سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1968ع

مضمون:

صفحو :2

”جليل“ سروري

عجب آھي عجيبن ريءَ اکين کي انتظاري ٿي،

وڇوڙو ٿو پوي جيئن جيئن، وڌي تيئن بيقراري ٿي!

 

خدايا ھي عطا تنھنجي، ڪڙي قاتل مثال آھي،

اسان کان زندگي جي مئي نه پيتي ٿي نه ھاري ٿي!

 

جنين کي ڪاريھر وانگي ڏنگيو تنھنجي ڪنڍين ڪارين،

انھن کان ھن جھان ۾ ھڪ گھڙي ڀي ڪين گھاري ٿي!

 

سلامت شل ھجن سھڻا ڪڪوريل ڪاريون ڪجليون،

ٿئي جن جي ڏسڻ سان دردمندن کي بھاري ٿي!

 

سوين صدما سٺم سر تي، سندءِ خاطر سڄڻ سائين،

مگر منھنجا مٺا تو کان نڀائي ڪين ياري ٿي!

 

”جليل“ عرصو ٿيو اکيون مليون، ليڪن اڃا تائين،

عجيبن جي اَڻي اک جي نه دل تان وساري ٿي!

”استاد“ بخاري

ڪنھن تي دانھن ڏيان،

 

ڪنھن وٽ دانھن نيان،

پنھنجيءَ ذات ڪُٺيس،

 

آدم ذات ڪٺيس!

 

روڪيس ڪانه رڻن،

 

جبلن ڪانه جھليس،

ڏينڀن ڪين ڏنگيم،

 

ڪاريھر نه ڪکيس،

آيو ڀاءُ اڳيان،

 

ھن کان شال بچان!

پنھنجيءَ ذات ڪُٺيس…

لانگھو ساڳيو ھو،

 

درياھه ساڳيو ھو،

ساڳيو ھو نه گھڙو،

 

ڀينر ڀيلو ھو،

ڪنھنجا قرب مڃان،

 

ڪھڙا قرب مڃان!

پنھنجيءَ ذات ڪُٺيس…

وک وک ڄار پيل،

 

گھر گھر باھه ٻريل،

جت ڪٿ جنگ جٽيل،

 

جھٽ جھٽ خون خلل،

ماڻھوءَ ماڻھوءَ سان،

 

ڪھڙا پير کنيان:

پنھنجيءَ ذات ڪُٺيس…

ڪنھن کي زھر مليو،

 

ڪنھن جو ملڪ مٽيو،

ڪنھن تي ڪرٽ اڙھو،

 

ڪنھن جو ڪنڌ ڪَٽيو،

”استاد“ آھه اڃان،

 

بيحد زور بيان:

پنھنجيءَ ذات ڪُٺيس…

”سرويچ“ سجاولي

عُمَر آھي ڪوٽن ۾ منھنجو ڪڄاڙو،

ڏسان شل وڃي آءٌ پھنوارن جو پاڙو!

وساريان نه وانگي، وطن ويڙھه واڙيون:

لڳن تنھنجي ماڙين کان مون کي اُماڙيون.

سبيل ساھه سانگين سان سوگھو ستاڙو!

عُمَر آھي ڪوٽن ۾ منھنجو ڪڄاڙو!

سندم سيڻ سانگي ته سادا سونھارا،
نه ڪنھنجيءَ ۾ آھن ھو وانگي ويچارا،
ھنيئي ڇو ھچارا، ڌنارن جو ڌاڙو!
 

عُمَر آھي ڪوٽن ۾ منھنجو ڪڄاڙو!

نه وسرن ٿا مون کي منڌي نيٽا ماٽيون،

پھنوارين سان پيئنديس جھڻيون جام گھاٽيون،

آھيان قيد ڪُلفن اَندر ڏينھن ڏھاڙو!

عُمَر آھي ڪوٽن ۾ منھنجو ڪڄاڙو!

ڏٺم ننڊ ۾ رات ”سرويچ“ سانگي،

وٺي ڪر ويا ٿم وطن پنھنجي وانگي،

پيان کير پيئي لٿم روڄ راڙو،

عُمَر آھي ڪوٽن ۾ منھنجو ڪڄاڙو!

احمد خان ”آصف“

تُنھنجي حسن جمال جي جلوي جھلَڪَ،

نِيون ھوش سندم، وئي سُرت سَمَڪ!

تُنھنجو مون نه ڏٺو مٽُ مور ڪٿي،

توسان ھام ھڻي، پري حور ڪٿي:

تُنھنجي سِڪ ۾ سِڪن، جِنَ ماڻھو مَلَڪ!

توڏي قلب سندو ٿيو ڪاڍو اٿم،

سِڪ تُنھنجي ڏنو ڏڍُ ڏاڍو اٿم:

ڪونھي ڊاءُ ۽ ڊپ، ناھي دل کي ڌڙڪ!
 

تُنھنجو پاڪ پيار ۽ چاھه ڏسي،

تنھنجو قرب ڪرم وه واه ڏسي:

دل توکي ڏئي ڏنم ڏاڍا ٽَھَڪ!

لڳو عشق اکين منجھان اشڪ وَھيا،

سوين سور رڙھي منجھه روح رَھيا:

ٿيو ”آصف” ھِڪُ دُک درد ڪَٽَڪ!

احمد خان ”اختر“

کنيم درد دل جو، حياتي ٿي پوري!

ھِتي ٿِي ڏکن جي، سکن تي عُبوري!

 

جنھين ساريون راتيون، ڪري روح رھاڻيون،

ٻڌايون طرح طرح جون ٿي ڪھاڻيون،

انھن اڄ ڏياري  ــ  مون کي سيج سوري!

 

ڪيم ڇو وفا، بيوفائن سان ھردم،

ڦري جي مون کان، منھن مٽي ويائي يڪدم،

نه ويجھا وسن اڄ ـ پسند تن ڪئي دوري!

 

نباھي مون آخر، ڪئي اڄ پڇاڙي،

خدا جي توڪل تي، ھُئڙِيمِ جا ڀاڙي،

مٿم ٿي مدامي ـ نظر تنھن جي نُوري!

 

ڪيو جيئن ڦوڙائي، مون ”اختر“ ويچارو،

سگھو تيئن ٿي ساجن، سندم سڪ سھارو،

لنگھي لطف سان لڪَ ـ پسان ھُت حضوري!

وايون

”قمر“ شھباز

اُڀ جي اک ڇو آلي آھي،

وِڄُ ڀلا ڇو ھَرَ ھَرَ تڙپي؟

 

ڪَڪَرن جي ڪِيھُن ۾ ڪھڙي،

اڄ ڪا بات نرالي آھي:

وِڄ ڀلا ڇو ھَرَ ھَرَ تڙپي؟

 

پَلُ پَلُ سوريءَ وانگر سمجھي،

رات اسان ڀي جالي آھي:

وِڄ ڀلا ڇو ھَرَ ھَرَ تڙپي؟

 

مَنَ جي بَن ۾ مور اڪيلو،

ساٿيءَ لاءِ سوالي آھي:

وِڄ ڀلا ڇو ھَرَ ھَرَ تڙپي؟

 

سوچيان ٿو، مون ڪنھن جي ڪارڻ،

ڏات جي ڏائڻ پالي آھي:

وِڄ ڀلا ڇو ھَرَ ھَرَ تڙپي؟

ولي محمد ”وفا“

توکي اکڙين ساڻ مان لايان،

او خطڙا سڄڻن جا!

توکي پڙھي پڙھي مسڪايان:

خوشي مان ڳايان ـ او خطڙا سڄڻن جا!

 

توکي ڏسي ڏسي شرمايان:

ھئين سان لڳايان ـ او خطڙا سڄڻن جا!

 

توکي وھاڻي ھيٺ لڪايان:

يا سيني ۾ سمايان ـ او خطڙا سڄڻن جا!

”آثم“ ناٿنشاھي

آرَس کي ڇڏ، اک پَٽِ جيڏا، ڏِسُ دنيا جو دَؤنَر، الا او-

ڏِسُ دنيا جو دؤنر!

 

جيءُ ڳري ٿو جانڊھه جو ۽ پيٽ ڀري ٿو تؤنر، الا او-

ڏِسُ دنيا جو دَؤنَر!

 

تُنھنجي مومل ڏي او راڻا! وڌي رھيو آھي ڏَونَر، الا او-

ڏِسُ دنيا جو دَؤنَر!

 

ويرين ڇڏيو آھه وڇوڙي، باغيچي کان ڀؤنر، الا او-

ڏس دنيا جو دؤنر!

 

ماکي جو مٽ موڳن سمجھيو آھه ٻٻر جو کؤنر، الا او-

ڏس دنيا جو دؤنر!

احمد خان ”آصف“

دوست بنان دل ماندي،

وِرھه نه ڏئي ويساندي!

 

ساھه سَئون سورن کي سانڍيم،

عشق امانت آندي!

 

آس اِھائي آھه، ھُجان شل،

ھوتن سان ھيڪاندي!

 

سينو سڪ ۾ صاف ٿي ويڙو،

چمڪي ڄڻ چِند چاندي!

 

جُودَون جيءَ ۾ سيج سينگاريم،

ويھه سڄڻ سيراندي!

 

”آصف“ جنت جڳ ۾ آھي،

پِريَنِ جي پيراندي!

رحيم بخش ”قمر“

منھنجو تون مطلوب،

طالب تنھنجو آھيان ازل کان!

 

صورت تنھنجي سھڻل سائين!

خالق خلقي خوب: طالب تنھنجو آھيان ازل کان!

 

مرڪ منجھان ٿو موتي ھارين،

ڏند ته خوش اسلوب: طالب تنھنجو آھيان ازل کان!

تنھنجي وصل لئي تڙپي پيئي،

منھنجي دل مغلوب: طالب تنھنجو آھيان ازل کان!

 

سائينءَ ڪارڻ سار لھج تون،

منھنجي اچي محبوب: طالب تنھنجو آھيان ازل کان!

 

شمس و قمر کان سھڻو آھي،

منھنجا مِٺا مرغوب: طالب تنھنجو آھيان ازل کان!

احمد خان ”اختر“

عشق جي منزل اوکي ناھي، عشق ئي ڪر استاد،

ميان! جنھن کان رھين تون شاد! عشق ئي ڪر استاد.

 

ٻاروتڻ جا ٻولَ تون، ڪر يگانه ياد!

ڄمندي نا ٿئي ڄام ڪو، بِرھُه ٻَڌِي بُنياد!

ڏُک سواءِ سک نا سري، اَيءَ اَزَلَ ايجاد!

عشق جي ئي احسان سان ”اختر“ ٿيو آباد!

غلام حسين رنگريز

کول پکيئڙا، پرڙا پنھنجا، اُڏري ڏس آڪاس:

اُڏري ڏس آڪاس!

 

چوڻي لاڪو قيد قبولين، ڇو ٿو ٿئين نراس:

اُڏري ڏس آڪاس!

 

ڌُوڙ ڌڌڙ کان دُور ٿيو ۽ وٺ تون ٻيو ڪو واس:

اُڏري ڏس آڪاس!

کاڄ ھي کاڌا، بند جا سارا، ڪندئي نھوڙي ناس:

اُڏري ڏِس آڪاس!

 

پڃرو پُرزا ٿيندو، پُوري ٿيندي تنھنجي آس

اُڏري ڏِس آڪاس!

گيت

مرحوم لطف الله بدوي

حال ٿيو حيران

ساجن تو ريءَ دل جو مندر آھه بڻيو ويران!

 

ديپ جَلايم اُن جي اندر، ٿورو ٿي پيو تيل،

وٽ کٽي پئي ديپ وساڻيو، قسمت جو ھي کيل،

ڪھڙو ڪريان ارمانُ!

 

سانوڻ جون گھنگور گھٽائون، پي پپيھي لائي،

پورب جي پُر شور ھوائن، مون کي آڳ لڳائي،

اندر آ طوفان!

 

ٻُڌم انڌيري رات ۾ تنھنجي قدمن جو آواز ،

سمجھيم ساجن آيو شايد، ھيڻي جو ھمراز،

ڪوڙو ھو آڀمان!

 

کنوڻ جي کونڊي روئي ويٺيس، تنھا پيتم ڏُور،

رئندي رئندي ننڊ وٺي وئي، سانڍي دل جو سور،

حال ٿيو حيران!

 

سپني اندر ساجن آيو، چيائين در کي کول،

جاڳيس، کوليم در کي ڊوڙي، ھينئڙي جو ھي ھول،

رستو ھو سنسانُ!

ولي محمد ”وفا“

ڪاري ٻاٽ اونداھي!

ڪاري ٻاٽ اونداھي!

ڪوئي پرينءَ جو ڏسڙو ڏينم!

تنھا تنھا، نگري نگري، روڳي مَن ٿو رولي،
ڪوڇا ڄاڻي، ڪنھن کي بن بن برھا – ماري ڳولي،
ڇانو نه ڪائي، رڻ سڀوئي، ڪٿي وٺي ڪو ساھي؟

ڪاري ٻاٽ اونداھي....!

 

جندڙي ورھه وڪوڙي ڍوليا، ماري نيٺ مڃائي،
پرديسيءَ سان پريت لڳائي، پاڻ کي پاڻ مون لائي،
ھجر و فراق جي آڳ، سمھي پيو ڀاڳ، اڏي پئي ڇائي!

ڪاري ٻاٽ اونداھي....!

 

سانوڻ سياري، توکي ساري، روز ڏسان ٿو راھون،
ڳوڙھن سان ئي يار رھن ٿيون، ڀريل نت نگاھون،
رستا سنسان، دلڙي حيران، ڪونه مليو ڪو راھي:
 

ڪاري ٻاٽ اونداھي....!

”خادم“ سروري

موسم بھار آئي!

موسم بھار آئي، پر تون نه آئين پيارا!

گلڙا کِڙيو کِلن پيا، ھڪٻئي سان ڪيئن ملن پيا،

سھڻا به ات گھمن پيا، ٽولا ڪيو ھلن پيا،

ھڪڙو ئي مان ته آھيان ــ نيڻن وھايان نارا!

بلبل ٿي گيت ڳائي، ٻوليون مِٺيون ٻُڌائي،
دونھان پئي دکائي، ڦٽڙا ڇٽل چڪائي،
ڪا ياد ٿي ڏياري ــ دلڙي ٿي پارا پارا!

 

ڪوئل پئي ڪوڪاري، ڪا ياد ٿي ڏياري،
دلڙي ٿي توکي ساري، شايد ڇڏيئه وساري،
پرديس اچ تون واري، محبوب منھن موچارا!
 

ڇتڙن جي توسان ياري، ڏاڍي اٿم پياري،
گڏ زندگي گذاري، پياري ۽ پيار واري،
سا تو ڪيئن وساري، ڇو ٿو ڪرين ڪنارا!
 

تنھنجو اچڻ ٿو ماري، تنھنجو وڃڻ ٿو ماري،
تنھنجو رُسڻ ۽ پَرچڻ، تنھنجو کلڻ ٿو ماري،
توکان سوا اداسي ــ آھيان اي جيءَ جيارا!

 

پنھنجا نه قول پاريئه، وعدا سڀئي وساريئه،
دلڙي ڇو اھڙي ڌاريئه، محبوب مون کي ماريئه،
توکي چوان ڇا ھاڻي ــ پيارا اي قرب وارا!

 

پھرين تو پيچ پاتو، ڇاتيءَ سان مون کي لاتو،
ھاڻي مون کان ٿي آتو، ڇا کان ڇنو تو ناتو،
مان ساڳيو تنھنجو آھيان ـ نوڪر سڄڻ سچارا!

 

ننڍپڻ جون ڳالھيون پياريون، ڪھڙيون نه پيار واريون،

ڪھڙي سبب وساريون، رمزون تو راز واريون،

توڏي ڏسي ٿڪي پيا ــ محبوب منھنجا تارا!

جاني جدا رَھڻ ڇا، محبوب ھيئن رُسڻ ڇا،

منھڙو مٺا مٽڻ ڇا، ڀيرو مٺا ڀَڃڻ ڇا،

خادم کي ھئن ڇڏڻ ڇا ــ جلدي تون اچ خدارا!

رحيم بخش قمر

موٽ مٺا تون موٽ!

موٽ مٺا تون موٽ ڙي،

موٽ مٺا تون موٽ ڙي!

 

سرنھن ڦُلاري سنڌ ۾،

ڪڻڪ ڪتاريا ڪوٽ ڙي:

موٽ مٺا تون موٽ ڙي!

 

ساڳ، ڦَريون ۽ ڦوٽڙا،

گڏجي کائون گھوٽ ڙي:

موٽ مٺا تون موٽ ڙي!

 

تنھنجي ياد ڏني اندر ۾،

چئني پاسي چوٽ ڙي:

موٽ مٺا تون موٽ ڙي!

 

”قمر“ چئي ٿو قرب مان،

الله جي ٿئون اوٽ ڙي:

موٽ مٺا تون موٽ ڙي!

”نثار“ بزمي

بڻجي ويندي بات

اڱڻ تي ڪانگ لوي ٿو لات،

شايد منھنجي سر جو سائين، ريجھي ايندم رات:

اڱڻ تي ڪانگ لوي ٿو لات!

 

ڏيھه مبارڪ مون کي ڏيندو، گھورون مان گھوريندس،

پنھنجي سر جي سائينءَ کي مان، ھيرن ۾ توريندس،

اُن تي پوءِ وسائيندس مان، گلڙن جي برسات:

اڱڻ تي ڪانگ لوي ٿو لات!

 

دلبر جي ديدار ڪرڻ لئه، چنڊ به اُڀري ايندو،

چادر پنھنجي چانڊوڪيءَ جي، قدمن ۾ ڪيريندو،

ھيرَ ڏکڻ جي ٿڌڙي پنھنجي ڏيکاريندي ڏات:

اڱڻ تي ڪانگ لوي ٿو لات!

 

فرقت جا ڦَٽ ڀرجي ويندا، روڳ نه رھندو ڪوئي،

دل جا داغ ڇڏيندو پنھنجي ھٿڙن سان ھُو ڌوئي،

ھڪڙي ئي جلوي سان ’بزمي بنجي ويندي بات:

اڱڻ تي ڪانگ لوي ٿو لات!

احمد خان ”آصف“ مصراڻي

آءُ ڙي ڍولڻ آءُ!

دنيا ساري آھي ڌاري، ڌاري مطلب واري،

ھرھڪ ميت ـ پريت مٽي ڪئي ريت ۽ نيت نياري،

تو بن منھنجو، ڪوبه نه پنھنجو، ڪير ڪري ڪھڪاءُ

آءُ ڙي ڍولڻ آءُ.

 

نينھن جون نظرون، تبرون بڻڇون، ڀالا، تير، ترارون،

زخمي ٿي دل جان جُھري، ٿيو سينو ڦارون ڦارون،

ناھه ڇُٽڻ جو ڪير ڇُٽائي، گھورن وارو گھاءُ:

آءُ ڙي ڍولڻ آءُ.

راتيون جاڳان، تولئه جاڳڻ مون لئه آھه عبادت،

تنھنجو الڪو ۽ اوسيئڙو جھڙو زھد رياضت،

تنھنجي دُوري نرڳ نسورو، سَرڳ سَندءِ سرچاءُ:

آءُ ڙي ڍولڻ آءُ.

مُنھنجون اکيون آسڻ تنھنجو، ھي دل تنھنجو ديرو،

پير ڌري پنبڻين منھنجين تي، پھچ پرين ھڪ ڀيرو،

پھچ ته پھچايون دنيا ۾، پيار سندو پڙلاءُ:

آءُ ڙي ڍولڻ آءُ!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com