از اوج آسمان بگذشت

ڪه پايا اش به سر فرق فرقدان آمد

پي تياق، ڪمر بسته تا سحر مريخ

ببارگاه جلال تو، پاسبان آمد

بعھد عدل تو، شاھين ز بھر بچه ڪبڪ

گرفته طعمه بچنگل، در آشيان آمد

جھان، مسخر حڪم ِ تو گشته است يڪسر

ھواي بندگيءَ تو بن انس و جان آمد

به پيش حڪم تو، خاڪست ھمچو باد، سبڪ

چو خاڪ باد بعزم تو سرگران آمد

خدا يگانا! چه گويم  زحان خويش ترا

دلم زدست جفاي فلڪ بجان آمد

ستيز او، بمن دلفگار تا باشد

به بين! ڪه تيغ جفايش باستخوان آمد

پناه مي برم، اينڪ بزير سايه تو

ڪه ھر ڪه مستظلِ تست، ڪامران آمد

ڪيسڪه، از ڪفِ جودِ تو بھره حاصل ڪرد

قدم گھش بسرِ گنج شايگان آمد

زدستِ جودِ تو، اي انجمن طراز ڪرم!

چه بحر و ڪان ھمه در شورش و فغان آمد

چه قرب و بعد، ڪه ھريڪ شدند برخوردار

چه نخل جود تو يا رب ثمر فشان آمد

ھواي بزم تو مارا ز راه دور، آورد

نسيم وار شتابان، ببوستان آمد

بباغ مدح تو، امروز بلبل طبعم

صفير سنج، زگلزار بردوان آمد

شبِ گذشته ندا داده بود، ھاتف طبع

ھمين قصيده، ڪه امروز يز زبان آمد

گھر شناسا! برگيرگوھر نظمم!

چنين گھر نه بدستِ کسي ز کان آمد

ھمين ڪه، برسرِ خدام تو نثار ڪنم

وگر نه بھرچه، ڪلڪم گھرفشان آمد

خموش باش، ازين نتڪته سنجي اي ’خادم

ڪنون ز بھر دعا رو، ڪه وقت آن آمد

درين قصيده، دعائي تو برلب اظھار

به ختم ِ مدح، ڪه ھمچون نه ديگران آمد

سبب چه شد، ڪه اجابت شتاب آمد و بود

نداد آفرصتش از دل ڪه تا زبان آمد

( 2 )

ڪجا منم و ڪجا دعوئي مسلماني

بعشق آن بتِ ھندوي ماه پيشاني

ھزار تير نگه، از ڪمان ابروئي خويش

در افگند بدلم از سرِ ستم راني

ازان زمان، ڪه فتاد است چشم، برزلفش

دلم شد است گرفتار صد پريشاني

بعشق ان بت ترسا چو کار من افتاد

شراب ميزنم اينڪ بجام رھباني

گدام فتنه و آفت، زچشم  فتنه گرش

نداشت، بردل ريشم، ز لطف ارزاني

مرا بدوستي خود، چو يافت مستحڪم

ڪمر به بست بکين،  گشت دشمنِ جاني

چد سود ازان، ڪه دم عيسوي ست در نب تو

اگربه بيش تو ميرم، تولب نجنپاني

مکن جفا، تو دگر، ورنه شڪوهء تو برم

”يشاھزاده ستد“ سڪندرِ ثاني

امير سيد عالي نسب، ”حسين علي“!

ڪه ھست برسرِ تو، لطفھاي يزداني

علو پايد تو چند، ھست، نتوان گفت

ھر آنچه، مدح تو گويم، ھزار چنداني

شھا! توئي، ڪه بيڪدم لباس رنگا رنگ

بقدِ شاھدِ معني، ز علم پوشاني

خلاف راي تو، گر آسمان کند کاري

ز روئي  فھرو سياست، بخاڪ بنشاني

عنان اببقِ ابام، ھست در ڪفِ تو

بھرجھت، ڪه تو ميخواھيش، ھميراني

غمام قھر تو، ھر گه نمود ميگردد

فلڪ، ز خوف بجويد، ڪلاه باراني

پراي زينتِ بزم تو، روز سب رضوان

ڪنه، زگلشن خلد برين، گل افشاني

گرفته چنگ بصد شوق، زھره استاد است

براي رقص، پبزِ مت چرانمي خواني

ز حال بخشش تو، خامه درد تحرير

بجائي حرف، بڪاغذ ڪنه زرافشاني

دراز عمر حسودِ تو، بسڪه ميخواھم

مگر بدرد و غم و غصه و پريشاني

ڪنون يمدح تو زينسا ڪه نڪته مي سنجم

ميرا رسد ڪه، ڪنم دعوئي سخندائي

شھا به بين، ڪه بڪاخ سخن، دريچه فڪر

ز مھر طبع خودم ھر دمست نوراني

درين قصيده، نظر ڪن ڪه، مختصر گفتم

ڪه تا ملال نيايد ترا، زطولاني

بنظم مدح تو يڪدم نظر ڪند اينگ

ڪجا ”ظھير“ و کجا ”عرفي“ است و ”خاقاني“

کنون، ز بخشش عام تو، نام حاتم طي

نمي رسد بزبانِ کسي، زنسياني

بسي اميد، ز انعامھاي تو، دارم

ترا سزد، ڪه مرا بي نياز گرداني

زبحر مڪرمتِ خود، مرا بکن سيراب

ڪه قطره اش، بکند بھر تشنه عماني

”دو ماه“ شد، ڪه من افتاده ام درين غربت

بصہ ھزار عنا و بصد پريشاني

روا مدار خدا را توقفي ديگر

برار مطلب من، زود کن به آساني

بس اين دعاي تو ھردم ھميڪند ”خادم“

ڪه تا زمانه بيا شد،  تو در جھان ماني![4]

محرم خان ايم. اي.

پراڪرتي شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ

]محترم محرم خان ولد محمد يوسف وگھامل، ڳوٺ نور خان

وگِھامل، تعلقي ھالا ۾ 18 جولاءِ 1918ع تي تولد ٿيو. قرآن شريف ۽ ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين ۽ انگريزي، نور محمد ھاءِ اسڪول ۾ پڙھيو، ۽ اتي ئي 1941ع کان 1954ع تائين استاد ٿي رھيو. 1962ع تائين سينٽ ميريز ڪانوينٽ ۽ نضرٿ ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو استاد رھيو. 1963ع کان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار آھي. ننڍپڻ کان مغربي موسيقيءَ سان شغف پيدا ٿيس ۽ ان سلسلي ۾ ڪيئي سال صرف ڪيائين. 1944ع ۾، رائل انڊين نيوي (بمبئي) جي ڊائريڪٽر آف ميوزڪ کان انھيءَ سلسلي ۾ سَند حاصل ڪيائين.

محترم محرم خان کي سنڌي شاعريءَ جي ارتقا تي کوجنا ڪرڻ جو گھڻو شوق آھي. ان سلسلي ۾ سندس چار مقالا ”مھراڻ ”۾ ھن ريت شايع ٿي چڪا آھن. 1) ”سُمنگ چارڻ سنڌي جو اوائلي شاعر“: پرچو 1 ۽ 2 ، 1966ع، 2) ”قديم سنڌي شعر ۽ شاعري تاريخي جائزو“: پرچو 3 ۽ 4 - 1966ع، 3) ”شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ“: پرچو 2- 1967ع، 4) ”آريائي شاعري جي شروعات ۽ قديم سنڌ“: پرچو 2، 1967ع. سنڌي شعر جي کوجنا جي سلسلي ۾ ھي ”پراڪرتي شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ“: چوٿون نمبر مقالو آھي. ان کانپوءِ پنجون نمبر مقالو تحرير ھيٺ آھي، جنھن ۾ سمن جي دؤر جي شعر تائين تحقيق مڪمل ٿيندي.-  ادارو.[

(الف) تاريخي پس منظر

گذريل مقالو[5] جيئن ته صرف آريا لوڪن جي اِتھاس ۽ تاريخ تائين محدود رکيو ويو ھو، تنھنڪري ان ۾ نه رڳو ٻين ٻاھرين قومن کي نظرانداز ڪيو ويو؛ پر خود مھاتما گوتم ٻُڌ، جنھن خاص ھندستان جي دُن مان ئي عوامي اصلاح جي تحريڪ اٿاري ۽ عالمي انقلاب آندو، تنھن کي پڻ ڄاڻي ٻجھي  ٽاريو ويو (جيئن اڪثر ٿيندو آيو آھي.)

ايراني حڪومت: ٻاھرين قومن ۾ آريا لوڪن کانپوءِ، اول ايراني ھتي آيا. ڪن قديم روايتن موجب: مھاڀارت واري زماني (800 ق.م.) کان به اڳي، ايران مان ”سيميراس“

(Semiramis) سنڌ تي ڪاھه ڪئي، جنھن ۾ ھن عراق ۽ اسيريا جا سپاھي به آندا ھئا. انھن کي سنڌ جي بادشاھ ’بروبيٽس‘ (Staurobates)* ڀڄائي ڪڍيو، جيڪي مڪران جو ڪنارو ڏيئي پنهنجي ملڪ پهتا. اهڙو ئي ٻيو حملو (ستين صدي ق.م. ڌاري) هوشنگ ’پيشداديه‘ پڻ ڪيو هو. تاريخي حقيقتن مطابق ايران جو سنڌ تي قبضو، ڇهين صدي قبل مسيح جي ڪياني شهنشاهه ’سائرس اعظم‘ (855_530 ق.م.) کان شروع ٿئي ٿو. ڪياني ڪسرائن دنيا جي تاريخ ۾ نه فقط پهرين منظم شهنشاهت قائم ڪئي، پر قديم دنيا جي تختي تي اها وسيع ترين سلطنت پڻ هئي. دارا اعظم جي عهد (530_ 486 ق. م.) ۾ هن حڪومت جون حدون هڪ طرف ته مصر جي ماٿريءَ ۾ نيل نديءَ تائين پکڙيل هيون، ته ٻئي پاسي وري مهراڻ ندي اُڪري راجستان جي رڻپٽ تائين به سندس سِڪو هلندڙ هو. ايڏي وسيع دنيا جو انتظام رکندي، هنن جي هٿان هڪڙو عظيم ڪارنامو ٿي گذريو: ’پنجن سالن جي پيادي پنڌ جيڏو ڊگهو ملڪ‘، تنهن ۾ آمدورفت کي آسان بنائڻ ۽ ان جي دائمي سلسلي قائم ڪرڻ لاءِ، دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ئي دفعو پيچرا دريافت ڪيا ويا ۽ انهن کي سڌاري سرڪاري سڙڪون بنايون ويون[6]. انهيءَ ڪري قديم زماني جا مڙيئي متمدن ملڪ ۽ مهذب قومون پاڻ ۾ ڪڙجي هڪ ٿي ويا. اهڙي عالمگير اتحاد ۾ سنڌ جو ملڪ پڻ عام سطح کان مٿي اڀري، بين الاقوامي معاملن ۾ اڳواڻي ڪرڻ لڳو. دارا جي پُٽ زرڪيسز (Xrxes 486-465 B.C.) جيڪا يونان تي چڙهائي ڪئي، تنهن لاءِ پڻ مهراڻ جي ماٿريءَ مان ئي جنگي جوڌا ميڙي جمع ڪيائين. هروڊوٽس جي چوڻ موجب: سنڌ جي سپاهين توڙي سوارن کي سوٽي ڪپڙا پاتل هئا. هنن جي هٿن ۾ بانس جون ڪمانون ۽ بيد جا تير هئا، جن جي چهنبن تي وري فولادي ڦار چڙهيل هئا. [7] هيءُ پهريون دفعو هو، جڏهن يورپ وارن سندن ئي

سرزمين تي سنڌي سورما وڙهندي ڏٺا هئا. انهيءَ ايراني_ سنڌي اشتراڪ جا احوال ته سڪندر جي ڪاهه تائين، بلڪ ان کان پوءِ به مفصل طرح سان ملندائي رهن ٿا؛ مگر هن مقالي جو مول مقصد فقط ٻُڌ مذهب ۽ ان جي نمائنده شخصيتن جي تاريخ ئي ڏيڻ آهي، انهيءَ سبب ايران جي ايتري احوال تي اڪتفا ڪندي، مهاتما ٻُڌ جي واقفيت ڏجي ٿي، جيڪو هن مضمون جو مرڪزي مانجهي آهي.

مھاتما گوتم ٻڌ:

مھاتما ”گوتم ٻُڌ“- ڪرشن، رام، راوڻ ۽ لڇمڻ وانگي ڪو فرضي ڪردار يا ڪائي خيالي ڏند ڪٿا نه آھي، پر ھي ھڪ اھڙي حقيقي ۽ تاريخي شخصيت آھي، جنھن جا ذاتي آثار اڄ به دنيا جي عجائب- گھرن ۾ محفوظ آھن. پاڻ نيپال جي شاڪيه گھراڻي مان، راجه سڌوڌن جو وليعھد ھو. سندس جنم (558 ق.م.)* ڪَپل وَستو شهر کان پندرهن ميل پري لُمبنيءَ واري باغ ۾ ٿيو. جنهن کي هاڻي لمبني ديوي سڏيندا آهن.[8]

انهيءَ ڏينهن تي آسِيت نالي هڪڙي ساڌوءَ هماليه پهاڙ تان اچي، هن جي جڳت_ گرو ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي. تنهن کان پوءِ ستين ڏينهن تي سندس والده مايا ديويءَ جهان ڇڏيو؛ جنهن جي ننڍي ڀيڻ (ماتا گوتمي) ٻار جي نيپاج خاطر سڌوڌن سان پرڻائي ويئي. اهائي پوءِ عام طرح سان سڌارٿ ڪمار جي ماءُ ليکي ويئي آهي. ٻوڌيستو جي ٻالجتيءَ کان ئي هيءَ عادت ھئي، جو باغ ۾ لڪي اڪيلو ويھي ويچار ڪندو ھو. سندس انھيءَ ايڪانت پسنديءَ جو آخري علاج ھيءُ ھو ته ھن کي دنيا جي ڄار ۾ جڪڙيو وڃي؛ تنھنڪري ھن جي شادي سندس سڳيءَ سؤٽ يشوڌرا ڪماريءَ سان ڪرائي ويئي. انھيءَ مان راھُل نالي پٽ ڄائو، جنھن جي ستين ڏينھن تي ٻوڌيستو شاھي محل ڇڏي کڻي جھنگ مُنھن ڪيو. سندس تارڪ الدنيا ٿيڻ جو اصلي سبب اھو نه ھو،  ته ھن ڪو مريض، مڙدو يا پيرسن پھريون ئي دفعو ڏٺا ھئا. پر جنھن ڳالھه ھن کي حڪومت تان ھٿ کڻايو، سا ھندو مت جي ھٺ ڌرمي ھئي.

ويدڪ زماني جا کتري آريا، درندن وانگي ھڪٻئي جو چڪين ماس پٽي رھيا ھئا. يگيه کائيندڙ برھمڻ وري پاڻ کي نوراني نسب مڃائڻ خاطر، کترين کي به خدا جي خوني بازُن جو مظھر مڃي، ويتر قتل جي بازار گرم ڪري رھيا ھئا. مگر سڌارٿ ڪمار خود کتري ھوندي به انھيءَ ڌرمي يڌ، يگيه ۽ وڏيرڪي بڻ جي بنھه برخلاف ٿي بيٺو- ”مون ۾ ويراڳ ڪيئن جاڳيو، سو ٻڌو: ماڻھن کي درندن وانگي وڙھندو ڏٺم… منھنجيءَ دل تي سخت چوٽ لڳي“ (گاٿا-[9]). پنھنجن پيارن کي ڍورن وانگي ڪسندو ڏسي، ھن جي دل کي ڌڌڪو آيو، سو ھٿين خالي وڃي ڌرين جي وچ ۾ پيو ۽ انھن کي ايلاز آزيون ڪري پاڻ ۾ پرچائڻ لڳو، اڳيان ھوبه ڪي کتريپڻي جي ھٺ ۾ ورتل ھئا، سي نه مڙيا. ”مون محسوس ڪيو ته گھر – گرھست گندو ۽ تڪليفن جو آستان آھي، ھتي رھي ڪابه مڪمل نيڪي حاصل ڪرڻ ممڪن ئي نه آھي، تنھن ڪري ڪکن جا ڪپڙا ڪري، وڃي…[10]؛ پر پنھنجي پيءُ ماءُ، ڪنوار ۽ پُٽڙي جي پريت جو ڳٽ اڃا سندس ڳچيءَ ۾ ڦاٿل ھو، سو ”اي ڀِڪشو! آءٌ پاڻ مرض، مصيبت ۽ موت جي چنبي ۾ ھوندي به، ڏک ڏھاڳ ۽ ڏولائي ۾ ورتل وٿن جي ور چڙھي ويس! تڏھن دل ۾ آيم ته انھن (ڏکائيندڙ شين) کان پاڻ ڇڏائي، ڪوئي جڳ جو ڇوٽڪارو ڳولي ڪڍجي“.[11]

سندس سرچائڻ واسطي ڪيتريون ئي ڪنيزون ۽ ڪماريون محلات ۾ موجود ھيون.سي جڏھن ڳائي وڄائي سمھي پيون، تڏھن ڪنھن جي وات مان گِگ وھڻ لڳي ته ڪا وري بڇڙو منھن ڪري (خواب ۾) وڦلڻ لڳي. سو ڏسي، ٻوڌيستو کي ٻيڻي بڇان آئي، پنھنجي ڪوچوان ”ڇن“ کي جاڳائي، ڪَنٿَڪ گھوڙو ڪاھي نديءَ تي آيو. اتي پنھنجن وارن جو چوٽو ترار سان ڪپي، شاھي لباس، ڳھڻا، لٽا ۽ گھوڙو ڇن کي ڏيئي، پاڻ درياھه ۾ ٽپي پيو ۽ سالن تائين وري سندس ڪو پتو ڪونه پيو.[12]

حق جي تلاش ۾ ھن کي ڪيترائي ڌرمي پنڊت منھن پيا، تن سان بحث مباحثا ڪندي به کيس ڪو اطمينان ڪونه ٿيو. آخر وڃي آرويلا (گِيا) جا سُڃا جھنگ وسايائين. ”اي اگوسَين! جيڪي جھنگل بلڪل ڀوائتا سمجھبا ھئا، اتي گگھه اونداھين ۾ به آءٌ اڪيلو وڃي ويھندو ھوس. ھوا ۾ پن کڙ کڙ ڪندا ھئا، ڪو مور وڻ تان ڪا سڪل ڏانڊي ڪيرائيندو ھو، يا ڪو ھرڻ اکين اڳيان ڊوڙي ويندو ھو ته سمجھندو ھوس ته شايد انھيءَ کي ئي ڊپ ڪوٺيندا آھن“[13]. ”اي سِچڪ! آءٌ ڏند ڏندن تي ڀچائي، زبان تارونءَ تي ڄمائي، خيال قبضي ۾ ڪري، جڏھن فڪر ۾ غرق ٿي ويندو ھوس؛ تڏھن منھنجي ڪڇن مان پگھر ريلا ڪري وھي نڪرندو ھو… ڌيان لڳائڻ ۾ ساھه به روڪي ڇڏيندو ھوس ته وري ڪنن مان ساھه نڪرڻ جھڙا آواز ٻڌندو ھوس“[14]- اھڙي طرح ڪک پن کائي به ست سال ساندھه سخت رياضتون ڪندو رھيو.“ اي اگوسين (سچڪ)! آءٌ ھڪڙو ٻير کائي به ويلو ٽاري ڇڏيندو ھوس، مگر منھنجو ڏيل نھايت ئي ڏٻرو ٿي ويو ھو: ڪَچي ڪدوءَ وانگر منھنجي کل گھنج ڪري سڪي ٺوٺ ٿي ويئي. وَل جي ڳنڍين وانگر سنڌن جا ڳنڍ پيا ڏسبا ھئا، ڇِت جي ٿِڙڪيل پٽين وانگر منھنجيون پاسريون پيون لڙڪنديون ھيون، اُٺ جي پير وانگي منھنجي ڍونگري ٿي وئي ھئي. اڀ جا تارا جيئن اونھي کوھه ۾ ڏسبا آھن، تيئن منھنجيون اکيون کوپڙيءَ ۾ ڏسبيون ھيون. پيٽ تي ھٿ گھمائيندو ھوس ته پٺيءَ جو ڪنڊو ھٿ کي لڳندو ھو. مٿي تي ھٿ ڦيريندو ھوس ته وار ڇڻي پوندا ھئا. پيشاب يا پائخانو ڪرڻ ويھندو ھوس ته اتي ئي پئجي رھندو ھوس“[15]. اھڙيءَ نازڪ حالت ۾ وري شيطان (مار) اچي، کيس حياتيءَ کٽڻ جو خوف ڏيئي برغلايو.

انھيءَ کان ٿورو اڳي مائي سُجاتا نالي، ڪنھن مالوند جي زال، ٻوڌيستو کي ڀوت سمجھي، کير چڪو اچي ڀيٽا رکيو. اھو ورتائي وري به پوري اعتماد سان رياضت ۾ لڳي ويو. تان جو مار (شيطان) سان مقابلو ڪندي گھڻي رات گذر ٿي وئي. اھا ويساک جي چوڏھين تاريخ ھئي، جنھن جي پوئين پھر تي سندس اندر ۾ الھام آيو ۽ کيس نئين روشنائي نصيب ٿي. چئن اعليٰ حقيقتن جو ھن کي علم حاصل ٿيو، انھن جي بنياد تي وري اٺن وصفن وارو روشن رستو پڻ معلوم ٿيس ۽ ٻوڌيستو مان چڙھي ٻُڌ (عارف) ٿيو. انھيءَ معرفت مان کيس ايڏو اطمينان ۽ سڪون سريو، جو سڄا سارا ست ھفتا، انھيءَ سرور قلبيءَ جي ڪيفيت ۾ ئي محو رھيو. انھيءَ سان گڏ ئي، ھن ذميداريءَ جو احساس به سندس اندر ۾ اڀرندو آيو ته ھيءُ گيان جو ڊگھي انتظار ۽ ڪيتري ڪشالي ڪڍڻ بعد مون کي مليو آھي؛ سو ھن لاءِ آھي ته انهيءَ جو لاڀ عام لوڪن کي ضرور ملڻ گھرجي. تنھنڪري باقي زندگي ٻين جي ڀلي ۽ سک لاءِ صرف ڪرڻ جو ھن فيصلو ڪيو ۽ موٽي انساني آبادين ڏانھن پنڌ پيو. آکاڙ جي مھيني ۾ ئي اچي سارناٿ ۾ سھڙيو. اتي پھريون دفعو (522 ق.م.) پنجن پنڊتن کي اچي تلقين ڪيائين. اھڙيءَ طرح ئي اول ’ڌرم چڪروَرتن‘ (قانون جو ڦيٿو ڦرڻ) چالو ٿيو.

”اي ساڌئو! ھي چار اعليٰ حقيقتون ياد رکجو: ھيءَ حياتي ۽ ان جون گھرجون، بيماري ۽ ٻڍاپو، محتاجي ۽ موت سو سڀ ڏک ئي ڏک آھي.اھا پھرين بنيادي حقيقت اٿو. دائمي حرص وھوس ۽ ان ما اٿندڙ تمنائون به عذاب آھن، سا ٻي سچي حقيقت اٿو. انھيءَ حرص ۽ ھوس کي صبر ۽ قناعت سان دٻائي ضابطي ھيٺ آڻڻ، ۽ انھيءَ کان بي نياز رھي پاڻ تان عذاب ٽارڻ، اھو ٽيون حقيقي سچ سمجھو. ۽ چوٿين اعليٰ حقيقت ھيءَ آھي ته مٿين مڙني مصيبتن جو آسان علاج، اٺن اصولن واري ’معتدل مذھب‘ ۾ آھي. ھاڻي اھي اٺ نيم (نڪتا) ڪھڙا آھن، سو ٻڌو:  صحيح سمجھه، صحيح حافظو، صحيح قول، صحيح فعل، صحيح عبادت، صحيح پرھيز ۽ صحيح روزي“. اھو آھي مھاتما گوتم ٻڌ جو پھريون وعظ جنھن کي مذھبي چرخي جو چرڻ، چيو ويو آھي. انھيءَ ئي جاءِ تي پوءِ سارناٿ يونيورسٽي قائم ڪئي وئي.

چند مھينن ۾ سندس سنگھه (انجمن) جو انداز سٺ تائين پھچي ويو، اتي مھاتما جي من ۾ آيو ته جڏھن سارو جڳ اڻڄاڻائيءَ جي اوندھه ۾ غرق ھجي، تڏھن اسين پنھنجي سک ۾ ساءُ سمجھون؛ انھيءَ کان ھلڪي ڳالھه ٻي ڪھڙي ٿي سگھي ٿي! تڏھن تٿا گت (تِتي پُھل) چيو: ”اي ڀڪشؤ! ھاڻي سڀني جي سک ۽ ڀلائيءَ خاطر اٿي کڙا ٿيو. عوام تي شفقت ڪريو ۽ سچ جي پرچار لاءِ سندرو ڪشيو… پر ساڳئي واٽ سان ٻه ڄڻا نه وڃو.[16] انھن جا اُپديش ٻڌي، ڪٿان ڪٿان جا ماڻھو تٿا گت وٽ رجوع ٿيڻ لڳا. ٿورن ئي سالن ۾ پنج سئو ڀڪشن جو سنگھه (جماعت) مختلف ملڪن ۾ پرچار ڪندي پکڙجي ويو. مگدھه جي مھاراجا بِمبسار ۽ ڪوشل جي راجا پسيند پڻ ٻڌ مذھب مڃيو:

ڀاڳونت ٻڌ پرچار ڪندي ڪپل وستوءَ ۾ بکيا وٺڻ آيو ۽ پنھنجي ئي گھر اڳيان اچي سئين ھنيائين  يشوڌرا ديويءَ يڪدم پنھنجي ڀتار کي سڃاتو، ۽ راھل ڪمار کي سڏي چيائين ’پٽ! اھو تنھنجو ابو اٿئي، وڃي کانئس ورثو گھر‘. راھل ڪمار سندس پاڇي ۾ بيھي چيو ’ڀڳونت! توھان جي ڇانو سک واري آھي!‘ تٿاگت اتان ئي پويان پير ڪيا، راھل ڪمار به سندس پاڇي سان لڳو آيو. آستاني تي اچي، اول راھل کان وچن ورتائين ”پاڻ کي پيغمبرزادو سمجھي بيکارين جي بي ادبي ته نه ڪندين“؟ اھا پڪ وٺي، پوءِ سنگھه ۾ داخل ڪري، کيس ساريپت جي سپرد ڪيائين.

اتي ماتا گوتمي پڻ محلات ڇڏي، اچي سنگھه جو سھارو وٺڻ چاھيو، مھاتما ٽي دفعا ان جي ڳالھه اڻٻڌي ڪري، وئشالي (بھار) ڏي ھليو ويو. ماتا مايوسيءَ ۾ مٿو منائي، گيڙو ڪپڙا ڪري، سندس پٺ ورتي. ايتري پنڌ ھلڻ ڪري سڄي ڌوڙ ۾ ڀڀوت ٿي وئي ۽ سندس پير سُڄي ڦاٽي پيا. اتي آنند اچي مھاتما کي منٿ ڪئي ته: جنھن ماسيءَ اوھان کي نپائي ايڏو ڪيو، ان کي عورت ذات جي ڀلائيءَ خاطر، چاڪريءَ جو موقعو ملڻ گھرجي. مھاتما وري به انڪار ڪندي چيو ته ”اي آنند! استرين لاءِ جي ھن پنٿ ۾ ڪابه جڳھه نه ھجي ھا، ته ھي مذھب ھميشه ھلي ھا: پر ھاڻي فقط ھڪ ھزار سال ھلندو- سوبه پنجن صدين کانپوءِ کرڻ لڳندو. تنھن ھوندي به ماتا کي ھي شرط منظور ھجن، ته سدا اچي سيوا ڪري: بيکارڻ (Nun) ساري ڄمار به کڻي سنگھه ۾ گذاري، تڏھن به ڪنھن ڀڪشوءَ سان بي ادبيءَ ۽ بي حجابيءَ ساڻ نه ڳالھائيندي؛ پر پاڻ سڀني کي ھٿ جوڙي، ھنن کان نيم سکندي رھندي… ھر چوماسيءَ بعد پنھنجي ڪوتاھين جو ساري سنگھه اڳيان اعتراف (Confession) ۽ پڇتاءُ ڪندي وغيره.“ ماتا اھي سڀ ڳالھيون خوشيءَ سان مڃي، سنگھه ۾ داخل ٿي.[17] پوءِ ته وٽس ڪيتريون ئي ڪُراڙيون ۽ بيواھيون اچي گڏ ٿيون. وِساکا نالي اؤڌ جي سيٺاڻيءَ سڄي ملڪيت وقف ڪري، خاص زالن واسطي وھار ٺھرايو ۽ پاڻ به ماتا سان گڏجي شيوا ڪرڻ لڳي. تنھنڪري پوءِ علحدو ’ڀڪشڻي سنگھه‘ (Convent) بڻيو.


[1]  اھي فوٽا ڪتاب The Design Development of Indian Architecture by  C. Batley مان ورتا ويا آھن. ڏسو ڪتاب مذڪور صفحو VIII ۽ پليٽ 22.

[2]  مواد التواريخ ص 281.

[3]  خادم جو مفصل احوال ڏسو منهنجي ڪتاب – ”دودِ چراغ محفل“ - ۾

[4]  ديوان خادم ص 6 تا ص 10

[5]  سماھي مھراڻ 1967ع جلد 16 نمبر2.

*  محترم ڊاڪٽر قاضي نبي بخش صاحب: صدر شعبه فارسي (سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد)، شفقت فرمائي ڪيترن ئي مستند ڪتابن مان مٿئين مسئلي جي وضاحت ڪندي فرمايو ته راجا جو صحيح نالو ويرسين (Verasen) ۽ سندس لقب استورپتي (Sthavarpathi) آھي. پر يونانين انھيءَ کي بدلائي  اسٽئبروبيٽس (Stabrobates) بنايو، ۽ سيميراميس جي سنڌ تي حملي  جو سال 810-805 ق. م ٻڌايو اٿن.

[6] Micheal Rehta Martin: A Graphic Guide to World  History- New York. 1959.

[7] George Woodcock: The Greeks in India. London 1966-P .20.

*  مٿيون سن، ديوان بھادر سوامي ڪنوپلي تازي تحقيقاتي ڪري ڳولي ڪڍيو آھي. ديپ ونش پراڻ (عيسوي چوٿين صدي) ۽ مھاونش پراڻ (پنجين صدي) جي آڌي رات تي انھي کي پوئتي ڌڪيندي، ڪن تاريخن ۾ اھو سن 58 کان 65 سال اڃا به آڳاٽو بڻايو ويو آھي . تنھنڪري تاريخن ۽ مونجھارو پيدا ٿي پيو آھي.

[8]  ڌرمانند ڪؤسمجي: ٻڌ ڀڳوان. مترجم: پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻي، نئين دهلي 1956_ ص 103.

[9]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان ص 127.

[10]  ايضاً ص 129.

[11]  ايضاً ص 130.

[12]  ايضاً ص 134.

[13]  ايضاً ص 152.

[14]  ايضاً 145.

[15]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان ص ص 77 ۽ 146

[16]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان ص 182.

[17]  ايضاً ص. ص 208 – 210.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com