سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :9

روايتي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

سنڌ ۾ عربن جي دور جي پڇاڙيءَ ۽ سومرن جي دور جي شروعات کان وٺي لوڪ قصن ۽ داستانن جا اهڃاڻ ملن ٿا اهي سومرن جي دور ۾ اسريا ۽ زبان زد عام ٿيا. (1)

        سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪو پراڻي ۾ پراڻو شعر به هن وقت تائين محفوظ رهي سگهيو آهي سو زباني روايتن ذريعي ٿيو آهي، خاص ڪري سومرن ۽ سمن جي زماني واريون خواه پوءِ جون تاريخي ڳالهيون شعر ۾ محفوظ رهيون. سمن سمورن حاڪمن جي ڪچهرين ۾ ڀٽ ۽ ڀاڻ فقير سادي سنڌي شعر ۾ جهونيون تاريخي ڳالهيون ۽ نقل نظير ڳائيندا هئا. (2)

        سومرن جي دور ۾ ڪن سومرن حاڪمن ۽ سمن سردارن جي سورهيائي بابت ڳايل داستانن ۾ ڳاهون ۽ بيت ملن ٿا جيڪي ساڳئي دور جا چيل لڳن ٿا. سنڌ ۾ 1051ع کان 1351ع تائين سومرن جي صاحبي هئي. 1150ع کان 1250ع واري عرصي ۾ ڪڇ گجرات واري سرحد تي سومرن ۽ گجرن جون لڙايون لڳيون. (3)

        روايت آهي ته ڪو وقت اهڙو آيو جو گجرن ۽ سومرن ۾ صلح ٿيو ۽ سومري حاڪم ڀونگر گجرن کي سڱ ڏيڻو ڪيو پر سومرن جي غيرت اها ڳالهه گواره نه ڪئي ۽ پڻ ولي عهد شهزادي ڏونگر راءِ مخالفت ڪئي ۽ سڱ کان انڪار ڪيو جنهن تي صلح ٽٽي پيو ۽ گجرن جو لشڪر سومرن تي ڪاهي آيو. ان وقت ڏونگر راءِ جو وڏو ڀاءُ دودو ڪاوڙجي وڃي دلو راءِ جي درٻار ۾ رهيو هو. (هي دودو مشهور قصي دودو چنيسر وارو دودو نه هو بلڪه ان کان اڳ جي دور ۾ هو) گجرن جي حملي وقت ڏانهس مدد لاءِ ڪنهن دانا چارڻ هٿان پيغام موڪليو ويو. دودو پنهنجن کان ڏاڍو رنج ٿي آيو هو. تنهن ڪري چارڻ کي چيائين ته جي هيڻا ٿيا آهن ته ڪنهن گولي ٻانهيءَ جو سڱ ڏئي کڻي صلح ڪن، ان تي چارڻ جواب ۾ چيس ته:

        چر نه کُٽن ڪنگرين، راوَ نه ڳنڍن ويڻ،

        گولي ويئي گجرين، توءِ چُندا دودي ڀيڻ. (4)

        هن ڳاهه ۾ چارڻ دانائيءَ سان دودي کي سمجهايو ته ڪا گولي ٻانهي موڪليائون ته ان سان حرمسراءِ ۾ ڪمي ڪانه ايندي ۽ ڪُنگرن جي ڀرجڻ سان جفرَ (اجهاڳ پاڻيءَ وارو کوه) ڪونه کٽندا ۽ نه ڪي وري راءِ (گجر) پڻ سڱ وٺڻ جو ويڻ ڏيئي وڙ وڃائيندا، پر سوال ننگ ناموس ۽ عام شهرت جو آهي. ڇاڪاڻ جو ماڻهن جا وات بند ڪونه ٿيندا. هتان کڻي ڪا گولي ٻانهي گجرن ۾ پرڻجي ويئي ته به ماڻهو ائين چوندا ته دودي جي ڀيڻ آهي. اهو ٻڌي دودو سڀ رنج رساما ڇڏي پنهنجي ڀاءُ سان اچي ٻانهي ٻيلي ٿيو ۽ گجرن سان مقابلو ڪري ميدان ملهايو. (5)

        مٿين روايت مان عورت جي حيثيت بابت سنڌين جي اها رسم آڳاٽي ظاهر ٿئي ٿي جنهن ۾ (هاڻي به) ننڍن وڏن جهيڙن جهٽن جو نبيرو ڪرڻ لاءِ سڱ يا ٻانهن ڏني ويندي آهي، سنڌ جي ڪلچر ۾ اهڙا فيصلا اڃا تائين رواج ۾ آهن. اهو رواج کڻي ڪيترو به قديم ڇو نه هجي، ان کي سنڌ جو ڪلچر ڇو نه سمجهيو ويندو هجي، اها ڪا فخر جهڙي ڳالهه نٿي چئي سگهجي جنهن ۾ عورت کي انسان بدران...... ڪنهن رت جي رشتي ۾ ڳنڍيل پياري هستي سمجهڻ بدران ، گگدام جانور وانگر هٿ وٺي قربان ڪرڻ واسطي دشمنن حوالي ڪرڻ انسانيت جي ناتي ڪيتريقدر چڱو عمل آهي... اها سوچڻ جي ڳالهه آهي، جيتوڻيڪه ننگ ناموس ۽ عام شهرت جو اونو تڏهن به نظر اچي ٿو.

        دودي چنيسر ۽ علاو الدين جو قصو سنڌ ۾ آڳاٽي دور کان مشهور آهي. اهو قصو هڪ قسم جو جنگي داستان يا epic آهي. جنهن جي مشهوريءَ ۾ ان وقت جي ڀٽن، ڀانن، چارڻن ۽ سگهڙن وڏو ڪردار ادا ڪيو. هن داستان ۾ ڪيترا بيت ۽ ڳاهون شامل آهن.

        سن 1212ع ڌاري سنڌ جو حاڪم ڀونگر سومرو هو هو شڪار سانگي روپاه نالي شهر مان ٿي لنگهيو ته ڪنهن ماڙيءَ تي هڪ حسين جوان نينگريءَ تي وڃي نظر پيس جنهن سان نيٺ شادي ڪيائين، ان مان هڪ پٽ پيدا ٿيس جنهن جو نالو رکيائين چنيسر، ڏاڏي پوٽي زال اڳئي هئس جنهن مان ٻاگهيءَ نالي ڌيءَ هئس، پوءِ ان مان ٻيو پٽ دودو به ڄاوس، دودو پرڻيو سومرن مان ۽ چنيسر ڌارين مان. (6)

        هڪ ٻي روايت وري هئين آهي ته ڀونگر راءِ جو هڪڙو ئي پٽ هو دودو، جنهن ٻه شاديون ڪيون هيون، پهريون لوهڻ ڳوٺ جي گجرن مان جيڪي لوهارڪو ڌنڌو ڪندا هئا. انهيءَ مان اول ٻاگهي ۽ پوءِ چنيسر ڄائو. ٻي راڻي وري سندس خاندان مان ڏاڏي پوٽي پرڻيو. ان ڏاڏي پوٽيءَ پيٽان ٻيو پٽ ڄائو. پر هن جي ڄمڻ کان ڪجهه وقت اڳ ئي دودو گجر ۽ تومار (تنور) قبيلن سان وڙهندي مارجي ويو هو. ڀونگر راءِ پنهنجي پياري پٽ (دودي) جو نالو قائم رکڻ لاءِ پنهنجي پوٽي جو نالو پڻ دودو رکيو جيڪو دودو ٽيون سڏجي ٿو ۽ هن داستان جو مرڪزي مانجهي آهي. (7)

        هڪ ٽين روايت 19 صديءَ جي آخر ۾ منشي اڌارام جي ڇپايل ڳالهه مان ورتل آهي جنهن موجب سنڌ جو حاڪم ڀونگر نالي سومرو روپاهه جي ڳوٺ ۾ هو، شهر لنگهندي هڪڙي لهر ماڙيءَ تي ويٺل ڏٺائين تنهن جي سونهن ڏسي هن تي عاشق ٿيو. ٿوري گهڻي ڏينهن پوءِ اها پرڻيو. (8)

        مٿين روايتن مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته ڀونگر جي مرڻ پڄاڻان سندس ٽي حقيقي وارث هئا. وڏي ۾ وڏي ٻاگهي پوءِ چنيسر ۽ آخري ننڍي ۾ ننڍو دودو. ڀونگر جي مرڻ کانپوءِ اچي پڳ تان تڪرار ٿيو. ڪي چون دودو بادشاهه ٿئي جو ڏاڏي پوٽيءَ مان آهي ته ڪي چون چنيسر جو حق آهي جو هو وڏو آهي. نيٺ پڳ جو فيصلو ڪرڻ لاءِ راڄ اچي گڏ ٿيا تن سڀني يڪراءِ ٿي ٻاگهيءَ جو حق تسليم ڪيو. (9)

        جهيڙي ٽارڻ خاطر ٻارڻ نالي وزير چيو ته تخت تي حق ٻاگهيءَ جو، پوءِ جنهن کي وڻيس انهيءَ کي ڏي. (10) جڏهن ٻاگهيءَ کان راءِ پڇي ويئي ته هوءَ چنيسر جي حق ۾ دستبردار ٿي ويئي ۽ چوائي موڪليائين ته راڄ ڏيو چنيسر کي جو وڏو آهي ۽ چنيسر کي چوائي موڪليائين:

                ويهه پڄاڻا پيءُ جي آءُ چنيسر آءُ

                ڀاڳ سڻائو تنهنجو، توکي ڄڻيو ماءُ. (11)

        ان کانسواءِ هڪ ٻي روايت: ٻارڻ نالي وزير هو تنهن چيو ته راڄ نڪي دودي جو آهي نڪي چنيسر جو، بادشاهه جي ڌيءَ ٻاگهي اها جنهن کي راڄ ڏئي انهيءَ جو، پوءِ کيس رقعو لکي موڪليائين ته راڄ تنهنجي اختيار آهي جنهن کي وڻئي تنهن کي ڏي. ٻاگهيءَ راڄ چنيسر کي ڏنو. (12) هن روايت مان ٻاگهيءَ جو رقعو پڙهڻ معنيٰ پڙهيل هئڻ به ثابت ٿئي ٿو.

        دودو ننڍو هو ته به ڏاڏي پوٽيءَ پيٽان هئڻ ڪري راڄ سندس فائدي ۾ هئا. ان ڪري چنيسر کي ماحول ڪجهه ڦريل لڳو سو ڪجهه وقت شڪار بهاني اتان ٽري ويو. ٻاگهيءَ کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته ان دودي کي پڪاريو جنهن حيدر هالاڻي هٿان پڳ آڇي، چنيسر کي موٽڻ تي مجبور ڪيو. واپس اچڻ تي نه ڪنهن سندس گهوڙي جي واڳ ورائي ۽ نه ئي ڪچهريءَ ۾ سندس سٺي آجيان ٿي. تڏهن چنيسر ڪچهريءَ جو رنگ ڏسي ٻڏتر ۾ پئجي ويو ته ڇا ڪجي، اهو ئي سبب هو جو هو ڪنهن هڏ ڏوکيءَ کان صلاح پڇڻ ضروري سمجهي ماءُ وٽ ويو، چيائين ته:

        اهين سعيو ڪريو سپاهه جو، ته گهمي اچان گهران

        وڏي جا ورهين جي، پڇي اچان تنهن ماءُ. (13)

        دل ۾ اهڙو ارادو اهو سوچي ڪيائين ته مائٽ آهي، جيجل ماءُ آهي، جنهن ڄڻي ڏيهه ڏيکاريو آ، انهي کان به ڪونه پڇيو اٿم ته پڳ ٻڌان يا نه ٻڌان، هاڻي ان کان پڇي اچان ته پوءِ ٿو پڳ ٻڌان. (14)

        پوءِ چنيسر ويو ماءُ کان پڇڻ، پٺيان سڀ ماڻهو ڦري ويا، چيائيون هي زنانو آهي سو ڪهڙا ڦاڙها ماريندو، ان ڪري تخت لائق ناهي. چنيسر وڃي ماءُ کي پيرين پيو ۽ ٻڌايائينس ته تخت ٿو ملي سو ماڻيان؟ ماڻس چيو ته وڃي راڄ ڌڻي ٿيءُ!  پٺيان دودو چونڊجي ويو ۽ راڄ کيس پڳ ٻڌرائي ڇڏي. چنيسر اچي ماءُ کي احوال ڏنو تنهن تي ماڻس چيس:

        مون ڄڻيو مانءِ پٽ ڪري پر ٿي پئين تون ڌيءَ

        ويهي آتڻ وچ ۾ پانڌيون ڪتج ٽيهه

        اهو ٻڌي چنيسر جي زال به مهڻو ڏنس:

        چاچي چڱيا چيئي مڙس منهنجي کي

        من ويهي آتڻ وچ ۾ پانڌيون ڪتي ڏي

        هو گهر ۾ ڪم ڪري، ڇا ڄاڻي راڄ مان. (15)

        چنيسر کي انهن مهڻن ماري وڌو ۽ وير وٺڻ جو قسم کاڌائين ۽ دودي کي چوائي موڪليائين ته ادا حق مون کي ڏي ته علاوه الدين وٽ دانهين ٿي توتي ڪٽڪ چاڙهائيندس.

        مٿيئن قصي سان عورت جي حيثيت بابت جيڪي ڳالهيون چٽيءَ طرح سامهون اچن ٿيون سي هي آهن: پهرين ته مٿيئن طبقي جو مرد ٻه شاديون ڪري ٿي سگهيو جنهن ۾ هن جي پسند به شامل هئي. (ماڙيءَ ۾ بيهڻ جو پتو به پوي ٿو) ڌارين مان مٽي ڪرڻ جي موڪل به هئي پر اولاد ۾ ڏاڏي پوٽيءَ جي اولاد کي مٿانهون سمجهيو ٿي ويو.

        ٻي ڳالهه جيڪا ظاهر ٿئي ٿي سا اها ته سموري راڄ ٻاگهيءَ جو حق تسليم ڪيو ۽ ٻارڻ نالي وزير چيو ته تخت تي حق ٻاگهيءَ جو آهي پوءِ جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏي. ٻاگهي چنيسر جي حق ۾ دستبردار ٿي ويئي.

        هن دور جي چارڻن واري شاعريءَ ۾ سنڌ جي قديم سماج ۾ عورت جي ايتري اهميت ۽ اصولي طرح سندس حق جي مڃتا جتي نظر اچي ٿي ۽ سندس راءِ کي اهميت حاصل هئڻ جا اهڃاڻ ملن ٿا اتي اها ڳالهه به محسوس ٿئي ٿي ته عملي طرح سان تخت تي ويهي حڪومت ڪرڻ جي منجهائس اميد نٿي ڪئي ويئي بلڪه ڪنهن هڪ ڀاءُ جي حق ۾ دستبردار ٿيڻ يا جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏيڻ بابت خيال ظاهر ٿئي ٿو.

        جيتوڻيڪ خود سومرن جي تاريخ ۾ حڪمران عورتون ملن ٿيون. هندوستان وارا غلام بادشاهن جي دور ۾ فخر سان رضيه سلطانه جو ذڪر ڪندا آهن پر کانئن گهڻو اڳ سنڌ ۾ ٻه حڪمران عورتون ٿي گذريون آهن. جن جو سرسري ذڪر اڳ اچي چڪو آهي. تفصيل سان ڏسبو ته سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت 1051ع کان شروع ٿي جا 1350هه تائين جاري رهي. اهي مقامي باشندا هئا. صصام الدوله دودو پهريون 481هه ۾ تخت تان دستبردار ٿيو. دودي جو پٽ شهاب الدين سنگهار اڃا صغير هو انهي ڪري اميرن وزيرن ۽ عوام يڪراءِ ٿي دودي جي ڌيءَ زينب، جنهن جو لقب طاهره هو ۽ تاري ٻائي جي نالي سان مشهور هئي، تنهن کي سنڌ ملڪ جون واڳون سپرد ڪيون ۽ کيس سنڌ جي سربراهه مملڪت تسليم ڪيو. هن باهمت عورت سڄا سارا ڏهه سال سنڌ تي دٻدٻي ۽ عدل انصاف سان حڪومت ڪئي. دودي جي پٽ ۽ سندس ڀاءُ سنگهار جي بالغ ٿيڻ تي تاري ٻائي تخت تان دستبردار ٿي ويئي ۽ تخت ۽ تاج پنهنجي ڀاءُ سنگهار جي حوالي ڪيائين.

سومرا گهراڻي جي پنجين حاڪم شهاب الدين عرف سنگهار جي وفات (سن 503هه) کانپوءِ جيئن ته سنگهار کي ڪو اولاد ڪونه هو ان ڪري سومرا حڪومت جي مرڪزي شهرن محمد طور ٿري ۽ آسپاس جي عوام جي مرضي ۽ خواهش تي شهاب الدين سنگهار جي زال حميره خاتون عرف همون ٻائيءَ کي ملڪ سنڌ جو والي بنايو ويو. (16) پر شاعريءَ ۾ ڪو اهڙو اهڃاڻ نٿو ملي.

        اڄ جي سنڌي سماج ۾ پڻ ملڪيت جي وارثت ۽ ورهاست ۾ عورت جو حق تسليم ڪيو وڃي ٿو پر کانئس اها اميد ڪئي ويندي آهي ته هوءَ اها پنهنجي ڪنهن هڪ ڀاءُ يا ڀائرن کي لکي ڏئي ۽ پاڻ دستبردار ٿي وڃي. انهيءَ دور جي عورت جي حيثيت ۾ ٻاگهي، هڪ ڀيڻ، انصاف پسندي جو ثبوت ڏيندي وڏي ڀاءُ کي تخت جو حقدار ڄاڻائي ٿي.

مٿين روايت ۾ سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا سامهون اچي ٿي سا آهي هڪ پٽ جو وڏڙي ماءُ کي هڏ ڏوکي، همدرد سمجهي کانئس صلاح وٺڻ جو خيال ۽ کيس پيرين پوڻ. جيتوڻيڪ شاعريءَ ۾ توڙي تهذيبي طرح ان خيال کي گهڻو لويو ويو آهي ۽ ان جي لاءِ چنيسر پڳ وڃائي مهڻا سٺا ۽ کلڻ هاب ٿيو جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هڪ مرد جو ڪنهن عورت کان (پوءِ ڀل کڻي اها ڪا تجربيڪار ۽ داناءَ هستي يا ماءُ هجي) صلاح وٺڻ مردانگي جي خلاف ۽ زنانو پرڪار سمجهيو ٿي ويو (۽ اڃا تائين ائين آهي) ايتريقدر جو اها ساڳي ماءُ ۽ زال به ان ڳالهه کي مهڻو بنائي ٿيون ڇڏين ۽ چنيسر کي ڌيءَ جهڙو ڄاڻائي محض آتڻ وچ ۾ ويهي پانڌيون ڪتڻ لائق ٿيون سمجهن ۽ اهڙو طعنو به ٿيون ڏين. ايتريقدر جو ڪجهه روايتن ۾ هيٺيان بيت به چيا ويا ٿا ڏسجن، چنيسر جي زال چوي ٿي:

        چاچي منهنجي ڪانڌ کي چُني چٽائي ڏي

        اڳ هيون سين ٻه ڄڻيون، هاڻي ٽلي ٿيونسين ٽي. (17)

----

        نار چيو تنهن نرکي، آءٌ ڀيڻ چنيسر ڀاءُ

        ڏيانس نه پاسو پلنگ تي، ڄاڻي پاڻ الله

        هاڻي ادا چنيسر سومرا، ويهڻ تو نه جڳاءُ. (18)

        اهو قصو اڳتي هلي ٿو جنهن ۾ دودي کي پڳ ٻڌائي وئي. چنيسر ڪاوڙجي دهليءَ دانهين ٿي وڃڻ لاءِ سنڀريو. جتي هي ٻه ڀائر هئا اتي هڪڙي پيار ڪندڙ ڀيڻ به هئي. شهزادي ٻاگهل ٻائي. تنهن ڏٺو ته ڀائر ٿا ڦٽن، جانب ٿا جدا ٿين، هن لاءِ ٻئي اکيون برابر هيون سا ڊوڙي ويئي دودي وٽ ۽ چيائين:

        ٻاگهي رئندي آئي، اچي ڀاڪر پاتائين ڀاءُ

        دودا، پٿراڻي پير ڊگها ڪري ستين ڪهڙي ساءُ

        ڀاءُ وڃڻي ٿو ڀر مان، توکي پوي ڪونه سماءُ

        سنڌ سڃي ڪيو سومرو، ٿو وڃيئي راڻل راءُ. (19)

        مٿئين بيت ۾ هڪ ڀيڻ جي جذبات جي ڀرپور عڪاسي ملي ٿي جيڪا بس پيار ونڊي، پيار ورهائي ڄاڻي، جنهن لاءِ بادشاهه توڻي تڙيل ڀاءُ برابر آهن، جيڪا ڀائرن ۾ ويڇا، ڦيٽارا نٿي ڏسڻ چاهي ۽ سندس ان جذبي کي ڳائڻ واري چارڻ به خوب ڳايو آهي جو پڙهڻ سان اصل نڙيءَ ۾ ڪنڊا ٿا چڀڻ لڳن ۽ اکيون آليون ٿيون وڃن.

        چنيسر علاوالدين وٽ دانهين ٿيڻ لاءِ روانو ٿيو. دودي کي راڄ پڳ ٻڌائي هئي ان کي مان ڏيڻو هئس پر ڀاءُ جو ڪاوڙ جي وڃڻ به گوارا نه هئس سو چيائين ابي جو پٽ ڀاءُ وڏو آهي آءُ ميڙ ٿي وڃان من مڙي پوي، نه وڃي. (20) سو کيس پڳ جي ڏنڊ طور پنهنجي ڌيءَ سونيءَ جي سڱ جي آڇ ڪيائين چنيسر جي پٽ ننگر لاءِ:

        سڱ ڏنو اٿم سونيءَ سندو، ڄاڻي پاڪ الله

        هلي ڏي پيرپلنگ تي ويهي منجيءَ تي موڀي ڀاءُ

          اڄ ته ڀائر پرچون پاڻ ۾، ٻيا راڄ ڪندا مون کي ڇا (21)

        چنيسر کي گهڻي چڙ هئي تنهنجي اکين تي انڌ چڙهي ويو هو، تنهن ورندي موڪليس ته:

        هينئر ٿو سوني ڏيوين، پوءِ ساران آڇيندي

        آءُ به دانهن نئان ٿو دهليءَ ۾ تنهن الادين اڳيان

        دودا خبر پوندءِ تڏهن، جو ريندءِ پٽ راڻي پاسي مان (22)

        دودو پنهنجي نياڻي سڱ ۾ آڇي ٿو ته جيئن صلح ٿئي، اها سنڌي روايت اڃا تائين رسم طور هلندي اچي. پنهنجات ۾ به ڇڳل سڱ ائين جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ڪاوڙيل ائين پرچايا ويندا آهن.

        چنيسر علاو الدين وٽ دانهن کڻي ويو کيس ٻاگهيءَ جي سڱ جي لالچ ڏئي دودي سان وڙهڻ لاءِ تيار ڪيائين.

        مٿيئن روايت ۾ ظاهر ٿئي ٿو ته هڪ مرد پنهنجي مطلب ۽ مفاد خاطر ايترو ٿو ڪري سگهي جو ڀاءُ کي هيٺاهون ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀيڻ جي ڀيٽا ڏي ٿو. اتي گهڻو واکاڻيل سنڌي مرداڻي غيرت نظر نٿي اچي جنهن لاءِ سرن جا سودا ڪيا ويندا آهن. اڄ ڏينهن تائين شايد اها غير ٻيو ڪجهه به نه پر محض پنهنجن مفادن جو بچاءُ ڪرڻ خاطر هوندي آهي. سنڌي ڪلچر ۾ چنيسر جو ڪردار شايد انهي ڪري ئي ننديو وڃي ٿو. پهرين ته علاوالدين صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چوائي موڪليائين ته:

        ڀائر پرچو پاڻ ۾ ٻاگهي ڏيو مون

        سڀ پهرايان سومرا جهجي ڏيان ڀونءِ

        هاڻي وهلو وڃي تون سعيو ڪر سڱ جو. (23)

        پر پوءِ ننگر جواب ڏنو ته سومرا ڌارين ۾ سڱ نه ڏيندا آهن جيڪو سڱ گهري سو ترارين هيٺ اچي. (24) هن روايت مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ڪنهن به ذات وارا پنهنجي ڪڙم قبيلي کان ٻاهر سڱ نه ڏيندا آهن. ( ۽ نه هاڻ) پر ڀونگر وڏي ۽ چنيسر جي شادين جا مثال ثابت ڪن ٿا ته ٻاهران سڱ وٺڻ جو رواج قابل قبول هو.

        علاوالدين جو لشڪر جڏهن چڙهي آيو ته ان وقت چنيسر جو پنهنجو چوڏهن سالن جو پٽ ننگر ڳاني ٻڌو گهوٽ هو ۽ سندس ڪنوار دودي جي ڌيءَ وناهه ۾ ويٺل هئي. ڪاڄ هليو ٿي. راڄ ڪڙم چوڻ لڳو ته ننگر ڳاني ٻڌو گهوٽ چڙهي يا وڃي پيءُ کي پرچائي اچي. (25) ننگر جي امڙ جو جگر ڄڻ ته ڦاٽي ٿو چوي ٿي:

        ننگر منهنجو ننڍڙو، وهي کير مُنهان

        مسڙي ناهي منهن تي چوڻن سان ڏاڍو چاهه

        وڙهندو الادين سان پر لڄن جي واري. (26)

        مٿيئن بيت ۾ ماءُ جي جذبات جي ڪهڙي نه سهڻي عڪاسي ڪئي ويئي آهي. پٽ جوان هجي يا پوڙهو ماءُ جي لاءِ ننڍڙو ئي هوندو آهي. سندس ڄم جو وقت، کير پيئڻ جي عمر، پنڌڙو ڪرڻ جي وهي، سڀ اکين اڳيان هوندا اٿس. هن شاعريءَ ۾ عورت جي جذبات جي ڀرپور عڪاسي ملي ٿي. ويڙهه، جنگ، امن اهڙن جذبن کي جهڪو نٿا ڪري سگهن. سنڌي مرد به ڪو هروڀرو پنهنجي گهر جي عورت کي گهٽ ڪونه ٿا گهرن، سندن ڳڻتي ۽ اونو ئي سندن پيار ۽ محبت جو اهڃاڻ آهن. ننگر شهزادو جڏهن وڃڻ مهل پنهنجي ماءُ جي چاچي کي پارت ٿو ڪري تڏهن شاعر دودي واتان ڪيڏا نه ڪنئرا ڪومل احساس ٿو چورائي:

        ابل توکي ڀانئيان، مريم ڀانئيان ماءُ

        سوني ڌيءَ خدمت ۾ ساران ڌيءَ به مهندان

        پٽ راڻي پينگهو لوڏي، تنهن مريم اڳيان

        (مريم چنيسر جي زال، ننگر جي ماءُ هئي.) (27)

        مٿئين بيت ۾ جنگ جي ميدان ڏانهن اسهندڙ پٽ جي ماءُ کي ڪيڏو مان ٿو ملي جو بادشاهه جون ڌيئرون سوني ۽ ساران سندس خدمت لاءِ هڪيون حاضر آهن ۽ پٽ راڻي ان جو پينگهو لوڏڻ يعني ٻانهي گولي ٿي گذارڻ لاءِ آڇ ڪئي وڃي ٿي. وڏي ڳالهه ته ننگر انهيءَ ساڳئي چنيسر جو پٽ آهي ۽ مريم ان جي زال پر هي دودي جا، سومرن جا، سنڌ جا سڄڻ آهن انهن جو پاڻ ۾ پيار مثال ڏيڻ جهڙو آهي.

        شهزادو ننگر سنبري هلڻ لڳي ٿو تڏهن سندس وناه ۾ ويٺل ڪنوار کي خبر پوي ٿي ته پريشان ٿي ڀڄي ٿي.

        ولهٽي اٿي وڄ جيئن، ناز ڀري نينگر

        هوءَ کائي ٿي کنوڻين جيئن، آهي ڌيءَ دودي جي دهتر(28)

        وري کيس احساس ڏيارڻ لاءِ چوي ٿي:

        تو ننگر ڳانو ٻانهن ۾، تنهنجي وني ويٺي ونواه

        چنڊ ٻڪي، چوڏهينءَ وهانءُ تو ننگر جو به نڪاح

        مانيون منهن ٿا هلن، رڌڻا ڪيئن رهبا

        دهل دماما نُڪرا، ۽ جهمٽ ڪيئن جهلبا

        سر تنهنجي تي سهرا، سي ٻڌڙا ڪيئن رهبا

        چاچيءَ ڳهه گهڙايا، سي گهڙيل ڪيئن رهبا

        امڙ ڏيج رڱايا، سي رڱيل ڪيئن رهبا

        متان ڪارا ايندم ڪپڙا، ائين ڪندو ڪيئن الله. (29)

        ويچاري نياڻي، ننڍڙي ڪنوار تنهنجي ڪچڙن ڪنوارن جذبن جو ڪيڏو نه سهڻو اظهار ملي ٿو. مٿئين بيت ۾ شاعر عورت جي جذبن جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي. هن کي خبر آهي ته اهي دهل، دمام، مانيون، ويلا، سهرا ۽ موڙ، ڳهه ڳٺا، ڏيج ڏيوڻ، رنگ رتول سڀ آسن ۽ اميدن جا رنگ آهن، اهي گهوٽ جي سر سان آهن جي اهي نه رهيا ته ڪارا ڪپڙا ڪرڻ جو رڳو خيال ئي من ڪنبائيندڙ آهي. سو ويچاري سونل شهزادي اهڙي درديلي دانهن ٿي ڪري جو هر ڪنهن کي ساڻس پيار ٿو محسوس ٿئي.

        هن سموري داستان ۾ چارڻ يا بيت چوندڙ سونل جي ڪردار کي مڪمل طرح سان اڀاريو آهي. دودي جي هيءَ دادلي ڌيءَ پنهنجي پياري سوٽ، ننگر گهوٽ کي ننگ وجهي ٿي، ان لاءِ جيئن ورلاپ ڪري ٿي سو ڀلي کڻي ڪنهن ڪلچر ۾ بي شرمي ۽ بي حيائي سمجهيو وڃي پر اهو هڪ انساني معاملو آهي. آفاقي جذبن جي عڪاسي آهي. عورت، هر ڪا اندران ائين هوندي آهي. هر ڪا ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ يا ور سهاڳڻ انهن جنگين ۽ خون ريزين کان خوف کائيندي آهي، جنهن ۾ ڪونڌر ڪسجي ويندا آهن، جوڌا جوان جدا ٿي ويندا آهن ۽ اهي وسوڙيل ويچاريون ڪارا ڪپڙا پائڻ کان ڪنبنديون رهنديون آهن. اها ته هئي اها هستي جنهن جو سمورو جيون ويران ٿيڻ وارو آهي، جنهن جو سوٽ ۽ گهوٽ گهوڙي چڙهيو ٿو وڃي، پر ٻاگهل ٻائيءَ جي من ۾ به چير ٿا پون جڏهن ڀائٽي کي ڀاڪر پائي موڪلائي ٿي ۽ پنهنجو سِر ڀيٽ ڪرڻ لاءِ آتي وڃي ٿي.

        ڀائيٽيا تنهن ٻاگهيءَ جا، ڪا ڪهل نه ڪريج

        جا ڌر ڀانئين ڏکڙي، تاڏي مان کي ڏيج

        مون ڏني جڳ ڇٽي، مڙس نه مارائيج. (30)

        بهرحال ننگر ۽ منگر (دودي جو پٽ) وڙهيا ۽ خوب وڙهيا پوءِ پهرين منگر شهيد ٿيو ۽ پوءِ ننگر به آخر جنگ دودي ۽ علاوالدين وچ ۾ ٿي دودو دليريءَ سان وڙهيو پر آخر ڪار هو به شهيد ٿيو. تنهن وچ ۾ سڀئي سومريون ڪچ جي سردار ابڙي وٽ سام ڪري موڪليون هئائون. علاوالدين ابڙي کي نياپو موڪليو ته سومريون منهنجي حوالي ڪر ته توکي ملتان ۽ ماٿيلي جو حاڪم بڻايان. ابڙو مان وارو مڙس هو تنهن ورندي موڪليس:

        ماٿيلو ملتان نه نيڀائون ڀانئيان

        توکي ڏيندي سومري آءُ ٿو لڄ مران

        جي جيئري آءُ ڏيان ته ڪر لڄايان پنهنجو.

        ٻي هڪ روايت ۾ ابڙي پاران هي جواب ڏنو ويو:

        سرسين آهينم سومريون، جي سرڻيون ڏيان سي

        سورج سنئون نه اڀري، ڌرتي ڏاڃ نه ڏي. (31)

        نتيجي ۾ ڇتي جنگ لڳي ۽ ابڙو سامن خاطر وڙهندي مارجي ويو پر ٻاگهيءَ آڻ نه مڃي. جنهن ضد ۾ هن جا سڀئي پنهنجا پورا ٿيا ان ۾ پنهنجي جند جان جو ڪهڙو خيال؟ هوءَ خلجيءَ سان وهانءَ ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿي ۽ ٻين سومرين سان پاڻ کي آڙاه ۾ اڇلائي انت آندائين.

        مٿين روايت مان اسان بخوبي اهو نتيجو ڪڍي ٿا سگهون ته سنڌ جي شروعاتي شاعريءَ ۾ عورت کي ڪمزور جنس سمجهي ان جي عزت ۽ زندگي جي حفاظت ڪرڻ مردن جي لاءِ وڏي مان واري ڳالهه هئي. تاريخ ۾ جنگين ۽ جهيڙن ۾ هميشه هارايل ڌر جي مال غنيمت سان گڏ عورتن کي به مال سمجهي پنهنجي قبضي ۾ آندو ويندو هو. ان ڪري انهن جي حفاظت جو خيال پهرين کان ئي ڪيو ويندو هو ۽ اهڙو فرض تمام اُچي اخلاق وارن ماڻهن کي ڏنو ويندو هو جيڪي انهن ننگن جي پوري طرح حفاظت ڪري سگهن ۽ ان لاءِ پنهنجي جان به ڏيئي ڇڏين. ابڙو اهڙن انسانن جي علامت آهي جنهن سومرين جي سام جهلي هئي ۽ انهن لاءِ سِر ڏنائين. سام جهلڻ جي ان رسم جو پتو به هنن روايتن مان پوي ٿو. هن ۾ سومرين جي ڪردار ۾ سنڌي عورتن تي به پوري طرح روشني پوي ٿي جيڪي پنهنجي ننگ ناموس بچائڻ خاطر سر جو سانگو لاهي آڙاه ۾ ٽپڻ لاءِ به تيار ٿي وڃن ٿيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com