سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1968ع

مضمون:

صفحو :14

ڪريه ڳاھون مضمون توڙي ترتيب ۾ وجرڳيتن کان ڪجھه قدر مختلف ھونديون ھيون ڪريه ڳيت ۾ ٽي يا بعضي ته پورا چار پد (انگ) به ھوندا ھئا. انھيءَ حالت ۾ ٽئين يا چوٿين انگ (تڪ) کي ڌروپد يا مستقل فقرو چئبو ھو. جيڪو وري وري ڳائبو رھبو ھو. جي فقط ٻه تڪون ھونديون ھيون ته وري ٻئي پد کي به ڌروپد چئبو ھو.[1] وجر ڳاھن جي ترتيب ۾ وري ٻه يا ٽي (مشڪل سان چار) تڪون ڪم آندل آھن، جن جي جوڙجڪ مختلف سٽن جي مقابلي مان معلوم ڪري سگھجي ٿي. ساھتيه ۽ سنگيت جي سلسلي ۾ انھن ڳيتن کي نبڌ پرٻنڌ، ڳيت شمار ڪيو ويو آھي. اھي ڳيت بغير تال جي ڳائبا ھئا. انھن جي ٻي ۽ چوٿين تڪ سان ڀَنتا (قافيو) ٺھيو آھي. مگر اڪثر ڪري ڪريه ڳاھن ۾ ٽي تڪون ئي ھونديون ھيون، جيڪي: اُدگِرھه، ڌُروَ ۽ اڀوڳ سڏبيون ھيون مطلب ته ھنن ڳيتن ۾ ميلاپڪ (ملائيندڙ) تڪ نه ھوندي آھي.[2]

ڪريه ۽ وجر ڳاھن جي ڳائڻ جو خاص مقصد، سھج واري ڪيفيت ۾ تسڪين قلب ۽ ان جو انتھائي سُرور (مھاسُک) حاصل ڪرڻ ھو. مُني دت ۽ ادويه وجر انھن تي ٽيڪا ڪندي لکيو آھي ته: ڪريه ۽ وجر ڳيتن جي مضمون جي معنيٰ مخفي ۽ سندن ٻوليءَ جو ٻٽو مطلب ھوندو ھو. انھيءَ ڪري انھن کي سَنڌيه ڀاشا، سنڌيه واڪم يا سنڌيا سنگيت چئبو ھو. حقيقت ۾ اھا جوڳين جي راز واري گفتگو ۽ سندن اندروني ٻولي (Code Language) ھئي، جنھن کي پنھنجو پاڻ ۾ ئي پروڙي ۽ سمجھي سگھندا ھئا.[3] اھي ڪريه پد ڪن وجرياتي آچارين، سِڌ آچارين ۽ سھجيه اچارين جا جوڙيل ۽ جمع ڪيل آھن. انھن ۾ ڪريني پا، ڪانھو پا، ويروپا، لُئِي پا ، ھادي پا، سوري پا، ۽ سرھاپا (750ع) وغيره جا نالا مشھور آھن، جيڪي جملي چوراسي چيا وڃن ٿا، انھن جو زمانو الڳ الڳ آھي.[4] ٻوڌي سنياسين (سِڌ آچارين) ڪيتريون ئي ڳاھون جوڙيون ٻوليءَ جي اعتبار کان انھن کي گاٿا ڀاشا، چيو ويندو ھو. ڪي ماڻھو ائين ڀانئيندا ھئا ته ڪريه ۽ وجر ڳاھن جي ٻولي شايد کريل سنسڪرت ھوندي! پر پوءِ جي ڪيترن ئي عالمن انھيءَ کي اڳوڻيءَ راءِ جي ابتڙ ثابت ڪيو آھي.

ٻولي ٻجھارت، جوڳيان سنديءَ ذات جي (شاھ- رامڪلي)

انھن چوراسي سِڌ آچارين مان، ڇاھتر سڌن جا نالا ڊَڪارنِوَ، (Dakarnava) ۾ لکيل مليا آھن. ھي جيڪي سِڌ آچاريه سڏيا ويا آھن، سي حقيقت ۾ ساھجيه فرقي جا سنياسي ھئا. انھن وٽ قوم ۽ قبيلو، رنگ ۽ روپ، يا نسل ۽ بڻ ته بلڪل ئي بي معنيٰ لفظ ھئا، پر ڪنھن به ديس يا ٻوليءَ سان پڻ اھي ڪائي نسبت نه رکندا ھئا.

نڪو نسل تن جو، نڪو تن حسب (شاھ)

اصل ۾ ھي ديس ديسانتر جي مختلف مخلوقات ھئي اھي پو رب پڇم ۽ ھند- سنڌ جي نامعلوم ملڪن ۽ ڏورانھن ڏينھن جا ئي معلوم ٿيندا ھئا، جن ۾ ڪوبه قومي، لساني يا نسلي امتياز نه ھوندو ھو. اھو ئي ٻڌ مذھب جو نچوڙ يعني ناٿ پنٿ ھو.[5] مطلب ته دنيا جي ڪنھن به ديس کي مليڇ ملڪ مڃڻ جي خلاف، اھي ساڌو، ساري جڳ کي ئي پنھنجو گھر تصور ڪندا ھئا. ھر مُلڪ مِلڪ ماست ڪه ملڪِ خداي ماست ۽ پنھنجو پاڻ کي انسانذات جي عالمي برادريءَ جو ڀاءُ (پا= پاءُ= پاؤ= پاد) سمجهندا ھئا!

ڏيھي ڳيتن جا پرڏيھن ۾ پڙلاءُ: ٻڌ مذھب جي انھن مبلغ آچارين جي معرفت، ڪريه ۽ وجر ڳيت، ڪشمير ۽ ٿٻيٽ کان ٿيندا ڀوتان، ڪوچي، ڪاشغر، ختن، چين، منگوليا، ڪوريا ۽ جپان تائين به اھي وڃي پھتا.[6] خود چيني تاريخن ۾ پڻ اھڙي قسم جون ڪيتريون ئي ڳالھيون قبول ڪيل آھن. ويندي جپان ۾ به اھڙيون ڪي قديم روايتون ھلندڙ آھن. ڪوشان حاڪم ھُوشِڪ (واسديو اول) جي زماني – سنه 120ع ۾ انڊو پاڪستاني ڳيتن جا استاد ڳائڻا، سرڪاريءَ طرح چين پھتا، اھو اشارو اڳ ۾ ئي اچي چڪو آھي. ”انڊو پاڪستان مان ڳِياڪارن جو ٻيو به ھڪڙو وڏو ٽولو ڳائيندو، گھمندو، سڌو چين اچي پھتو تنھن کان اڳي چينائي شھنشاھه ڪؤتسو (Kaotsu 581-595 A.D) پنھنجي ملڪ ۾ ڪنھن به پرڏيھي عنصر جي داخلا تي سرڪاريءَ طرح بندش وجھي ويو ھو. مگر ھن جو حڪمنامو  به سگھوئي بي اثر ثابت ٿيو. جيئن ته ھن جي جاءِ نشين اولاد کي. اھڙن آچارين جي آجيان ئي ڪرڻي پيئي ۽ ڪيترائي نئين نموني جا ڳيت چين ۾ رائج ڪيا ويا… وري جپان ۾ قديم روايتن ۾ پڻ ٽانگ (Tang) حڪومت جي زماني ۾ ھڪڙو ھندي آچاريه، جنھن جو نالو ’ٻوڌي ڀڪشو‘، ھو تنھن چين مان مذھبي ڳيتن جا ٻه مکيه قسم ’ٻوڌيستو‘ ۽ ’ڀَئرو‘، ھتي جپان ۾ اچي جاري ڪيا هئا“.[7] اھِڙيءَ طرح – ”سن 802ع ۾ راجڪمار سندن نالي ڪنھن بادشاھ جو وليعهد، چين ۾ ھڪڙي سياسي سفارت وٺي ويو. انھيءَ ۾ انڊو- پاڪستان مان ڪيترائي سريلا ڳيت چوندڙ، تحفي طور شھنشاهه جي درٻار ۾ پيش ڪيا ويا، جيڪي وڏي احترام سان قبول ڪيا ويا.“[8]

چين جپان کان به وڌيڪ وچ ايشيا، چيني ترڪستان ۽ ٿٻيٽ ۾ اھڙن ڳيتن ۽ ڳاھن جو عام غلبو رھيو آھي- ”سھجيانه عقيدي جا جيڪي چوراسي آچاريه مشھور آھن، تن مان ٽيو نجاھ ڄڻن جون تصنيفون ته ٿٻيٽ ۾ ئي معلوم ٿيون آھن. جن ۾ سرھاپاءُ، ڪھنو پاءُ، تلو پاءُ، نارو پاءُ، لُئِي پاءُ، ڪريني پاءُ ۽ ڀڪشو پاءُ وغيره جا نالا قابل ذڪر آھن. سرھاپاءُ (690-750ع) ۽ ڪھنو پاءُ (900ع!) جا ته ھٿ اکر لکيل ڪي قلمي نسخا اصلي حالت ۾ به مليا آھن. انھن ئي قلمي ڪتابن تان، پروفيسر شھيدالله خان، ٿٻيٽي ترجمن جي آڌار تي پنھنجو شاھڪار تيار ڪيو.[9] آچاريه سراھا جو ’دوھا ڪوش‘ ته تمام  مشھور آھي. انھيءَ جا جدا جدا ٽي مڪمل ۽ قديم قلمي نسخا، ھن وقت به محفوظ آھن“.[10]

ھن کان اڳ اپڀرنش جي اوائلي دوھن جو ذڪر آيو آھي. انھن دوھڙن کي اڳتي وڌائڻ جو ڪم به سِڌ آچارين ڪيو آھي. ڊاڪٽر جين، انھيءَ سلسلي ۾ وڌيڪ لکيو آھي ته ”پوين سِڌ آچارين مان جن دوھا جوڙيا؛ تن ۾ تِلو پاد، سِرھَه پاد، ڪھنا پاد ۽ ڪريني پاد وغيره مشھور آھن. سندن ڪلام جا مجموعا ’دوھا ڪوش‘ نالي سان ڪٺا ڪيل آھن. اھو ڪلام اول ڊاڪٽر شھيدالله ”ٻڌ دوھا - او - گانا“ جي نالي سان ڪلڪتي يونيورسٽيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھن کان علاوه ڊاڪٽر پي. سي. با گچي ۽ ھر پر ساڌ شاستريءَ پڻ انھن کي الڳ الڳ ترتيب ڏني آھي. انھن کان وڌيڪ پراڻا ٻيا به ڪيترائي ’ٻوڌي ڏوھيڙا‘، راھُل سمڪرتياين، تازو ڳولھي ڦولھي ڪٺا ڪيا آھن. انھن مڙني جي مضمون ۾ عميق روحانيت رچيل آھي. انھن جي ٻوليءَ جو روايتي نالو سَنڌيا ڀاشا، (Twilight Tongue or Symbolical Speech) آھي. انھن ٻوڌي ڏوھيڙن جو زمانو عيسوي ڇھين صديءَ کان، ٻارھين صديءَ جي اندر مقرر ڪري سگھجي ٿو.(3) مگر دوھي واري شاعريءَ کي منظر عام تي آڻڻ، انھيءَ کي انڊو- پاڪستان ۾ پري پري تائين پھچائڻ ۽ دوھي کي مقبول عام صنف بنائڻ جو سھرو صرف ’ناٿ‘ جوڳين جي ئي سر تي آھي.


[1] Prajna: Historical: P. 218.

[2] Ibid. P. 286.

[3] Ibid. P. 218 – 219.

[4] Ibid. P. 216.

[5] Prajnna: Historical PP. 216-217.

[6] Ibid P. 194.

[7] Dr: R.C Majumdar: The Classical Age P. 615.

[8] Dr: R.C Majumdar: The Imperial Kanauj P. 432.

[9] Buddhism in Pakistan: Pakistan Publication, P.B. No. 183, Karachi (1963)  P.53.

[10] Prajnana: Historic P. 220.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com